لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

افساني ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي

سنڌي ڪهاڻيڪارن سنڌي سماج جو گھرو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀنڊار سان مختلف موضوعن تي شاندار ڪهاڻيون لکي، افساني جي صنف کي ڪاميابي عطا ڪئي آهي. سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي افسانن لکڻ جي ڪوشش ٿي آهي. ممڪن آهي ڪجھ موضوع سهڻي نموني سامهان ٿي نه آيا هجن  پر مجموعي طور سماج جون ريتون، رسمون، اوڻايون، چڱايون، وطنيت، سياست، تاريخ، مذهب ۽ قوميت کي بيان ڪرڻ سان گڏ وڏيرن، جاگيردارن، هارين، ڌاڙيلن، ڪامورن، پيرن، مريدن جي ماحول ۽ ٻين سماجي ڪشمڪشن جا نقشا چٽيا ويا آهن. مطلب ته افساني جتي ڳوٺن جي مسئلن کي بيان ڪيو آهي، اُتي شهرن جي رهائش جو به ڳوڙهو مطالعو پيش ڪيو آهي. لوئر ۽ اپرڪلاس جي طبقن کي کولي ڄاڻايو آهي. هندو افسانه نگارن هندو سماج جي مسئلن، ڏيتي ليتي، جيئري تي جيئري شادي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، وڌوائن جي مسئلن ۽ ٻين زندگيءَ جي رخن کي پيش ڪيو آهي.
سنڌي ڪهاڻي 1950ع کان پوءِ انقلابي، قومي ۽ آدرشي ٿي ظاهر ٿي، پر 1990ع تائين ڪجھ ماٺار اچي ويئي پراڻا قلمڪار گھٽ لکي رهيا هئا. نوَن کي اتساھ ته آهي پر کين رهنمائيءَ جي ضرورت آهي پر هاڻي وري به ڪجھ ليکڪ سٺو لکي رهيا آهن. هن دور ۾ سنڌي افسانو لکيو ضرور وڃي پيو جنهن ۾ سنڌي ماحول جي تصوير به آهي ته سماج تي ڪڙي تنقيد سنجيدگي ۽ طنز و مزاح سان ڏنل آهي. سڀ کان اهم ڳالھ ته ٻولي ۽ موضوعن تي توجھ پڻ ٿيئي پئي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ جي حوالي سان شروع دور بابت ليکڪن جا رايا هن ريت آهن:
حميد سنڌي ”دردونديءَ جو ديس“ ۾ لکي ٿو ته: ”ورهاڱي کان اڳ واري ڪهاڻي سماجي ۽ سياسي فڪر سان ڀريل هئي پر ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جا ٻوليءَ ۽ ادب جا قدر ته ساڳيا هئا پر گھرجون ٻيون هيون، سنڌي ڪهاڻي سنڌي نوجوان نسل جي وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام خلاف جاکوڙ جي تاريخ آهي. سنڌي ڪهاڻي ڏاڍ، ڏمر، وڏيراشاهي ۽ ڪامورا شاهيءَ جي تصوير چٽڻ سان گڏ مهاڏي اٽڪائڻ واري همت ۽ اميد جا ڪيترائي ڪرڻا ڦهلايا آهن. (صه، 13).
ڊاڪٽر الانا موجب ته: ”سنڌ جو موجوده ادب سنڌ جي سماجي ۽ عوامي زندگيءَ جي عڪاسي آهي ۽ ان جي چٽي تصوير آهي سنڌي افساني ۾ سنڌي زبان محبوب آهي. اڄ سنڌي افساني ۾ حقيقي واقعن جو ذڪر آهي. بين الاقوامي مسئلن جو وستار آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪيتريون ئي پرڏيهي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون آهن“. (صه، 50)
معنى ته سنڌي پراڻي يا نئين ڪهاڻي سنڌي سماج جي جھلڪ آهي، جنهن ۾ اڃا وڌيڪ ترقيءَ جي هن دور ۾ ضرورت آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي مستقبل جي باري ۾ منهنجي نوَن ڪهاڻيڪارن کي گذارش آهي ته هو پراڻن فنڪارن جي فن جو اونهو اڀياس ڪن. افساني جي فن جي ريتن ۽ رمزن کان واقف ٿين. ڏيهي ٻولين جي افسانوي ادب جو گھرو جائزو وٺن، لفظن جو چونڊ تي ڌيان ڌرين، امر جليل چواڻيءَ عمل ڪن ته ”مان اياز، جويي ۽ ٻين وڏن ليکڪن کي بار بار پڙهندو آهيان ته ٻوليءَ جي وسعت جي ڄاڻ پوي ۽ لفظن جي چونڊ ۾ آساني ٿئي“، ڏٺو وڃي ته واقعي لفظن جي سٺي چونڊ، تازگي ۽ نواڻ سان دل ۽ دماغ کي معطر ڪري ٿي، سنئين سڌي سنڌي لکڻ، گرامر جو خيال ڪرڻ، ڇڙواڳ ڪهاڻيءَ بدران، رٿي سوچي سمجھي لکڻ، نوان موضوع اختيار ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن جي استعمال کان پاسو ڪري ۽ افساني جي اصولن تي ڪم ڪرڻ سان ئي سٺو افسانو وجود ۾ ايندو.