پڙاڏو سوئي سڏ
1970ع جي نومبر ۾ سراج ميمڻ جو هيءُ ناول ڇپجي منظرعام تي آيو، جيڪو پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. ”پڙاڏو سوئي سڏ“، سنڌي ادب جي تاريخي ناولن ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو، تاريخي ناول هوندي به هن ناول جو موضوع مخصوص تاريخي ناولن کان هٽي ڪري هڪ نئون موضوع آهي، ”جيئي سنڌ“ جي نعري سان سجايل هن ناول ۾ سنڌ جي سرزمين جي سڪ آهي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد آهي. سنڌ جي ترخان ۽ مغل ظالم دور جي پس منظر ۾ لکيل هڪ بلڪل نئين موضوع جو ناول آهي. سراج صاحب ناول جي پس منظر بابت ڄاڻايو آهي ته: ”سنڌ جي تاريخ هونئن ته هر مظلوم قوم جي تاريخ وانگر، ظلم جي داستانن سان ڀري پيئي آهي. پر ان تاريخ ۾ ترخانن جو دور سنڌ جي ماضيءَ جو بد ترين دور آهي. انهن ظلمن جي ردِ عمل طور سنڌين ڪينئن شورشون ڪيون. جن جو هڪ مقصد هو. هڪ آدرش هو، ان آدرش کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ئي مون ان کي ناول جي صورت ڏني آهي“. (2)
281 صفحن جي هن ناول جو پهريون ڇاپو، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1970ع ۾ شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ مستقل ڇپجندو رهيو آهي، ناول جو انتساب ”اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ وقت جي سورهيه سوڍن جي نالي آهي“.
ڪهاڻي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جي شروعات ترخان امير خان ۽ سوڍل سنڌيءَ جي دوستيءَ تي ٿيئي ٿي. ٻئي ٺٽي ڏانهن اُسهن ٿا. جتي پورچوگيزن حملو ڪري تمام گهڻي تباهي آندي آهي. امير خان جهرڪ جو نائب عملدار رهڻ جي حيثيت سان، غنيمت جو مال کڻڻ چاهي ٿو. پر سوڍو کيس روڪي مال واپس سنڌين کي ڏئي ٿو. سياسي طور ته امير خان مڃي وڃي ٿو ۽ سوڍي کي پڳ مٽ دوست بڻائي ٿو. پر جڏهن چاچي وريام کي ٺٽي جي سيدن جي چونڪ تي ٽياس تي ٽنگيو وڃي ٿو ۽ سوڍل امير خان کان چاچي وريام جي جان بخشيءَ جي گهر ڪري ٿو تڏهن سندس انڪار تي سوڍل ڪاوڙجي لڙائي ڪري وريام کي ڦاهي گهاٽ تان ڇڏائي ايندو آهي ۽ پوءِ وري ڪڏهن امير خان جي چانئٺ نه ٽپندو آهي.امير خان کيس گهرائي پنهنجي محبوبه ليليٰ جو گانو ٻڌائي ۽ انگوري پياري داٻا ڏيندو آهي ته پنهنجي ڀاءُ کي سنڀال، هو امير ڪوڪلتاش ۽ ترخانن کي ٺٽي جي وچ بازار ۾ گاريون ٿو ڏي ۽ پنهنجي محافظ سليمان جي هٿان ڪاوڙ ۾ سوڍي تي حملو ڪرائيندو آهي. پر سوڍو سليمان کي خنجر ٽنبي ماري نڪري وڃي ٿو ۽ کيس خبردار ڪري ٿو ته منهنجي ڀاءُ جو نالو نه کڻجو. آخوند نور محمد مڪتبن، مدرسن ۽ مسجدن ۾ هڪ رهبر ۽ رهنما طور نوجوانن ۾ سجاڳي آڻي سنڌين کي ترخانن خلاف سمجهاڻيون ڏيندڙ آهي. جنهن ڪري سندس اڪيلي پٽ جانڻ کي ارغون امير ڪوڪلتاش کوه ۾ ابتو ٽنگائي ماري ڇڏي ٿو.
روپو مٺائيءَ واري جو پٽ بهادر ۽ سجاڳ نوجوان جو ناٽڪ منڊلين جي ذريعي سنڌي نوجوان بهادرن کي دولهه درياهه خان ۽ شاهه بيگ ارغون ۽ ٻين جا ناٽڪ ڏيکاري همٿ ڏيارائيندو آهي، کيس به ماري سندس سسي ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي پڻس ڏانهن موڪلي ويندي آهي. جانڻ جي عمر کي به ابتو کوه ۾ ٽنگي سڄي جسم تي ڏنڀ ڏيئي اکين ۾ اُماڙيون وجهي ماريو ويندو آهي. ڇو جو هن امير ڪوڪلتاش جي ماڻهن کي ان کڻڻ کان منع ڪئي هئي ۽ امير جي حرم لاءِ سنڌي ڇوڪريون ڏيڻ کان جواب ڏنو هو ۽ سندن ماڻهن کي ماريو هو.
سنگهار، عبدالله سوڍي جو پٽ، ارڏو ۽ البيلو هئڻ سان گڏ بي انتها جذباتي آهي، جڏهن ڀاڳل تي اڪن ڇڪن ٿو ٿيئي تڏهن سندس پيءُ ڀونگر سمي کان خود سڱ گهرڻ اڪيلو هليو ٿو وڃي ۽ نه ملڻ تي ڀاڳل کي کڻي ٿو اچي، جڏهن سنگتيءَ روپي جو دردناڪ قتل ٿو ڏسي تڏهن سندس قاتل امير خان جي پيءُ عامل کي پنهنجي سنگتين جي مدد سان ٽياس کوڙي ابتو ٽنگي ماري ٿو، جنهن جو رد عمل ترخانن جي طرفان شديد ٿيئي ٿو، هو سنڌين جي لوڙهن ۽ گهرن کي باهيون ڏين ٿا. پر سنگهار بدلي جي باهه ۾ ٻري بغاوت جون چڻنگون گهر گهر ۾ ٻاري ٿو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ جٿن جا جٿا تيار ٿو ڪري، سندس تيار ڪيل ٽوليون هيءُ بيت ٻار ٻار کي ياد ٿيون ڪرائين.
بديسي بڇڙا، ماري ڪنداسين مُڃ،
ڏونگرا ڏرندا ڏيهه ۾، لهندي سنڌوءَ اڃ،
نه ڪي پاپ نه ڪي پُڃ، ڏسندا ڏيهه ڌڻي!
جانڻ جي پٽ عمر جي شهادت مهل سندس چپن مان نڪتل جهيڻو ”جيئي سنڌ“ جو سڏ سندس ساٿ ٿي عرش تي ته اڏامي وڃي ٿو پر هر سنڌيءَ جو دل شگاف نعرو ۽ اندر جو آواز ٿي ٿو وڃي.
ڪوڪلتاش امير جي ٺٽي کي صحيح نه سنڀالڻ تي مرزا باقي، امير خان کي ٺٽي جو عملدار مقرر ڪري ٿو، جنهن جي ظلمن ٺٽي ۾ باهه ٻاري ڇڏي. ٺٽي جي چوسول تي سنڌين جا کل لٿل ٽنگيل لاش، آخوند صالح کي فارسي نه پڙهائڻ تي زوريءَ ڦاهي ڏيڻ، سنڌي شاگردن جون فارسي نه پڙهڻ تي ڄڀون ڪٽڻ، جهڙن واقعن ٺٽي جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ خوف ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. مسجدن ۾ عافيت جون دعائون گهريون ويون. مندرن ۾ پنڊت پرارٿنائون ڪرڻ لڳا. مرزا باقيءَ کي مرزا جان بابا ۽ شاهه قاسم ارغون جي بغاوتن جي خبر پوڻ لڳي ۽ کيس خبر هئي ته سڻڀيءَ سنڌ تي اڪبر بادشاهه به اچي ڪڙڪڻ وارو آهي. ان ڪري هن امير ڪوڪلتاش کي خط ڏيئي قنڌار موڪليو ته جيئن وڌيڪ ڪمڪ گهرائي. سنگهار ۽ جانڻ اهو خط حاصل ڪري آخوند نور محمد کي پهچائين ٿا ۽ اهڙيءَ ريت سنڌين جو هڪ وڏو لشڪر مرزا باقيءَ جي خلاف بغاوت ڪري ٿو. ٻڍڙي علوءَ جي سراءِ ۾ سوڍو پنهنجي نفس سان جوٽيل جنگ ۾ پريشان آهي. ليليٰ سندس دل ۽ دماغ تي سوار آهي. پر هو هيڻو ٿيڻ به نٿو چاهي ۽ سوچي ٿو ته ”آئون ايترو هيڻو ٿي ويو آهيان، جو هڪ ترخان عورت منهنجي دل و دماغ تي ڇانئجي ٿي وڃي. پوءِ آخر سنڌ ڪينئن ترخانن کان آزاد ٿيندي“. (3)
سنگهار به آخوند صالح جي قاتل مرزا باقيءَ کي ماري نه سگهڻ تي سخت پريشان ٿو ٿيئي، سندس معمولي نرمي ۽ جذباتيت مرزا جي ڀڄي وڃڻ جو باعث بڻجي ٿي. دادن ڪيئين سال لاهور، دهليءَ ۽ آگري ۾ رهي مغلن کي ترخانن جي سنڌ تي ڪيل ظلمن کان آگاهه ڪندو رهندو آهي ۽ اڪبر بادشاهه سان ملاقات ٿيڻ کان اڳ سندس ملاقات مغل حسينه زيبا سان ٿيئي ٿي. جيڪا حضور خان مجاهد جي ڌيءُ آهي ۽ زيبا دادن جي ملاقات پنهنجي والد سان ڪرائيندي آهي. هو سندس بهادري ڏسي کيس زيبا جو رشتو آڇيندو آهي. پر دادن کيس پنهنجو قسم ٻڌائيندو آهي ته سندس وچن آهن ته جيستائين سنڌ آزاد نه ٿيندي شادي نه ڪندو. اهڙيءَ ريت دادن زيبا کي انتظار جي آس ۾ وجهي موڪلائي ٿو.
امير خان پنهنجي پيءُ جو بدلو وٺڻ لاءِ ۽ ليلي کي سنڌيءَ کان بچائڻ لاءِ سوڍي جي وڏي ڀاءُ سنگهار جي اکين ۾ ٻرندڙ شيخون وجهي هميشه لاءِ کيس نابين ڪري ڇڏي ٿو. ترخانن جي لشڪرن ۾ مڪليءَ تي خونريز لڙائي لڳندي آهي. مرزا باقي ۽ مرزا جان بابا جي اقتدار جي جنگ ۾ به سنڌي ۽ سنڌ تباهه ٿيندا آهن. سوڍو چاچي علوءَ ۽ سنگت سان گڏ ڪينجهر ڏي رخ ڪري ٿو. رستي ۾ ليليٰ جي ڏوليءَ کي روڪائيندو آهي ۽ کيس ڏسي جيئن سنڌ جوسوچي ٿو ته، تيئن ئي دل تي دماغ حاوي ٿي ويندو اٿس ۽ هو پنهنجي نفس سان جوٽيل جنگ جو انت آڻي ليليٰ کي خنجر هڻي ماري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي ڪميت تي لانگ ورائي کيس هٿ ڦيريندي چوندو آهي. “منهنجي جنگ ته پوري ٿي هاڻ اچ ته سنڌ جي جنگ ڇيڙيون“.
سوڍل، صادق سومري سان گڏ مغلن جي لشڪر تي راتاهو هڻي ٿو. لکن جي فوج کي هزارين سنڌي منهن ڏيڻ لاءِ اچن ٿا. سوڍو، ترخان امير خان جي لشڪر مان زخمي نابين ڀاءُ سنگهار ڇڏائي اچي ٿو پوءِ سڀني سنڌين جي راڄن، دادن ۽ ٻين ساٿين جي همراهي سان جڏهن مغلن کي منهن مقابل ٿو ٿيئي ته ڄڻ لڳي ٿو سڄيءَ سنڌ مان سوڍا ”جيئي سنڌ“ جي نعرن جي گونج ۾ ميدان ۾ لهي آيا آهن. انهيءَ لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته: ”سوڍو هڪ سمنڊ هو جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان، وڳر واهڻ مان، شهرن، وستين مان، ساگر ڦٽي تيز ڌارائن جي روپ ۾ سمائيندا ٿي ويا. سوڍل اصل ۾ دولهه درياخان آهي، جنهن الله سائين کان جنت ۾ گهمندي، هي وچن ورتو ته منهنجي جيجل سنڌڙي کي ويري ورائي ويا آهن. مون کي وري ڌرتيءَ تي جيئندان ڏي“.
سيوهڻ جي قلعي تي شهنشاهه اڪبر جي فوج کي سنڌين همت سان مُنهن ڏنو ۽ سندن رسد بند ڪري ڇڏيو. ناول جو آخري سترهون باب دکدائڪ ۽ متاثر ڪندڙ آهي جنهن ۾ سوڍل اڪيلو پنهنجي لشڪر سان مغلن جو مقابلو ڪري ٿو کيس اهو ڏک اندر ۾ وڍ وجهي ٿو ڇڏي ته هر سنڌي پنهنجي راڄ جو ٿو سوچي منجهن ٻڌي ڇو نه آهي؟ پر تنهن هوندي به ڪافي ساٿي ساڻس گڏ ”جيئي سنڌ“ جي نعري سان خود کي قربان ڪن ٿا ۽ آخر تائين سڀ وڙهندي شهيد ٿي ٿا وڃن. ليکڪ جي نظر ۾ سنڌ جي سوڍن ۽ سنگهارن جي لاءِ سنڌ صرف هڪ آواز ۽ نعرو نه آهي بلڪه تن من جو تياڳ آهي. هن ناول ۾ سنڌي سورهيه، سرويچن جون سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون ۽ بهادريءَ جا ڪارناما پيش ڪيا ويا آهن ته اندروني طور اهو ڄاڻايو ويو آهي. ساده لوح سنڌي قوم هر هڪ تي ڀروسو ۽ اعتبار ڪرڻ ۽ مهمان نوازيون ڪرڻ پويان اڪثر خود کي نقصان پهچايو آهي. سنڌي قوم کي اعليٰ قيادت جي ۽ منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، زندگيءَ جي آسائش ۽ اقتدار تي هرکجي سنڌ کي قربان ڪرڻ جي بجاءِ سوڍي، سنگهار ۽ دادن وانگر گهرن تڙن، مال متاعن ۽ محبتن کي قربان ڪرڻو آهي. ناول جي ٻوليءَ ۽ موضوع کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه حوالا هيٺ ڏجن ٿا.
”اڳي سنڌ ۾ قنڌاري ڪونه هئا، پنهنجا هئا، ڌاريان، پراوا، اوپرا ڪي به نه هئا. جنهن به فارسي ٿي ڳالهائي سو سرڪار جو مائيٽ هو“.
”سنڌي جيسين خيام، حافظ ۽ روميءَ کي نه پڙهندا تيسين هو بغات کان ڪونه مڙندا“. (4)
”رات ننڊ جي سهيلي ٿي سڏجي، پر جن نيڻن ۾ سنڌ وسي تن ۾ ننڊ ڪٿي! سنڌ پنهنجي آزاديءَ لاءِ سوين راتيون اوجاڳا ڪڍي جاڳي جاڳي پنهنجي سور ويرن سورمن کي به سمهڻ نٿي ڏنو. ساڻيهه جاڳي ته سانگيئڙن کي ننڊون ڪٿي“؟
”سنڌ آزاد هئي ته چانڊوڪيون راتيون به آزاد هيون، سمهڻيءَ نماز کان پوءِ ننڍا نيٽا وڃي ميدانن ۾ ونجهه وٽيون ۽ ٻيلهاڙا کيڏيندا هئا. پر جڏهن کان قنڌاري ڪڙڪيا هئا ۽ سنڌ غلام ٿي هئي. تڏهن کان چنڊ کڻي ڪهڙا به سورنهن سينگار ڪري سمهڻي نماز کان ئي اڳ سڀ ٽڙي پکڙي ويندا هئا“. (5)
موضوع جي حوالي سان هن ناول جو موضوع سنڌ جي سرزمين جي سڪ آهي ناول تاريخي هئڻ جي حيثيت سان ترخان حاڪم مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت واري ان دور جو آهي. جڏهن حاڪمن جي ڏاڍاين کان تنگ ٿي عوام بغاوت ۽ آزاديءَ جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي. مرزا جاني، مرزا عيسيٰ ترخان جو پٽ هو جنهن سنڌ تي 19 سال حڪومت ڪئي. ان وقت اڪبري فوجن به سنڌ تي حملا ڪيا. گهرو لڙائين ۽ ٻاهرين حملن نه صرف عام زندگي وهه ڪئي پر خود محمد باقيءَ به 993ع ۾ تلوار پيٽ ۾ ٽنبي پنهنجو انت آندو. سنڌين جي تحريڪن ۾ انتظامي صلاحيتون هوندي به مڪمل طور نه هيون. جذبو ۽ جوش وڌيڪ هو، وسيلا گهٽ هئا. ڪجهه ڄڻا مغلن جي دخل اندازيءَ ۽ ترخانن کي تڙي ڪڍڻ جا حامي هئا. پر ڪجهه سمجهدار انهيءَ خيال جا هئا ته هڪ غلاميءَ کان ٻيءَ غلامي ۾ وڃڻ پڻ خود هميشه جي غلاميءَ جو اهڃاڻ آهي. انهيءَ ڪشمڪش ۽ تحريڪ کي موضوع بنائي، تاريخي واقعن کي جيڪي اڻ پورا هئا. ناول نگار پنهنجي تخيل سان لاڳيتو سلسلو ڪري پيش ڪيو آهي. ليکڪ نه صرف سنڌي سڀيتا ۽ ماحول جو مطالعو بيان ڪيو آهي. پر ترخانن جي عياش ۽ ظالم زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي منظر ڪشي ڪرڻ جي به ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. پلاٽ جي ضرورت مطابق واقعن ۽ ڪردارن جي گهڻائيءَ ناول جي دلڪشيءَ کي متاثر به ڪيو آهي ۽ بيان ۾ ڪٿي ڪٿي تسلسل قائم رکڻ ۾ ناول نگار کي مشڪل پڻ پيش آئي آهي. پر جيئن ته تاريخي ناول کي ناول نگار ٻڌل ۽ پڙهيل واقعن ۽ تخيل جي آڌار تي تخليق ڪندو آهي. ان لحاظ کان هو هڪ اهڙي دور جو ترجمان ٿيندو آهي. جنهن جو کيس تجربو نه هوندو آهي. پوءِ يقيناً ڪجهه اوڻايون به رهجي وينديون آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن تسلسل ٽٽي ويندو آهي. روسي مشهور اديب ٽالسٽاءِ جي جڳ مشهور تخليق (War & peace) ۾ صفحن جا صفحا بي ڪار ڳالهين سان ڀريا پيا آهن، جنهن جي ڪري وليم سامرسٽ جهڙي مشهور ناول نگار ۽ ٽالسٽاءِ جي قدردان اها راءِ ڏني آهي ته ”ايئن ٿو لڳي ته ناول جي آخر تائين پهچندي ٽالسٽاءِ کي پنهنجي ڪردارن سان ڪابه دلچسپي نه رهي آهي“. (The word’s greatest novels P 278) حالانڪه ان ريت نه هوندو آهي هر ناول نگار کي پنهنجي ڪردارن سان گهڻي محبت هوندي آهي. پر اهو اصل ۾ ناول جي طويل صنف هئڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ جو پنهنجي مقصد کي واضح ڪرڻ تي ڌيان وڌيڪ هئڻ جي ڪري ٿيندو آهي. ليکڪ جو مقصد ۽ پيشڪش اهم آهن. جيڪڏهن سندس ڏنل پيغام اثرائتو پهچي ٿو وڃي ته هو ڪامياب ليکڪ آهي. ناول نگار هن ناول ۾ ڪافي ڪردار تخليق ڪيا آهن پر خاص طور دادن، سنگهار، سوڍل، زيبا، ڀاڳل ۽ ليليٰ آهن، سنگهار ۽ سوڍل جا ڪردار مضبوط، جانٺا ۽ قدآور آهن. محنت ڪش ۽ پورهيت هئڻ سان گڏ، سوڍل لوهار بهادريءَ سان گڏ تنظيمي صلاحيتون رکندڙ هڪ بهترين اڳواڻ آهي، سنگهار هٺيلو ۽ جذباتي آهي. آخوند نور محمد ۽ آخوند صالح جن جي گنڀير شخصيتن مان سنڌي سٻاجهڙا علم ۽ سمجهه جو فيض ٿا پرائين، سندن مڪتب ۽ مدرسا ڄڻ سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. جيڪي سجاڳيءَ جي لهر ٿا آڻين. ليکڪ ٻيا به ڪردار تخليق ڪيا آهن. پر سڀئي اڀري نٿا اچن باقي روپي جو ڪردار ڪجهه دير لاءِ هئڻ جي باوجود نه وسرندڙ آهي. ڪردار نگاريءَ ۾ سوڍل، سنگهار ۽ دادن جي دشمنن جي حملن ۾ کين ڪٿي ڪٿي سپر نيچرل حيثيت ڏني ويئي آهي. دادن جي دهليءَ جي سفر ۾ ڪجهه واڌاءُ پڻ شامل آهي. سوڍل جي حالتن کان بيزاري ڪجهه وقت لاءِ ناول ۾ ڪشش جهڪي ڪري ڇڏي ٿي. ڪجهه واقعا ۽ ڪردار شدت سان اُڀري ڪلائيميڪس تي پهچي وڃن ٿا. سنگهار جو گهر ٻار کي ڇڏي تن من مقصد تي قربان ڪرڻ، سوڍل جو ليليٰ جي عشق ۾ چريو ٿي نيٺ نفس سان جنگ جوٽي سنڌ جي مقصد لاءِ ليليٰ کي خنجر هڻي ماري ڇڏڻ اهميت وارا عمل آهن. اهي سڀ سوچون ۽ عمل اهو تاثر ٿا ڏين ته واقعي اڳوڻا، هاڻوڪا ۽ ايندڙ وقت جا سرويچ ۽ جوڌا اهي آهن، جيڪي صرف سنڌ جي سرزمين جي آزاديءَ لاءِ زنده رهن ۽ ساڻيهه جي سڪ کي اهميت ڏين. جيڪي مال، متاع، حسن ۽ عشق کي قربان ڪن، تَنَ مَنَ سان ۽ سچيءَ دل سان ملڪ جي لاءِ گڏ ٿين. صرف گڏ ٿيڻ جي تنظيمي صلاحيتن جي سچي جذبي جي ضرورت آهي. هن ناول ۾ سليس ۽ عام فهم ٻولي ڪتب آندل آهي، ڪجهه لفظ خاص ناول جي وقت ۽ دور جي حساب سان استعمال ٿيل آهن، جيئن موئرو مچڻ، سُنهن، مسيت، نينڍ وغيره. پهاڪن ۽ اصطلاحن جو استعمال هنڌائتو ۽ شانائتو آهي، جيئن ”سانن جي ويڙهه ۾ ٻوڙا لتاڙجڻ“، ”ڪتي جي اڳيان هڏي ڏيڻ“، ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“، ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري“، ”اوڀاريون لهواريون ڪرڻ“ ۽ ٻيا آهن. ناول ۾ ٻوليءَ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي. آخر ۾ ڀلنامون به ڏنل آهي. ته جيئن لفظ پنهنجي اصليت ۽ معنويت سان صحيح سمجهه ۾ اچن.
”پڙاڏو سوئي سڏ ۾ جذبات جي هم آهنگي موجود آهي، واقعات جو تسلسل ۽ معرڪن جي اپٽار اهڙي ٿيل آهي، جو ناول جي انهن حصن کي منظر نگاريءَ جا بهترين مثال سڏي سگهجي ٿو، هيءُ هڪ شاهڪار سنڌي ناول آهي“. (6)
مطلب ته سراج ميمڻ جي هن ناول ۾ تاريخي پس منظر جي حوالي سان سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي هڪ هنڌ پروڙيو ويو آهي ۽ ان تناظر ۾ سنڌي قوم کي محبت، محنت، همٿ، قومي غيرت ۽ وطنيت جي جذبي سان گڏ قومي ٻڌيءَ جو پيغام ڏنو آهي، هيءُ ناول ”سنڌيت جو سڏ“ آهي جنهن ۾ ڪيترائي سبق سمايل آهن.
حوالا:
(1) ابڙو جمال، (پيش لفظ) ”پڙاڏو سوئي سڏ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1970ع، ص-12.
(2) ميمڻ، سراج الحق، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1970ع، (ص-8 )
(3) ساڳيو حوالو، ص-100.
(4) ساڳيو حوالو ، ص-56 ۽ 76.
(5) ساڳيو حوالو ، ص-32 ۽ 245.
(6) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع، ص-104.