لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“،

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو آمريڪا، يورپ ۽ دبئيءَ جي سفر جو احوال روشني پبليڪشين 2000ع ۾ ڇپايو آهي، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جي خوبصورت ٽائيٽل، پڪي جلد جي ڇپائيءَ سان هي 192 صفحن جو سفرنامو سنڌي ادب ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هن سفرنامي جي عنوان لاءِ صفحي نمبر اٺانوي تي ليکڪ لکي ٿو ته: ”جڏهن 1980ع ۾ لڪيءَ ۽ ڪيس پاڪستان ڇڏيو، ته لڪي تمام گهڻو روئڻ ڪيو. مون چيومانس ته: ”دنيا ننڍي ٿي ويئي آهي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ملنداسين. گيتا ۾ ڪرشن ارجن کي چيو، الوداع ناهي، اڳتي وڌَ“. “There is no farewell, proceed forward”
”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“. ڪيترو نه خوبصورت عنوان آهي؟ واقعي هيءَ زندگي روان دوان ۽ انساني سفر جاري آهي، ميل ملاقاتون قائم آهن ۽ هميشه اڳيان وڌڻ جي جستجو ئي زندگي آهي.

سفرنامي جو جائزو: هن سفرنامي جا ٽي حصا آهن. پهريون حصو 59 صفحن جو آهي جنهن ۾ نيويارڪ، واشنگٽن، ميامي، لاس اينجلس، سان فرانسسڪو، ۽ فرئنڪ فورٽ جو احوال آهي، شروعات لنڊن ۾ يارنهن ڏينهن گذارڻ کان پوءِ نيويارڪ لاءِ اُسهڻ سان ٿئي ٿي. نيويارڪ اڀ ڇهندڙ (Sky Scrapers) عمارتن جو علائقو جنهن ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ۽ اسٽيڊن ٻيٽ کي مٿاڇري نموني سان گهمڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر صاحب جن ”اسپرنگ فيلڊ“ جي ڳوٺ ”لانگ ميڊو“ ۾ خيرپور جي قربائتي ڊاڪٽر منير عباسيءَ جي گهر آرامي ٿين ٿا. ڊاڪٽر منير عباسي آمريڪا ۾ دماغ جو سرجن آهي، سنڌ جو هيءُ L.M.C جو M.B.B.S ڊاڪٽر آمريڪا ۾ ذاتي هوائي جهاز ۽ مرسيڊيز گاڏي جو مالڪ آهي، پرڏيهه ۾ سنڌين جو مان ۽ شان ڏسي اتي ويندڙ هر سنڌيءَ جي دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي. ۽ خاص طور جڏهن هو پنهنجائپ ۽ عزت سان پيش ايندا آهن ته دل مان دُعا نڪرندي آهي ته خدا ڪري سنڌي سٻاجهڙا پوريءَ دنيا ۾ ڪامياب ۽ ڪامران هجن ۽ هر فيلڊ ۾ ترقي ڪن. ليکڪ آمريڪا جي مشهور شهرن ۽ هنڌن جي گهمڻ جي ڄاڻ، دل ڇڪيندڙ ڏني آهي. آرلئڊو ۾ “Disney’s World” جي حيرت ناڪ دنيا ۽ ايپڪاٽ سينٽر جو ذڪر متاثر ڪندڙ آهي. ”نياگرا آبشار“ دنيا جي اوچن آبشارن مان آهي، هن آبشار جي ڪاوڙيل سونهن “Angry Beauty” يعني دهشت ۽ حسن جو بيان پڻ وڻندڙ آهي، واشنگٽن ۾ جارج واشنگٽن جو يادگار، (هڪ عام منارو جيڪو آمريڪي جهنڊن سان سينگاريل آهي) عوام دوست ۽ انساني برابري جي جدوجهد ڪندڙ ابراهيم لنڪن جو يادگار ڏسڻ کان پوءِ، سفرنامي جو رُخ علم ادب ۽ آرٽ ڏي مڙي ٿو. واشنگٽن کي ليکڪ ميوزم ۽ آرٽ جو شهر سڏيو آهي، نيشنل آرٽ گئلري واشنگٽن کي لنڊن جي نيشنل آرٽ گئلريءَ سان ڀيٽيندي ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته لنڊن جي آرٽ گئلريءَ ۾ اهم تاريخي ۽ Original Master Pieces آهن. جي دنيا ۾ ڪٿي به موجود ڪونهي. جن به ميوزمن ۽ آرٽ گئلرين جو ذڪر تنوير صاحب هن سفرنامي ۾ ڪيو آهي. انهن جي اهم فن پارن ۽ انهن فنڪارن جي سوانح ۽ فن جي باري ۾ ڪارائتي تفصيل ڏني آهي. جنهن مان ڄاڻ پوي ٿي ته، هي ليکڪ نه فقط ذهين قلمڪار آهي، پر وٽس بياني قوت جي ڏات ۽ ڏانءُ پڻ آهي ته، سنگتراشي ۽ مصوريءَ جو فن ۽ تاريخ تي به کيس مڪمل دسترس حاصل آهي. ”لائبريري آف ڪانگريس“ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ”ڪراچي جي آمريڪا جي قونصل خاني ۾ هڪ الڳ سيل قائم آهي، جنهنجو ڪم آهي سنڌي مواد هٿ ڪري آمريڪا موڪلڻ، لائبريري آف ڪانگريس هڪ مخزن ڪڍندي آهي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا مان آمريڪا موڪليل سڄو ادبي مواد، (سنڌيءَ سميت) ترتيب وار لسٽ سان شايع ٿيندو آهي، تازو هنن دنيا جي ”شاعري جي نوادر“ “World Achieves of Poetry” لاءِ مون کان منهنجي شاعري منهنجي آواز ۾ ريڪارڊ ڪرائي، جيڪا هن لائبريريءَ ۾ انگريزي ترجمي سان محفوظ ڪئي وئي آهي“.
هيءَ لائبريري دنيا جي وڏين لائبريرين مان هڪ آهي، جنهن ۾ دنيا جي هر ٻوليءَ جو خزانو محفوظ آهي، هر دستاويز ڪمپيوٽرائزڊ آهي، هتي جي سنڌي شعبي جو نه صرف علم ادب محفوظ آهي، پر يارهن آمريڪي يونيورسٽين ۾ تحقيق لاءِ محفوظ ٿئي ٿو، جڏهن ليکڪ لائبريريءَ جي ايشيا جي شعبي ۾ وڃي سنڌي ڪتابن کي ڏسي ٿو ته واقعي سندس چواڻيءَ ته، ”دل ٺري وڃي ٿي“، سندس نظر ۾ آمريڪي ۽ يورپين عقلمند آهن. هو پنهنجيون بين الاقوامي پاليسيون ٺاهڻ مهل سڄي دنيا جي علم ادب ۽ سياست کي نظر ۾ رکن ٿا. انهيءَ لاڙي تحت پنهنجيون پاليسيون ٺاهين ٿا. هن مختصر سفرنامي ۾ تنوير صاحب کوڙ هنڌ گھمايا آهن، جيئن آرلينڊ جو ڊزني لينڊ، فلوريڊا جي رياست جي شهر مياميءَ جو خوبصورت ترين ٻيٽ ”بهاما“ لاس اينجلز جو يونيورسل اسٽوڊيو، هالي ووڊ اسٽوڊيو، ميونسپل باغ، سان فرانسسڪو ۾ چائنا ٽائون، Fisher Men Wharf مهاڻن جو گھاٽ، سامونڊي جهازن جي نمائش، فرئنڪفورٽ جو ”زو“ ۽ ٻيو به ڪافي ڪجھ احوال آهي. سورهن صفحن تي مشتمل، بليڪ ائنڊ وائيٽ فوٽو گرافس به ڏنل آهن. جيڪي تنوير صاحب جن مشهور هنڌن تي گھمڻ مهل ڪڍايا آهن.
سفرنامي جو ٻيو حصو ”سرمد جو گھر – نيوجرسي“ جي عنوان سان آهي، جيڪو هالينڊ، آمريڪا ۽ ترڪيءَ جو سفرنامو آهي. هن ۾ هالينڊ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ”دي بلٽ“ ۾ سندس ويجهن دوستن لڪي ۽ ڪيس جي گھر رهڻ جو احوال آهي. (هيءُ جوڙو خيرپور ۾ 1980ع ۾ وٽن اچي رهيو هو. جن سان ”هيگ“ جي مضافاتي علائقي ۾ ملاقات جو ذڪر ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ سفرنامي ۾ پڻ ڏنل آهي) انهيءَ کان سواءِ آرنهيم ۾ پراڻن دوستن رابرٽ ڊورس ۽ برٽ سان ملاقاتن جو ذڪر ۽ سرمد جي دوستن رميش، علي، رنڪو، شاهد ۽ سندس ڪٽنب سان به قرب ڀرين ڪچهرين جي خبرچار آهي. هن سفرنامي جي ان حصي ۾ جيڪو ٽياسي کان هڪ سئو ڇاونجاه صفحي تائين آهي، اسان گھڻو ڪجھ سئر ڪيون ٿا. نيوجرسيءَ جو لبرٽي سائنس سينٽر، هالينڊ جي دي بلٽ جو مضافاتي علائقو، حسين لينڊاسڪيپ وارو ڳوٺ نيوهوپ، رنگرس يونيورسٽي، پرنسٽن يونيورسٽي ۽ عظيم سائنسدان البرٽ آئن اسٽائين جي آفيس، فلاڊفيا جو رودئن ميوزم، اومني ٿيٽر، ائٽلانٽڪ سٽي، لبرٽي ٻيٽ، راڪفيلر سينٽر، سينٽر پارڪ، يونائيٽڊ نيشن بلڊنگ، ميٽ يعني (ميٽروپوليٽن ميوزم آف آرٽس) ۽ انيڪ تفريحي هنڌن جو تفصيل تمام جاندار ۽ وڻندڙ آهي.
سفرنامي جو ٽيون حصو خاص طور ادبي ۽ شاعراڻي رنگ سان رنڱيل آهي، هن حصي جو عنوان ”چنڊ ٻه ٽڪر“ آهي هيءُ حصو دبئيءَ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي 1986ع ۾ دبئي وڃڻ جي احوال سان گڏ سنڌي هندو ليکڪن خاص طور نارائڻ شيام سان دبئي جي ايئر پورٽ تي ملاقات مهل ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته، ”ڳوڙها، سڏڪا، ڳراٽڙيون، سڀ رلمل، ايئن لڳو ڄڻ منهنجي ئي وڇڙيل وجود جو حصو مون سان مليو هجي، ڄڻ ٻه ٽڪر ٿيل چنڊ جا ٽڪرا هڪ وار ملي ويا هجن ۽ پورنماسي جو چنڊ چمڪي اٿيو هجي“.
سندر ۽ ڪومل شعرن جو شاعر نارائڻ شيام اصل نوشهروفيروز سنڌ جو ويٺل ۽ سنڌين لاءِ سڪايل آهي، سندس سڪ هيٺين جملن مان ظاهر ٿئي ٿي. شيام سڏڪندي مون کي چيو، ”اسان کي پيرن هيٺ زمين نه آهي“، مون شيام کي چيو ته، ”شيام جي اسان وٽ زمين آهي ته ان تي پير رکڻ نٿا ڏين“ (صه، 165)
شيام وري غزل پڙهڻ شروع ڪيا، پڙهندي جڏهن هن شعر تي پهتو ته آواز ڳورو ٿي ڀرجي آيس ۽ اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها ٽمڻ لڳس“،
الائي ڪهڙيءَ گھڙي ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ به نصيب نه ٿي.
سفرنامي جي هن حصي ۾ ٻين ليکڪن گوپ ڪمل، موهن گھياڻي، عطا سنڌي، موهن شرما ۽ لال بجاج جي قرب ڀرين ڪچهرين ۽ سنڌ جي سڪ جي دلپذير داستان آهي. ”العين“ يورپي طرز وانگر گھڻ ماڙ عمارتن جو شهر جنهن جي ”العين“ يونيورسٽي، چڙيا گھر، مڇي گھر، فن سٽي “Fun City”، جديد ۽ قديم ميلاپ جو خوبصورت شارجا ايئرپورٽ ۽ دبئي جو قلعو انهيءَ کان علاوه سپر مارڪيٽ ۽ ٻيا هنڌ گھمڻ کان پوءِ ليکڪ دبئيءَ جي باري ۾ هيٺيان اهم ريمارڪ ڏنا آهن.
1. دبئي يورپي طرز وانگر گھڻ ماڙ عمارتن وارو شهر آهي، جيڪو پنڌ به گھمي سگھجي ٿو. (1986ع ۾ اهو رايو ڏنو ويو آهي)
2. دبئي ۾ ٽرئفڪ انتهائي منظم آهي.
3. هتي پئٽرول سستو آهي. انهي ڪري اهي پئٽرول پيئندڙ گاڏيون به رکي سگهن ٿا. هتي مرسڊيز ته ايتريون آهن جو ڪاٿو ئي ڪونهي، اسان جي ملڪ ۾ ايترا اُٺ به نه هوندا جيتريون مرسڊيز هتي آهن.
4. ٻوليءَ جي لحاظ کان هتي سنڌي تمام گھڻي رائج آهي، دڪان تي چڙھ ته مالڪ سنڌي، سيلز مين يا سيلز گرل سنڌي، آيل گراهڪ گھڻو ڪري سنڌي، رستي تي به مرد ۽ عورت پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائيندا وڃن، رڳو ٽئڪسيءَ وارو ۽ مزدور پٺاڻ اردو ڳالهائيندو باقي دبئي سنڌين جي آهي، جتي عربي، انگريزي ۽ اردؤ کان وڌيڪ سنڌي رائج آهي، ڪاروبار به هندو سنڌين جي هٿ ۾ آهي.
موهن جي گھر گھاريل شاعريءَ جي شام جنهن ۾ پيروڊيز کان وٺي ڪويتائن، نظمن، ڪافين ۽ شعرن جي سونهن آهي ته گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ عقيدت جا سلام پڻ آهن. ڪتاب جي آخر ۾ استنبول جتي گھمڻ لاءِ ٿورا ڏينهن ملن ٿا، جي تاريخي معلومات جي آڌار تي گھمڻ جو ذڪر آهي. استنبول جي سلطان احمد مسجد يا نيري مسجد “Blue Mosque” بازنطيني تعمير جي فن جو تاريخي نمونو آهي، سينٽ صوفيه ميوزم ۽ ٽوپڪاپي ميوزم جي مقدس گئلري ۽ ٻيا هنڌ ذڪر ڪيل آهن. تعمير سازي ۽ ميوزمن سان گڏ، جيڪا اهم ڳالھ جنهن ڊاڪٽر صاحب کي متاثر ڪيو، سا هئي خوبصورت ترڪن جي خوش مزاجي ۽ ملنساري.
ڏيھ پرڏيھ جي ڀيٽ: عام طور سفرنامن ۾ اها ڀيٽ ضرور هوندي آهي، جنهن سان محسوس ٿيندو آهي ته سفرنامانگار جو مشاهدو (Observation) مضبوط آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي سماج ۽ حالتن کي ڀيٽي، ٻنهي سماجن جون چڱايون ۽ اوڻايون مدِنظر رکي، پنهنجا خيال بيان ڪري ٿو. بعض اوقات اها ڀيٽ ايتري مضبوط هوندي آهي جو پڙهندڙ کي متفق ٿيڻو پوندو آهي. آمريڪا جا ماڻهو محنتي آهن ۽ آخر عمر ۾ کين حڪومت کان مڪمل سهولتون مليل هونديون آهن ۽ کين ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. آمريڪا ۾ هڪ ستر سالن کان به وڏيءَ عمر جي ڪراڙي شخص کي ٽئڪسي هلائيندي ڏسي، ڊاڪٽر صاحب کانئس آرام نه ڪرڻ جو سبب پڇي ٿو، ته کين خبر پوي ٿي ته هيءُ محنتي ماڻهو بغير ڪم جي بور ٿا ٿين، کين پنهنجي ڪم سان پيار آهي ۽ ان سان ئي هو خوشي محسوس ڪندا آهن. بقول ڪراڙي شخص جي I love my work, I enjoy my work پاڻ سوچيائين، شال سنڌ جو هر ماڻهو هن پوڙهي وانگر سوچي ته ”مون کي منهنجي ڪم سان پيار آهي“. آمريڪا هڪ گھڻ رياستي ملڪ آهي، جنهن ۾ هر رياست کي پنهنجي سڃاڻپ، هر رياست کي پنهنجو جهنڊو ۽ هر رياست کي پنهنجو قومي ترانو آهي، منجھن صوبائي تعصب ڪونهي. جڏهن ليکڪ پاڻ ڪيليفورنيا جي سيڪريٽريٽ ڏسي ٿو، ته سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي ته، ”جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ ڪو صوبو جھنڊو ٺاهي ته ان کي ٺھ پھ علحدگي پسند جو لقب ملي وڃي“. ساڳيءَ طرح ايپڪاٽ جي موسيقيءَ جي محفل ۾ جڏهن مختلف آمريڪي رياستن جي يونيورسٽين پنهنجي رياست جي نمائندگي ٿي ڪئي تڏهن، سندن رياست واسين پرجوش استقبال ٿي ڪيو، تنوير صاحب موجب، ”اهڙو استقبال جيڪڏهن اسين ڪنهن گڏيل قومي فنڪشن ۾ ڪريون ته چون، ”صوبائي تعصب ٿا ڦهلائين“، ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿا ڪن، پوءِ ان صوبائي تعصب آمريڪا کي ڇو مضبوط ڪيو آهي؟ آمريڪا ڇو نٿي ڪمزور ٿئي يا ٽڪرا ٽڪرا ٿئي؟“ (صه، 45).
وقت جي قدر جو مثال ڏيندي ڊاڪٽر تنوير جڏهن هالينڊ جي گرجا گھر ۾ چار سئو سال پراڻو پر صحيح وقت ڏيکاريندڙ گھڙيال ڏسي ٿو ته کيس سکر ٽاور ۽ خيرپور پنج گليءَ جا سدائين خراب گھڙيال ياد اچي وڃن ٿا ۽ سوچي ٿو ته اسان کي وقت جي قدر و قيمت ۽ اهميت جواندازو آخر ڪڏهن ٿيندو؟. علم جي شهر پرنسٽن جي پرنسٽن يونيورسٽيءَ جي ڪتاب گھر تي جديد ۽ قديم علمن جي ڪتابن جو ميلاپ کيس ماضي، حال ۽ مستقبل جو ميلاپ لڳي ٿو ۽ سندس ذهن ۾ لطيف سائينءَ جون هيءُ سٽون سرجي اچن ٿيون.
ڪني ماضي من ۾، ڪني استقبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.

ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت:
سفرنامو هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ خاص طور پڙهڻ سان گڏ Vision جو تاثر اهميت رکي ٿو. بياني قوت، ٻوليءَ جي پختگي، بهترين عبارت آرائي، پهاڪا، اصطلاح ۽ تشبيهون ان جي ادبي حيثيت اجاگر ڪن ٿا. هن سفرنامي جي ٻولي عام فهم ۽ اثرائتي آهي، لکت ۾ رواني، دلڪش ۽ نثر جون جملي خوبيون شامل آهن. هندي، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين کان پاسو ڪيل آهي، ڪجھ لفظ انگريزيءَ جا ستعمال ۾ آيل آهن، جن جا هم معنى سنڌي لفظ ڏنل آهن. جن سان لغت ۾ اضافو ٿئي ٿو. جيئن مثلاً: گھر جي اڪير (Home Sickness)، توليد (Reproduction)، گھٽ ترقي ڪيل (Underdeveloped)، ذهني طور پٺتي پيل (Mentally Retarted)، چورن کان حفاظت جو طريقو (Anti Burglar Device)، فوري (Emergency)، مرڪزي گرمي (Central Heating)، عمارت سازي (Architecture)، پڪ (Confirm)، اونداهيءَ ۾ اکيون هرن (Dark Adaptation) وغيره.
هن خوبصورت سفرنامي ۾ ڪجھ سهڻا سنڌي پهاڪا، چوڻيون ۽ شعر آهن جيئن مثال طور: ”چريا ٿياسين پر يار پرکياسين“، ”سرمو سڀ ڪا پائي اک اک جو ڦير“، ”سانوڻيءَ ۾ درياءُ جي اٿل وانگر“، ”آڇيندي لڄ مران“ ۽ ٻيا آهن. مجموعي طور سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ هيءُ هڪ چڱو اضافو آهي، جيڪو معلوماتي هئڻ سان گڏ سهڻي بياني اسلوب سبب هڪ الڳ مقام رکي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا سنڌي ادب ۾ ٻه سفرناما آهن. سندن سفرناما ٻوليءَ ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان سٺا آهن، جيڪي يورپ جي اٿينس، روم، اٽلي، پئرس، هالينڊ ۽ لنڊن کان سواءِ آمريڪا جي نيويارڪ، واشنگٽن، لاس اينجلس، فرانسسڪو ۽ فرئنڪفورٽ سان گڏ دبئي ۽ استنبول جي سير ڪرائين ٿا، هنن ۾ ملڪن جي معلومات سان گڏ، علمي ۽ ادبي ڄاڻ پڻ شامل آهي ته نثر جون جملي خوبيون، سفرنامي جي صنف جي سونهن جي حوالي سان موجود آهن. انهيءَ لحاظ کان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سفرنامن جي افاديت کان انڪار ناممڪن آهي.