افساني جي صنف جو تعارف
افسانو يا “Short Story” ادب جي گھڻي مقبول صنف آهي. نثر ۾ افساني جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ يا افسانو ادب ۾ ڪهڙيءَ طرح رائج ٿيو ۽ ان جو ارتقا ۽ ڦهلاءُ ڪهڙي ريت عمل ۾ آيو؟ سنڌي افساني جو فني قالب يا جديد سانچو ڪهڙيءَ ريت ترتيب ٿيو. انهيءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ هن باب کي ڊيگھ ۾ آڻڻو پوندو. مٿين سڀني سوالن کي مختصراً ڄاڻائڻ لاءِ افساني جي صنف جو تعارف ۽ سنڌي افساني جي ابتدا ۽ ارتقا سان گڏ مشهور سنڌي افسانن، افسانوي مجموعن ۽ افسانه نگارن جو ڪجھ بيان ڏجي ٿو. افسانو ڇا آهي؟ انهيءَ لاءِ ڏنو وڃي ته ماهرن هن صنف کي هيٺئين ريت بيان ڪيو آهي. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ جديد افساني جي وضاحت هن ريت ٿيل آهي.
Short Story, a story, usually about imaginary characters and events. That is short story enough to be read from beginning to end without stopping.
(Oxford, Advanced Learner’s Dictionary Sixth New Edition P-1187)
مولوي فيروزالدين ”فيروز الغات“ ۾ هن ريت لکيو آهي.
افسانه، داستان، قصه، ڪهاڻي، جهوٽي بات، سرگزشت، طويل بات، ذڪر مذڪور، چرچا. (صه، 103)
لغوي لحاظ کان افسانو هڪ ڪهاڻي يا ڳالھ آهي، جنهن جو واسطو زندگيءَ سان آهي، جديد افسانو فني جُزن سان جڙيل آهي ۽ اهو فن داخلي، روحاني ۽ خارجي هئڻ سان گڏ عوامي پڻ آهي. هيءُ قديم صنف داستان مان فني قالب ۾ بدلجڻ کان پوِ افسانو ٿي سامهون آئي. پروفيسر وقار عظيم "داستاں سے افسانے تک" ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”مشرق کان مغرب تائين چين، جپان، يونان، اٽلي ۽ فرانس ۾ افسانو پنهنجي تاريخ هزارين سالن کان بيان ڪري ٿو“.
پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ موجب ”دنيا جي هر ٻولي جو نثري ادب ڪهاڻيءَ کان شروع ٿيو آهي، هر ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند ڪٿائن کان ٿي آهي“ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مقالي ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۾ لکيو آهي ته: ”افساني جي فن کي عيسوي سن کان اٽڪل چار هزار سال اڳاٽو تسليم ڪرڻ کپي، افساني جي اوائلي لکتن ۾ جادوگرن جون ڪهاڻيون ۽ انسان جو مقصد جي حاصلات لاءِ عجيب ۽ غريب تدبيرون نظر اچن ٿيون“، محققن موجب افسانو قديم آکاڻي يا داستان جي اوائلي صورت آهي. جديد افساني جي باري ۾ ماهرين جي راءِ هن ريت آهي:
ايڊگرايلن پو موجب ”افسانو اها مختصر ڪهاڻي آهي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي هڪ ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهي سگهجي“، ڌن پت راءِ منشي پريم چند کي هندي ۽ اردو افسانه نگاريءَ جو ابو سڏيو ويندو آهي، پريمچند موجب ”افسانو زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پهلو ۽ جذبي کي اظهار ڪري ٿو“.
شيخ اياز ”جي تند برابر توريان“ ۾ ”ڪهاڻي جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته، ”هيءَ زندگي ئي هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ عجيب و غريب ڪهاڻي جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رُسائي ۽ منائي، منجهائي ۽ سمجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چهنڊڙي يا ٿڦ يا ٺوڪر، ايئن کڻي چئجي ته هيءُ زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي، ٻئي پاسي هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جھلڪ آهي ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي“. (صه، 45)
”سهڻي امر جليل نمبر“ ۾ ڏنل انٽرويو ۾ امر جليل ڪهاڻيءَ کي هن ريت واضح ڪيو آهي. ”ڪهاڻي اظهار آهي زندگيءَ جي غم، خوشي، ڏک، سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ محبت جي ڪروڙين گھڙين مان هڪ گھڙيءَ جو جيڪا ڪهاڻي زندگيءَ جي انيڪ گھڙين مان فقط هڪ گھڙي، انيڪ آزمائشن مان فقط هڪ آزمائش ۽ انيڪ حادثن مان فقط هڪ حادثي جي عڪاسي ڪري ٿي سا فني طرح Short story يعني ڪهاڻي سڏي سگهجي ٿي“. (صه، 208)
افسانو ادب ۾ قديم وقت کان رائج آهي. هيءَ نثري صنف، قصن ۽ آکاڻين جي روپ ۾ شروع ٿيل آهي، جنهن ۾ انساني سوچن جا ٻاهريان ۽ اندروني اثر شامل آهن. هنن ڪائنات تي ويچاريو آهي. جانورن جي تمثيلن، جھنگن، ندين ،نالن، سمنڊن، دريائن، جبلن جي چوٽين ۾ ڪائناتي مشاهدي ۽ مطالعي سان گڏ سندن ذاتي وهم وسوسا، ويچار، سوچون خوشيون ۽ غميون ظاهر ٿي آکاڻين جي صورت ۾ نروار ٿيون، جن ۾ نصيحت جا نڪتا ۽ وندر هئي ته سماج جي تصوير هئي. اهي جنگي داستان، عشقيه يا رومانوي آکاڻيون، منظوم قصا، حڪايتون اڳيان هلي جديد افسانوي قالب ۾ تبديل ٿيون، جن ۾ زندگيءَ جو حقيقي رنگ آندو ويو ۽ آکاڻيءَ کي مختصر ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ڪري هڪ منفرد ۽ مختلف ادبي صنف ٺاهيو ويو آهي. جيڪا تحقيق پُراثر هئڻ سان گڏ نثر جي سونهن، فڪر ۽ فائدي کان هڪ ڪارآمد صنف آهي.