”مُٺ مُٺ موتين جي
ڪتاب جو جائزو: ”مُٺ مُٺ موتين جي“ جي پيش لفظ ۾ جويو صاحب لکيو آهي ته، ”هيءُ اسان جي لائق پڙهندڙن جي خدمت ۾ هفتيوار ”هدايت“ جي پنجن مهينن جي لاڳيتيءَ اشاعت ۾ آيل مواد جي چونڊ لکتن جو نذرانو آهي. جيڪو پيش ٿي رهيو آهي (صه، 5). (هيءَ اخبار 21 جون 1984ع تي جاري ٿي ۽ ڪجھ اڻ ٽر مجبورين سبب 29 نومبر 1984ع تائين هلي سگھي). هن ڪتاب کي جويو صاحب قومي نجات جي چند ڳالهين جو مجموعو سڏيو آهي. جنهن مان ڪابه ڳالھ ڪنهن پڙهندڙ تي جيڪڏهن اثر ڪري ٿي وڃي ته، ممڪن آهي، هو عام ماڻهوءَ کان مٿي، ”فوق البشر“ ثابت ٿي، قوم جي آزاديءَ جو مهندار ٿي وڃي. جنهن جي هن دﺆر ۾ اشد ضرورت آهي. هن ۾ ڪل سترهن ايڊيٽوريل ۽ ٻارهن خط آهن. جيڪي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ ڏين ٿا. شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ ترجمي کان سواءِ، ڪجھ طبعزاد شاعري پڻ شامل آهي. جنهن ۾ عبدالڪريم ”گدائي“ امداد حسيني، استاد بخاري، ادل سومرو سان گڏ سچل سائينءَ جو دعائيه شعر شامل آهي.
مضمونن جو ڀاڱو 283 صفحن تي ۽ چار حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال کانسواءِ ڪجھ مضمون ادبي پڻ آهن ته، ڪجھ متفرقه موضوعن تي آهن. ڪجھ کي ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي. جن اخبارن ۽ رسالن ۾ اهي پهرين شايع ٿيا سي ”ٽائيمس“، ”هيرالڊ“، ”روزانه اسٽار“، ”ويو پوائنٽ لاهور“، ”ماهوار الصادق“، ”روزانه مسلم“ آهن. هنن ۾ ملڪي صورتحال تي ڪافي مضمون آهن، جيئن ڊان جي ليکڪ صلاح الدين جو ”سوچ جي نااهلي“، ”ڪراچيءَ ۾ نشي آور شين جو استعمال“، ”پنجاب نئين سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ (هن مضمون ۾ مسعود کدرپوش پنجاب جي سي.ايس.پي آفيسر جو هيرالڊ کي ڏنل انٽرويو آهي، جنهن ۾ مسعود صاحب مادري ٻوليءَ جي سڃاڻپ کي قائم رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي). ”فرقيواريءَ جون پاڙون“ مضمون اصل ۾، ”ٽائيمس آف انڊيا“ ۾ ڇپيو، جتان، ”روزانه مسلم“ ۾ آيو ۽ پوءِ هدايت اخبار لاءِ چونڊيو ويو، هن ۾ بهترين انداز سان فرقيواريت جا نقصان ٻڌايا ويا آهن ۽ مذهب جي نالي تي رت وهائڻ ۽ گھمسان ڪرائڻ کي، انسانيت جي لاءِ ڇيهو رسائيندڙ ۽ جهالت سڏيو ويو آهي.
”نسل پرستيءَ جي تاريخ“ اڪبر سومري جي طويل مضمون ۾ نسلي برتريءَ جي تاريخ ۽ نسلي تعصب کي بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جون ڏتڙيل قومون پنهنجي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄاڳ ٿي ويون آهن. انهيءَ ڪري هاڻي گورن ۽ ڪارن جو فرق ختم ٿيندو ۽ نسل پرستيءَ جو انت ايندو. سلطان احمد ”پاڻ ڀرائپ ۽ پرڏيهي خبرون“ ۾ هڪ اهم نڪتي کي بيان ڪيو ويو آهي ته اسان جي ملڪ جي پريس ۽ ميڊيا جا ادارا مارشلائي حڪومت جي تسلط جي ڪري آزاد ناهن ۽ عوام جو مٿن ويساھ کڄندو پيو وڃي ۽ سوال پڇيو اٿس ته: ”ڪروڙين پاڪستاني پنهنجي ئي ملڪ جي خبرن لاءِ ساڍين اٺين بجي بي بي سي ٻڌڻ ڇو ضروري ٿا سمجهن؟“.
”طبقاتيت“ خلاف نور محمد سنڌي قومي ۽ بين الاقوامي جائزي هيٺ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. آمريڪا ۽ ان جي دوست ملڪن کي طبقاتيت جو خاص محافظ سڏيندي. عالمي جنگين جي پس منظر کي بيان ڪري موضوع سمجهايو ويو آهي. تاريخ جي حوالي سان شاھ سائينءَ جي ڪلام ۽ آئيڊيالاجيءَ مطابق موضوع جي اپٽار ڪئي وئي آهي.
عالمي صورتحال تي مضمونن ۾ ”جنگ جو راڪاس“، ”هٿيارن جي ڊوڙ“ ۽ ”امن تحريڪون“، ”بکايل دنيا ۽ اڻ اسريل ملڪ“، ”آفريڪا کنڊ بحران ۾“، ”چليءَ ۾ احتجاج جا انوکا رنگ“، ”سامراجيت جا روپ“، شامل آهن. ”بکايل دنيا ۽ اڻ سريل ملڪ“ ۾ پوري دنيا جي جياپي يعنيٰ کاڌي جي باري ۾ تفصيل ڏنل آهي. دنيا جي بک جي صورتحال کي پرڏيهي انگن اکرن سان بيان ڪري، ڏيهي شاعريءَ جي اوٽ ۾، سنڌ سان گڏ سڄي عالم جي سکي هئڻ جي دعا گهري ويئي آهي.. ”آفريڪا کنڊ بحران ۾“، به دنيا ۾ اناج جي بين الاقوامي کوٽ کي بيان ڪري ٿو ۽ آفريڪا کنڊ جي اقتصادي ۽ سياسي حالتن کي واضح ڪري ٿو. متفرقه مضمونن ۾ ”سياسي معاهدو ۽ سياسي حقن جا اصول“ اهم مضمون آهي جيڪو Jean-Jecques Rousseau جان جئڪيس روسيو فرانسيسي ليکڪ جي. چوٿين تصنيف مان ڪجھ ٽڪرن جو ترجمو آهي. هن فرانسيسي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جو نالو ”The Social Contracts“ آهي. هن ڪتاب جي چار ڀاڱن جي اهم ٽڪرن جو ترجمو محمد ابراهيم جويو ۽ غلام حيدر چني ڪيو آهي. هيءُ ترجمو ملڪي معاملن، انساني آزاديءَ جي حقن ۽ سماجي مسئلن کان سواءِ غلاميءَ ۽ ڏاڍائپ جي تصورن تي روشني وجهي ٿو.
(روسيو جا خيال ۽ سوچون فرينچ ادب ۾ ته اهميت جوڳا آهن. پر دنيا جي ادب ۾ به خاص حيثيت رکن ٿا. روسيو جو ڪتاب "The Living Thoughts" سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايم.اي انگريزي جي نصاب ۾ شامل آهي). ”پُرستش مردن جي ۽ زندن جي“ محمد ابراهيم جويو جو رهنمائي مضمون آهي. جنهن ۾ سنڌي سماج جي مرده پرستي ۽ زنده پرستي جي رويي کي سمجھائڻ کان پوءِ، مٿن زور ڀريو ويو آهي ته غلاميءَ جي ذهنيت کي نندي، آزادي، جھموريت ۽ سماجي انصاف جي لاءِ ڪوشش ڪن، جيڪا صرف دعائن ۽ بيک گھرڻ سان نه ملندي، پر عملي ڪوشش جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي خاص ڪوشش وٺڻ گھرجي. ”انسان مشين جي دنيا ۾“ جويو صاحب جو سماجي ۽ اصلاحي مضمون آهي، هن ۾ اُپت ۽ کپت جي اصولن کي سمجھائيندي، انساني زندگيءَ جي کاڌي پيتي، عادتن ۽ اوڍڻ پهرڻ سان گڏ رهائش کي ذڪر ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ مطابق، ”سهڻن گھرن کي ٺهرائڻ، سجائڻ ۽ ذاتي اسراف وارا خرچ ڪرڻ سان ماڻهو غير مهذب ۽ خود نمائيءَ وارو ٿئي ٿو. جيڪو اجتمائي طور هاڃيڪار رويو آهي. حرص، ٽرڙائپ ۽ خريداريءَ جو شوق انيڪ خرابين کي جنم ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري خرچ جا معياري ماپا مقرر هئڻ گھرجن، ڇو جو بي انصاف سماج کي، بقا ۽ دائميت جو پروانو انساني تاريخ جي ڪنهن به دؤر ۾ ميسر نه رهيو آهي“.
”آنندون“ اردون چيڪو جو ورلڊ پيپر ۾ آيل سوانحي مضمون مرلي ڌر ديوداس آمتي جي ڪوڙه جي خدمتن ۽ عالمي انعام جي ملڻ جي معلومات ڏيئي ٿو. ”سقراط“ جي باري ۾ امان الله بلوچ جو ترجمو ڪيل طويل مضمون سقراط جي زندگيءَ جي شروعات کان سندس فلسفي سوچن کي ۽ آخر ۾ سندس موت جي سزا کي بيان ڪري ٿو. ”جتي قلم سچ پچ سگھارو آهي“، هيءُ سوانحي مضمون ماريو ورگاس لوسا آمريڪي اديب جي افسانوي ادب جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن جڳ مشهور اديب وزيراعظم جو عهدو ٺڪرائي، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ سڪون ۽ خوشي حاصل ڪئي ۽ پنج بين الاقوامي شهرت يافته ناول لکيا ڪيترائي ٻيا مضمون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا پروگرام لکيائين. رضيه احمد اسڪوئي (ايراني شاعره) تي لکيل ليک ۾ هن شاعره جي فارسي شاعريءَ مان ڪجھ حوالا سنڌي ترجمي سان ڏنل آهن. هيءَ ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعره انقلابي تحريڪ جي ڪارڪن هئي ۽ 1973ع ۾ ايران جي پوليس سان مقابلو ڪندي مارجي ويئي. ”اوهان جو لبنان ٻيو آ، منهنجو لبنان ٻيو آ“ خليل جبران جو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جو لبنان جي آزاديءَ لاءِ لکيل آهي. جنهن کي منصور قادر جوڻيجو ترجمو ڪيو آهي.
”سسئي پنهون حقيقي نه پر علامتي ڪهاڻي آهي“ ۾ مراد علي مرزا، امرتا پريتم پنجابي شاعره جي وڻجارا بيدي (لوڪ ادب جو ماهر) جي طرفان ورتل انٽرويو جي حساب سان ڄاڻايو آهي ته، ”سسئي پنهون حقيقي نه پر علامتي ڪهاڻي آهي“. هن مضمون ۾ امرتا جي ادب ۽ فن تي تبصرو به شامل آهي. ”سکر سي ئي ڏينهن“ ۾ عبدالواحد آريسر هن بيت ”سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾“ جي بيڪ گرائونڊ کي سنڌ جي حالتن جي حوالي سان سمجھائيندي لکيو آهي ته، ڀٽ ڌڻيءَ هيءُ بيت پنهنجي سورمي مارئيءَ جي واتان چورائي اهو ثابت ڪيو آهي ته، ”غلاميءَ ۽ ٻانهپ جي دؤر ۾ قومن ۾ بي پناه جوهر اڀرندا آهن، جيڪي سندن زندگيءَ کي اعتماد ۽ خوبصورتي عطا ڪندا آهن، جن سان قيدن جا ڪوٽ ۽ ڪڙا ڀورا ڀورا ٿي ويندا آهن“.
”يهودي يزيد“ به آريسر لکيو آهي، جنهن ۾ مراد فقير ڪنڊڙيءَ واري صوفي بزرگ جي هن شعر؛ ”ماري مدد ڪون دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان!“ کي بيان ڪندي لکن ٿا ته، ”مدد خان پٺاڻ جي ظلمن کان تنگ ٿي سنڌي عوام کيس ڌرتيءَ تان ڌڪڻ لاءِ ڪوشان هئي، جنهن سبب کان مٿيون شعر وجود ۾ آيو“، هن ڪتاب ۾ ادبي مضمونن جو تعداد گھٽ آهي. جنهن ۾ فيض احمد فيض جو ”اي ليکڪو! توهين ڪنهن سان آهيو؟“ ادبي دنيا ۾ اهميت رکندڙ ليک آهي. هن مضمون جو ترجمو بشير احمد سميجو ڪيو آهي. هن ۾ ليکڪن تي فرض عائد ڪيو ويو آهي ته هو عوام کي جهالت مان ڪڍي کين علم ۽ دانش جي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃن ۽ ادب کي منافقت کان پري ڪري، يقين ۽ اعتماد جي فضا ڏانهن وٺي وڃن. ”لطيف جو پورٽريٽ“ عبدالرحيم ناگوري جي تقرير آهي. جيڪا محمد علي جي ٺاهيل لطيف جي پورٽريٽ جي نقاب ڪشائيءَ ۾ ڪئي وئي هئي. هيءَ تقريب 29 اپريل 1984ع تي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ“ ۾ ٿي هئي. هن تقرير ۾ محمد عليءَ جي ٺاهيل پورٽريٽ ۽ سندس فن تي تبصرو گھٽ بلڪه پرڏيهي فن ۽ فنڪارن کي وڌيڪ ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ۾ جيڪڏهن علامه دائود پوٽو جو مضمون ”شاھ جي تصوير“، (ڪتاب مضمون ۽ مقالا) نظر مان ڪڍي پوءِ رايو ڏنو وڃي ها ته بهتر هو. آخر ۾ فن ۽ فنڪار کي مڃتا آهي. ”ڪلچر ۽ عقيدو“ فضل احمد بچاڻيءَ جو مذهب ۽ مذهبي عقيدن ۽ انساني نسلي گروهن جي باري ۾ معلوماتي مضمون آهي. ”سنڌ جو سماجي فڪر“ لعل جسڪاڻيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جا فڪر ۽ سوچون، سندن روشن خيال يا ڪُڌن رسمن کي، مضبوط بنائڻ جون ڪوششون ۽ عوامي غيرت جا مثال ۽ انگريزن جي دؤر جا ڪجھ مثال ڏنل آهن. ”سنڌ جي مدنيت جو جائزو“، ”خوشي ۽ خريد“ سماجي مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿا. ”جهموريت جا امڪان“مدثر حيات عارباڻيءَ جو ۽ ”هيڏي هوڏي، جاڏي تاڏي“ ملڪي سياست تي طنزيه و مزاحيه مضمون آهن.
ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي ٻولي عام فهم هوندي به پنهنجي موضوعن جي ڪري ڪجھ قدر ڏکين ۽ ڳوڙهن ويچارن سان آراسته لڳي ٿي. هيءُ مڪمل مضمونن جو مجموعو نه آهي هن ۾ شاعري ايڊيٽوريل، خط ۽ ڪالم به شامل آهن. مضمونن جي ڀاڱي ۾ به سڀ مضمون ادبي نه آهن. منجهن گهڻا سياسي، سماجي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي آهن. جن مان نه فقط سياست سان لاڳاپيل شخص فائدو وٺي سگهن ٿا. پر اسان جي نوجوان نسل جي به رهنمائي ٿئي ٿي. ترجمو ٿيل مضمون سولي سنڌيءَ ۾ ۽ متاثر ڪندڙ آهن جن سان مترجمن جي صلاحيت کي مڃڻو پوي ٿو . ادبي مضمونن جا موضوع ۽ مواد اثرائتو آهي. پر سڄي ڪتاب ۾ سياست ۽ ادب کي الڳ ڪري نٿو سگهجي. ڪيترن ئي هنڌن سهڻن شعرن پهاڪن ۽ اصطلاحن جو برجستو استعمال آهي. انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب جي هڪ علمي ۽ ادبي حيثيت پڻ آهي. مجموعي طور مارشلائي دؤر ۾، ڏيهي ۽ پر ڏيهي ڄاڻ تي مشتمل، طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل هي تحريرون پنهنجي وقت جون آئينهء دار آهن، جويو صاحب چواڻيءَ ته، ”هن اخبار ۾ اٽو ۽ تھ الڳ ڪرڻ هئا“. اها هڪ وڏي همت هئي. ڪتاب جي آخر ۾ ٻوليءَ ۽ فڪر جا انمول وچن آهن. جيڪي ”هدايت“ ۾ شايع ٿيا هئا. هي وچن زندگيءَ جي رخن ۽ رستن جي آگاهي ڏيئي نوجوانن کي باشعور، انقلابي ۽ آدرشي بنائڻ لاءِ ڪارگر آهن. نه رڳو استادن ۽ شاگردن لاءِ هدايتون آهن پر عام لاءِ به مفيد آهن، سچ، ادب، پيار، اخلاق ۽ ڪم جي اهميت کي آدرشي زندگيءَ جا اصول قرار ڏنو ويو آهي. ڪجھ وچن هيٺ ڏجن ٿا.
”استاد“، ”ڪاريگر“، ”ماهر“ عزت ۽ قدر جي علامت آهي. ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ شعور جو ادراڪ آهي. ماضيءَ کي ياد نه ڪندڙ نه صرف ذهن کان محروم آهي پر احساسات کان پڻ عاري آهي. ”سچ“ زندگيءَ جي اهم حقيقت ۽ وڏي طاقت آهي. پيار انساني روح ۽ جادوئي اُتساھ آهي اعليٰ آدرش ۽ اعليٰ مقصد ثابت قدميءَ سان ملندا آهن. نراسائيون ۽ بي همتيون اخلاقيات جي ڪميءَ جي ڪري پيدا ٿينديون آهن. اوچو سڪون، سڄاڻ کاهوڙين ۽ باعمل جدوجهد ڪندڙن جي سرت ۽ سگھ مان حاصل ٿئي ٿو. اسان جا اُمنگ ۽ اُڌما ۽ اسان جي سڄي جاکوڙ اسان کي اسان جي وڏن کان ورثي ۾ مليا آهن”. واقعي هي بهترين انمول وچن آهن سڄي جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جي پختي ۽ بامحاوره ٻولي ۽ لکڻين جو مواد مضمون نويسيءَ سان گڏ صحافتي ادب جو پڻ سرمايو آهي.