”سفر يورپ جي ڊائري“،
سفرنامي جو جائزو: غلام محمد گرامي تعارف ۾ لکيو آهي ته؛ ”عابد صاحب پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل تمام رنگين ۽ دلڪش نثر لکي آهي. اڄڪلھ سهل ممتنع نثر ۽ مسجع نثر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اديب ئي لکي سگهي ٿو. سندن تحرير رنگين ۽ ساده آهي“. ڪتاب ۾ ڪل چاليھ باب آهن، جنهن جي شروعات ڪراچيءَ کان لنڊن روانگيءَ سان ٿئي ٿي ۽ پڇاڙي ڪراچيءَ کان حيدرآباد پهچي عيد ڪرڻ تي ٿئي ٿي. جيئن ته قاضي صاحب هيءُ سفر 1960ع ۾ ڪيو هو، انهيءَ وقت جهاز ڪيترن ملڪن، مثلاً بغداد، دمشق، روم، جنيوا، وغيره مان ٿيندو پوءِ لنڊن پهچندو هو، اهو هڪ ڊگھو هوائي سفر هو. انهيءَ وقت لنڊن جو نئون جديد سهوليتن وارو ايئرپورٽ ٺهي رهيو هو.
هن سفرنامي ۾ ”هارلي اسٽريٽ“، (مشهور ۽ معروف ڊاڪٽرن جو علائقو) جو معلوماتي احوال تمام فائديمند ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. علاج کان سواءِ فارغ وقت ۾ پاڻ سٺي نموني سان يورپ کي گھميائين ۽ ڪيترن هنڌن جو تفصيل ڏنو اٿن. جن ۾ پڪاڊلي سرڪس، ٽرئفلگر اسڪوائر، لنڊن ميوزم، ٽاور آف لنڊن، ميڻ جي مجمسمن جو ميوزم، شاهي خاندان جون مشهور عمارتون، ويسٽ منسٽر هال، ويسٽ منسٽرابي، 10 ڊائوننگ اسٽريٽ، ونڊسرڪئسل (شاهي خاندان جي گھمڻ جي جڳھ جتي هو موڪلون گذاريندا آهن) ۽ ٻيا هنڌ اچي وڃن ٿا. قاضي صاحب ٻنيون ٻارا رکندي، مضافات سان گھڻي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. انهيءَ ڪري مختلف باغ، ڪيو گارڊن، هائيڊ پارڪ ۽ رچمنڊ پارڪ کان علاوه منسٽر آن سي Minister on Sea يا شيپي ٻيٽ جي سرسبز علائقن سندن دل کي گھڻي خوشي ڏني ۽ انهن جو ذڪر ڪيو اٿن. برطانيه جي مشهور يونيورسٽين ”سينٽ اينڊ ريوز“، گلاسڪو، ”برشٽل“، ”ايڊنبرو“، ”هئيرو“ ۽ ”ڪئمبرج“ جو احوال پڻ آهي. ”هئرو“ يونيورسٽيءَ ۾ شاهي خاندان ۽ تمام امير طبقو تعليم حاصل ڪري ٿو. پرنس آغا ڪريم جي تعليم به هئرو يونيورسٽي جي آهي. فرانس جي احوال ۾ بيٽرسي پارڪ، ايفل ٽاور، نيپولين جي مزار، سئزرلينڊ ۽ جنيوا ۾ اقوام متحده جي عمارت، مانٽرو ۽ ان جو ميوزم، زرمٿ جي بلند برفاني چوٽي، هني مون آئي لينڊس، دواسازيءَ جي ڪارخانن کان مشهور شهر ”برن“ ۽ ٻيو احوال آهي. قاضي صاحب نه صرف يورپ گھميو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو، پر هڪ اديب ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان سندس بياني انداز وڻندڙ آهي.
برطانيه جي حڪومت جي تاريخي، سماجي ۽ اقتصادي ڄاڻ سان گڏ، اتي جي رهاڪن جون ڪرداري خوبيون ۽ خاميون ذڪر ڪري برطانوي تهذيب ۽ تمدن کي کولي بيان ڪيو اٿن. لنڊن جي هوائي اڏي جي انتظام جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: اڃان هوائي اڏي مان قدم ٻاهر نه ڪڍيو هئائون، جو کين هڪ ليڊي آفيسر لفافو ڏنو. جنهن ۾ نياپو لکيل هو، ته ڊاڪٽر عبدالمجيد عباسي ٻاهر Reception ۾ توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي، هڪ نئين ملڪ ۾ نووارد کي اهڙو پيغام انتهائي تسلي پهچائي ٿو. ملڪ جي ٽيڪس جي انتظام کي واکاڻيندي لکن ٿا ته: ”يونائيٽڊ ڪنگڊم آف گريٽ بريٽن (U.K) جي ويلفئير اسٽيٽ نه صرف هر بي روزگار جي پرگهور لهي ٿي، پر اسٽيٽ. روزگار به مهيا ڪري ڏئي ٿي ۽ عمر رسيده اشخاص جي ۽ ٻارن جي کاڌي ۽ اسڪولن جي خرچ جي جوبداري به نڀائي ٿي. صرف عوام جي ايمانداريءَ سان ادا ڪيل ٽئڪسن جي ڪري اهي ملڪ ترقي به ڪن ٿا ته سندن عوام پڻ خوشحال زندگي گذاري ٿي“.
قاضي صاحب جن ”ڪريون اي“ سگريٽ جي ڪارخاني گهمڻ لاءِ جڏهن کين خط لکيو، ته انهن کين وٺي ڪارخانو گهمايو، ۽ گفٽ ڏيئي ريمارڪ لکڻ لاءِ چيو ۽ فوٽو گرافي ڪري مئگزين ۾ ڇپائڻ لاءِ موڪلي ڏني. قاضي صاحب موجب هو ڪاروباري ذهينت رکندڙ، پنهنجي ساک جي پبلسٽي ڪندڙ ۽ محتمل مزاج آهن. جن کين هڪ ڪوٽ ٽي دفعا مٽائي ڏٺو. گراهڪ کي مطمئن ڪندڙ آهن. هتي جي رهاڪن جي خوبين سان گڏ خامين کي ذڪر ڪندي، کين سندن زندگي گهڻي مشيني تمدن جي لڳي ٿي. نوجوان مائٽن مان بيزار آهن. نوجوان نسل نشي ڏانهن راغب ۽ بي راه رويءَ ڏي مڙيل آهي.
ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت: هن سفرنامي ۾ گرامي صاحب چواڻيءَ ته، ”سجيل جڙيل نثر آهي. ”باقي باوجود يورپ جي رنگين ۽ دلچسپ احوال جي ڪيڏيءَ مهل ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو درسي ڪتاب پڙهي رهيا آهيون. ڪٿي ڪٿي قاضي صاحب نيٺ سنڌي محاورا ۽ مشابهت وارا جملا استعمال ڪيا آهن. جيئن الجيريا جي اختلافن سبب پيرس جي ويزا ملڻ ۾ کين ڏکيائي پيش آئي ته هڪدم چئي ڏنائون. ”ڪيڏانهن اسين سهي جي کل، ڪيڏانهن انقلابي تحريڪون، ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار“ يا ”سڌڙيا شراب جو پچارون ڪوه ڪن“. لنڊن جي پرسڪون ۽ پئرس جي عيش و طرب ۽ هنگامن واري شهر جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي لکن ٿا: ”پئرس ۽ لنڊن ۾ ايترو فرق آهي، جيترو هڪ نائيٽ ڪلب ۽ ڏيئلداس ڪلب ۾“. يا پئرس جي بهترين ڊبل روٽي کين بامبي بيڪريءَ جي ياد ٿي ڏياري. علمي ۽ ادبي لحاظ کان هن ڪتاب جي هڪ اهم حيثيت آهي منجهس يورپ جي باري ۾ سٺي ۽ وسيع ڄاڻ ڏنل آهي، هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته، ”سفر يورپ جي ڊائري بهترين باقائده سفر نامو آهي. سفر يورپ جي ڊائري 1960 ۾ شايع ڪئي وئي جنهن ۾ سندن لنڊن ۽ يورپ جي سير جو بيان ڪيل آهي. سنڌيءَ ۾ اهو پهريون سفرنامو آهي. جنهن پڙهندڙن ۾ غير ملڪ جي احوال پڙهڻ جو شوق جاڳايو ۽ ڪتاب کي سٺي مقبوليت ملي“. (صه 175، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“)