ڏاڙهياري جبل جو سير
هي ڪتابچو هڪ ڊگهو تحقيقي مضمون به شمار ڪري سگهجي ٿو، مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ پنهنجي ”ڏاڙهياڙي جبل جي سير“ جو احوال ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيو، جيڪو سن 1900ع ۾ پهريون دفعو پوڪرداس شايع ڪيو ۽ پوءِ سن 1970ع ۾ مرزا صاحب جي لکيل تحريرن ۽ تقريرن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ سندن لکيل مختلف موضوعن تي پنجاھ کن تحريرون تقريرون ۽ صدارتي خطبن مان تيرهن لکڻيون ”تحريرون ۽ تقريرون“ جي عنوان سان ڪتاب ۾ آنديون، محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر اسدالله شاھ اهو ڪتاب ترتيب ڏنو، هن ڪتاب جو آخري مضمون ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ احوال متفرقه جي باب ۾ ڏنل آهي، مرزا صاحب جڏهن 1885ع ۾ شڪارپور ضلعي ۾ نصيرآباد تعلقي جو مختيار ڪار هو، تڏهن سندن ٻه ٽي ڀيرا هن جبل تي وڃڻ ٿيو، جنهن جو احوال ڏنو اٿن، هن سير جي احوال ۾ مختلف جبلن جيئن ”پينئرو“، ”کيرٿر“ سان گڏ آخر ۾ ڪوهستان جي علائقي جو ذڪر پڻ آهي.
مرزا صاحب ڪوهستان جي علائقي کي جيئن پرکيو ۽ پروڙيو اهو پنهنجي نموني سان پيش ڪيو اٿن، کانئن پوءِ تقريباً 50 سالن کان پوءِ الهبچايو يار محمد سمون ڪوهستانين جي زندگي پنهنجي قلم جي زور تي الڳ الڳ رنگن سان چٽي آهي، پر ته به اصل ساڳيو آهي. بيشڪ بيان الڳ الڳ طريقي سان آهن.
ڪوهستانين جي حياتيءَ جا رخ ساڳيا ئي آهن، سندن تاريخ، جاگرافي، رهائش ۽ زندگيءَ جو ذڪر مرزا صاحب مختصر بيان ڪيو آهي. جهنگلي پکين جانورن، وڻ ۽ ٻوٽن جي ڄاڻ سٺي ڏني اٿن. سندن رهائش آبهوا ۽ پوشاڪ جو ذڪر پڻ ڪيو اٿن، ڪوهستانين جي تعليم جي باري ۾ لکيو اٿن ته، ”پڙهيل منجهن ڪونهي، نماز به اتي ڪو ڪونه پڙهي رڳو سنڌي لوڙائو بيت ۽ ڳجهارتون اچنن ٿيون جن جو گهڻو مشغلو اٿن“ (ص، 280 تقريرو ۽ تحريرون)
سندن ٻوليءَ کي مرزا صاحب کريل سنڌي ڪوٺيو آهي، گذران متعلق لکيو اٿن ته، ”گذران متعلق مارئيءَ جي بيتن ۾ جيڪو حال مارن ۽ پنهوارن جو چيل آهي، سو ساڳيو هنن ماڻهن جو آهي، تفاوت هي آهي ته هو يعني (مارو ماڻهو) ٿر جي ڀٽن ۾ رهندا آهن ۽ هي جبل ۾ رهن ٿا“. (ص، 278)
ماني پچائڻ جي طريقي بابت مرزا صاحب لکي ٿو ته، ”ماني پچائڻ جو گهڻو ڪري هي دستور آهي ته هڪڙو پهڻ باھ ۾ تپائي پوءِ ڳوهيل اٽي کي ان جي چوڌاري ٿڦي وري به کنيو ان کي باھ ۾ وجهن انهي طرح اندران توڙي ٻاهران اٽو پچي ٿو، جنهن کي ڪوڪي سڏين. اها ڪوڪي ماني کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي“. (ص، 277)
سمي صاحب وري هن ريت بيان ڪيو آهي، ”مائي اٽو ڳوهي ان مان ٻه ڪچيون مانيون ٺاهي رکيون، مڙد ڇا ڪيو جو تتل پٿر ڪاٺيءَ سان کڻي ڌار ڌار مانين جي وچ تي رکيا ۽ باقي پاسا مانين جا پٿرن جي مٿان ورائي ڇڏيا. نس پس فٽ بال کڻي بڻايائين. هي گولا پوءِ هڪٻئي کان پري ٽانڊن جي ڪر تي کڻي رکيائين ٻاهران باھ جو ۽ اندران پٿر جو سيڪ اٽو پچي ڪوڪلا ٿي ويو“ (ص، 29 سيرِڪوهستان).
(هن ڪتابچي ۾ ڪوهستان جو ذڪر گهٽ آهي، بلڪه تمام مختصر آهي ان جي برعڪس الھ بچائي سمي هن موضوع تي هڪ مڪمل ڪتاب لکيو آهي ۽ سندن زندگيءَ جي روشن پهلوئن جو احاطو ڪيو آهي ته ڪجھ تاريڪ پهلو به ذڪر ڪيا آهن. جيئن پيري، فقيري، جهالت وغيره).
ڏاڙهياري جبل جو سير، موضوع جي حوالي سان معلوماتي ڪتاب/طويل مضمون آهي. جنهن ۾ ڏاڙهياري جبل جي باري ۾ تفصيلي ۽ ڪوهستان جي باري ۾ مختصر معلومات آهي.