لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

نثر جي چند مشهور تحقيقي ڪتابن جو مختصر جائزو

سنڌ جي تاريخ، تمدن، ثقافت،، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ لاءِ اسان وٽ بنيادي ماخذ عربي، فارسي ۽ پوءِ انگريزي ڪتاب رهيا آهن. مشهور يورپي ليکڪن جيئن مئڪ ڪرنڊل، هئملٽن، ائبٽ صاحب، رچرڊ برٽن، سر چارلس نيپئر، سر وليم جونس، ميجر جنرل هيگ، سر هينري پارٽنچر ۽ بين جي ڪتابن کان علاوه سر جان مارشل جو “Mohan Jo Daro and Indus Civilization” ۽ سر گرئيرسن جو ڪتاب: “Linguistic Survey of India” جي خاص حيثيت آهي. هتي ڪجھ اهم ڪتابن جو مختصراً ذڪر ڪجي ٿو، جن مان قديم سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب جي پروڙ پوي ٿي.


فتح نامو سنڌ عرف چچ نامو: فتح نامه / چچ نامو ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو پهريون بنيادي ڪتاب شمار ٿيئي ٿو. جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي سنڌ جي انهيءَ دؤر جو احوال آهي جيڪو محمد بن قاسم جي سنڌ اچڻ ۽ فتح ڪرڻ جو وقت آهي انهيءَ ڪري هن ڪتاب جو نالو ”فتح نامهءِ سنڌ“ رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب محمد بن قاسم الثقفيءَ جي خاندان جي هڪ شخص قاضي اسماعيل بن علي بن محمد موسى بن طائيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکيو جنهن کي علي بن حامد ابي بڪر ڪوفي 613ھ يعني 1216ع ڌاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مرزا قليچ بيگ انگريزيءَ ۾ 1900ع ۾ ترجمو ڪيو جو ڪمشنر پريس ڪراچيءَ مان 1900ع ۾ ئي شايع ٿيو. جنهن جي لاءِ مرزا صاحب لکيو ته، ”هن ڪتاب جا ڪيترائي قلمي نسخا چُڪن ۽ خالن وارا هئا، مون 7 يا 8 نسخا ڀيٽي ڪتاب جو حتي الامڪان لفظ به لفظ ترجمو ڪيو آهي“. در حقيقت هيءُ ڪتاب صديون قديم آهي جنهن جو فارسي ترجمو پڻ 613ھ ۾ ٿيو. پراڻي دؤر ۾ ڇاپخانا موجود نه هئا ۽ ڪتاب هٿ معرفت قلمي نسخن جي صورت ۾ لکيا ويندا هئا. ڪيترائي خوش نويس ڪاتب اهو ڪم سرانجام ڏيندا هئا انهيءَ ڪري هر جھوني ڪتاب جا ڪيترائي قلمي نسخا ملن ٿا جن ۾ ٿورو گھڻو تحريري تفاوت پڻ موجود هجي ٿو. فتح نامو جنهن ۾ راجا ڏاهر چچ سيلائج جو احوال گھڻي قدر آهي ۽ ان ڪتاب کي هاڻي ”چچ نامو“ سڏيو وڃي ٿو. جي قدامت بابت ڊاڪٽر نبي بخش لکيو آهي ته،

”فتحنامي جو جهوني ۾ جهونو قلمي نسخو هن وقت تائين جيڪو دريافت ٿي چڪو آهي سوسنه 1061ع جو لکيل آهي ۽ پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي باقي جملي نسخا انهيءَ کان پوءِ جا لکيل آهن“ (1).

موجوده وقت اسان وٽ چچ نامي جو سنڌيءَ ۾ موجود جيڪو ترجمو آهي، سو سنڌي ادبي بورڊ اشاعتي رٿا تحت شايع ڪرايو. بورڊ جيڪي سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ٽي اهم ڪتاب ترجمو ڪرايا انهن ۾ ”چچ نامو“، ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفته الڪرام“ آهن. اهو ترجمي جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾ مخدوم امير احمد پرنسپال سنڌ اورينٽل ڪاليج ڪيو. مخدوم امير احمد ولد مخدوم احمدي 1901ع ۾ خيرپور ميرس جي شهر کهڙا ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ جو حافظ سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ماهر هو ته اُردؤَ تي به وڏي دسترس هيس ۽ انگريزي به ڄاڻيندو هو سندس حافظو تمام تيز هو.لغت جو ماهر هيءُ عالم شروع ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو اڳيان هلي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيو. تعليمي خدمتن سان گڏ مترجم جو ڪم ڪيائين خاص طور فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيائين. ڪي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيائين سندس ترجمو ڪيل تاريخ جي ڪتابن ۾ ”چچ نامو“، ”تحفته الڪرام“ ۽ ”تاريخ معصومي“ آهن. صحيح بخاري ۽ ٻيا ڪتاب ايڊٽ ڪيائين سندس وفات 26 فيبروري 1971ع تي ٿي. مخدوم امير احمد انهن ڪتابن کي سهڻائيءَ سان سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي ڪاوش لاءِ جس لهڻي.

چچ نامو: ڪتاب مخدوم صاحب 1953ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڇاپو 1954ع ۾ شايع ڪيو. 608 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 69 صفحن تي ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل ديباچو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب چچ نامي جي مختلف قلمي نسخن، ترجمن ۽ ڇپجڻ جو تفصيل ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي حاشين ۾ يا فٽ نوٽ ۾ مضمون جي بابت وضاحت پڻ ڏنل آهي آخر ۾ ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي. 1966ع ۾ ٻيو ڇاپو بورڊ شايع ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ هيءُ ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ ۽ فتح واري شروع دؤر جو احوال آيل آهي. ڪتاب جي شروعات ساهسي راءِ جي دنيا مان وفات ڪرڻ ۽ چچ بن سيلائج جو تخت تي ويهڻ ۽ ساهسيءَ جي ڀاءُ جو اروڙ جو تخت هٿ ڪرڻ لاءِ چچ سان منهن مقابلي ٿيڻ ۽ چچ جو جنگ کٽي راڻي سُونهن سان شادي ڪرڻ جو بيان آهي. چچ راجا کي ٻه پٽ چندر ۽ ڏاهر ۽ هڪ ڌيءَ مايين پيدا ٿي. چچ جي وفات بعد چندر 7 سال حڪومت ڪئي ۽ راجا ڏاهر پوءِ اروڙ جو تخت ڌڻي ٿيو. اهو تفصيل ڏنل آهي ته محمد بن قاسم حجاج بن يوسف جي حڪم تي ڪيئن سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ديبل کان پوءِ نيرون ڪوٽ تائين اچڻ کان پوءِ کيس ڪهڙيون رُڪاوٽون پيش آيون ۽ هن سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون جوڙيون، ڏاهر کي آڻ مڃڻ لاءِ خط لکيا ححاج سان خط و ڪتابت جاري رکي، لکيل آهي ته، ”محمد بن قاسم پورو مهينو اروڙ جي قلعي جي سامهون هڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي هڻي ويٺو ۽ هڪ مسجد جو بنياد رکيائين ۽ جمعي جي ڏينهن اُتي خطبو پڙهيائين“. (2) ۽ ايئن مستقل ارادي سان هُن 712ع تي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي. هُو حجاج بن يوسف جو عزيز ۽ خاص ماڻهو هئڻ سان گڏ وٽس ”فاتح سنڌ“ جي حوالي سان اهميت وارو ٿي ويو ۽ هندوستان کي فتح ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو ته کيس واپسيءَ جو حڪم مليو. ليکڪ موجب ته، سندس لاءِ امير اُمرائڻ ۾ جيڪو ساڙ ۽ حسد پيدا ٿيو هو انهن حجاج جا ڪن ڀريا ۽ کيس محمد بن قاسم کان بدظن ڪيائون. جڏهن خود محمد بن قاسم سٺي اميد رکي فرمانبرداريءَ سان واپس ويو، سندس مخالفين هن لاءِ واپسيءَ جو ميدان ناهموار ڪري ڇڏيو هيڏي وڏي سپه سالار کي پهچندي ئي قيد ڪيو ويو مٿس انتقامي ڪاروايون ڪيون ويون. حجاج جي مرڻ ۽ نون حڪمرانن جي شديد تعصب جو شڪار ٿي قيد خاني ۾ عذاب ڀوڳي وفات ڪري ويو. محمد قاسم جي موت کي چچ نامي جي ليکڪ المناڪ موت ۽ دردناڪ پڇاڙي ڄاڻائيندي ڪتاب جي پڄاڻي آندي آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ بابت موجود آڳاٽي ڪتابن ۾ اهم شمار ٿيئي ٿو جيڪو نه فقط سنڌ بابت پر ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمانن جي اچڻ بابت معلومات جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو.

محمد حبيب سنائي، ”سنڌي ٻولي“ 2018ع جي جرنل ۾ ”چچ نامو: فتح نامه سنڌ جي اصليت ۽ ان جو نظرياتي استعمال“ مقالي معرفت پنجاب جي ليکڪ منان احمد آصف (جو يونيورسٽي آف ڪولمبيا ۾ تاريخ جو پروفيسر آهي) جي حوالي سان سندس ڪتاب “A Book of Conquest” (چچ نامو) جو جائزو ڏنو آهي سندس موجب ته پروفيسر منان احمد چچ نامي جو عالماڻي انداز سان جائزو ورتو آهي. پروفيسر صاحب جي حوالي سان حبيب سنائيءَ لکيو آهي ته، ”هي ڪتاب ڪنهن قديم عربي ڪتاب جو ترجمو نه آهي پر تيرهين صديءَ ۾ لکيل هڪ اصلي ڪتاب آهي. هي ڪتاب ان دؤر يعني تيرهين صديءَ جي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ سياسي نظريو پيش ڪري ٿو. انگريز سامراجي قوتن کان وٺي قوم پرست توڙي سيڪيولر مختلف قوتن انهي متن کي پنهنجي نڪتي نظر جي سچائيءَ جي ثابتي طور استعمال ڪيو آهي“. (3) مطلب ته چچ نامي بابت مختلف حقيقتن ۽ مفروضن تان پردو کڄي رهيو آهي. (اصل عربي ڪتاب اڄ تائين موجود نه آهي. وڌيڪ تحقيق جاري آهي).


تاريخ معصومي: هن ڪتاب جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو جو سنڌي ادبي بورڊ 1953ع ۾ شايع ڪيو. ”تاريخ معصومي“ اصل ڪتاب سيد نظام الدين محمد معصوم بن سيد صفائيءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل آهي. جو سندس نالي پويان ”تاريخ معصومي“ نالي سان مشهور ٿيو. ڀيرومل مهرچند مصنف لاءِ لکيو آهي ته، ”هو پاڻ شاعر هو سندس تخلص ”نامي“ هو. مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جي دؤر جي هن سيد 1605ع ۾ وفات ڪئي. اڪبر بادشاھ جي امير خان خانان سان گڏ سنڌ جي جنگ ۾ پڻ شامل ٿيو هو“. (4) مير معصوم بکري، هڪ اهل ادب، شيرين ڪلام شاعر، مؤرخ، ماهر طبيب، بهادر سپاهي هو. زهد، تقوى، دانيداريءَ ۽ پرهيزگاريءَ سبب ممتاز هو. ذاتي صلاحيتن ۽ شخصي خوبين سبب بکر جو امير مقرر ٿيو. سندس وڏا ترمذ جي سيدن مان هئا. سندس جنم سکر ۾ رمضان جي ستين روزي تي 944هجريءَ ۾ ٿيو. کيس سکر سان وڏي محبت هئي. هن تعمير سازيءَ جي شوق سبب سکر ۾ سهڻي مسجد ٺهرائي ٻيون به مسجدون ۽ مقبرا جوڙايائين خاص طور سندس نالي تي سکر ۾ ٺهيل ”مير معصوم شاھ جو منارو“ مشهور يادگار آهي. هن مناري ۾ پيڙھ وٽ ان جو گھيرو 84 فٽ، ان جي اوچائي به 84 فٽ ته گهمندڙ ڏاڪڻ کي به 84 ڏاڪا آهن، هيءُ منارو سندس حياتيءَ ۾ مڪمل ڪونه ٿيو بعد ۾ سندس پٽ مير بزرگ 1026ھ ۾ مڪمل ڪرايو. مير معصوم جي لکيل ڪتابن ۾ ”طبقاتِ اڪبري“، ”مفراداتِ معصومي“، ”تاريخِ معصومي“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سندس جي باري ۾  تفصيلي احوال پير حُسام الدين جي ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ۾ ملي ٿو.

”تاريخ معصومي“، فارسيءَ ۾ لکيل، قدامت ۾ ”چچ نامي“ کان پوءَ سنڌ جي تاريخ بابت معلومات ڏيندڙ ٻيو نمبر ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ انگريز حڪومت انعام آڇيو جنهن ۾ جن مترجمن هن تاريخ جو ترجمو ڪيو انهن ۾ ننديرام سيوهاڻيءَ جو ڪيل ترجمو، ترجمي جي خوبين، خوشخط ۽ معياري خط ۽ نج سنڌي سبب منظور ٿيو کيس سرڪار طرفان روڪ انعام ۽ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ترجمان جي نوڪري ملي. اهو ترجمو ”سنڌ جي تواريخ“ جي عنوان سان ليٿو ۾ ڪراچيءَ مان 1854ع ۾ شايع ٿيو. تاريخ جي حوالي سان هيءُ مفصل تاريخ عربن جي فتح کان اڪبري دؤر تائين جي سنڌ جي تاريخ آهي، انهيءَ تاريخ جا ڪي ڇاپا ڇپيا پر وري به هي تحت الفظ ۽ بامعنى ترجمو سوا سئو سال اڳ ٿيو هو جو وري به آسان ۽ بامحاوره نٿو شمار ٿيئي انهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو تاريخ معصوميءَ جا قلمي نسخا سامهان رکي هڪ مستند متن تيار ڪيو جو اورينٽل انسٽيٽيوٽ 1938ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو، مخدوم امير احمد جيڪي سنڌيءَ ۾ تاريخ جا ڪتاب ترجما ڪيا انهن ۾ تاريخ معصوميءَ جو ترجمو چچ نامي کان اڳ شايع ٿيو. هن صاحب پنهنجي ترجمي جو بنياد ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فارسي متن تي رکيو، ڊاڪٽر بلوچ امير احمد جي ترجمي بابت لکيو آهي ته، ”فاضل مترجم مجموعي طور هن ترجمي کي سهڻي نموني نڀايو آهي ۽ اصل فارسي عبارت کي ڪافي سادي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ ورجايو آهي. تاريخ معصوميءَ جو هيءُ سنڌي ترجمو جملي ڇپيل خواھ اڻ ڇپيل نسخن ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو“. (5)

تاريخ معصومي: ڪتاب چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. امير احمد جي هن سنڌي ترجمي ۾ ”پهريون ڀاڱو“ سنڌ جي فتح، بني اميه ۽ عباسي خليفن طرفان ٿيندڙ حڪومت جي احوال تي، ”ٻيو ڀاڱو“ هندوستان جي حاڪمن جي ذڪر تي جنهن وقت جن جي هٿ هيٺ سنڌ هئي ۽ سومرن ۽ سمن جي حڪومت بابت، ”ٽيون ڀاڱو“ ارغون دؤر، ”چوٿون ڀاڱو“ سنڌ ملڪ جو اڪبر بادشاھ جي هٿ هيٺ رهڻ ۽ ان وقت جي حاڪمن ۽ حالتن بابت ذڪر آهي، خليفو وليد بن عبدالملڪ، حجاج بن يوسف، محمد بن قاسم، چچ سيلائج، راجا ڏهر، سندس راڻي لاڏي ۽ سنڌ تي عربن جي قبضي سان گڏ بنو اميه، عباسي خليفي، هارون رشيد، شهاب الدين غوري، قطب الدين ايبڪ، التمش، ناصرالدين، غياث الدين بلبل، جلال الدين خلجي، سلطان علاؤ الدين، محمد شاھ تغلق، فيروز شاھ، ڄام انڙ بابينو، ڄام ڪرن، ڄام فيروز، شاھ بيگ ارغون، مرزا شاھ حسن، سلطان محمود خان، مرزا عيسى ترخان، مرزا محمد باقي، ميان سيد علي شيرازي، مرزا جاني بيگ ۽ ٻين حڪمرانن، شاعرن، عالمن ۽ بزرگن جا بيان آهن. همايون بادشاھ جي سنڌ اچڻ ۽ مرزا شاھ حسن جي مخالفت بيان ڪيل آهي. مطلب ته هن ڪتاب مان سنڌ پرڳڻي جنهن جون سرحدون وسيع هيون تي ٿيندڙ مختلف دؤرن جي حڪمرانن ۽ حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي. باقي هن تاريخ ۾ سومرن ۽ سمن جي دؤر جو احوال فقط چند صفحا آهن. ليکڪ سلطان محمود جو احوال تفصيل سان ڏنو آهي جو پاڻ انهيءَ درٻار ۾ نامهءِ نگار هو. انهيءَ دؤر جي چند عالمن ۽ فاضلن جو سندس ڏنل احوال پڻ قيمتي شمار ٿيئي ٿو جو ٻئي ڪنهن مؤرخ اهو کانئس اڳ نه ڏنو هو. 22 شعبان 1042ھ تي مير معصوم هيءَ ”تاريخ معصومي“ لکي پوري ڪئي جيڪا سوين سال گذرڻ بعد فارسيءَ ۾ توڻي سنڌي ترجمي جي صورت ۾ اڄ اسان وٽ محفوظ آهي. هيٺ ڪتاب مان ڪي حوالا ڏجن ٿا ته جيئن ترجمي ۽ تاريخي احوال بابت پڙهندڙن کي پروڙ پئي.

غوث الدين بلبل لاءِ لکي ٿو ته، ”هيءُ شمس الدين التمش جي چاليهن زرخريد ٻانهن مان هڪ هو. سلطان ناصرالدين محمود جي قبضي کان پوءِ سن 662ھ ۾ تخت تي ويٺو ۽ بادشاھن جي قانون مطابق حڪومت جو بنياد مظبوط ڪري هندوستان جا جيڪي به ملڪ شمس الدين جي تصرف هيٺ هئا سي تابع ڪري عدل ۽ انصاف پکيڙيائين“. (6)

بزرگ مسعود ابدال جي لاءِ لکي ٿو ته، ”هن بزرگ جي مزار پرانوار جي دامن ۾ جيڪو جبل آهي تنهن ۾ انگور، صوف، بيهي داڻا، ڏاڙهون ۽ ٻيا ڪيترا ميوا خودبخود ٿيندا آهن. هيءُ رڳو انهيءَ ملڪ ۽ انهيءَ جبل سان مخصوص آهي پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ انگور جي ول هاري هئائين جا اڃان تائين باقي آهي“. (7) سيد صفائيءَ جي لکيل هن تاريخ جو ترجمو مخدوم امير احمد آسان ۽ عام فهم ڪيو آهي.


تحفته الڪرام: مخدوم امير احمد جي فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ تاريخن جي ترجمن ۾ ٽيون ڪتاب ”تحفته الڪرام“ آهي. جو اصل مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو لکيل آهي. مير علي شير بن سيد عزت الله جا وڏا شڪرالاهي ساداتن مان هئا جي ايران جي شهر شيراز جا رهاڪو هئا جتان لڏي سنڌ ۾ ٺٽي ۾ اچي رهيا. جتي مير علي شير 1140ھ ۾ جنم ورتو انهيءَ وقت سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. ٺٽو ان وقت علم ۽ ادب جو مرڪز هو. مير قانع ٺٽي جي وڏن عالمن کان تعليم ورتي سندس سڄي حياتي علم جي حاصلات ۾ گذري. هو هڪ اعليٰ پايي جو شاعر هو تخلص ”قانع“ هئس. تحفته الڪرام ۾ سندس لکيل ڪتابن جو وچور 42 آيل آهي جن ۾ ”تحفته الڪرام“، ”معيارِ سالڪان طريقت“، ”مقالات الشعرا“ ۽ ٻيا آهن. سندس وفات 1203ھ ۾ 64 سالن جي عمر ۾ ٿي.

تحفته الڪرام جو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 1975ع ۾ شايع ڪيو هيءُ ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي جنهن ۾ سنڌ جي شروع دؤر کان غلام شاھ ڪلهوڙي جي حڪومت تائين جو احوال ملي ٿو هڪ لحاظ کان هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ انسائيڪلوپيڊيا آهي جنهن جي بنيادي احوال لاءِ مير قانع، چچ نامي، تاريخ معصومي، تاريخي طاهري، بيگلارنامي ۽ ترخان نامي کي ماخذ بنايو آهي مصنف جو تعارف تحفته الڪرام جي ٽيئن جلد جي آخر ۾ ڏنل آهي. هن ڪتاب جي اهميت انهيءَ ڪري آهي جو هن ۾ آيل بزرگن، شاعرن ۽ عالمن ۾ سنڌ جون شخصيتون شامل آهن. شاھ عبدالطيف بابت پهريون احوال هن ڪتاب معرفت ظاهر ٿيو جو ڪتاب ۾ 387 ۽ 388 صفحي تي ڏنل آهي ان کانسواءِ پڻ 339 کان 578 تائين جي ڪجھ صفحن تي شاھ لطيف بابت ذڪر ڪيل آهي سندس احوال کي مير عبدالحسين سانگيءَ پنهنجي ڪتاب، لطائف لطيفي ۾ بنياد بنايو. موجوده دؤر ۾ شاھ عبدالطيف بابت وڌيڪ تحقيقي ڪم سامهون آيو آهي پر مير قانع شاھ لطيف جو دؤر جو بزرگ ۽ کانئس گهڻو متاثر ۽ معتقد هو هن بنيادي احوال ڄاڻايو آهي جنهن ۾ عقيدت منديءَ سبب ڪجھ واڌاءُ پڻ شامل آهي.

لکي ٿو ته، ”هن زماني ۾ شاھ عبدالطيف سان وِلايت ۾ مٽ ڪو به ڪو نه آهي. سندس ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جو خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون اُمي هئڻ جي باوجود به خدا تعاليٰ سندس سيني جي ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. جنهن ڏينهن لاڏاڻو فرمايائين انهيءَ ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو. سندس مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باالصفا جڳھ آهي سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا نغارا نظر ڏنا آهن جي صبح و شام وڄايا ويندا آهن. سندس درگاھ تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو“ (8).

مير قانع جي تحرير عقيدت منديءَ جي مظهر آهي جنهن ۾ شاھ لطيف کي اُمي چوڻ ۽ سندس ڄاڻ ۽ علم کي ڪرامت سمجهڻ ۽ سندس وفات تي ڪيترن مريدن جو دم ڏيڻ واڌاءُ پڻ لڳي ٿو. انهيءَ جي باوجود هُن ڪارائتو احوال ڏنو آهي. سڄي ڪتاب جي سنڌ جي تاريخ بابت ڄاڻ اهم شمار ٿيئي ٿي ڊاڪٽر جبار لکي ٿو ته، سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تذڪرا آهن انهن ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تحفته الڪرام“ اهم آهن قانع تحفته الڪرام ۾ به شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪيترا انهن ۾ سنڌي شاعر به آهن ڪلام ڪنهن جو به ڪو نه ڏنائين“. (9)

مطلب ته سنڌ جي شاعرن ۽ بزرگن جي حوالي سان تحفته الڪرام جي هڪ خاص اهميت آهي. انهيءَ کان سواءِ پڻ سنڌ بابت لکيل ڪتاب ادراڪي بيگلاريءَ جو ”بيگلارنامه“، مير طاهر نسيانيءَ جو، ”تاريخ طاهري“ مير يوسف جو، ”مظهر شاهجهاني“، سيد جمال الدين جو ”ترخان نامه“، ”منشي خدادا جو ”لبِ تاريخ سنڌ“ ۽ ٻيا آهن. مٿين ٽنهي ڪتابن جي حوالي سان مخدوم امير احمد مترجم طور جس لهڻي. هن آسان ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ هنن تاريخي ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي جو اهميت جوڳو آهي.

 

حديقته الاولياءَ: تذڪره نويسيءَ ۾ حديقه الاولياءَ جي تصنيف جو نالو خاص ڳڻائي سگهجي ٿو. جنهن کي سيد عبدالقادر ٺٽوي لکيو آهي. سيد حسام الدين راشدي قلمي نسخا ڀيٽي ايڊٽ ڪري 1967ع ۾ هن ڪتاب کي سنڌي ترجمي سان، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو. 1016 ھ / 1607ع جو لکيل هي ڪتاب تذڪره نويسي جي باري ۾ اهم ۽ پهريون شمار ٿئي ٿو. (هن ڪتاب جي مؤلف سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن سيد محمد ٺٽويءَ کي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي مقالي ۾ ٺٽوي نه پر نصرپوري ڄاڻايو آهي. (صه 93 ڪتاب ”مقالا“)


قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو: مرزا قليچ بيگ جي لکيل هن ڪتاب کي 1925ع ۾ نئين سنڌ لائبريريءَ شايع ڪيو. ٻيو ڇاپو 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. جنهن ۾ ڪتاب جا ٻه ڀاڱا آهن، ٻئي ڀاڱي ۾ ”قديم سنڌ جا ستارا“ ڪتاب به شامل آهي. پهرئين حصي ۾ 15 باب ۽ ٻئي حصي ۾ ڇھ باب آهن شروع جي چار بابن ۾ قديم مشهور شهرن جو احوال ڏنل آهي، پنج باب خاص ٺٽي ضلعي جي شهر جي احوال تي مشتمل آهن،، جن ۾ ٺٽي جي سالڪن، اوليائن ۽ مشهور ماڻهن بابت معلومات ڏنل آهي، انهيءَ کان علاوه سنڌ جي قديم قومن، امير امرائن، عالمن، فاضلن جي احوال سان گڏ ڪجھ مذهبي فرقن جي ڄاڻ ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ اهم شخصيتن جو ذڪر آهي. مرزا صاحب ديباچي ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ڪتاب جي تياري ۾ چچ نامو، تاريخ معصومي، بيگلار نامه، تاريخ طاهري، تحفته الڪرام، محمد عظيم جو ڪتاب ”فتح سنڌ“ يار محمد خان جو ”فريئر نامه“ ۽ ”سنڌ گزيٽيئر“ مان احوال ورتو ويو آهي. هيءَ ڪتاب 1925ع ۾ لکيل هڪ سٺي ڪاوش شمار ٿئي ٿو. جڏهن اهم تحقيقي ۽ تاريخي ماخذن جا ترجما موجود نه هئا.


قديم سنڌ: ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيء جو لکيل هيءَ ڪتاب سنڌ پرڳڻي جي اوائلي دؤر جي ڄاڻ لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. جا کوڙ سان پيش ڪيل هن ڪتاب جو مواد پرڏيهي يورپي عالمن جي ڪتابن جي معلومات تي آڌاريل آهي. 477 صفحن ۽ 16 بابن تي مشتمل، قديم سنڌ، سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۽ آئيويٽا ۽ ساهت جي پرچار ڪري ٿو. سنڌي ادبي بورڊ پراڻن ڪتابن جي اشاعتي رٿا هيٺ هن ڪتاب کي 1957ع ۾ شايع ڪيو ۽ وري به شايع ٿيو آهي.


آفتاب ادب (عرف ساهت جو سج): حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو لکيل هيءُ ڪتاب 1940 ۾ پهرين شايع ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي 1956ع ۾ ڇپايو هيسيتائين هن جا ڪافي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، 215 صفحن ۽ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، پهريون ڀاڱو ٻوليءَ جي باري ۾ آهي. جنهن ۾ عام ٻولي ۽ ادبي ٻولي جا فرق ڄاڻايل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل ٻين ٻولين جي لفظن جا چارٽ ڏنل آهن، انشا پردازيءَ جون خاصيتون بيان ڪيل آهن. ٻيو ڀاڱو علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ جي ڄاڻ تي محيط آهي.


سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جو هيءُ ڪتاب 1996ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آهي. هن ۾ مختلف موضوعن تي ليک آهن، جيئن علم ادب، تنقيدنگاري، جديد ادبي تحريڪون، سنڌي بيت، ڪافي، وائي، غزل، جديد شاعريءَ جون صنفون، داستان گوئي، ناول، قديم ۽ جديد ڊرامو، آکاڻيءَ جو فن، افساني جي ارتقا، آتم ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انهيءَ کان سواءِ شاعرن جي سوانح ۽ سندن شاعري جو تنقيدي جائزو شامل آهي، هن ڪتاب، جي مقالن جا موضوع طوالت طلب آهن ليڪن ڊاڪٽر صاحب کين مختصراً نڀايو آهي.



ايڏو شان شعور: علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو شمار هن صديءَ جي وڏن عالمن ۾ ٿيئي ٿو، سندن تعليمي ۽ تدريسي خدمتون نه وسرڻ جوڳيون آهن. پاڻ فارسي ۽ سنڌي زبانن جو ماهر، اسلامي ثقافت ۽ سنڌي ثقافت جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ سنڌ يونيورسٽي جو اعزازي پروفيسر هو، علامه صاحب جا چند ڪتاب هن ريت آهن ”سطحات“، مٺو مرسل“، ”مقالات قاسمي“ پاڻ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيائون، قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير لکيائون. سندن نگرانيءَ ۾ ڪافي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز مڪمل ٿيون. ”ايڏو شان شعور“ علامه صاحب جي ايڊيٽوريلز جو مجموعو آهي، شاھ ولي الله اڪيڊميءَ طرفان 1965ع ۾ ”الرحيم“ سنڌي جاري ٿيو. جنهن ۾ اهي اداريا علامه صاحب لکيا. ڊاڪٽر مظهر الدين ”مظهر“ سومرو انهن ادارين کي مرتب ڪيو، ”علامه غلام مصطفى قاسمي چيئر“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو وارن جي اشاعتي سلسلي هيٺ هي پهريون ڪتاب 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. علامه صاحب جي خدمتن جي مڃتا طور قاسمي چيئر قائم ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي جو هڪ تعريف جوڳو قدم آهي. هن ڪتاب ۾ آيل ايڊيٽوريلز، علم ۽ صحافتي ميدان ۾ هڪ خاص حيثيت رکن ٿا، جن ۾ ان وقت جي وڇڙي ويل شخصيتن جي باري ۾ تعزيتي ۽ تعريفي ڪلمات آهن، جنهن ۾ غلام محمد گرامي، پروفيسر محبوب علي چنا، سيد پناھ علي شاھ، ضياءُالدين بلبل، پروفيسر احسان بدوي، الطاف عباسي ۽ ٻين جي باري ۾ ليک آهن، انهن ادارين ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن جي پرچار آهي ته مشهور ڪتابن ۽ ليکڪن جي ڄاڻ آهي، گڏوگڏ اهم مقصد ”الرحيم“ رسالي جي معرفت شاھ ولي اللهرح ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خيالن کي سندن تقريرن ۽ تحريرن جي حوالي سان عوام تائين پهچائڻ هو.


مقالات قاسمي: سائين غلام مصطفى قاسمي جن جا ديني مقالا هن ڪتاب ۾ جمع ڪري شايع ڪرايا ويا آهن. ديني ادب جي ڄاڻ لاءِ هي هڪ لاڀائتو ڪتاب آهي.


ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ: هيءُ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ وارن جو 1997ع ۾ ڇپايل ڪتاب 270 صفحن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جي هن ادبي تنقيد جي تاريخ جا ڪل ٽي ڀاڱا عنوان ادبي تنقيد، سنڌي ادب ۾ تنقيد ۽ ادب جي ساڃاه آهن. تنقيدي نظرين سان لکيل هن مواد ۾ ادب جي ڇنڊ ڇاڻ، ادب جي تشريح، تخليق ۽ تنقيد ۾ فرق آهن. هن ۾ پرڏيهي تنقيد نگارن جي نظرياتي نڪتن تحت ادبي تنقيد جي تاريخ بيان ڪرڻ سان گڏ ادبي تنقيد جا اصول پڻ بيان ڪيا ويا آهن. هنن مقالن ۾ ”شاعريءَ جي ساڃاھ“ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو ويو آهي. باقي سڀ مقالا طبعزاد آهن. تنقيد جي حوالي سان ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي ڪتابن جو تنقيدي جائزو ڏنو ويو آهي. انهن ڪتابن ۾ ”انشاءِ سنڌي“، ”لطائف لطيفي“، ”شاهاڻو شاھ“، ”سونهارو سچل“، ”مقدمهءِ لطيفي“، لنواري جا لال، ابيات سنڌي، قرب قليچ، تذڪره لطفي، شاھ جون سورميون، ادبي اصول، ادب ۽ تنقيد، لطف الطيف، شاھ جي رسالي جو مطالعو، شاھ لطيف ۽ ان جو فن، انڌا اونڌا ويڄ، شاھ لطيف جي شاعري ۽ ادبي تاريخن جو جائزو شامل آهي. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق راز جو ”تنقيد جو تجزيو“ احسان بدويءَ جو ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”ماڻڪ موتي لال“، شمس الدين عرساڻيءَ جو ”ادبي اوسر“، ذڪر ڪيا ويا آهن.

مضمونن ۾ سوانحي مضمونن کي هميشه اهميت رهي آهي. سنڌ جي ڪيترين شخصيتن جي باري ۾ سوانحي مضمون علم ۽ ادب جو حصو بنيا آهن شروع دؤر ۾ شاھ ڀٽائيءَ جي احوال کان علاوه ٻين به ڪافي شخصيتن جي باري ۾ جيوَن چرتر نموني جا مضمون لکيا ويا. جي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جي باري ۾ هئا. جيئن، ”صوفي سونهارا“ محمد صديق مسافر، ”شيخ منصور حلاج“، محمد صالح هالاڻي، ”هندوستان جون راڻيون“، دين محمد وفائي، ”قرب قليچ“، ”محمد صديق مسافر“، ”ساڌو هيرانند“ واڌومل مولچند، ”سائين قطب شاھ“ جهامنداس ڀاٽيا ۽ ٻيا آهن. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب ۾ شروع کان سوانحي، اخلاقي، علمي، ادبي تنقيدي، تحقيقي، تاريخي ۽ شاعريءَ جي موضوع تي مضمونن کي اهميت رهي آهي. لطيف شناسيءَ تي انيڪ مضمون لکيا ويا آهن جن جا ڪافي ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن.


سنڌي ادب جون تاريخون هڪ نظر (تحقيقي جائزو): تاريخ لکڻ هڪ ڪٺن، صبر آزما ۽ صداقت طلب ڪم آهي ۽ ادب جي تاريخ ته تهائين وڌيڪ ذمه داريءَ ۽ محنت جو ڪم آهي بعض اوقات مورخ ۽ محقق پنهنجي پسند جي اديب يا شاعر کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ويندا آهن ته ڪڏهن کانئن اها به غلطي ٿيندي آهي جو هڪ بهترين لکيڪ جي ادبي پورهئي کي نظر انداز ڪري ويندا آهن جيڪا هڪ، علمي ۽ ادبي ڪوتاهي پڻ شمار ٿيئي ٿي. سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم جي باري ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۾ معلوماتي احوال ملي ٿو. ڪيترائي رسالا ۽ ديوان آهن ته مختلف شاعرن جي تذڪرن ۽ شاعريءَ جي مجموعن مان پڻ شاعرن جو احوال ملي ٿو. ساڳيءَ ريت نثر جي ليکڪن جو احوال به ڪتابن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ موجود آهي، پر ادبي تاريخ جي ڪتاب جي نوعيت مختلف آهي ۽ خاص طور اهڙيون ادبي تاريخون جيڪي گهڻيون مقبول ٿيون هجن يا انهن جو مواد شاگردن جي ضرورت مطابق سندن نصاب ۾ مقرر هجي اهڙين ادبي تاريخن ۾ اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي ڪم جي ڪٿ ڪيل هوندي آهي يا ٻين لفظن ۾ تنقيدي اڀياس پيش ڪيل هوندو آهي انهيءَ ۾ ڪيترن ئي تاريخ نويسن جو ڪم سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. هتي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل چند اهم ادبي تاريخن جو ذڪر ڪجي ٿو ته جيئن شاگردن ۽ ريسرچ ڪندڙن کي ڄاڻ پوي ته ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙو مواد ملي سگهي ٿو.


1. سنڌ جي ادبي تاريخ: خانبهادر صديق ميمڻ لکي آهي، جا پهرين ٻن جلدن تي مبني هئي جنهن جو پهريون جلد انگريز حڪومت کان اڳ واري ذڪر تي مشتمل آهي اهو جلد 1937ع، ۾ شايع، ٿيو ۽ ٻيو جلد انگريز دور جو احاطو ڪري ٿو جو 1951ع، ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ ٻيئي ڀاڱا گڏي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن 2003ع، ۾ شايع، ڪيو ٻيا ڪيتراڇاپا ڇپيا آهن هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ڪل 65 شاعرن ۽ نثر نويسن جو ذڪر ڪيل آهي جن ۾ قاضي قاضن، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُالدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، آخوند عزيز الله، سيد ثابت علي شاهه، سامي، ننديرام سيوهاڻي، قاضي غلام علي، خليفو گل محمد گل، بيدل بيڪس، سانگي، قليچ، ڪوڙومل ۽ ٻيا آهن. جن جي سوانح ۽ ڪلام جو جائزو ڏنل آهي ميمڻ صاحب کان اڳ ڪي تذڪرا ۽ احوال موجود ته هئا پر هن قسم جو تفصيلي ادبي احوال ڪنهن هڪ جاءِ تي موجود نه هو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن ڏس ۾ لکي ٿو ته؛ “ميمڻ صاحب ڪن پراڻن قلمي نسخن تان شاعرن جو ڪلام به اتاريو هو سنڌي ادب جي تاريخ بنيادي سرمايو آهي جنهن جي اهميت کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي اڄ ڪيترائي ديوان ۽ ڪلام جا ٻيا مجموعا ڇپجي ويا آهن پر ميمڻ صاحب کي اهي وسيلا ميسر نه هئا هن ڪيترن ڪتب خانن مان پنهنجي مقصد جا موتي چونڊي سنڌي ادبي تاريخ مرتب ڪئي”. (1)

30 مارچ 1890ع، تي حيدرآباد ۾ محمد يوسف ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد صديق ميمڻ نه فقط معروف اديب، تعليمي ماهر ۽ سماجي خدمتگار هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سنڌي ادبي تاريخ جو ڪارنامو قائم رهندو. انگريز سرڪار سندس تعليمي خدمتن کي مڃيندي کين 1939ع، ۾ “خانبهادر” جو لقب ڏنو. هن استاد جي حيثيت ۾ يا تعليمي آفيسر (پرنسپال) جي حيثيت ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي. اڪثر نصاب جا ڪتاب لکيا “شاهه جو رسالو” ترتيب ڏنائين سندس ڇپيل ڪتابن جو انگ 32 آهي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪري ان معرفت ڪيترائي ڪتاب شايع، ڪرايائين سندن وفات 20 نومبر 1958ع، تي ٿي. خانبهادر صديق جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن ۾ هيءَ ادبي تاريخ خاص اهميت رکي ٿي ۽ يونيورسٽين ۾ هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر رهندڙ ڪتاب رهيو آهي. مهراڻ اڪيڊميءَ وارو ڇاپو موجوده وقت گهڻو هلندڙ آهي جو 636 ڊيمي سائيز جي صفحن تي مشتمل پڪي جلد ۾ آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار “عابد” لغاري جي طرفان واڌارا به شامل آهن اصل ميمڻ صاحب جي تاريخ جو احوال 548 صفحن تي آهي.

ميمڻ صاحب جي هن ادبي تاريخ ۾ نظم ۽ نثر جي بابت سٺي ڄاڻ ڏنل آهي جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي قسمن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا جيڪا بنيادي معلومات آهي ڪيترن شاعرن سان ڪي نيون ايجاد پڻ منسوب ڪيون اٿن. ڪتاب جي شروع، ۾ علم ادب جي وصف بيان ڪيل آهي، ان کان پوءِ سنڌ جو ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت ڄاڻائي اٿن ته عربي سنڌي صورتخطيءَ جي معلومات ڏيندي اوائلي سنڌي شعر تي بحث به ڪيو اٿن. قاضي قاضن جي ڪلام کي “سنڌ جو بنيادي تحريري شعر” سڏائيندي اهو به ارمان ظاهرڪيو اٿن ته “ارمان جي ڳالهه آهي ته قاضي صاحب جا رڳا 7 بيت بيان العارفين واري درج ڪيا آهن نه ته اهڙي بلند پايي جي شاعر گهڻو ئي شعر چيو هوندو قاضي صاحب سنڌيءَ جي محاورن جو ماهر ٿو ڏسجي” (2) قاضي قادن جي شاعريءَ جو ڳوڙهو اثر ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ تي ظاهر ڪيو اٿن ٻين به ڪيترن شاعرن ۽ نثر نويسن جون خاصيتون ڄاڻايون اٿن. خاص طور شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح (شاعرن جو سرتاج شاعر) ۽ مرزا قليچ بيگ (سنڌي نثر جو ابو) سندن تاريخ ۾ اهم حيثيت والارين ٿا سندن فن کي ميمڻ صاحب سهڻائيءَ سان اجاگر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين، محمد صديق ميمڻ جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي ڄاڻايو آهي، ته ”ميمڻ صاحب باقائدي سان شاعريءَ جي فني ۽ ٽيڪنيڪي پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مختلف شاعرن سان ڀيٽ ڪري، شاهه صاحب جي فن ۽ ٽيڪنيڪ جو احوال ڏنو آهي جيڪا ڳالهه ان دور تائين ڪنهن به ڪانه ڪئي هئي اصولي تنقيد جي حوالي سان عملي تنقيد جو اڃان رواج ڪونه پيو هو ان ڪري ميمڻ صاحب جي ڪوشش کي داد ڏيڻ گهرجي“.(3) حاصل مطلب ته، ميمڻ خانبهادر صديق تنقيدي شعور، تاريخي معلومات ۽ محنت سان هيءَ ادبي تاريخ پڙهندڙن جي اڳيان آندي. هيءُ ادبي تاريخ انگريز دور تائين جي معلومات ڏئي ٿي جنهن جو آخري ليکڪ ڪيولرام سلامت راءِ ڏنل آهي.


2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڀيرو مل آڏواڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ اهم خدمتگار ٿي گذريو آهي کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق هو، هن ايڪسائيز کاتي جي نوڪري ڇڏي استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ تمام اهم ڪم سنڌي قوم کي سونپي ويو. ڀيرومل مهر چند 24 ڊسمبر 1876ع، تي جنم ورتو، سندن وفات 7 جولاءِ 1950ع، ۾ ٿي. سڄي حياتي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪيائين کين سنڌي ، سنسڪرت، هندي، فارسي، عربي ۽ انگريزي زبانن تي مهارت حاصل هئي، ڪل 50 کان مٿي ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيائين هن سنڌي ٻوليءَ جي استعمال تي گهڻي توجه ڏني بنيادي طور نثر نويس هو پر ڪجهه شاعري ڪيائين “غريب” تخلص هيس. ٻارن لاءِ لکيل سندن شعر اهميت جوڳا آهن خاص طور درسي ڪتابن ۾ شامل آهن “مون کي ڪنهن تي کير پياريو” ، “وقت چوي آئون بادشاهه” ۽ ٻيا گهڻو مشهور ٿيا هي اديب، محقق، تاريخ نويس، لسانيات جو ڄاڻو، لطيف شناسيءَ جو عاشق هو، سندس ڪتابن ۾ ”قديم سنڌ“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ جو سيلاني“، ”غريب الغات“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته؛ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪتاب ڀيرومل جو هڪ وڏو تحقيقي ڪارنامو آهي جنهن کي هن گريئرسن ۽ ٻين يورپي عالمن جي ڪم جي روشنيءَ ۾ لکيو آهي جديد لسانيات جي بنياد تي سندس ڪيترن بابن تي نظرثانيءَ جي گنجائش پيدا ٿي پيئي آهي“. (4)

ڀيرومل، جي ٻوليءَ جي تاريخ جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن موجوده وقت پڻ مختلف پبليڪيشن وٽان شايع، ٿيو آهي ۽ هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر آهي هن تاريخ ۾ ٻوليءَ جي بابت ڀيرومل جيڪي نظريا ڏنا آهن انهن تي پوءِ ڪيترن ئي عالمن بحث ڪيو آهي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ قديم آثارن جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد موهن جي دڙي کان شمار ڪيو آهي ۽ هن علائقي جي ٻين ڪيترين ٻولين سان سنڌيءَ جو لاڳاپو ظاهر ڪيو آهي ۽ ڀيرومل جي سنڌيءَ جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي کي دليلن سان رد ڪيو آهي ملڪاڻي منگهارام لکي ٿو ته “1941ع، ۾ ڀيرو مل جي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ پڌري ٿي جو هن ڏس ۾ پهريون ئي اتاهه آزمودي اڀياس ۽ کوجنا وارو رسالو هو جنهن ۾ چٽيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جو اثر ۽ ٻوليءَ جو اثر سنڌي ساهت تي ڪهڙو ٿيو آهي“. (5) ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هن صاحب ٽن ڀاڱن ۾ ٻولين جون کوجنائون، “سنڌي ٻوليءَ جا لهجا”، “ٻوليءَ جي اکرن تي ويچار” اصطلاح پهاڪا، “سنڌيءَ جون خوبيون ۽ خاميون ۽ سنڌي صرف جا اصول” بيان ڪيا آهن.


3.سنڌي ادب (اردو) سيد حسام الدين راشدي اردو ٻوليءَ ۾ لکيو ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جو پهرين 1981ع، ۽ پوءِ 1996ع، ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ هر تاريخي دور جو ادب بيان ڪيل آهي آخر ۾ موجوده دور ۽ شاعريءَ جون صنفون بيان ڪيل آهن هن ڪتاب ۾ 1951ع، تائين جي ئي معلومات ڏنل آهي. جا پڻ مختصر آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ پوين ستر سالن ۾ سنڌي ادب ۾ وڏو ڪم ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي سان هن وقت اهميت جوڳو نه آهي.


4. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل تاريخ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد خان لغاري بلوچ جي گهر 16 ڊسمبر1917ع، تي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ويهين صديءَ جي هن شخصيت جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون هميشه قائم رهنديون. خاص طور لوڪ ادب، لطيف شناسي، لغت، تاريخ، ثقافت موسيقي، آثار قديمه ۽ ٻين حوالن سان سندن ڪم گهڻو آهي سندن ڪيترائي ڪتاب نصاب ۾ شامل آهن، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ انهن مان هڪ آهي. هيءُ ڪتاب پهرين ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصرتاريخ“ جي عنوان سان 1962ع، ۾ 150 صفحن تي مشتمل سنڌ يونيورسٽيءَ شايع، ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ٻيو ڇاپو 1980ع، ۾ 352 صفحن تي، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ” جي عنوان سان زيب ادبي مرڪز شايع، ڪيو ۽ 1990ع، ۾ پاڪستان اسٽيڊي سينٽر شايع، ڪيو ۽ 1999ع، ۾ چوٿون ڇاپو “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، جي عنوان سان 478 صفحن تي ڇپيو هر ڇاپي ۾ واڌارا به ٿيا آهن ته نالي ۾ پڻ تبديلي آئي ۽ صفحا پڻ وڌيا آهن. آخري ڇاپي ۾ 500 ق-م کان 1860ع، ٽالپر دور جي ڀائي چئنراءِ شڪارپوريءَ جي احوال تي هيءَ تاريخ ختم آهي، اٺن بابن تي مشتمل هن اهم ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ جو وڏو حصو سنڌي ٻوليءَ بابت آهي جنهن کي سياسي ۽ سماجي حوالن سان سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب موجب ته؛ ”ملڪ جي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۽ ٻولي جي ادبي سرمايي کي سمجهڻ کان سواءِ ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقا جي تاريخ لکڻ مشڪل آهي“. (6)

ڊاڪٽر نبي بخش هن تاريخ معرفت سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا بابت نون نظرين ڏيڻ جو رواج عمل ۾ آندو، قديم دور سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون جي عنوان سان 600 ورهيه قبل مسيح کان 500 ورهيه بعد مسيح ڏنل آهي سنڌي ٻولي جي سٽاءُ واري بنيادي دور کي 500 –950ع، تائين ذڪر ڪندي راءِ برهمڻ گهراڻن جي دؤر ۾ ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ صورت کي آندو اٿس. باب ٽئين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ۽ توسيع، ۽ زباني ادبي روايت جو دور سومرن جي دور کان بيان ڪيل آهي جنهن ۾ ڳاهن جو ذڪر آهي باقي گنانن جو احوال سمن جي دور ۾ ڏنل آهي هن دور کي ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي توسيع، ۽اعليٰ معياري شاعري جي ابتدا وارو دور سڏيو آهي جنهن ۾ شيخ حماد جو بيت ۽ ماموين جا بيت، سورهين جي سورهيائيءَ جون ڳاهون، پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبير الدين ڏانهن منسوب گنان ذڪر هيٺ آيل آهن. آخر ۾ قاضي قادن جي بيت ۽ ٻوليءَ تي هن باب جي پڄاڻي آهي باب ڇهون سنڌي ۽ فارسيءَ جي وڌندڙ تعلق سنڌي اصطلاحن ۽ نثري جملن جي وضاحت، سنڌ جي ادبي ثقافتي دائري جي وسعت، روايتي ادب ۾ اضافي ۽ سنڌي شعر جي تحريري ذخيري ۾ واڌاري وارو دور، ارغون ترخان ۽ مغل دور ڄاڻايو اٿن. ڊاڪٽر بلوچ موجب ته هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي راويتن جي ذخيري ۾ اضافو ٿيو جنهن ۾ موکي متارا،بوبنا، جراڙ ۽ ٻيا قصا روايت تحت هليا ته شعر جي مستند تحريري ذخيري ۾ واڌارو ٿيو. شاهه ڪريم جو ڪلام ۽ مخدوم نوح، سيد علي ثاني ۽ ٻين جي شاعري هن دور جو اهم خزانو آهي. ڊاڪٽر صاحب ستون باب مڪمل مغليه دور تي رکيو آهي جنهن ۾ مادري زبان ذريعي بنيادي تعليم جي نظريي ۽ سنڌيءَ ۾ درسي ۽ علمي مواد جي ذڪر کي آندو اٿن. باب اٺون سنڌيءَ ذريعي تعليمي تحريڪ جي ڪاميابي، سنڌي نثر جي شروعات، اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي عروج وارو دور 1680ع، کان 1860ع، تائين بيان ڪيل آهي، هن ۾ آخري مغليه دؤر، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دؤر حڪومت اچي وڃي ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ شاهه لطف الله قادري ، شاهه عنايت رضوي، شاهه ڀٽائي ۽ ٻيا شاعر ذڪر ڪيل آهن ٽالپر دور جي اهم شاعر ڀائي چئنراءِ شڪارپوريءَ تي هن ادبي تاريخ جو احوال ختم ٿئي ٿو.

حاصل مطلب ته هيءَ ادبي تاريخ شروع، کان وٺي، ٽالپر دور تائين جو احاطو ڪري ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي هر تاريخي دور جي سياسي۽ سماجي ماحول جو جائزو پڻ ڏنل آهي ۽ ان مطابق ٻوليءَ ۽ ادب جي اوسر تي روشني وڌل آهي. ڊاڪٽر بلوچ قلمي نسخن کي پرکي هيءُ ادبي ۽ علمي ذخيرو پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ اڳيان آندو آهي ۽ هر باب جي آخر ۾ نتيجا پڻ پيش ڪيا ويا آهن.


5.سنڌي نثر جي تاريخ: ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي آهي ڊاڪٽر غلام علي الانا، الله ڏنو خواجه جي گهر 15 مارچ 1930ع، ۾ ڳوٺ تڙ خواجه تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جڳ مشهور اديب، عالم، محقق، دانشور ۽ ٻوليءَ جي ماهر طور سندن سڃاڻپ آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پهريان پي ايڇ ڊي هولڊر هيا. سندن مقالي جو موضوع، “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” آهي. الانا صاحب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جا ڊائريڪٽر، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا وائيس چانسلر رهيا ته ٻين به ڪيترن انتظامي ۽ تعليمي عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائون، سندن ڪتاب ۽ مضمون پرائمريءَ کان هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل آهن، “چور” (ڪهاڻين جو مجموعو) ، “لاش (ناول)”، “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد”، “ لساني جاگرافي”، “سنڌي نثر جي تاريخ” ۽ ٻيا ڪتاب لکيا اٿن.

”سنڌي نثر جي تاريخ” ڪتاب 1966ع، ۾ شايع، ٿيو 222 صفحن جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1977ع، ۾ زيب ادبي مرڪز شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي، ڪتاب جي اهميت ڄاڻائيندي پاڻ لکي ٿو ته؛ ”سنڌي ادب جي تاريخ اڃان نامڪمل آهي بلڪه ائين کڻي چئجي ته”سنڌي ادب جي تاريخ” تي اڃا تائين تحقيقي ڪم گهڻو ڪونه ٿيو آهي، خانبهادر صديق ۽ لطف الله بدوي ابتدائي قدم کنيو آهي ادب جي تاريخ جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو تڏهن مايوسي وٺيو وڃي ڇاڪاڻ ته ادب جي تاريخ مان مراد فقط سنڌي شاعريءَ جي ورتي وڃي ٿي، ان ۾ نثر واري حصي کي شامل نه ڪيو ويو آهي. هيءُ پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو هيترن سارن يعني 28 مشهور نثر نويسن جي حالاتِ زندگي، ادبي خدمتن ۽ سندن مشهور ڪتابن جو تعارف ڪرايو ويو آهي ۽ انهن تي روشني وڌي وئي آهي اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو نالو “سنڌي نثر جي تاريخ” رکيو ويو آهي“. (7)

هن تاريخ ۾ “سنڌي نثر جي اوسر” “ننديرام دور”، “قليچ دور” ۽ “پاڪستان دور” ڏنل آهي. سنڌي نثر جي عنوان ۾ نثر جي اهميت بيان ڪيل آهي ته نثر جا سرچشما، سنڌي نثر جون خاصيتون نثر جا موضوع، عبارت ۽ خوبيون ڄاڻايل آهن باقي هن تاريخ ۾ نثر جي صنفن جي باري ۾ ڪوبه احوال ڪونهي، اهم نثر نويس جيڪي الانا صاحب چواڻيءَ ته، پنهنجو وارو وڃائي ويا آهن يعني فوت ٿي ويا آهن انهن مان 28 نثر نويسن جو احوال هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي سندن سوانح، علمي ۽ ادبي خوبيون ڏيڻ سان گڏ ڇپيل مواد مان حوالا ڏيئي سندن لکيل نثر جي خاصيتن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي اهڙن نثر نويسن ۾ ننديرام سيوهاڻي، ميران شاهه (اول)، ڪوڙو مل، شمس الدين بلبل، ڏيارام گدو مل، مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، دين محمد وفائي، دائود پوٽو، محمد صديق ميمڻ، عثمان علي انصاري ۽ ٻيا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب جو ”سنڌي نثرجي تاريخ“ ڪتاب نثر پڙهندڙن جي لاءِ ۽ خاص طور شاگردن لاءِ اهميت جوڳو آهي، ڇو جو هيءُ باقائدي مڪمل نثر جي تاريخ پهريون دفعو نروار ٿي (ان کان پوءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ هند ۾ ۽ سنڌ ۾ ڇپي آهي انهيءَ ۾ ڪجهه نثري صنفن جو احوال موجود آهي پر اهو احوال به 1947ع، تائين آهي مطلب ته نثر جي صنفن تي ڳچ وقت تائين تفصيلي معلومات ڪابه موجود ڪانه هئي. ڊاڪٽر جبار صاحب جي، “مختصر تاريخ” ڇپي جنهن ۾ نثر جو ڀاڱو مختصر آهي ان کان پوءِ منهنجو ڪتاب “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” آيو جو نثري صنفن جي تفصيلي مطالعي تي محيط آهي ۽ ڊاڪٽر جبار جي ادبي تاريخ جا 3 جلد آيا آهن جنهن جو ٽيون ڀاڱو نثر تي آڌاريل آهن).


6.سنڌي نثر جي تاريخ: جي ساڳئي عنوان سان تاريخ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکي آهي. منگها رام ملڪاڻيءَ جون سنڌي نثر ۾ خدمتون اهم شمار ٿين ٿيون، منگهارام ملڪاڻي، اڌارام شيوارام ملڪاڻيءَ جي گهر ۾ 24 ڊسمبر 1896ع، تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. هو مشهور عالم، نقاد، مؤرخ ۽ ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي، ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ بمبئي جي، “جئه هند”، ڪاليج مان پروفيسر جي عهدي تي ريٽائرڊ ڪيائين کيس ناٽڪن لکڻ ۽ اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. خاص اداڪاري به ڪيائين پنجاهه کان وڌيڪ ناٽڪ لکيائين، هن ادبي مؤرخ ۽ نقاد جي حيثيت ۾ ”ادبي اصول“، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت“ ۽ ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڪل 20 کن ڪتاب لکيا جن ۾ نظماڻو نثر ۽ آمريڪا جو سفرنامو پڻ آهي پر خاص “سنڌي نثر جي تاريخ” ڪتاب کين مؤرخن، نقادن استادن ۽ شاگردن ۾ وڏي اهميت ڏياري.

”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڪتاب ملڪاڻي صاحب 1961ع، ۾ 28 مئي تي لکي پورو ڪيو جو 8 نومبر 1968ع، تي ڪلڪتي مان شايع ٿيو. پوءِ هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا هند ۽ سنڌ ۾ شايع، ٿي چڪا آهن ملڪاڻي صاحب کان اڳ ڊاڪٽر الانا جي لکيل نثر جي تاريخ موجود هئي پر جيئن ته هن ڪتاب جو نوع، مختلف هئڻ سبب هيءُ تاريخ پڻ مقبول ٿي. هن ڪتاب جو انتساب، لعلچند امرڏنومل جي نالي آهي جو ملڪاڻي صاحب جو استاد هو. روشني پبليڪيشن جي 1993ع، واري ڇاپي ۾ 346 صفحا ۽ 7 جلد آهن فصل پهريون اوائلي دور سنڌي ٻوليءَ ۽ آئيويٽا متعلق آهي، فصل ٻيو ڪهاڻي نويسيءَ جي اوسر، فصل ٽيون ناول نويسيءَ جي اوسر، فصل چوٿون ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر، فصل پنجون، ننڍي ناٽڪ نويسي جي اوسر، فصل ڇهون مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ فصل ستون تنقيد جي اوسر تي آڌاريل آهن. جيئن ته ملڪاڻي صاحب جو ناٽڪ نويسيءَ ڏي رجحان وڌيڪ هو هن گهڻا ناٽڪ لکيا ۽ کيس هندوستان ۾ ٿيندڙ گهڻن ناٽڪن جي ڄاڻ هئي ان ڪري سندس لکيل هن تاريخ ۾ جيترو ورهاڱي تائين جي سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو احوال آهي، اهڙو ڪنهن تاريخ ۾ نه آيو آهي ان کانسواءِ ٻين نثر جي صنفن ۾ ناول، ڪهاڻي، سوانح ۽ مضمون جو مواد ڏنل آهي جو نثري صنفن جي حوالي سان اڳ ۾ ڪنهن به ادبي تاريخ جو حصو نه بڻيو آهي ليکڪ لکي ٿو ته، ”سنڌي نظم جي شروعات 14 عيسوي صديءَ ڌاري ٿي هئي يعني اهو ساڍيون ڇهه صديون جهونو آهي پر سنڌي نثر 18 صديءَ جي وچ ڌاري شروع، ٿيو يعني اڃان ٻه صديون کن پوريون ڪيون اٿس تحقيق هر ٻوليءَ جو ساهت شعر سان ئي شروع، ٿيندو آهي پر ٻين ٻولين ۾ نظم ۽ نثر جي ڄمار ۾ ايڏي وٿي ڪانه هوندي آهي جيڏي سنڌي ٻوليءَ ۾، نثر جي دير سان پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي هاڻوڪي مقرر آئيويٽا ۽ لپي ملئي صرف هڪ صدي ٿي آهي“.(8)

ملڪاڻي صاحب جي تاريخ ۾ اهم ليکڪن ۽ انهن جي تحريرن تي تنقيدي رايا ڏنل آهن سندن موجب ته، “پڙهندڙن جي دلچسپيءَ کي وڌائڻ لاءِ ڪيترين لکڻين مان مثالي فقرا هو بهو ڏنا اٿم ته پتو پوي ته سنڌي نثر زماني جي رفتار سان ڪيئن ترقي ڪندو آيو آهي”!! ڪٿي ڪٿي هن مختلف ڪتابن تي بحث به ڪيو آهي ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهون ٿا ته نثر جي هيءَ تاريخ تنقيدي رجحان سان سلهاڙيل آهي، ملڪاڻي صاحب مواد گهاٽو ۽ جهجهو ڏنو آهي انهيءَ ڪري ڪنهن ڪنهن جڳهه تي موضوع، جي سمجهڻ ۾ دقت پڻ درپيش اچي ٿي سندس لکڻ جو نمونو، ائين آهي جيئن هوڪا ڳالهه بيان ڪندو هجي ۽ان ۾ ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي پئي اچي، ان ڪري ڪٿي ڪٿي شاگردن جي حوالي سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه قدر مشڪل به آهي. هيءَ تاريخ پڻ فقط انگريز دور تائين آهي.


7.سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتاب جو جلد پهريون 1972ع، ۾ شايع، ٿيو انهيءَ کان پوءِ مختلف ڇاپا ڇپجندا رهيا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 11 سيپٽمبر 1931ع، تي حاجي غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي هو کيس سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان گهڻي محبت هئي هن وڏو ڪم ڪيو آهي سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 50 تائين پهچي ٿو جنهن ۾ پنج ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ به آهن. کين ادبي تاريخ، تنقيد، لطيف شناسي ۽ اسلامي موضوعن تي دسترس حاصل هئي، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” 1972ع، “سنڌي ادب جي تاريخ”، 1993ع۽ “سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس” سندن ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي سان اهم آهن. ڊاڪٽر صاحب 1996ع، ۾ وفات ڪئي انهيءَ کان پوءِ سندن ڪي ڪتاب شايع، ٿيا آهن.

سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: ميمڻ عبدالمجيد جو ڪتاب روشني پبليڪيشن 2002ع، ۾ شايع، ڪيو انهيءَ کان اڳ ڪرائون سائيز ۾ سکر مان 1972ع، ۾ ڇپيو ۽ باربار ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي، هن ڪتاب تي ڊاڪٽر صاحب کي 1975ع، ۾ سنڌالاجيءَ طرفان ايوارڊ ڏنو ويو. روشني پبليڪيشن جي 2002ع، واري ڇاپي ۾ ڪل ست باب آهن جيڪي مختلف فصلن ۾ ورهايل 278صفحن تي محيط آهن. باب پهريون اوائلي دؤر جنهن جي فصل پهرين ۾ سياسي پس منظر، عربن جو اچڻ بيان ڪيل آهي ۽ ٻيو فصل سومرا دور تي مبني آهي باب ٻيو سما دور، ان دور جي پس منظر ۽ قاضي قادن تائين آهي آخر ۾ هن دور جو ادبي جائزو ڏنل آهي، باب ٽيون ارغونن، ترخانن ۽ مغل دور جي سياسي پس منظر ۽ علمي حالت سان گڏ سنڌي ادب جي اوسر بيان ڪري ٿو، شاهه عنايت رضوي جي احوال بعد هن دور جو ادبي جائزو ڏنل آهي، باب چوٿون ڪلهوڙا دور تي مشتمل آهي جنهن جي فصل پهرين ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ کان مخدوم عبدالله تائين 13 عالم ذڪر ڪيل آهن ۽ فصل ٻئي ۾ شاهه عنايت رضويءَ کان صابر موچيءَ تائين جا شاعر ۽ ڪجهه لسٻيلي جا شاعر بيان ڪيل آهن، هن باب جو ٽيون فصل وائي ۽ ڪافي بابت آهي ته فصل چوٿون نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ متعلق آهي چوٿين فصل ۾ مولود، مدح ۽ مناجات جي اهم شاعرن مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، جمن چارڻ ۽ سرفراز ڪلهوڙي جو ذڪر ڪيل آهي، هن باب جو پنجون فصل، غزل جي حوالي سان اهم آهي خاص مشهور غزل گو شاعر نورمحمد خسته، مرزاتقي ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن آخر ۾ ادبي جائزو ڏنل آهي، باب پنجون ٽالپر دور تي آهي جنهن جا ست فصل آهن پهريون فصل ڪافي گوشاعر سچل ۽ ٻيا ڏنل آهن ٻيو فصل بيت ۽ حمل خان لغاري، خليفو نبي بخش ۽ ٻيا بيان ڪيل آهن ٽيون فصل سلوڪ ۽ ساميءَ جي باري ۾ آهي چوٿون فصل نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ تي مبني فصل پنجون مرثيو ۽ سيد ثابت علي شاهه، سيد خير شاهه ۽ ٻيا ڄاڻايل آهن، فصل ڇهين ۾ قصا گوئي ۽ عروضي شاعري بيان ڪيل آهي، فصل ستون نثر نويسيءَ بابت آهي ۽ آخر ۾ ادبي جائزو ڏنل آهي هن ڪتاب جو باب ڇهون انگريز دور جو احاطو ڪري ٿو پهرين فصل ۾ سياسي پس منظر ڏيڻ کان پوءِ، ميمڻ صاحب نثر جا دور بيان ڪيا آهن ان کان پوءِ نثري صنفن ۾ افسانو، ناول، ڊرامو، مضمون، تنقيد ۽ تحقيق ڏنل آهن ته مکيه نثر نويسن ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ ۽ منشي اڌارام ٿانور داس کان الهه بچايو سمون تائين 36 نثر نويس آندا آهن، هن باب جي پهرئين فصل ۾ انگريز دور جا شاعر ۽ ڪجهه عروضي شاعريءَ جون صنفون، ڄاڻايل آهن قادربخش “بيدل” کان مصري شاهه تائين شاعرن جو احوال آهي. باب ستون موجوده دور جي تعارف ۽ ادبي رجحان سان گڏ پهريون فصل نثر نويسي آهي جنهن ۾ اهم صنفون ڏنل آهن خاص طور هن دور جون آتم ڪهاڻيون سفرناما، تاريخ ۽ تحقيق پيش ڪيل آهن جن محققن، نقادن ۽ نثرنويسن جو احوال ڏنل آهي انهن ۾ پيرحسام الدين راشديءَ کان مهتاب محبوب تائين 64 شخصيتون آيل آهن، هن باب جي ٻئي فصل ۾ شاعريءَ جون صنفون بيت، وائي، ڪافي، غزل، گيت ۽ ٻيون آهن ۽ شاعرن ۾ پرسرام ضيا کان اختر درگاهيءَ تائين 76 شاعر ذڪر ڪيل آهن.

هن ڪتاب جي خاصيت اها آهي ته هن ادبي تاريخ ۾ گهڻي ۾ گهڻا شاعر ۽ نثر نويس آيل آهن پر خامي اها آهي جو انهن جو تفصيلي احوال ڪانهي جو شاگردن کي يا تحقيق ڪندڙن کي ڪنهن به شخصيت لاءِ تفصيلي ۽ مڪمل مواد هڪ جڳهه ملي سگهي تمام مختصر ذڪر آهي. شاعرن ۽ نثر نويسن جي ڪتابن مان حوالا به گهٽ ڏنل آهن. نه ئي انهن تي ڪا تنقيد ڪيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي باقي، سوهن تاريخ ۾ ادبي دورن جي سياسي، سماجي پس منظر ۽ ادبي جائزي کي فوقيت آهي جو هن کان اڳ انهيءَ نموني ادبي دورن جي تفصيل موجود نه هئي. حاصل مطلب ته هيءُ ڪتاب پنهنجي طور افاديت وارو آهي. ادبي تاريخون ان ئي طرح هڪٻئي جي تسلسل سان سلهاڙيل هونديون آهن جن ۾ ايندڙ محقق ۽ مؤرخ اضافا ڪندا رهن ٿا، ميمڻ صاحب موجب ته؛ “هن ڪتاب کي گهڻو وڌايو ۽ سنواريو ويو آهي هر باب ۾ ڪيترائي اضافا ڪيا ويا آهن ان هوندي به اختصار کي قائم رکيو ويو آهي جو اختصار ۽ جامعيت ئي هن ڪتاب جي مکيه خاصيت آهي.(9) ڊاڪٽر فهميده حسين هن ڏس ۾ لکي ٿي ته، “ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي ادبي تاريخ سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڪيترا اهڙا شاعر ۽ اديب شامل ڪيا آهن جن کي هن کان اڳ ۾ ڇپيل سڀني تاريخن ۾ غير اهم سمجهي شامل نه ڪيو ويو هو. تاريخ جي سلسلي کي صحيح ۽ مڪمل رکڻ لاءِ ننڍا سهي پر انهن شاعرن ۽ اديبن جو حق هو ته انهن کي مڃتا ڏجي. ان خيال کان ميمڻ صاحب جو ڪم اهميت رکي ٿو.(10) ڊاڪٽر مجيد ميمڻ جو ٻيو ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ” 1990ع، آهي جنهن ۾ پڻ ڪم و بيش ساڳيو احوال آهي.


8.سنڌي ادب جي مختصر تاريخ: ڊاڪٽر جبار جوڻيجو جو ڪتاب آهي ڊاڪٽر عبدالجبار ولد سلطان احمد جوڻيجو 26 نومبر 1935ع، تي ڳوٺ پير فتح محمد ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو، سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين يونيورسٽي آف سنڌ ۾ 1962ع، ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿي رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ سنڌي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ هو، فارسيءَ سان گهڻي رغبت هيس، سندس تحقيقي مقالي جو موضوع “سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر” آهي. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، سندن ڇپيل ڪتابن ۾ “سنڌي ادب جي تاريخ”، “مائوءَ جي ملڪ ۾” ونڊ سر محل جو مسافر” ڪٺمال” ڪتاب نصاب ۾ شامل آهن. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر جبار صاحب هائر ڪلاسن ۽ چٽاڀيٽيءَ جي امتحان لاءِ لکي جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع، ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 1983ع، ۾ ۽ ٽيون 1993ع، ۾ روشني پبليڪيشن 253 صفحن تي  شايع، ڪيو ۽ ان کان پوءِ هي ڪتاب ڇپجندڙ رهيو آهي.

هن تاريخ ۾ ٽي ڀاڱا آهن، پهرين ڀاڱي ۾ ٽي باب، ٻئي ڀاڱي ۾ ٽئي باب ٽئي ڀاڱي ۾ چار باب ڏنل آهن، پهرين ڀاڱي جو باب پهريون تهذيب، تاريخ، ٻوليءَ جي بنياد ۽ قدامت بابت آهي ته ٻيو باب، ادب، قديم شاعريءَ جي باري ۾ آهي ۽ ٽيون باب قاضي قادن کان عيسوهالائي تائين آهي، ٻئي ڀاڱي جو پهريون باب شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻيو باب طويل نظم سنڌيون ۽ باب ٽيون سچل کان خليفو نبي بخش ۽ شاهه شريف ڀاڏائي تائين آهي. ڀاڱو ٽيون نثر جي باري ۾ آهي جو فقط 141 کان 178 صفحن تي مشتمل آهي مطلب ته هن ادبي تاريخ ۾ نثر جو احوال فقط 37 صفحن تي آهي جنهن ۾ مختصراً چند اهم نثر نگار ذڪر ڪيل آهن ۽ باب ٽيون ۾ جديد شاعريءَ جا ڪشنچند بيوس کان سحر امداد تائين شاعر آهن، باب چوٿون، محقق ۽ مقالا نگار جي باري ۾ آهي جنهن ۾ اهم محقق ڏنل آهن ڊاڪٽر جبار جي هن تاريخ جو مواد گهاٽو هوندي به تشنگي موجود آهي انهيءَ جو سبب ته ادبي تاريخ هڪ ننڍي ڪتاب ۾ سمائڻ مشڪل ڪم آهي جنهن جي ڪري ڊاڪٽر جبار صاحب نئين سر ٽن جلدن ۾ ادبي تاريخ ڇپرائي ميدان ۾ آندي. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جبار ڪن اهم ليکڪن کي آندو آهي ۽ انهن جي ڪم تي تنقيدي رويي سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي خاص طور شاهه عبداللطيف جي باري ۾ تفصيلي بيان ڏنو اٿن ۽ تنقيدي نموني سان شاهه جي شاعريءَ جي ڪردارن ۽ شاعريءَ جي موسيقيت، علامت نگاري ۽ ٻين حوالن سان جائز و پيش ڪيو آهي. حاصل مطلب ته ڊاڪٽر جبار جي هيءَ ادبي تاريخ نظم جي ذڪر تي وڌيڪ ۽ نثر جي بيان تي مختصر هوندي به مدّلل آهي جنهن جي ڪري هي ڪتاب ڳچ عرصو نصاب جو حصو به رهيو آهي.


9.سنڌي ادب جي تاريخ: (3-جلد) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ڪتاب جا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پهريون جلد 2004ع، ٻيو جلد 2005ع، ۽ ٽيون جلد 2006ع، ۾ شايع، ڪيا آهن جن جا ٽائيٽل نيلي ، گلابي ۽ سائي رنگ ۾ آهن صفحا پهريون جلد 352 ٻيو جلد 595 ۽ ٽيون جلد 249 آهن هن تاريخ جو ٻيو ڇاپو به شايع، ٿيو آهي. پهريون جلد ٽن دورن تي مشتمل آهي جنهن جو پهريون دور مقدمي ۽ ڇهن بابن تي مشتمل آهي باب پهريون سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جو دور، باب ٻيو سمن جو دور اسحاق آهنگر ۽ هان فقير تائين، باب ٽيون قاضي قادن، مخدوم نوح باب چوٿون ٻين شاعرن ۽ شاهه عبدالڪريم عنايت تائين، باب پنجون عثمان احساني، لطف الله قادري، باب ڇهون ميون عيسيٰ هالائي، عنايت رضوي ۽ احسان فقير تي مشتمل آهي ٻيو دور چار بابن تي آهي پهريون باب شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ بابت 133 کان 176 صفحن تائين آهي باب ٻيو صوفي شاهه عنايت شهيد کان خواجه زمان ۽ باب ٽيون سيد محمد بقا شاهه راشدي کان تمر فقير تائين آهي باب چوٿون عروضي شاعريءَ جي ابتدا لوڪ ادب ۽ ٻيا شاعر ذڪر ڪيل آهن. هن تاريخ جي پهرين جلد جو ٽيون دور ٻن بابن تي مشتمل آهي باب پهريون ميرن جي صاحبيءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو ان کان پوءِ سچل سرمست، نانڪ يوسف، نماڻو فقير ۽ ٻيا اهم شاعر بيان ڪيل آهن باب ٻيو سنڌي موسيقي ۽ خاص ڪافيءَ جي صنف بابت آهي.

سنڌي ادب جي تاريخ جلد (2) ۾ ٻه دور ڏنل آهن 595 صفحن جو هي ٻيو جلد به خاص شاعريءَ تي آڌاريل آهي، پهرين دور جي پهرين باب ۾ بيت، ڪافي، مدح ۽ مناجات جي اهم شاعرن جيئن سرفراز عباسي، روحل فقير، صادق فقير، بيدل، بيڪس، حمل ۽ ٻين کي ته ٻئي باب ۾ حسن بخش شاهه کان احمد ملاح ۽ سانوڻ فقير کي آندو ويو آهي، ٻيو دور چار بابن تي مشتمل آهي باب پهريون ويدانتي ڪلام، سامي آسورام ۽ صوفي دلپتراءِ آهن، باب ٻيو عروضي شاعريءَ بابت آهي جنهن ۾ سيد ثابت علي شاهه کان اسدالله شاهه، سانگي ۽ قليچ بيگ تائين بيان ڪيل آهي باب ٽيون عبدالقادر بيدل کان مخدوم امين فهيم ۽ علي محمد مجروح تائين ڏنل آهي ابراهيم منشي، محمد حسن، سرويچ سجاولي ۽ صائب سرسري ذڪر ڪيل آهي. باب چوٿون جديد شاعريءَ تي آڌاريل آهي جنهن ۾ ڪشن چند بيوس کان تاج بلوچ تائين 34 شاعر ڏنل آهن، جن ۾ 16 شاعر هندوستان جا به شامل آهن جيئن سڳنڌ آهوجا، هري دلگير، ارجن شاد ۽ ٻيا آهن حاصل مطلب ته ادبي تاريخ جي هن ٻن جلدن جي پهريئن جلد ۾ شروعاتي دور ۽ ٻئي جلد ۾ 18 صديءَ جي باقي شاعرن ۽ 19 ۽ ويهينءَ صديءَ جي شاعرن جي جديد شاعريءَ جو جائزو ڏنل آهي هيءَ تاريخ 2000ع، صديءَ تائين جي شعر جي اهم تاريخ آهي. ڊاڪٽر جبار صاحب ادبي تاريخ ۾ آيل مواد جي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”ادبي تاريخ ۾ اهم لاڙن ۽ اهم ليکڪن جو بيان ڪرڻ کپي ۽ انهن جو به جيڪي پنهنجي دؤر ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن مون تاريخ ۾ آيل انهن ليکڪن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي جيڪي معياري آهن“. (11)

مٿئين مؤقف کي ڊاڪٽر جبار صاحب هن تاريخ جي ٽنهي جلدن ۾ مختلف نمونن سان ورجايو آهي سندن موجب ته پاڻ هن ۾ معياري ليکڪ ڏنا اٿن ۽ هرڪو لکندڙ ادبي تاريخ جو حصو نه ٿيڻ گهرجي اهو معيار سندن ذاتي مقرر ڪيل آهي، اسان ڏسنداسين ته پاڻ جلد ٻئي ۾ ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ ٻين چڱن اهم شاعرن کي سرسري ذڪر ڪيو اٿن جيڪي حالانڪه معياري شاعر آهن ۽ انهن جي باري ۾ پي سي ايس ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ سوال پڻ اچن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي هن تاريخ کي نصاب جو حصو پڻ بڻايو ويو آهي ته پوءِ نصاب ۾ اڻ پوري معلومات ڇو ؟ نثر جي حوالي سان پڻ جيڪڏهن ڏسون ته ٽئين جلد ۾ نثر جي ڏيڍ صديءَ جي احوال ۾ تشنگي ملي ٿي.

ادبي تاريخ، جلد ٽيون، نثر بابت نون بابن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهريون باب، سنڌي نثر جي ابتدا، قصو، داستان، ٻيو باب، ناول، ٽيون باب، ناٽڪ، چوٿون، باب افسانو، ڪهاڻي، باب پنجون، سوانح عمري، باب ڇهون، آتم ڪهاڻي، يادگيريون، باب ستون، سفرنامو، خط، ڊائري، خاڪو، باب اٺون، تنقيد، مضمون مترجم ۽ ادبي رسالن، ادبي ادارن ۽ ڪي پڙهڻ جهڙا ڪتاب تي آهي ۽ باب نائون محقق ۽ ٻارن جي ادب تي آهي.

پهريون باب 4 کان 17 صفحن تائين آهي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميران محمد شاهه، وفا عباسي، ڪوڙو مل ذڪر ڪيل آهن ته اهم قصا حاتم طائي، طوطي نامو، داستان امير حمزه، ممتاز دمساز، چار درويش، الف ليليٰ، سيف الملوڪ، بهرام گور، گلشن بهار ۽ گل خندان ڏنل آهن. ٻئي باب ۾، جبار صاحب هند ۽ سنڌ جي اهم ناول نگارن جو ذڪر ڪيو آهي. ناٽڪ جي ٽئين باب ۾ اهم ڪهاڻيڪارن ۽ سندن ڪهاڻين جي مجموعن کي بحث هيٺ آندو آهي، باب پنجون سوانح نگاري ۾ ورهاڱي کان اڳ جو ڪوبه سوانح نگار نه ڏنو ويو آهي، 1952ع، کان فاروق اعظم ، مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جي لکيل سوانح کان شروعات ڪيل آهي جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ مرزا قليچ کان ئي سوانح لکڻ جو رواج شروع، ٿي چڪو هو. باب ڇهون آتم ڪهاڻي ۾ هند ۽ سنڌ جون ڪي اهم آتم ڪهاڻيون ذڪر ڪيل آهن باب ستون سفرنامي ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جي سفرنامي کان شروعات ڪيل آهي، چند اهم سفرناما نگار ڄاڻايل آهن، سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو سفرنامو سير ۽ سفر، خطن جي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي خطن جي ڀاڱي ۾ شيخ اياز، جي ايم سيد، محمد امين کوسو، پير علي محمد راشدي، آءِ آءِ قاضي، سيد ميران محمد شاهه جي خطن ۽ مجموعن جو جائزو آهي ته چند ڊائريون پڻ ذڪر ڪيل آهن، خاڪن جا ڪتاب ماهتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، طارق اشرف ۽ شيخ عبدالرزاق جا بيان ڪيل آهن. باب اٺون تنقيد جو باب آهي جنهن ۾ جبار صاحب اهم ڪتابن ۽ نقادن کي آندو آهي اهو ڄاڻايو آهي ته نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو موضوع، تي بحث ڪري ذاتيات تي نه اچي پوي پر لڳي ٿو پاڻ ڊاڪٽر صاحب کان هن ڏس ۾ ڪجهه ڪوتاهي ٿي وئي، سندن هن تاريخ ۾ ڪيترن فردن تي پاڻ ڇُوهه ڇنڊيا اٿن، جيئن مرزا حبيب الله جي قليچ تي لکيل پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کي غير معياري ۽ سائو پن يا ڪارو پنو جي بي ترتيب نقل سڏيو اٿن. (صفحو 23) قليچ جي ناولن جي مقصديت ڄاڻائڻ لاءِ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ناول جي باري ۾ اڻ ڄاڻائي ڄاڻائي اٿن ۽ سندن مقالن کي غير معياري لکيو اٿن (ص-نمبر 25) ان کان سواءِ ناول واري ڀاڱي ۾ سڀني ناول نگارن کي لوئيندي چون ٿا ته، ”سراج ۽ آغا سليم کان سواءِ ٻين ناول نگارن ٺلهو اڀ ۾ ترارون هنيون آهن“. (ص-43) ثميره زرين جي مهراڻ جون ڇوليون جي مقدمي تي به لکيو اٿن ته، ”هن اهو پاڻ ڪونه لکيو هو“ (ص-97). مطلب ته جبار صاحب کي ڪيترائي ليکڪ غير معياري لڳيا، ان ڪري هن ادبي تاريخ کي ڊيگھ ڏيڻ جي بجاءِ محدود رکڻ مناسب سمجهيو نثر جي تاريخ واري جلد (3) جا پروف صحيح چڪاسيل نه آهن، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي ڇپائڻ کان اڳ نظرثاني ڪرڻ گهرجي هيٺ چند مثال ڏجن ٿا جزبي / جذبي، ماطعت/ماهه طلعت، پيش منظر/پس منظر، ڪنوارون/ ڪنواريون، فيروزه سيما/ فيروزه سمون (ص-نمبر 14-17-29-193-249) آهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جي سنڌي ادب جي تاريخ معمولي غلطين جي باوجود هڪ اهم تاريخ شمار ٿئي ٿي، هن کان اڳ ڪابه اهڙي مڪمل تاريخ ڪانهي جنهن ۾ نثر ۽ نظم جو گڏيل هيترو مواد مثالن ۽ حوالن سميت هجي ڊاڪٽر شريف شاد هن ڏس ۾ لکيو آهي ته؛ ”هيءَ سنڌي ادب جي تاريخ سنڌي سماج، شاگردن، توڙي استادن لاءِ هڪ رستو ۽ هڪ واٽ لاءِ نئون در کولي ٿي هونئن به تحقيق جا در کليل هوندا آهن، هر دور ۾ نيون تاريخون لکڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته زماني ۾ تبديليون اڻٽر هونديون آهن جنهن ڪري حالات پٽاندر وقت به وقت ادبي تاريخن کي نئين سر لکڻ گهرجي“. (12) ڊاڪٽر جبار جي تاريخ ۾ 2020ع تائين جو احوال آهي.


10.سنڌي ادب جو مختصر جائزو: ڪتاب اڪبر لغاري 1992ع، ۾ لکيو جو نيو فيلڊس جي مالڪ فيروز ميمڻ شايع، ڪيو، درحقيقت هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ جي زمري ۾ نٿو اچي پرهتي هن ڪتاب جو ذڪر ڪرڻ انهيءَ لاءِ مناسب سمجهيم جو اول ته شاگردن کي هن ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه معلومات ڏجي ٻيو ته ڪيترا پڙهندڙ ۽ وٺندڙ هن ڪتاب کي ادب جي تاريخ سمجهي به پڙهن ۽ وٺن ٿا ۽ انهيءَ کان پوءِ سندن انهيءَ مقصد جو پورائو به نٿو ٿيئي جنهن لاءِ انهن هيءُ ڪتاب ورتو، اهو ڪيترن شاگردن ڄاڻايو به آهي. اصل ۾ اڪبر لغاريءَ پنهنجي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي تياريءَ دوران سنڌيءَ، جي پيپر لاءِ موضوع، مطابق ڪتاب جي کوٽ ڏسي هن ڪتاب کي تيار ڪيو (انهيءَ وقت جي سي ايس ايس جي نصاب ۾ سنڌيءَ جي مضمون لاءِ 28 ڪتابن کي پڙهڻو ٿي پيو جڏهن ته موجوده نئين نصاب مطابق ڪم از ڪم 70 ڪتابن کي پڙهڻو آهي لغاري صاحب 28 ڪتابن جي ڳولا شروع، ڪئي پر هو مڪمل ڪتاب حاصل ڪونه ڪري سگهيو جيڪو به مواد هٿ ڪيائين هي نوٽس ٺاهيائين جيڪو سندس امتحان ڏيڻ کانپوءِ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ ٿي ڇپيو خاص طور اميدوارن جي ضرورت مطابق امتحاني پيپرن جي حساب سان تيار ڪيائين جنهن جي ڪري ڪافي وقت هيءُ ڪتاب مقصدي طور هلندڙ رهيو سي ايس ايس نصاب پڻ هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي ته هن ڪتاب جي افاديت اها نه رهي آهي جا پهرين هئي موضوع، جي حوالي سان هن جائزي ۾ ادبي دور، نثر جون صنفون، افسانو، ڊرامو، ناول ڏنل آهن. ٻوليءَ جو بنياد ۽ ادب ۾ جديد لاڙا ڄاڻايل آهن ته گڏ چند اهم شاعر ۽ پنج محقق ۽ نثر نويس ڏنل آهن شاعريءَ جي صنفن ۾ خاص طور غزل تفصيلي آهي، افسانا نگارن ۾ فقط امرجليل ۽ نسيم کرل آهن ته ناول نگارن ۾ آغا سليم، نجم عباسي ۽ سراج ميمڻ ڏنا ويا آهن، ڪنهن به ناٽڪ نويس يا مضمون نگار يا ٻين نثر جي موضوعن جو تفصيل ڏنل نه آهي. لوڪ شاعريءَ جون ڪي صنفون آهن. شاعريءَ ۾ ڪافي يا وائيءَ کي ليکڪ مختصراً پيش ڪيو آهي 192 صفحن جو هيءُ ڪتاب جنهن مقصديت لاءِ لکيو ويو اهو حق هن ڪتاب انهيءَ وقت ادا ڪيو ڊاڪٽر اسحاق سميجو مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، جيتوڻيڪ اڪبر مختلف بابن ۾ ڪتاب جي مواد کي وس آهر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ موجوده زماني تائين اڀري آيل اهم شاعرن ۽ افسانه نگارن کي شامل ڪيو اٿس پر پنهنجيءَ نوڪريءَ جي مصروفيتن سبب هو ان کي گهڻو ڌيان ۽ وقت نه ڏئي سگهيو آهي، جيڪڏهن هو هر دور ۽ صنف جي تاريخي پس منظر ڏيڻ سميت نثر ۽ نظم جي ڪجهه وڌيڪ صنفن کي هن ڪتاب ۾ به شامل ڪري ها ته هن ڪتاب جي اهميت اڃان به وڌيڪ ٿي وڃي ها. (13) حاصل مطلب ته هيءُ هڪ مختصر ادبي جائزو آهي جو امتحاني ضرورت تحت ڪم آيو.


11.سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات: پروين موسيٰ ميمڻ (راقم الحروف) جو ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع، ۾ شايع، ڪيو، ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو، سنڌي ادب جي شروعات، اوائلي دور، عربن جي آمد کان پوءِ، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دورن کي ذڪر ڪيو ڪندي هر دور جو احوال ۽ ان جون ادبي خوبيون الڳ سان ڄاڻايل آهن. موجوده دور کي 1947ع، کان 2003ع، تائين ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نثر جي ترقي، شاعري، نثري صنفون، شاعريءَ جون صنفون، اشاعتي ادارا، ادبي جماعتون، ادبي ڪانفرنسون، لوڪ ادب، ٻولي ۽ ٻيا موضوع، شامل آهن، قاضي قادن کان بيوس تائين شاعرن کي ذڪر ڪيو ويو آهي ته عالم، اديب، محقق ۽ نثر نگار به بيان ڪيا ويا آهن. ”ناول جهان آرا“، ”غريبن جو ورثو“، تي خاص نظر وڌي ويئي آهي، ادب ۽ صحافت جا موضوع، پڻ آندل آهن. 272 صفحن جي هن ڪتاب جي آخر ۾ لطيف شناسيءَ تي مواد ڏنل آهي. ليکڪا ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿي ته؛

”سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ هڪ وسيع، موضوع، آهي جيڪو هڪ مختصر ڪتاب ۾ سمائي نٿو سگهجي پر مقابلي جي امتحانن جي ضرورت کي مد نظر رکندي هيءُ ادبي جائزو پش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، اميد ته پي سي ايس، سي ايس ايس ۽ ايم اي جي شاگردن کان سواءِ ادب جي قارئين لاءِ پڻ هيءُ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿيندو، هن ڪتاب ۾ پي سي ايس جي پيپرن (History of sindhi literature & general sindhi) کي ڪور ڪيو ويو آهي“.(14)

هن ڪتاب جو ڇاپو موجوده وقت ختم ٿيل آهي.


12. ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس (تنقيدي ادب جي تاريخ)“: ڊاڪٽر پروين موسيٰ يعني راقم الحروف جو ڪتاب آهي. “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” هائر ايجوڪيشن اسلام آباد 2008ع، ۾ ڪرائون سائيز ۾ شايع، ڪيو ۽ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع، ۾ شايع، ڪيو آهي، علمي، ادبي ۽ تدريسي حوالي سان اهميت رکندڙ، هن هڪ ڪتاب ۾ شاگردن کي تمام گهڻي ڄاڻ، نثري ادب جي حوالي سان هڪ ئي جاءِ تي ملي ويندي آهي. هيءُ ڪتاب پوسٽ گريجوئيٽ ليول کي به ڪور ڪري ٿو، ڪتاب جو 0-104-417-969 ISBN نمبر آهي، HEC جي Website تي موجود آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي ٽه ماهي نڪرندڙ مئگزين News & Views ۾ سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس جي باري ۾ هن ريت لکيو آهي.

This Book is concerned with the history of sindhi literature a critical and deep analysis the genres of sindhi prose such as literary creative essays, research articles, novels, travelogues, short stories and Dramas in the simple and literary language. All the above topics are thoroughly explained with examples, clearly, objectively and specially with simplicity. The details of different forms of prose presented by the author are quiet new with an ideal way, resulting in effective clear and powerful concepts. No Doubt it can be counted as a good addition in the history of literary criticism in Sindhi prose. On the whole this book can be ranked among a few well researched academic books produced in sindhi language. The book not only compasses syllabus for graduates and post graduates and competitive exams but also gives a clear picture of the subject matter at a conceptual level. It is also very beneficial for researchers on sindhi prose.

”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، ”روشني پبليڪيشن ڊيمي سائيز ۾ 370 صفحن تي شايع، ڪيو آهي، جنهن ۾ هيڪ جي طرفان ٻئي ڇاپي جو اجازت نامو موجود آهي، اداري پاران اصرار تي ليکڪا اهو اجازت نامو هيڪ کان ورتو، جنهن کانپوءِ ئي اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي سگهيو آهي، دعائيه ڪلمات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، ڊاڪٽر بلوچ 29 جولاءِ 2005ع، تي لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب جي سڄاڻ سهڙيندڙ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع، ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي، پاڻ شهر ڏيپلي جي علمي ۽ ادبي قافلي جي حدي خوان آهي، سندس هيءُ ڪتاب معيار توڙي مقدار جي لحاظ سان هڪ ڪامياب ڪشالو آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دعاڳو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون و ڪامرانيون عطا ڪري. (آمين)“. (15)

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن ڪتاب جو تفصيلي جائزو وٺي طويل مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ کي “قابل فخر ڪتاب” ۽ “سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ” ۽ “تحسين لائق پروجيڪٽ”، سڏيو آهي. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڀاڱو پهريون، نثر جي تعارف سان گڏ مضمون نويسي ۽ مقالا نگاري جي باري ۾ آهي، جو سنڌي نثر جي لکت ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين جيڪا صنف مشهور ٿي اها مضمون نويسي هئي جا اخبارن وسيلي عام ٿي، مضمون نويسي جي ڀاڱي ۾ لطيف شناسيءَ جي ڪتابن جو جائزو پڻ ڏنل آهي، ته “مقالات الحڪمت”، “گل ڦل”، “ادبي آئينو”، “سير ڪوهستان”، “هٻڪار” “مقالا”، “ڪٺمال” ۽ ٻين اهم ڪتابن جو تنقيدي اڀياس ڏنل آهي، ناول جي ڀاڱي ۾ “راسيلاس”، “زينت”، “غريبن جو ورثو”، “نورجهان”، “سانگهڙ”، “همه اوست”، “پڙاڏو سوئي سڏ” ۽ ٻيا ناول مطالعي هيٺ آيل آهن ته گڏوگڏ ناول جي شروعات ۽ بتدريج ٿيل ترقيءَ جو جائزو ڏنل آهي، سفر نامن جي باري ۾ احوال موجوده ادبي تاريخن ۾ تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هن ڪتاب ۾ سفر نامي جي صنف جي سنڌي ادب ۾ شروعات ۽ تاريخ بيان ڪرڻ سان گڏ، “سير ۽ سفر”، “سفر يورپ جي ڊائري”، “اندر جنين اڃ”، “ڏوري ڏوري ڏيهه”، “هو جي وڻ ولات جا”، “ديس بديس”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “دنگيءَ منجهه درياهه” ۽ ٻين سفرنامن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيل آهي، افسانا نويسيءَ جي مد ۾ افساني جو فن، سنڌي افساني ۾ عورتن جو حصو ۽ جديد لاڙا ڏنل آهن ته گڏ هيٺ ڏنل ڪهاڻين جي مجموعن جو تحقيقي اڀياس ڏنل آهي، “سفيد وحشي”، “گلشن عبرت”، “اٺون ماڻهو”، “دل جي دنيا”، “تاريخ جو ڪفن”، “ٽيون وجود”، “ڌرتي روشن آهي”، “اداس واديون”، “ايڏو سور سهي”، “ڌرتيءَ ڌڪاڻا”، “ڪربلا”، “جلاوطن”، “مٺي مراد”، “لهر لهر زندگي” ۽ ٻيا ڪتاب آهن، ساڳيءَ ريت ڊرامي جي صنف جي باري ۾ ڪارائتي معلومات ڏنل آهي ته آخر ۾ سنڌي ادب ۾ آيل جديد لاڙن کي پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب لکڻ لاءِ انيڪ ڪتابن مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي، هلندڙ وقت ۾ ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي صنفن جي باري ۾ تفصيلي مواد موجود نه هو، انهي لحاظ کان سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، جي افاديت اتم آهي، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته، “ههڙي بهترين تنقيدي ڪتاب جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ پروفيسر پروين صاحبه کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي، آئون دل جي گهراين سان منهنجي نياڻي پروفيسر موسيٰ ميمڻ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، سندس هيءَ ڪاوش ثابت ٿي ڪري ته هن نياڻي کي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق آهي، منهنجي دعا آهي ته سنڌ جي هيءَ نياڻيءَ پنهنجي مقصد ۾ اڃا به وڌيڪ ڪامياب ٿئي ۽ موليٰ ڪريم سندس من جون مرادون پوريون ڪري. (آمين)“. (16)

سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، پنجن اهم نثري صنفن مضمون، ناول، ڪهاڻي، سفرنامي ۽ ڊرامي جي باري ۾ ۽ انهن صنفن جي اهم ڪتابن جي باري ۾ تنقيدي ڄاڻ ڏئي ٿو، ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي والده غلام فاطمه جي نالي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ رائج تحقيقي طريقي مطابق ضميميو ۽ ببليو گرافي ڏنل آهي.


13. سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو:  مختيار احمد ملاح جي شخصيت سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل آهي، تعلقي گمبٽ جي هڪ ننڍي شهر اڳڙا ۾ سندس جنم 1973ع، ۾ ٿيو، هن بنيادي تعليم اڳڙا ۽ انٽرميڊيٽ گمبٽ مان ڪئي، سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت ليڪچررشپ ۾ رهيو، موجوده وقت سنڌ حڪومت ۾ سيڪشن آفيسر طور سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب نصابي حوالي سان شايع، ٿي چڪا آهن، جن ۾ سنڌيءَ کانسواءِ پاڪستان افيئرز، اسلامڪ اسٽيڊيز ۾ به آهن، سنڌي ادب ۾ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جي حوالي سان هن تحريري ۽ زباني امتحانن لاءِ ڪتاب لکيا آهن، “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو” ڪتاب هڪ ضخيم ڪتاب آهي جو ڪاٺياواڙ اسٽورز 2006ع، ۾ شايع، ڪيو ۽ 2014ع، ۾ ٻيو ڇاپو ڇپيو. سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو، ادب جي مختلف تاريخي دورن سان گڏ اهم اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي معلومات تي مشتمل آهي ته آخر ۾ چند ڪتابن جو مختصر جائزو پڻ شامل آهي، هي ڪتاب ادب، ادب جي تاريخ ۽ ان جو سماجي ڪارج، سنڌي ادب جي تاريخ ان جو تاريخي پس منظر، برهمڻ دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادبي پس منظر، عرب دور کان موجوده دور تائين جو جائزو ڏنل آهي، هر دور جو تاريخي، سماجي ۽ ادبي پس منظر ڏنل آهي، ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کانپوءِ جي مختلف ادبي صنفن جيئن مضمون نويسي، ڊراما نگاري، ناول، ڪهاڻي، تحقيق، تنقيد، تاريخ ۽ لسانيات جي موضوعن جو جائزو ڏنل آهي، ان کانسواءِ لوڪ ادب، لوڪ شاعري، جديد شاعري جو ذڪر آهي، مشهور محققن، اديبن ۽ شاعرن جي سوانح ۽ سندن ادبي خدمتون ڏنل آهن، تحقيق ڪندڙن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن موجب ته بظاهر هن ڪتاب ۾ مواد جهجهو آهي پر ڪجهه جهڳين تي عيسوي سن ۽ ڪجهه مواد جي باري ۾ احوال ۾ غلطيون آهن، جن کي ٻئي ڇاپي ۾ سڌارڻ جي گهڻي ضرورت آهي، ان کان سواءِ هن تاريخ ۾ سنڌي ادب جي ڪتابن جي باري ۾ ذڪر ضرور آهي پر پيرائتي معلومات ۽ انهن جو تجريو ڏنل آهي. مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ گهاٽو ۽ ڪارآمد مواد آهي.


14. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ): ڪتاب ڊاڪٽر پروين موسى (راقم الحروف) سي.ايس.ايس جي نئين نصاب مطابق لکيو آهي جنهن جي موضوعن ۾ ٻوليءَ جي قدامت، ادبي دور (موجوده دور تائين)، ڪلاسيڪل شاعر، ڪلاسيڪل شاعريءَ جون صنفون، جديد شاعر، جديد شاعريءَ جون صنفون، نثر نگار، اهم ناول جيئن، ”زينت“، ”سانگهڙ“، ”همه اوست“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”موهن جو دڙو“، ”رهجي ويل منظر“، ”اوڙاهه“ ۽ ٻين جو تنقيدي جائزو آهي. افسانوي مجموعن ۾، ”پشو پاشا“، ”آبِ حيات“، ”بلو دادا“، ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”چوٽيهون دَر“، ”تخليق جو انت“ ۽ ٻين ڪتابن جو تنقيدي اڀياس آهي، ڊرامن ۾ ”شهزادو بهرام“، ”انڪوائري آفيسر“، ”ڪاڪ محل“، ”بدنصيب ٿري“، ”ڪي جي ٻيجل ٻوليو“ ۽ ٻيا آهن، ته سفرنامن ۾، ”سفر يورپ جي ڊائري“، ”سير ۽ سفر“، ”مائوءَ جي مُلڪ ۾“، ”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”چار گهڙيون چين ۾“ ۽ ٻيا سفرناما جائزي هيٺ آندا آهن، ان کان سواءِ ڪيترن مددي ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو آهي. هن ڪتاب جو مواد ادبي تاريخ جيئن ڏنل ۽ شاگردن ۽ محققن جي ضرورت مطابق آهي.


15.جديد سنڌي ادب: مظهر جميل جو لکيل ڪتاب آهي سيد مظهر جميل 9 مارچ 1936ع، تي ناگپور حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو 1939ع، ۾ پاڪستان آيو ۽ سکر سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪيائين سکر ۾ ئي مڪمل طور ڪم ڪرڻ بعد 1973ع، کان ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سنڌ جي سماجي، سياسي، ۽ تهذيبي ڄاڻ سان گڏ سنڌي ادب سان دلچسپي اٿس ڪيترن دانشورن جا انٽرويو ڪيائين جي ”گفتگو“ ڪتاب ۾ ڇپيا سنڌي ادب جي حوالي سان سندس ٻه ڪتاب مشهور آهن ”آشوب سندهه اور اردو فکشن“ ۽ ”جديد سندهي ادب“، جديد سندهي ادب اڪيڊمي بازيافت آڪٽوبر 2004ع، ۽ مارچ 2007ع، ۾ ٻيو ڇاپو شايع، ڪيو آهي 1584ع، صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 1000 روپيه آهي هن ڪتاب جو مهاڳ محمد ابراهيم جويو لکيو آهي، جويو صاحب لکي ٿو ته؛

یہ بات تحسین لائق ہے کہ مصنف نے استد لال اور حوالہ جات پر غیرمعمولی توجھ دی ہے جس کے بغیر قابل اعتبار تاریخ نویسی ممکن نہیں۔ آخر میں مظہر جمیل کی توجھ اس امرکے طرف دلانا چاہوں گا کہ کہیں کہیں ناموں کی کتابت اور تاریخ درست نہیں ادب کی تاریخ اور تنقید کے کتاب میں ناموں اور کاموں کی صحت پر توجھ دینا ضروری ہوتاہے۔(16)

هيءُ ڪتاب طويل آهي جنهن جي هر هڪ باب جو احوال هن مختصر مقالي ۾ نٿو ڏيئي سگهجي ڪتاب جي باري ۾ اهم ليکڪن جا رايا اندرين ليف ۾ ڏنل آهن جن ۾ سراج ميمڻ، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، الياس عشقي، ممتاز مهر، آغا سليم ۽ ٻيا آهن، شروع، ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جا فوٽوز پڻ ڏنل آهن جا هن ڪتاب ۾ نئين روايت آهي هن ڪتاب جي اهم خوبي سنڌي شاعريءَ جا اردو ترجما آهن ته سنڌي نثر جي ڪتابن جو بيان آسان اردو ٻوليءَ ۾ ڏنل آهي خامي اها آهي ته ڪجهه افسانن، ناٽڪن، ناولن جا نالا اردو ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن جن ۾ غلطيون آهن ۽ مطلب ۽ معنيٰ ۾ فرق اچي پيو. صفحي 348 تي ڄاڻايل آهي ته، ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ 29 سُر آهن جيڪا علمي غلطي آهي ڪي احوال ورجايل پڻ آهن ڪجهه هنڌن تي ڪمپوزنگ جون غلطيون پڻ آهن، باقي احوال تفصيلي آهي، ليکڪ ڪتاب جو انتساب پنهنجي والد مولوي سيد عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي ڪتاب جي شروع، ۾ رگ ويد ۾ سنڌ جي آيل تعريف کي اردوءَ ۾ ڏنو اٿس ته شاهه لطيف جي وائيءَ سان شروعات ڪيل آهي اهو ترجمو صبا اڪبر آبادي ڪيو ۽ دُعا سر سارنگ جي اردوءَ ۾ آغا سليم جي ڪيل ترجمي مان ڏنل آهي، ڪتاب جي فهرست 13 صفحن کان 106 صفحن تائين آهي، وڏن ليکڪن ۽ شاعرن سان گڏ ڪيترن ٻين ليکڪن ۽ شاعرن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، ٻين تاريخن وانگر ادبي دورن کان شروع، ڪيل آهي جنهن ۾ هر دور جي سياسي سماجي ۽ علمي حالتن کي بيان ڪيو ويو آهي هن ادب جي تاريخ ۾ مظهر جميل ناول، افسانو، ڪهاڻي، سوانح، آتم ڪهاڻي ۽ ٻيون صنفون ڏنيون آهن پر ٻاراڻو ادب ۽ عورتن جو ادب ۾ حصو، جا صفحا ضخامت سبب ڪڍي ڇڏيا آهن، مظهر جميل جو هيءُ ڪم ادب جي تفصيلي مطالعي لاءِ اهميت جوڳو آهي.


مٿئين ادبي تاريخن جي جائزي کان پوءِ هڪ اهم نڪتو سامهون آيو آهي ته، ڪجهه ليکڪن ادبي تاريخن ۾ هٿ ته ونڊايو آهي پر جيئن ته نه اهي سنڌي ادب جا شاگرد آهن ۽ نه ڪي استاد. انهيءَ ڪري هو انهيءَ مضمون سان سلهاڙيل نه هئڻ جي صورت ۾ انهيءَ ڪم کي اهڙي تحقيقي ۽ تنقيدي نموني پيش ڪري نه سگهيا آهن، جيڪا ادبي تاريخن جي گهرج آهي. خانببهادر صديق ميمڻ، ڪاڪو ڀيرومل، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيا، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ جو مضمون پڙهي، پڙهائي، لکي ۽ مستقل ۽ مسلسل ساڳئي مضمون سان واسطي ۾ هئڻ ڪري سندن تحقيق جو پئمانو بلند ۽ معياري رهيو.

مون پاڻ ٽيهه سال سنڌيءَ جو مضمون پڙهيو ۽ پڙهايو ۽ لکيو آهي ته گڏ پي ايڇ ڊي به سنڌي نثر جي موضوع، تي ڪئي آهي سنڌي ادب سان سٻنڌ رهيو اٿم مٿين محققن جي نقشِ قدم تي هلندي هن ڏس ۾ محنت ڪئي اٿم، جا صاب پڻ پيئي آهي ۽ اڃا به هڪ مفصل ادبي تاريخ جو ڪم رٿيو اٿم انشاءَ الله پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبي. يقيناً مون کان به غلطيون ٿيون هونديون جن جي لاءِ اڳواٽ معذرت خواهه ۽ اصلاح جي حامي آهيان. جيئن ته ادبي تاريخون وقت سان گڏ وڌندڙ هجن ٿيون ۽ انهن ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون هر محقق جو نڪتهء نظر پڻ مختلف هجي ٿو ته به مجموعي طور هن تحقيقي جائزي مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته؛

1.   خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي لکيل، سنڌ جي ادبي تاريخ فقط 65 شاعرن ۽ نثر نويسن جي ذڪر تي محيط آهي پر هن ڪتاب ۾ بنيادي احوال تحقيق سان ڏنل آهن، جنهن کان پوءِ ادبي تاريخ لکڻ ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي انداز سان لکڻ جو رواج پيو. احوال ورهاڱي تائين آهن.

2.   ڪاڪي ڀيرو مل جي ٻوليءَ لاءِ لکيل تاريخ مان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، نظرين ۽ اوسر جي ڄاڻ پوي ٿي ته گڏ سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، گرامر جيڪي اڳ ۾ ڪنهن تاريخ جو حصو نه هئا سي هن تاريخ ۾ آيا خاص ٻوليءَ بابت احوال 1947ع تائين آهي.

3.   پير حسام الدين راشدي جو لکيل سنڌي ادب اردوءَ ۾ آهي پر ان جو سنڌي ترجمو نصاب ۾ مقرر به ڪيو ويو آهي هن تاريخ ۾ ادبي دورن کي پاڪستان دور تائين آندو ويو، هيءَ تاريخ مختصر ۽ اڻ پوري آهي.

4.   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تاريخ جو وڏو حصو ٻوليءَ جي ترقي ۽ توسيع، جي حوالي سان آهي ۽ ادبي دورن جي حوالي سان ٻوليءَ جي تعمير ۽ وسعت کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي، 500 ق- ۾ دور کان ٽالپر دور مشهور شاعر ساميءَ تائين هيءَ تاريخ ختم ٿيئي ٿي. هن تاريخ ۾ ٽالپر دور تائين جو احوال آهي.

5.   ملڪاڻي منگهارام جي لکيل سنڌي نثر جي تاريخ ۾ سنڌي نثر ۽ صنفن جو ذڪر آهي نثر جي صنفن جي ڇنڊڇاڻ تي پهرين اهم تاريخ آهي. هن تاريخ ۾ جدت به آهي ته گهڻي ۽ گهاٽي مواد سبب پڙهڻ ۾ ڪي قدر ڏکي به آهي. آسان نه هئڻ سبب شاگردن لاءِ ڪي قدر مشڪل آهي ۽ سڄو نثر جو احوال 1947ع تائين آهي.

6.   ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي نثر جي تاريخ ۾ هن پنهنجي پسند جي 28 نثر نويسن کي ذڪر ڪيو آهي. سندن چواڻي ته ڪيترن ئي نثر نويسن جو ذڪر هن تاريخ ۾ اچڻ کان رهجي ويو آهي هن تاريخ ۾ سنڌي نثر جي اوسر ۽ سر چشمي جو احوال ڏنل آهي ۽ هن تاريخ ۾ پڻ 1955ع تائين جو احوال آهي.

7.   ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ هر تاريخي دور جي ادب سان گڏ انهيءَ دور جون سياسي ۽ سماجي حالتون ڄاڻايل آهن ته آخر ۾ ادبي جائزو ڏنل آهي جا هن تاريخ جي خاص ڳالهه آهي ته گڏ اختصار جي باوجود ڪيترن نون ليکڪن ۽ شاعرن کي آندو ويو آهي.

8.   ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو شروع، ۾ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ لکيو، جنهن ۾ نثر جو ڀاڱو محدود آهي باقي شاعريءَ جو احوال وڌيڪ آهي، پوءِ سنڌي ادب جي تاريخ ٽن جلدن ۾ شايع، ٿي جنهن جا ٻه جلد شاعريءَ جي باري ۾ آهن ۽ هڪ جلد نثر جي باري ۾ آهي انهيءَ جي مطالعي بعد اها ڪمي محسوس ٿئي ٿي ته ان هڪ جلد ۾ سنڌي نثر جي احوال جو پورائو ان ريت نه ٿيو آهي، جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر جبار جهڙي محقق ۽ نقاد کي ڪرڻ کپندو هو هن تاريخ جي نثر واري جلد ۾ اڃان ڪجهه تشنگي محسوس ٿيئي ٿي باقي سڄي تاريخ 3 جلد ڪارائتي احوال تي مبني آهي خاص طور شاعريءَ جا ٻيئي جلد تمام اهم آهن اهڙو احوال اڳ ۾ موجود ڪونه هو. ڊاڪٽر جبار جي هيءَ تاريخ 2002ع ۾ مڪمل ٿي انهيءَ کان پوءِ جو احوال هن تاريخ ۾ شامل ڪونهي.

9.   اڪبر لغاريءَ جو لکيل سنڌي ادب جو مختصر جائزو سندس لکيل پي سي ايس جي امتحان لاءِ نوٽسن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو به آهي ۽ جيئن ته هي ڪتاب مختصر نوٽسن تي مشتمل آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ وڏي واڌ ويجهه ٿي آهي انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي معلومات موجوده وقت اڻپوري شمار ٿيئي ٿي.

10.                    ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، 2004ع، ۾ روشني پبليڪيشن شايع، ڪيو جو 13 سالن تائين سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ليڪچرز شپ جي امتحانن جي حوالي سان ڪامياب رهيو ۽ هن ڪتاب ۾ مون ادبي تاريخ جيان ٻوليءَ، ادب ۽ ادبي دور نثر، جون صنفون شاعريءَ جون صنفون چند اهم شاعر، نثر نويس ۽ محقق ذڪر ڪيا آهن ته گڏ اهم ڪتابن جو جائزو پڻ ڏنو آهي آخر ۾ لطيف شناسيءَ تي 12 مضمون پڻ ڏنل آهي هيءُ ڪتاب خاص امتحاني ضرورت تحت تيار ڪيو ويو هو جو شاگردن ۾ مقبول ٿيو، موجوده وقت هن ڪتاب جو ڇاپو موجود ڪونهي.

11.                    سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، جنهن کي ڊاڪٽر الانا صاحب، “تنقيدي نثر جي تاريخ” سڏيو آهي سنڌي نثر جي اهم صنفن مان مضمون، مقالا، ناول، سفرناما ۽ افسانا اڀياس هيٺ آيل آهن ۽ لاڳاپيل صنفن سان واسطو رکندڙ بنيادي ڪتابن جو تفصيلي ۽ تنقيدي جائزو ڏنل آهي. جيئن ناول راسيلاس، زينت، مقالات الحڪمت ۽ ٻيا، سفرنامن جي اهم ڪتابن کي تنقيدي جائزي ۾ اهميت ڏني ويئي آهي هر صنف جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي هن ڪتاب جي مقبوليت اڄ به شروع، ڏينهن وانگر قائم آهي.

12.                    سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، (ادبي تاريخ) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ (راقم الحروف) جو ڪتاب 2015ع، جي نومبر ۾ شايع، ٿيو آهي 400 صفحن جي هن ڪتاب کي ظاهري طور ته سي ايس ايس جي نئين نصاب مطابق جوڙيو ويو آهي پر ان جو انداز ادبي تاريخ جو رکيل آهي ٻولي، ادب، ڪلاسيڪل شاعري ۽ شاعر، جديد شاعريءَ جون صنفون جديد شاعر، نثر جون صنفون، مشهور نثر نويس، ناول، سفرناما، ناٽڪن جا مجموعا، افسانن جا مجموعا، تنقيدي جائزي هيٺ آيل آهن. ادبي دور ۾ موجوده دور 2015ع، تائين جو احاطو ڪيل آهي چند ڪتابن ۽ خاص لطيف شناسيءَ جي ڪتابن جو هن ڪتاب ۾ جائزو ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي ڇاپي 2018ع، ۾ هن ڪتاب ۾ وڌيڪ سئو صفحن جو اضافو ڪري ڪيترائي ٻيا نثر نگار ۽ شاعر شامل ڪيا ويا آهن، هيءُ ڪتاب نه فقط چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان پر سنڌيءَ جي ٻين به امتحانن واسطي ڪارائتو آهي، ٿوري ئي وقت ۾ هن ڪتاب جون 3 هزار ڪاپيون ختم ٿي ويون. شاگردن جي ضرورت جي مد نظر سي ايس ايس اڪيڊمين ۾ به هن ڪتاب کي پڙهائڻ جي ترجيح ڏني پئي وڃي.

13.                    مختيار ملاح جو ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو ڪجهه جڳهين تي سنَدن جي حوالي سان غلطيون به آهن ته جيئن جو تيئن احوال آندو ويو آهي تحقيق ۽ تنقيد وارو پهلو تشنه آهي . انهيءَ جي باوجود به هن ڪتاب ۾ تفصيلي مواد موجود آهي. ڪتاب جا صفحا گھڻا ۽ قيمت وڌيڪ هئڻ سبب شاگردن جي پهچ کان مٿي آهي.

14.                    جديد سنڌي ادب، مظهر جميل جي لکيل تاريخ بظاهر ته ضخيم آهي پر گهڻيءَ ضخامت سبب گهربل احوال ڳولهڻ ۾ دقت آميز ۽ گهڻن حوالن جي تفصيل سبب عام پڙهڻ ۾ ڏکيو آهي هن ڪتاب کي ٻن جلدن ۾ هجڻ گهربو هو.

اهي فرد جن جو واسطو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان سڌو سنئون ڪونهي پر هن ڏس ۾ شوق جو پورائو ڪن ٿا. انهن کي محتاط ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي ڪنهن به ادبي تاريخ جو ضخيم هئڻ کان وڌيڪ مستند هئڻ ضروري آهي.

ان کان سواءِ پڻ ڪي تذڪرا ۽ ادبي تاريخون آهن جن سڀن جو ذڪر هن مقالي معرفت مڪمل نٿو ڏيئي سگهجي جن ۾ ”سنڌي شاعريءَ جي تاريخ“، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”سنڌي ٻولي“ سراج الحق ميمڻ، ”سنڌي زبان و ادب“ ڊاڪٽر حيدر سنڌي، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو “سنڌي ادب جي ارتقا” “سنڌي ادب جي ڪهاڻي”، ڊاڪٽر شمل جي زباني، “هسٽري آف سنڌي لٽريچر” پوپٽي هيراننداڻي “ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو“، ملڪاڻي ۽ هندوستان ۾ ڇپيل ٻيا ڪتاب آهن. ان کانسواءِ سوانحي ادب ۾ ڪي چڱا ڪتاب موجود آهن جن مان اديبن ۽ شاعرن جو تذڪرو ملي ٿو جيئن “مارو جي ملير جا” خادم حسين چانڊيو، “سنڌي ادب” يوسف سنڌي ۽ ٻيا ڪي ڪتاب آهن جي ادبي تاريخون ته نه آهن پر سوانح جي مد ۾ اهم آهن، ادبي تاريخ لکڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ۽ هيءُ هڪ وڏو محنت طلب، ڪٺن ۽ صبر آزما ڪم آهي جيئن ته مون مٿي ڄاڻايو آهي ته، ادبي تاريخون هڪٻئي جو تسلسل هجن ٿيون جنهن جي ڪري هر دور ۾ نوان نوان محنتي، ڄاڻو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا عاشق ايندا رهندا ۽ هن سلسلي کي جيئاريندا رهندا ۽ ايندڙ کان ايندڙ دورن ۾ رهيل ڪم کي وڌائيندا رهندا.


حوالا:

1.         جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص-14.

2.         ميمڻ، محمد صديق خانبهادر، “سنڌ جي ادبي تاريخ”، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع، ص-46.

3.         فهميده حسين ڊاڪٽر”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ” سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي 1997ع، ص-132.

4.         جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص-154.

5.         ملڪاڻي، منگهارام، “سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص-345.

6.         بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1999ع، ص-8.

7.         الانا، غلام علي ڊاڪٽر، “سنڌي نثر جي تاريخ”، زيب ادبي مرڪز، 1977ع، ص-8

8.         ملڪاڻي، منگهارام، “سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص-19

9.         ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2002ع، ص-19

10.       فهميده حسين، ڊاڪٽر، “ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ”، سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1997ع، ص-158.

11.       جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي تاريخ” سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2004ع، ص-11

12.       سومرو، محمد شريف شاد، ڊاڪٽر، “ادبي تاريخ نويسيءَ جو فن ۽ سنڌي ادب جي تاريخن جو جائزو”، ٽه ماهي تخيل، چيف ايڊيٽر سڪندر ملاح، اپريل-جون 2017ع، ص-67.

13.       سميجو، اسحاق ڊاڪٽر/لغاري اڪبر، “سنڌي ادب جو مختصر جائزو”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2010ع، ص-12.

14.       ميمڻ، پروين موسيٰ، “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، روشني پبليڪيشن، 2004ع، ص-15

15.       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر/ ميمڻ پروين موسيٰ “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”، (دعائيه ڪلمات) هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2003ع، ص-2.

16.       الانا، غلام علي، ڊاڪٽر/ميمڻ/ پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، (مهاڳ)

17.       جويو، ابراهيم، سيد، مظهر، جميل “جديد سندهي ادب” اڪادمي بازيافت ڪراچي 2007ع، ص-111.