افساني جو فن
افسانو، داستان يا آکاڻيءَ جي سڌريل صورت آهي ۽ ناول جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هڪدم ئي جديد افسانه نويسيءَ جو فن شروع ٿيو. (ناول فني سببن جي ڪري افساني کان الڳ صنف شمار ٿئي ٿو، جو داستان جي مافوق الفطرت ماحول کان هڪ مختلف شيءِ ٿي انساني زندگين جو بيان ٿي سامهون آيو، زندگين جي ترجماني ڪندڙ هن ادبي صنف کي گھڻي موٽ ملي ۽ شروعاتي دور ۾ طويل ناول به لکيا، ڇپيا ۽ مقبول ٿيا). سائنسي ترقين، مهاڀاري لڙاين ۽ ٻين تبديلين جي ڪري جڏهن ادبي صنفن ۾ هڪ نئين شيءِ ”افسانو“آيو ته عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو، جنهن جو اهم سبب افساني جو مختصر ۽ اثرانگيز هئڻ هو، افسانو آسانيءَ سان ڇپجڻ جي ڪري هر اخبار ۽ رسالي جي زينت بنجڻ لڳو، وقت جي ڪميءَ سبب پڙهندڙ هن نئين صنف کي سٺي موٽ ڏني.
شروعاتي دور جو افسانو آکاڻيءَ وانگر آهي، پر مختصر هئڻ سبب انهيءَ کي به افسانو شمار ڪيو ويو، جيئن ته جديد ٽيڪنيڪ صحيح نموني اڀري سامهون نه آئي هئي، جديد افساني تائين پهچڻ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ کي گھڻو سفر نه ڪرڻو پيو، جلد ئي اديبن هن صنف ۾ ڪافي تجربا ڪيا افساني کي مڪان، زمان ۽ عمل جي اتحاد سان حقيقت جا رنگ ڏنا ويا، ڪردارنگاريءَ جو توازن رکيو ويو، زندگيءَ جي هڪ پهلوءَ کي بيان ڪندڙ هن تحرير جي آغاز، انجام ۽ تاثر کي خاص اهميت ڏني وئي. نثري ادب جي هن لازوال صنف کي سونهن عطا ڪرڻ لاءِ پوري دنيا ۾ گھڻائي تجربا ڪيا ويا آهن. امر جليل چواڻيءَ ته، ”دنيا ۾ ڇٽيهن موضوعن تي ڇٽيھ لک ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن“. جديد افسانو انساني سماج جي روز مره جي زندگي ۽ انساني ڪردارن جو اثرائتو عڪس آهي. فني تجربن سان مختلف افسانا وجود ۾ آيا جيئن خط و ڪتابت وارا افسانا، ڊائريءَ وانگر افسانا، مڪالماتي افسانا، تاثراتي افسانا، ڪردارنگاريءَ سان واڳيل افسانا، بياني افسانا، ٻوليءَ جي سونهن سان سجيل افسانا، مونو لاگ وارا افسانا مطلب ته زندگيءَ جي ڪيترن ئي پهلوئن کي انوکن طريقن سان افسانه نويسيءَ ۾ آندو ويو آهي.
اهو چئي سگهجي ٿو ته مختصر افسانو ادب ۾ هڪ مضبوط ۽ سگهاري صنف آهي جيڪا 19 صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروع ۾ جديد روپ ۾ نروار ٿي آهي. هن ۾ ايڪانيت ۽ مواد جي ترتيب اهم آهن گڏ تاثر ۽ اختصار افساني جون اهم خوبيون آهن غير ضروري واڌ ۽ غير فطري ڪردارنگاري ۽ مڪالما افساني جي ٽيڪنيڪ جي خلاف آهن. ڇو ته اثرائتي ڪهاڻي هميشه سٺي “Treatment” سبب وجود ۾ ايندي آهي افساني جي صنف خوبين ۽ انفراديت سبب پوري دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ اهميت واري آهي.