”هو جي وڻ ولات جا“،
هانگ ڪانگ ليکڪ جي نظر ۾:
(1). هانگ ڪانگ جتي آزاد تجارت جو مرڪز ۽ رنگينين جو محور آهي، اُتي پرڏيهي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتل، درد وندو ديس به آهي. (2). هانگ ڪانگ 65 لک آدم جي آباديءَ واري ملڪ ۾ 20 هزار سنڌي هندو آهن، جيڪي وڏي ڪاروباري حيثيت رکن ٿا، ”هاليڊي ان“، جهڙين هوٽلن ۽ مشهور شاپنگ سينٽرز جا مالڪ سنڌي هندو آهن. (هيءُ احوال 1984ع جو آهي). (3). 365 چورس ميل ايراضيءَ جو هيءُ ملڪ ڇهن ضلعن ۾ ورهايل ۽ هن ملڪ جا ٻه حصا آهن، هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جيڪي سمنڊ رستي جدا ٿيل آهن ته سمنڊ هيٺان روڊ رستي ۽ Sub Way Railway System هيٺ ڳنڍيل آهن. (4). هيءُ ملڪ ايشيا جي اندر ننڍو يورپ آهي، جنهن ۾ رات جو ٻين بجي به ماڻهن جا ميڙ ڏسڻ ۾ ايندا. (5). پوريءَ دنيا ۾ هانگ ڪانگ ۽ پاڪستان جي عوام حرفتي اٽڪل باز آهي. فلپائين ليکڪ جي راءِ ۾: فلپائين به سياحن لاءِ ايترو ئي پرڪشش آهي جيترو بئنڪاڪ پر هتي سياحن جو اچڻ بئنڪاڪ جي نسبتاً گهٽ آهي. ان ڪري جو منيلا (فلپائين جي گاديءَ جو هنڌ) بئنڪاڪ جي نسبتاً گهڻو پري آهي ۽ ڀاڙو به وڌيڪ آهي. حالانڪه فلپائن بئنڪاڪ کان سستو آهي پر اها ڪسر هوائي ٽڪيٽ ۾ نڪري وڃي ٿي ۽ ٻيو بئنڪاڪ سياحت جي لحاظ کان به دنيا ۾ گھڻي مشهوري ماڻي چڪو آهي.
سفرنامي جي علمي ۽ ادبي اهميت: ”هو جي وڻ ولات جا“ ۾ مڪائو ٻيٽ هانگ ڪانگ ۽ فلپائين جي تاريخ، جاگرافي، حڪمرانيءَ جو سرشتو، سياست، ملڪ جي آدم شماري، معاشي حالتون ۽ ڪرنسيءَ جي بيان ۾ تقريباً چاليھ صفحا ذڪر ڪيل آهي. ڪتاب ۾ چار فوٽوز به ٽوڪيو ۽ ڪولمبو جا ۽ هندوستان جي سفر جا آهن، (هندوستان جو سفرنامو ”ديس بديس“ ليکڪ پوءِ لکيو آهي) هيءُ سفرنامو پليجو صاحب جي شروع سفرنامن مان آهي. جنهن ۾ تفريحي هنڌن جي احوال جي تفصيل گهٽ آيل آهي، ته به هيٺين هنڌن کي ذڪر ڪيو ويو آهي جيئن ڪجھ نائيٽ ڪلبون، شاپنگ سينٽرز، چونگ ڪنگ سينٽرز، ڊيوٽي فري شاپ، اوشين پارڪ ۽ ڪجھ پاڪستاني هوٽلون، پليجو صاحب جپانين جي ترقي ۽ سياحت جي اهميت کي ڄاڻائيندي لکيو آهي ته: ”مون ته سير ۽ سياحت کي وندر کان وڌيڪ، ڄاڻ پرائڻ جو وسيلو سمجهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو جيڪي خرچ ڪيو اٿم، ان کان وڌيڪ لاڀ پرايو اٿم، جپان کي گهمندي جپاني ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ تيزتر صنعتي ترقيءَ کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليم سچ پچ ته هيءَ قوم عجيب و غريب صلاحيتن جي مالڪ آهي، هيءَ قوم ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي“ (صه، 8).
هانگ ڪانگ جي سامونڊي ساحل ”هاربر ڪروز“ جي سونهن پسي ليکڪ بي خود ٿو ٿي وڃي، لکي ٿو ته: ”سمنڊ جي وشالتا ۽ گهرائيءَ تي ويچاريندي مون کي ماڻهو جي من جي تنگي ۽ سوڙ تي ڏاڍي بڇان محسوس ٿيڻ لڳي، ڪاش ماڻهو جي من ۾ به سمنڊ جيڏي وسعت ۽ گهرائي هجي ها“ (صه، 54).
معلوماتي ٻولي ۾ وڻندڙ هن سفرنامي ۾ شاعريءَ جو استعمال وقتائتو آهي، تقريباً ڏھ شعر مختلف هنڌن تي آهن جنهن مان سندن شاعراڻي ذوق جي خبر پوي ٿي. ادي ماهتاب چواڻي ته: ”پليجو صاحب شاعر کڻي ڪونهي، پر ڪتاب ۾ ڄاڻايل مشهور شاعرن جي شاعريءَ جو جيڪو اڀياس ڪيو اٿس، سو ان ڳالھ جو ضامن آهي ته منجهس هڪ سٺي شاعر ٿيڻ جا گڻ گهڻي قدر موجود آهن“ (صه، 6). هيءُ سفرنامو جپان، فلپائين ۽ هانگ ڪانگ جو ڪارائتو احوال ڏئي ٿو.