مضمون ۽ مقالي ۾ فرق:
مضمون جي موضوعن جي لحاظ کان ڏسبو ته منجھس تمام گھڻي وسعت آھي. باقي طوالت کان جيڪڏھن جانچبو ته وڌ ۾ وڌ ويھ ياٽيھ صفحا ڊيگھ ھئڻ گھرجي، شروع دؤر جو ديوان ڪوڙيمل جو ”پڪو پھ“ (جيڪو زناني تعليم جي فائدي جي باري ۾ ھو) ھڪ ڊگھو مضمون شمار ٿئي ٿو. مضمون ۾ سنجيدگيءَ ھئڻ ضروري نه آھي، ليکڪ جو پنهنجي سرسري راءِ آسان نموني سان ڏيئي، مقصد سمجھائڻ اثرائتو طريقو آھي، مضمون ۾ طنز ۽ مزاح پڻ اچي سگھي ٿو. مضمون جو بياني طريقو فڪر ۽ موضوع سان مطابقت ئي اھم نقطا آھن، جڏھن ته مقالي ۾ علمي ۽ ادبي بحث، ٺوس ۽ دقيق ڳوڙھا نقطا ۽ جامع معلومات اھميت رکن ٿا. مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ جي شيريني، رواني، رنگيني، پختگي ۽ عام فھم ھئڻ ضروري آھي. مضمون نگار جي سمجھ مضمون جي موضوع جي وضاحت ۽ Presentation ئي مضمون جي علمي ۽ ادبي اھميت کي ڄاڻائين ٿا. مقالو يعني (Research Article) وزنائتن دليلن سان تحقيق جو ڀنڊار آھي ته مضمون شخصي راءِ جو سرسري اظھار آھي.
مقالي ۽ مضمون جي فرق کي بيان ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”ادب ۾ تخصيص ٿيڻ کان پوءِ مضمون، تحقيقي مقالي کان ھن ريت ڌار ليکيو ويو، جو ھن ۾ تحقيقي ۽ علمي انداز اختيار ڪرڻ بدران فقط عام دلچسپيءَ جا، موضوع آندا ويا، مثال طور علم حيوانات جو ماھر ”ڪونج“ بابت ڪو ليک لکي ٿو ۽ ان ۾ پکيءَ جي خاندان بابت مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيئي، ان بابت معلومات گڏ ڪري، ته اھو ليک تحقيقي مقالو ليکيوويندو، ان جي برعڪس، ڪونج تي ادبي انداز مان لکي ته اھو مضمون شمار ٿيندو“ .
ڪڏهن ڪڏهن مقالي ۾ آيل معلومات دليلن مطابق ته ھوندي آھي، پر مددي ڪتابن جو باقاعدي تفصيل نه ھوندو آھي، تنهن ھوندي به اھو ليک پنهنجي ڪارائتي معلومات ۽ علمي انداز سبب مقالاتي ادب جو حصو شمار ٿيندو آھي.