لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

گل ڦل

تعارف: پرمانند ميوارم جو نالو سنڌي علم و ادب جي هڪ اهم شخصيت طور شمار ٿيئي ٿو، سندن تحريرون سنڌي نثر جي اوائلي دؤر جو هڪ اڻملھ خزانو آهن، ”جوت“ اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت سان، هن سڄاڻ اديب مضمون نويسيءَ جي صنف جي گهڻي خدمت ڪئي آهي. ”گل ڦل“، ”جوت“ اخبار ۾ ڇپيل مضمونن جو ڪتابي صورت ۾ مجموعو آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو جيڪو 60 مضمونن تي مشتمل هو. 1925 ۾ ڇپيو ۽ ٻيو 73 مضمونن جو ڀاڱو 1935ع ۾ ڇپيو. (گل ڦل ڪتاب ۾ ڪتاب جي اشاعت 1935ع ڄاڻايل آهي جڏهن ته ادبي تاريخن ۾ 1936ع ڏنل آهي). هن ڪتاب جو نئون ڇاپو سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ محمد ابراهيم جويو جي مدد سان 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپايو. جنهن ۾ مٿيان ٻئي ڀاڱا ملائي هڪ جلد ۾ ڪتاب کي ترتيب ڏنو ويو آهي. هن 397 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ 133 مضمون آهن، جيڪي مختلف ليکڪن جا لکيل آهن. پرمانند صاحب جوت ۾ 50 سال لاڳيتو ڪم ڪيو ۽ کين سٺين لکڻين جي ڀلي ڀت خبر هئي، هن مجموعي ۾ جوت اخبار جي ٽيهن سالن جي مضمونن کي گڏ ڪيو ويو آهي، ڪتاب جي فهرست ۾ مضمونن جي اڳيان، مضمون نگارن جا نالا ڏنل ڪانهن، ته به ليکڪ ٻئي ڀاڱي جي ديباچي ۾ ڪجھ لکيڪن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هن ريت آهن، پروفيسر اين آر ملڪاڻي، راءِ صاحب اڌارام چانڊومل، اي ٽي گدواڻي، ريوا چند ڊي، آڏواڻي ۽ ٻيا ڪجھ مضمون نگار شامل آهن. 

گل ڦل جو جائزو: هيءَ ننڍو ۽ مختصر مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ تقريباْ سڀ مضِمون ٻن کان چار صفحن جا آهن، هن مجموعي جا مضمون تاريخي، اخلاقي، تعليمي، سياسي، معلوماتي ۽ سائنسي آهن. گهڻا مضمون طبعزاد ۽ ڪجھ مضمون ترجمو پڻ آهن، پر ترجمو اصل جهڙو ڏيک ڏئي ٿو. هن مجموعي ۾ سوانحي مضمون (Biographical Essays) جيئن ”منشي اوتراءِ صاحبراءِ“ ”ڪاڪو لڇيرام“ ”سرٿامس مور“، ”نورو ڌت“ يا ”اڪبر جي صورت ۽ سيرت“ آهن. ڪجھ مضمون پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل آهن. جيڪي سنڌي قوم جي سماجي قدرن کي واضح ڪن ٿا. جيئن مثلاً ”صبر جن جو سير، تير نه گسي تن جو“، “هڪ سج ٻه پاسا“، “هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن“، ”آهي ننڍڙي پروه جي ڳنڍڙي“. ”ويل ويل هٿ نه ايندي“ ۽ ٻيا. ڪجھ علائقن جي سير جي باري ۾ مضمون جن کي  “Travel Essays”به چئي سگهجي ٿو. اهم آهن، جيئن ”برهمڻ آباد جو قديم شهر“، ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ”موهن جو دڙو“، ”سيلون (لنڪا) جو سير“، ”ڪوهستان جو سير“، ”ٿر جو سير“، ”مصر ڏيھ جا يادگار“، ”حيدرآباد جو شهر 1836ع“، ”سکر بئراج“، ”يورپ جو سير“، ”دهلي بادشاھن جو محلات“ وغيره، هن مجموعي ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن تي به معلوماتي مضمون آهن. جيئن، ”هاٿي“، ”گڏھ“، ”ماڪوڙيون“، ”منگر“، ”جيت“، ”سپ“، ”ڪوئلو“، ”شڪار ڪندڙ پکي“، ”پلو“، ”ٻگھ پکي“ وغيره ڪوڙه ۽ پليگ جهڙين بيمارين کي به ذڪر ڪيو ويو آهي، انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن اخلاقي ۽ نفسياتي موضوعن کي نظر انداز نه ڪيو ويو آهي. گهڻن انساني گڻن ۽ اوگڻن کي، بيان ڪيو ويو آهي. جيئن ”طمع“، ”همت“، ”خوشامد“، ”شڪر“، ”نيڪ پسندي“، ”سادگي“، ”صلح پسندي“، ”ضمير يا وويڪ“ وغيره. سياڻي سليمان جا سخن، هنڊائڻ وٽان آهن ۽ سياڻن جا سخن مضمون ۾ وڏن عالمن پيغمبرن ۽ ڏاهن جا قول آهن، جيڪي انساني زندگيءَ لاءِ اڻملھ وچن آهن، هيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا. ”ماڻهوءَ ۾ هٺ جاڳيو ته اول اول پنهنجي اپائڻ هار کان، منهن موڙيندو، هٺ سڀ گناھ جو بنياد آهي ۽ آخر ماڻهوءَ جي ستياناس ڪندو“. ”دشمن جي ٺڳيندڙ چپن کان دوست جا ڦٽ ڀلا آهن“. ”پٿر ڀاري ٿو ٿئي ۽ واري ڳري، پر جاهل جي ڪاوڙ ٻنهي کان ڳري آهي“. (ص، 397).

”بدڪار کان ايئن پاسو ڪر جيئن نانگ بلا کان“، ”خيرات جا ڏکي بکي جي جهولي ۾ وجهبي، سا اوکيءَ ويل واهر ڪندي“، ”ٻڌڻ کان اڳ جواب ڏي سو جاهل سڏبو آهي“. ”مرلي خواه سرندو مٺو آلاپ ڪن، پر شيرين زبان ٻنهي کان سرس“. (ص، 189)

ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت: هن ڪتاب جي ٻولي ادبي، آسان ۽ عام فهم آهي هي ان وقت جو ڪتاب آهي جڏهن سنڌي ٻولي ۾ سنسڪرت هندي، عربي ۽ فارسي جي لفظن جو ميلاپ هو، انهيءَ لحاظ کان گل ڦل جي مضمونن ۾ نج سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، ڪجھ هندي لفظ آهن پر ته به عام فهم آهن هن مجموعي ۾ ڪجھ مضمون ڪهاڻي نما آهن، جن کي هن دؤر جي مضمون نويسيءَ ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي، اهي آکاڻي جي صورت ۾ بيان ڪيل مضمون مثلاً ”آب حيات“، ”سج ٻه پاڇا“ وغيره آهن. ڪجھ مضمون معلوماتي هوندي به مختصر آهن. جن جي معلومات اڌوري ۽ اڻ پوري محسوس ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ تي ڪو خاص اثر نٿي ڇڏي، جيڪڏهن وڌيڪ ۽ موضوع سان بلڪل ٺهڪندڙ بيان هجي ها ته شايد ڪمي محسوس نه ٿئي ها هن مجموعي ۾ ڪجھ آکاڻيون، سوانح عمريون ۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. مجموعي طور مناسب ۽ موزون لفظن جي جڙائت ۽ سهڻي بياني اسلوب سان هي ڪتاب سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروع دؤر جي ناياب ڪتابن مان شمار ٿئي ٿو.

گل ڦل تي محققن ۽ عالمن جا رايا: ”سرسوتي مخزن جا ڪجھ مضمون ”هيري جو ڪڻيون“ ۽ ”جوت“ اخبار جا ڪجھ مضمون گل ڦل ڪتابن ۾ محفوظ آهن، اهي ڪتاب بنيادي مضمون نگاريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا“. (محمد اسماعيل عرساڻي. صه، 91 ”چار مقالا“). ”داخلي يا شخصي مضمون (Subjective Essays) جي لحاظ کان پهريون مجموعو ميوارام جو، ”گل ڦل“ هو. ”گل ڦل“ نالي ڪتاب جوت اخبار جي طرح طرح جي مضمونن مان چونڊي ڇپائي، مسٽر پرمانند ميوارام جوعبارت جي لحاظ وٽان، سنڌي ساهت جو هڪ ناپيد ڪتاب ٿيندو“. (ص، 253 ۽ 314 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگهارام ملڪاڻي)
گل ڦل جي مضمونن جي ٻولي نثر نويسيءَ جي مڙني خوبين سان ڀرپور آهي، آسان سليس ۽ عام فهم زبان سان گڏ، حسن بياني، رنگين زباني ۽ با محاوره ٻوليءَ ڪري، گل ڦل جا مضمون ڏاڍا پر لطف لڳن ٿا. (ص، 109 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا). ”سهڻن سرهن گلن ڦلن جي هن ادبي باغ ۾ پير پائڻ سان، اوهان کي پنهنجي سونهاريءَ سنڌي ۽ سندس عظيم ادب جي حسن ۽ سينگار جي بي حد شناس ۽ سڪ پيدا ٿيندي“. (روزانه الوحيد). ”جوت“ جي ذريعي سنڌي ادب ۽ اديبن کي هڪ اسلوب مليو طرز تحرير ملي ۽ معياري ادب مليو، اهو ئي سبب آهي جو گل ڦل کي اڄ به سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت حاصل آهي. (ص، 96 عبدالقيوم صائب، ڪينجهر جرنل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي)