لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

  چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا

”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڇپايل آهي. هن انسٽيٽيوٽ سنڌي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب جوحصو بنايا آهن، هيءُ ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سنڌالاجي جي اشاعتي سلسلي جو هيءُ ٻاهٺ نمبر ڪتاب بي.اي فائنل لاءِ سنڌ يونيورسٽي طرفان نصاب ۾ منظور ٿيل آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا تعارف ۾ لکيو آهي ته، هي ڪتاب ”بورڊ آف اسٽڊيز، سنڌي ڊپارٽمينٽ“، جي ميمبرن ان لحاظ کان ترتيب ڏنو آهي ته جيئن شاگرد ان ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ سنڌي مضمون جي مختلف قسمن ۽ پهلوئن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي سگھن. ”هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1980ع ۾ منظرِ عام تي آيو. هن مجموعي ۾ مختلف ليکڪن جا مقالا ۽ مضمون آهن، جيئن ڊاڪٽر عمر بن دائود محمد پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علامه آءِ.آءِ قاضي، ميران محمد شاھ، ليکراج عزيز ۽ ٻين اديبن جا مضمون هن مجموعي کي اونچو مقام عطا ڪن ٿا.
ڪتاب جو جائزو: ”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“ جو پهريون مضمون ”ادب ۽ زندگي“ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي ماهنامه نئين زندگي جون 1953ع جي مئگزين مان ورتل آهي. جيڪڏهن غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته تهذيب يافته سڏائڻ جي لائق ئي اهي قومون آهن جيڪي زندگيءَ ۾ علم ۽ ادب جي اهميت کي سمجھن ٿيون. تعليم جي اهميت کان انڪار ناممڪن آهي. پر گڏ ترتيب کانسواءِ تعليم پڻ بيڪار آهي. هن مضمون ۾ قاضي صاحب قومن جي ترقيءَ لاءِ کين سجاڳيءَ جي راه، علم ادب، ترتيب ۽ تاديب جي ذريعي ڏسي آهي لکن ٿا ته، ”فڪر ۽ ذڪر، ڪلچر، تاديب، تاريخ علم ۽ ادب، سوانح نگاري ۽ صداقت ادب جي ترويج لاءِ انتهائي ضروري آهي“، سندن چوڻ مطابق ته ”ٻني صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ کان سواءِ فصل جي اميد اجائي آهي“ يعني نئين نسل جي رهنمائيءَ لاءِ کين علم ادب سان گڏ تربيت ۽ سچائيءَ ڏانهن موڙڻو پوندو، قومن جي ترقيءَ لاءِ سوانح نگاريون، قومن جو تاريخي ورثو آهن. جيڪي سچائيءَ جي بلند معياريءَ سان سينگاريل هئڻ کپن“.
بارانِ رحمت: علامه آءِ.آءِ قاضي جو هيءُ مضمون برسات جي اچڻ کان اڳ زميني مخلوق، انسان، چرند پرند جو مينهن لاءِ سِڪ جو احوال آهي. برسات کي سٺيءَ ۽ سڌريل زمين لاءِ ڪارائتو بيان ڪيو ويو آهي، مضمون جي آخر جا جملا اهم آهن. حاصل مطلب اهو آهي ته، ”جيئن بارش رب جي رحمت آهي، ايئن صاف دل انسان تي رب جي رحمت جون نوازشون قائم ٿينديون آهن“. هن مضمون جو مرڪزي خيال ڪارائتو آهي. باقي ٻوليءَ جي لحاظ کان مشڪل عربي ۽ فارسي لفظن جو ميلاپ ۽ ڪجھ فارسي شعر پڻ آيل آهن. ٻولي مشڪل هوندي به ميٺاج واري ۽ دلڪش آهي، بارش جي منظر نگاري خوبصورتيءَ سان بيان ڪيل آهي. گنجي ٽڪر جو سير: ميران محمد شاھ جي خاص مضمونن مان آهي (جو شاگردن لاءِ انٽر جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي.) هن مضمون ۾ شاھ صاحب گنجي ٽڪر تي بارش کان پوءِ جي حسين منظر ۽ پنهنجي سير و تفريح جو احوال ڏنو آهي. جبل جو اڙانگو پنڌ پار ڪرڻ کان پوءِ گلن جي رونق ۽ ساوڪ سندن سڄو ٿڪ لاهيو ٿي ڇڏي. لکن ٿا ته، ”مندائتن مينهن رڻن ۾ ريج ڪري، اوڀر اڀاري جبل کي جنسار ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڇا هيٺانهين ڇا مٿانهين، ڇا کوھ ڇا کڏ، ڇالڪ ڇا لانگھو، ڇا راھ ڇا رند سڀ اهڙا ته سرسبز ۽ ساوا ٿي نظر آيا جو ڄڻ قدرت جي ڪنوار، پنهنجي سينگار لاءِ سائي ساڙهي بنائڻ جو جو ارادو ڪيو هو“، هيءُ مضمون ڪجھ قدر ڏکين لفظن، پر تجنيس حرفيءَ جي جملن سان سينگاريل آهي. ڪوئل: هي مضمون پرمانند ميوارام جو آهي، جنهن ۾ ڪوئل پکيءَ جي بناوٽ ۽ عادتن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪوئل پنهنجي ڪاري رنگ، هوشياري ۽ مٺي آواز جي ڪري مشهور آهي، شاعرن کيس شاعريءَ ۾ ڳايو آهي.
شڪار ڪندڙ پکي: پرمانند جي هن معلوماتي مضمون ۾ شڪار جي شوقينن لاءِ مفيد معلومات آهي، هن ۾ ديسي ۽ ولايتي پکين جا قسم بيان ڪيل آهن، برفاني علائقن مان، گرم ملڪن ڏانهن ويندڙ پکين ۽ ٻين پکين جون خاصيتون پڻ پيش ڪيون ويون آهن. پلو: پلو مضمون پڻ معلوماتي ڊؤل جو ۽ موضوع جي لحاظ کان اهم آهي، پلو صرف سنڌ ۾ پيدا ٿيئي ٿو، انتهائي سوادي ۽ مڇيءَ کان نازڪ هوندو آهي، ملھ مهانگو ۽ محدود وقت لاءِ هجي ٿو. جڏهن ليکڪ هيءُ مضمون لکيو هو، ان وقت سنڌ ۾ درياھ شاھ جي روانيءَ سبب پلو تمام عام هو، هاڻي پلي جو نسل ناياب ٿيندو وڃي. هن ۾ ليکڪ پلي جي قسمن ۽ خوبين سان گڏ سنڌ ۾ پلي جي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ چوڻي آهي ته، ”پلي هوندي ڪي کٽل کڳا کائين“ ڪوٽڙيءَ جو پلو وڌيڪ مشهور آهي پرمانند صاحب موضوع سان مڪمل انصاف ڪيو آهي. سارنگ سانوَڻ لايا: هن ۾ پرمانند صاحب مينهن جي مانڊاڻ جو نقشو، تمام خوبصورت چٽيو آهي، سندن مضمونن جي ٻولي ميٺاج واري ۽ سليس سنڌي آهي، کنوڻين جي تجلين، مندائتن مينهن جو تڙ ترايون ڀرڻ ۽ سانگين جي سرهاڻ کي ميوارام وڻندڙ بيان ڪيو آهي. خوشامد: خوشامد نصيحتي جملن وارو هڪ اصلاحي مضمون آهي، جنهن ۾ اجائي ساراه ۽ ڪوڙيءَ واکاڻ کي ننديو ويو آهي. خوشامد سان ملڪن جا انتظام ڊانواڊول ٿي ويندا ۽ حڪومتون تباه ٿي وينديون آهن. مٿين مضمونن جي جائزي کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته پرمانند ميوارام سنڌي ادب جي اوائلي دﺆر جي مضمون نويسيءَ کي، اصطلاحن، پهاڪن ۽ لغت جي سٺي استعمال سان سونهن عطا ڪئي آهي. لاڙ جي هڪ رات: مضمون الله بچايو سمون جو لاڙي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ لفظن جي ميلاپ سان لاڙ جي عڪاسي ڪري ٿو. لاڙ جي اصلي ۽ نج ٻوليءَ سان سينگاريل هيءَ تحرير سندن مهمان نوازي حُب، خلوص ۽ سادگيءَ جو بيان آهي. هيٺ چند پهاڪا ۽ چوڻيون مثال طور پيش ڪجن ٿا، ”هٿ کنئين ڦڦڙ پڌرا“، ”ڏنو پٽ ڇُٽي جو“، ”اڻاسي اولاد کان ڀينگ ڀلي“، ”پڪين گھڙين ڪهڙا ڪنا پوندا؟“، ”ڪيو ڪمايو ڪاري ڪلر ۾ وڃائڻ“، ”الله ڏي ته کمي کائجي“ ۽ ٻيا آهن. ڪوهستاني ڪچهري: استاد محمد عرس سمون جي ڪوهستانين سان هڪ رات جي ڪچهريءَ جي داستان آهي، ڪوهستانين جي وانڍ ۾ سندن سٺي آڌر ڀاءُ ٿيئي ٿي. هي ڊگھو مضمون لوڪ ادب ۽ لغت جو خزانو آهي. جنهن ۾ نج سنڌي لفظن سان ديسي ماحول جي معلومات ڏنل آهي. لوڪ ادب جي هر صنف، بيت، ڪافي، مولود، ڳجھارت، ڏٺ، ڏور، سينگار ٻين تي ڪوهستانين جو عبور بيان ڪيو ويو آهي. ماءُ جي دل: محمد صالح ڀٽيءَ جو جذباتي ڪيفيت کي اُڀاريندڙ ۽ ماءُ جي محبت جي تصور تي مشمتل هيءُ مختصر ڪهاڻي وانگر مضمون، هن حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته واقعي خالق کي پنهنجي تخليق پياري آهي ۽ ماءُ جي لاءِ سندس اولاد صرف جگر جو ٽڪر ڪونهي پر ڪل ڪائنات آهي ۽ هن محبت جي اڳيان فرشتا به لاجواب آهن.
ڪوڙ: هيءُ عطا محمد شاھ موسويءَ جو هڪ مشهور مضمون آهي جنهن ۾ ”ڪوڙ“ جي قبيح فعل کي پنهنجي لفظن جي گھاڙيٽي سان ليکڪ جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر آخر ۾ ڪوڙ جي فائدن بيان ڪرڻ کان پوءِ ڪوڙ کان پناھ گھري آهي ۽ چيو اٿس ته، بيشڪ مصلحتاً ڪجھ ڪوڙ زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن آسانيون پيدا ڪندا آهن ۽ وڏا جھيڙا ٽاريندا آهن، پر ته به بهرحال ڪوڙ کان رب پاڪ پناھ ۾ رکي. گل جي زباني: هي ليکراج عزيز جو مضمون ڪتاب ”ادبي آئينو“ ۾ پڻ شامل آهي. هن ۾ گل جي واتان ان جي اهميت بيان ڪري گل جي افاديت انساني زندگيءَ جي لاءِ ٻڌائي وئي آهي. نوٽڻ ۽ ملا کڙو: هي ٻه مقالا منوتولارام گدواڻيءَ جا آهن. نوٽڻ، شطرنج وانگر هڪ ذهني، قديم ۽ گهريلو راند آهي. هن راند جو نقشو ۽ مڪمل معلومات راند جون چالون، ٻٽڻ ۽ ٽيٽڻ ٺهڻ جي طريقي کي ذڪر ڪيو ويو آهي. هيءُ مقالو سنڌ جي قديم روايتن ۽ راندين جي مطالعي ۾ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. هن ۾ شاھ سائينءَ جا سهڻا بيت بهادريءَ جي واکاڻ ۾ ڏنل آهن. ملاکڙو سنڌ جي قديم ۽ مقبول عوامي راند آهي پر هن راند کي حڪومتي سرپرستي حاصل ڪونهي. هن مقالي ۾ راند جا اصول، اصطلاح ۽ ٻي ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي.
سنڌ جا سورهيه: مقالي کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحرير ڪيو آهي. تاريخي واقعن، شجاعت ۽ ادبي ٻوليءَ جي سونهن سان سينگاريل هي طويل مقالو سنڌ واسين جي قومي اخلاق ۽ شجاعت جو بيان آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌين کي قومي ازادي ۽ شخصي غيرت جو امين سڏيو آهي. سندن سورهيائي ۽ سرويچيءَ کي تاريخي ۽ تحقيقي انداز سان بيان ڪندي سنڌي عوام کي حوصلي جي بلنديءَ جو سبق ڏنو اٿن. هن مقالي ۾ سومرن جي دؤر جي دودي سومري کي مڃتا پيش ڪيل آهي ته ابڙي سمي کي واکاڻيو ويو آهي. جنهن حرمن جي حفاّظت لاءِ مقابلو ڪري مري موت جو مان مٿانهون ڪيو. سمن سلطانن کي ساراهيو ويو آهي، جن دهليءَ جي بادشاهن سان جنگيون جوٽيون پر ارغونن ۽ ترخانن به مٽيءَ جو مان سڃاتو ۽ سنڌ جي حڪومت بچائڻ لاءِ مرزا جاني بيگ، اڪبر جي موڪليل خان خانان جي لشڪر سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو. مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ ڏيهي حڪمرانن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن به سنڌ جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪري مثالون قائم ڪيون. خاص طور ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان ۽ سپھ سالار هوش محمد شيديءَ جي قرباني تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي. حر تحريڪ جي ٻارهن اڳواڻن، انگريزن جي مارشل لا جو مقابلو ڪندي، مانجهي مڙسن وانگر، سنڌ ڌرتيءَ کي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پير صاحب پاڳارو جي شهادت تاريخ جو نه وسرندڙ واقعو آهي. مطلب ته هيءُ مقالو سنڌ بابت سورهيه شخصن جي تاريخي معلومات ڏئي ٿو.
فن ۽ ثقافت: جو موضوع وسيع ذڪر جو محتاج آهي. پر ڊاڪٽر غلام علي الانا هن مختصر مقالي ۾ موضوع سان انصاف ڪيو آهي. عام فهم ۽ سادي بيان سان هن علمي ليک کي پر اثر بنائي پيش ڪيو اٿن. ڊاڪٽر صاحب ڄاڻايو آهي ته، ”ڪنهن به قوم جي ريتن، رسمن، طرز، لباس، راندين روندين ۽ ٻين لطيف فنن جي مجموعي کي ثقافت چئبو آهي، ۽ ان لحاظ کان ڪنهن قوم جا نظريا، اخلاقي رجحان ۽ جمالياتي ذوق ان قوم جي تاريخ هوندا آهن“. خاص سنڌ صوبي جي ثقافت ۾ لباس جي طور سنڌ جا، ڇريل ڪپڙا، اجرڪون، لونگيون، کيس ۽ قديم زيور مشهور آهن، مسجدن، مقبرن ۽ تاريخي هنڌن تي ڪاشيءَ ۽ سنگتراشيءَ جو ڪم، موسيقيءَ ۾ خاص سنڌي ميوزيڪل انسٽرومينٽ جيئن دهل، يڪتارو، سرندو، شرناءِ ۽ ٻيا. سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ناچ ۽ لوڪ گيت سنڌ جو سرمايو ۽ سڃاڻپ آهن. هيءُ مقالو مناسب طوالت جو هوندي به فن ۽ ثقافت جي ڪارائتي معلومات ۽ ثقافت جي مادي ۽ روحاني خزانن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
شاعر جي عظمت: چوڏهن صفحن تي محيط هي مضمون، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعريءَ سان سينگاريل آهي، جنهن ۾ حيدر علي لغاريءَ شاعراڻين عظمتن کي ذڪر ڪيو آهي. ليکڪ جي چوڻ مطابق ”شخصيت ۾ شعريت نڀائڻ لاءِ ان جا آداب ۽ شرائط آهن. ان جو احترام نه ڪبو ته شعر ۾ پختائي نه ايندي. ”فطرت جي نظارن ۽ انساني زندگيءَ جو اڀياس، مطالعو ۽ مشاهدو شاعريءَ لاءِ اهم آهن. دماغ سوزي نه دلسوزي اهم آهي”. ليکڪ شاھ سائينءَ جا بيت مثال طور ڪتب آندا آهن. سندن راءِ مطابق شاعر کي شاعراڻي ڏات پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ شاعراڻي عظمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ شاھ جي شاعريءَ کي رهبر بنائڻ کپي ۽ پنهنجي به الڳ انفراديت قائم رکڻ کپي ۽ هن معاشي ڊوڙ جي دؤر ۾ شاعر کي يا تخليق ڪار کي پنهنجو وقت ڪڍي ٽائيم ٽيبل سان تخليق لاءِ ماحول ترتيب ڏيڻ کپي. ڇو جو هو عام ماڻهوءَ کان مٿي آهي. انهيءَ نڪتي کي واضح ڪندي لکيو اٿن ته ”زندگيءَ ۾ هڪ عام، سطحي آدمي، ۽ هڪ فنڪار اديب عالم ۽ شاعر ۾ جيڪو فاصلو آهي، اهو ايڏو عميق ۽ دقيق آهي، جو ان تي خيال آرائيءَ لاءِ ئي ڪيئين دفتر گهرجن“. شاعر ۽ تخليقڪار کي پنهنجي فن سان صحيح انصاف ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ڪارائتيون صلاحون هن مضمون ۾ ڏنل آهن. پتلين جو تماشو: ۾ غلام حسين شيخ هڪ نئين موضوع سان روشناس ڪرايو آهي، پتليءَ جي بناوٽ ۽ انهيءَ جي فن جي تعارف کان پوءِ مختلف هنڌن ۽ شهرن جي ڄاڻ ڏنل آهي. جتي اهو تماشو اڄ ٿئي ٿو. ”پتلين جي تماشي“ کي سنڌ جو قديم فن ڏسيو ويو آهي. جيڪو بين الاقوامي طور تي ميڊيا تي مشهور ٿيڻ کان اڳ به سنڌ جي ٿر، گجرات ۽ ڪڇ ۾ هلندڙ هو، ڀيل ۽ ڪولهي ذات جي ماڻهن جي رزق ڪمائڻ جو وسيلو هو.
”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“، جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي مضمونن ۽ مقالن جي الڳ الڳ تفصيلي جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب نثر نويسيءَ جي خوبين سان ڀرپور آهي. هيءُ مجموعو، نامور عالمن ۽ اديبن جي تحريرن جو مجموعو آهي. جن اهم موضوعن کي پنهنجي قلم وسيلي سان سدا حيات ڪري ڇڏيو آهي. هيءُ سنڌي نثر جا چونڊيل مضمون ۽ مقالا آهن، جن جي ٻولي اصطلاحي ۽ بامحاوره آهي. پُر لطف ۽ حسين بيان سان آسان زبان جو استعمال آهي. ڪجھ مضمونن ۾ مشڪل لفظ آيل آهن. جيئن ”بارانِ رحمت“، ”گنجي ٽڪر جو سير“، پر ڏٺو وڃي ته مضمون ۽ مقالا هڪ خشڪ نثري صنف آهي، جنهن ۾ سنجيدگيءَ جو اثر وڌيڪ غالب هجي ٿو (سواءِ مزاحيه مضمونن جي). انهيءَ لحاظ کان هي مضمون عام فهم ۽ دلچسپ پيرايي ۾ ڏنل آهن. مقالن جو نمونو مدلل آهي. هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي افاديت خاص شمار ٿئي ٿي.