عورت، سماج ۽ ڏاڍ:
ڪتاب جو جائزو: ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“ جو موضوع عورت ذات آهي. سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ خاص طور سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت جي حيثيت، مان، مرتبو، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون بيان ڪيون ويون آهن. سماج ۾ عورت تي ٿيندڙ ڏاڍ کي جرنلزم جي مدد سان ذڪر ڪيو ويو آهي. شخصي اڀياس هن ڪتاب جو پهريون حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ليکڪائن ۽ نمايان حيثيت رکندڙ عورتن تي سوانحي مضمون آهن.
”منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زَباني“ پروفيسر خيرالنسا جعفري جي شخصي اڀياس کان سندن بيماريءَ ۽ وفات جي ذڪر تي مشتمل مضمون آهي. ڊاڪٽر درشهوار سيد جي باري ۾ مضمون ”تنهنجي ياد جي وري آ وير“، ساڻن مارئي هاسٽل ۾ پهرين ملاقات کان شروع ٿي. 25 ڊسمبر 1997ع تي سندن وفات جي حوالي تي ختم ٿئي ٿو. ليکڪا ڊاڪٽر دُرشهوار سيد کي هڪ حليم، سٻاجھي، سُڄاڻ ۽ سمجهدار آئيڊيل شخصيت سڏيو آهي، پر گڏوگڏ جيڪڏهن سندن ادبي ۽ علمي خدمتن جو ذڪر هجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، ڇو جو ڊاڪٽر دُرشهوار اها پهرين سنڌي پڙهيل عورت هئي جنهن ٻاهران انگريزيءَ ۾ شاھ ڀٽائيءَ جي ڪلام تي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز لکي،ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر جبار موجب:
”هيءَ ٿيسز 1984ع ۾ آڊنبيرا يونيورسٽي (برطانيه) ۾ پي.ايڇ.ڊي ڊگريءَ لاءِ منظور ٿي ۽ 1988ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي. جنهن ۾ ڪل پنج باب آهن. ٿيسز جو مڪمل عنوان هن ريت آهي: “The Poetry of Shah Abdul Latif” هن ٿيسز جو طاقتور پهلو شاھ جي سورمين جي حوالي سان سنڌ جي عورت جي سماجي ڪردار جي اُپٽار آهي. جيڪو محترمه منفرد ۽ علمي انداز سان ڪيو آهي“.
هيءَ ٿيسز سنڌيءَ ۾ لطيفيات جي ڀاڱي ۾ خاص اهميت رکي ٿي. پروفيسر تنوير جيڪڏهن هن مقالي ۾ ڊاڪٽر دُرشهوار جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ڏي ها ته پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ها.
بيگم خديجه خانم دائود پوٽو تي لکيل ليک ۾ سندس تعارف هڪ ”سماج سڌارڪ خاتون“ جي حيثيت سان ڪرايو ويو آهي. هن سوانحي ۽ تعارفي مضمون ۾، سندن شخصيت جا مختلف رُخ بيان ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي زندگيءَ جي ساٿي هئڻ جي حيثيت سان ۽ هڪ علمي ۽ ادبي گھراڻي جي فرد هئڻ سان، سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر پڻ آيل آهي. مسرت مرزا مصوره جو شخصي اڀياس تفصيلي هئڻ سان گڏ سندس فن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. عطيه دائود شاعره، جي مضمون ۾ عطيه کي هڪ بهادر ۽ بيباڪ ليکڪ سڏيندي. سندس ٻن مضمونن ”اي جن تجھي سلام“ ۽ ”آسيب کا سايه“ جي باري ۾ ذڪر ڏنل آهي. عطيه جي شاعري ليکڪا موجب انهن سماجي روين ۽ قدرن خلاف آواز آهي، جيڪي عورت کي ٻئي درجي جو شهري بنائي عورت ۾ احساس ڪمتري پيدا ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ عطيه سماج ۾ عورت ۽ مرد جي برابريءَ جي حقن جي تمنائي آهي. (صه 45_46) ”ادبي اڀياس“ جو پهريون مقالو ”سنڌي ادب جا پنجاھ سال“ آهي، پاڪستاني ادب جي پنجاھ سالن جي ادب جي جائزي هيٺ سنڌي ادب کي ٽن دﺆرن ۾ ورهائي تجزيو ڪيو ويو آهي ته، هنن دﺆرن ۾ سنڌي عورت ليکڪائن ۽ شاعرائن جو ادب ۾ ڪهڙو حصو رهيو آهي؟ هن مقالي ۾ پهريون دﺆر 14 آگسٽ 1947ع کان شمار ڪيل آهي، جنهن ۾ اهم رسالن جون منتظمين بيگم زينت عبدالله 1957ع رسالو ”مارئي“، خانم خديجه دائود پوٽو 1965ع رسالو ”اديون“ آهن ۽ ڪيتريون ليکڪائون ۽ شاعرائون پڻ هن دﺆر ۾ ادب جي ميدان ۾ آيون، جيئن بادام ناتوان، روشن مغل، ثميره زرين، جميله نرگس، فيروز مغل، ذڪيه دريشاڻي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي، نور شاهين، رشيده حجاب، عصمت انصاري، ارشاد قمر ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. ٻيو دﺆر، سنڌي عورتن جي ادبي خدمتن جو اهو دﺆر آهي،جڏهن ملڪ جي سياسي حالتن جو ادب تي گھڻو اثر پيو، ون يونٽ جو خاتمو يا بدلجندڙ حڪومتون ۽ مارشلائي ۽ سياسي حالتون ادب تي اثرانداز ٿيون، جنهن سان ادب جا رُخ يا ڌارائون به بدلجنديون رهيون. ليکڪا مطابق 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو قيام، 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جو جدا ٿيڻ، 1973ع ۾ آئين ٺهڻ ۽ سنڌيءَ کي صوبائي ٻوليءَ جو درجو ملڻ، سنڌي مهاجر فساد ٿيڻ، اهي سياسي حالتون هيون جيڪي ادب تي اثر انداز ٿيون. جهموري حڪومت جي ڪري ميڊيا تي پابنديون نرم ٿيون، هلال پاڪستان ڪراچي اخبار ۾ عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ڪيتريون ئي سنڌي قلمڪار عورتون متعارف ڪرايون، ادبي محفلون ۽ مانڊاڻ مچيا، 1972ع ۾ ڪراچيءَ جو رسالو ”سوجھرو“ گلبانو سلطان جي نگرانيءَ ۾ اهم رسالو هو. هن دﺆر ۾ جن ليکڪائن ۽ شاعرائن جو ذڪر اچي ٿو. اهي نورالهديٰ شاھ، فهميده ميمڻ، انيس ميمڻ، خيرالنساء جعفري، تبسم ماهتاب قريشي، ڊاڪٽر خالده سومرو، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، عزيزه چنا، زبيده ميتلو، غزاله شاهين ڀٽو، شمس نورالدين سرڪي، ارشاد قمر، شيرين فاروقي ۽ ٻيون آهن.
ٽيون دؤر، ادب جو، اخباري دؤر سڏيو ويو آهي جنهن ۾ ڪافي سنڌي اخبارون ۽ رسالا وجود ۾ آيا. مختصر افساني، مضمون نويسي ۽ ڪالم نگاري کي هٿي ملي، جديد شاعري عروج تي پهتي انيڪ نوان موضوع ادب ۾ متعارف ٿيا. هن دؤر ۾ فهميده حسين جو صفحو ”سگهڙين سٿ“، شهلا اسد جو ”بختاور“، سنڌي ادبي بورڊ جو ”سرتيون“ اهم رسالا هئا. هن دؤر جي ڪيترين ئي ليکڪائن ۽ شاعرائن ڀرپور انداز ۾ حقيقي زندگيءَ جي ترجماني ڪئي. جن ۾ ثمينه گل، شگفته شاھ، نذير ناز، بانو محبوب جوکيو، تانيه ٿيٻو، ارم حسن، سلميٰ پنهور، نجمه پنهور، بختاور پليجو، غلام سڪينه شيخ، گلبدن جاويد، زيب نظاماڻي، گوري ولڀ، پشپا ولڀ، عطيه دائود، رضيه طارق، امر سنڌو، ناهيد مغل، رخسانه چنڙ جا نالا اچي وڃن ٿا. هيءُ. طويل مقالو ويهن صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هر دؤر جي ڪجھ ليکڪائن جي مختصر سوانح سان گڏ سندن علمي ۽ ادبي خدمتون ڏنل آهن. هن ۾ سنڌي ادب ۾ ايم فل يا ڊاڪٽريٽ ڪندڙ سنڌي عورتن جو ذڪر يا سندن ٿيسز جو احوال هجي ها ته بهتر هو، ڇو جو مقالي جو موضوع ”سنڌي ادب جا پنجاھ سال“ آهي. تخليقي ادب سان گڏوگڏ، تحقيقي ادب به سنڌي ادب جو سرمايو آهي.
سنڌي خواتين جي سڄاڳيءَ ۾ نئين زندگيءَ جو ڪردار: هي مقالو 1950ع کان 1970ع تائين جي ”نئين زندگي“ مئگزين جي عورتاڻي ادب جي مواد تي آڌاريل آهي، ۽ هن ۾ 1990ع جا ٻه ليک به تبصري ۾ شامل آهن. ليکڪا مطابق ”نئين زندگي“ رسالي نه رڳو سنڌي عورت ليکڪائن کي ادبي شعور عطا ڪيو. بلڪه ڪيتريون ئي اعليٰ تعليم يافته ليکڪائون هن رسالي معرفت سنڌي ادب کي مليون ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو ٿيون“. (صه، 73) هن مضمون ۾ 1947ع کان اڳ جي عورتن جي ادبي ڪم تي نظر وڌل آهي ته گڏ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ترتيب وار سنڌي مضمونن مقالن ۽ افسانوي ادب جي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ انهن جي موضوعن کي به نظر هيٺ رکيو ويو آهي. ڇپجي ويل ادبي ليکن مان حوالا پڻ ڏنا ويا آهن ۽ مٿن تبصرو پڻ ڪيو ويو آهي ۽ مجموعي طور هيءُ نڪتو واضح ڪيو ويو آهي ته ”نئين زندگيءَ“ جي عورتاڻي ادب جي ذريعي عورتن جي تعليم ۽ تربيت ٿي آهي ۽ انهن جي معاشي ۽ علمي زندگيءَ جا رُخ چٽا ٿيا آهن ۽ گڏوگڏ عورت تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف به هن رسالي ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي.
سنڌي عورتاڻي ادب تي سياسي ۽ ثقافتي تبديلين جو اثر: جي موضوع تي سمجهاڻيءَ لاءِ تنوير جوڻيجو مضمون جي شروع ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هونئن ته ادب ۾ جنس جي تفريق رکڻ جائز نه آهي، پر جيئن ته ادب هڪڙو مشاهداتي تخليقي عمل آهي ان ڪري هر فرد ۽ هر گروه جو مشاهدو، ٻئي فرد ۽ ٻئي گروه کان مختلف هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر فرد ۽ گروه جو سماجي پس منظر ۽ سوچ جو انداز ٻئي کان جدا هوندو آهي“. انهيءَ ڪري هن مقالي ۾ خاص عورتن جي لکيل ادب بابت چٽائي ڪئي ويئي آهي. هن مقالي ۾ ثقافت جي وضاحت کان پوءِ ورهاڱي کان پوءِ جي عورتاڻي ادب جي معلومات ڏنل آهي. انهيءَ کان اڳ جو ادبي پس منظر، مختصراً بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته: ”سنڌي ادب سنڌي سماج ۽ ثقافت جي مڪمل تاريخ آهي. جنهن ۾ سياسي ۽ ثقافتي تبديلين جو مڪمل ۽ تفصيلي احوال موجود آهي”. (صه 85) جن ليکڪائن سنڌ جي سياسي صورتحال کي سمجهيو، پروڙيو ۽ متاثر ٿيون ۽ پنهنجين تحريرن جي ذريعي، سنڌي عوام کي مزاحمتي ادب ڏٺو ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جي فلسفي تي عمل ڪيو. انهن ۾ نورالهديٰ شاھ، سلطانه وقاصي، نسرين شاھ، مريم چانگ، خيرالنساء، زبيده متيلو، رعنا صديقي، زهره انصاري، نرگس هودڀائي، سلمه صديق قاضي، انيس انجم جوڻيجو، شمشاد مرزا، فهميده بلوچ، شبنم گل ۽ ٻيا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. هن جديد دؤر ۾ ميڊيا جي ترقيءَ سبب سنڌي عورت جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي نه فقط سنڌي عورت جو علم ۽ ادب ۾ چاھ وڌيو آهي. بلڪه دنيا جي گلوبل وليج ٿيڻ سبب سندس Vision پڻ وسيع ٿيو آهي ۽ هاڻي هوءَ (Self-dependent) آهي جنهن جي ڪري هوءَ سماج ۾ ٿيندڙ عورت تي ڏاڍ خلاف آواز اٿاري ٿي. سندس تحريرون حق ۽ سچ جون علمبردار ٿي ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ادب جي ميدان ۾ آيون آهن. هن دؤر جي مسئلن ۾ ڪارو ڪاريءَ سبب ٿيندڙ ڪوس، بي روزگاري، جنسي تشدد، عدم تحفظ جي فضا، ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي شاعرائن جي سماجي حالتن جو جائزو: هي مقالو سنڌي ادب جي شاعرائن جي ڏات ۽ فن جي اڀياس سان گڏ، سندن ذهني اوسر، معاشي ۽ سماجي حالتن، خاندان، تعليم ۽ پيشه ور خدمتن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هي 69 صفحن جو هڪ طويل مقالو آهي. جنهن مان سنڌي عورت شاعرائن جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ملي ٿي. ليکڪا مطابق سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان نڪتل ”سرتيون“ رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جون 175 شاعرائون ريڪارڊ ٿيل آهن. جن مان هتي ٽيونجاھ شاعرائن جي سوانح، تعليم، گهرو پس منظر ۽ شاعريءَ جو جائزو ڏنو ويو آهي. جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته سنڌي عورت مضبوط ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. سندس لاڙو پروفيشنلزم ڏانهن آهي. جن شاعرائن کي ذڪر ڪيو ويو آهي انهن مان ڪجھ نالا هيٺ ڏجن ٿا: نور شاهين (نورجهان)، نسرين جوڻيجو، نذيرناز، تسنيم يعقوب (فهميده حسين) نورالهديٰ شاھ، شبنم گل، تانيه ٿيٻو، پارس عباسي، ارم محبوب، فرزانه شاهين، بانو محبوب جوکيو، تسليم زنئور، فهميده سحرش ميمڻ، روشن ناز ڌاريجو، آشا، ناهيد مغل ۽ ٻيا نالا شامل آهن. سنڌي ناول جو اڀياس ۾ هيٺيون نڪتو بيان ڪيو ويو آهي: ”سياسي صورتحال سببان پاڪستان. جي بلجندڙ ثقافتي طرزن جو سنڌي ناول ۾ عڪس، سنڌي ناول جو اڀياس ۾ صرف هڪ ئي ناول جي هڪ ئي رُخ يعنيٰ سياسي صورتحال سبب، ثقافتي تبديليءَ تي بحث ڪندي مشهور ليکڪا، ماهتاب محبوب جي ناول ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ کي چونڊيو ويو آهي. ثقافتي تبديلين جا سبب ڄاڻائيندي ليکڪا ملڪ جي سياسي حالتن جي تبديلين جي اُپٽار ڪئي آهي. گڏوگڏ مصنوعي وچولي ڪلاس، Artificial Middle Class جي زندگيءَ جون ترجيحات بيان ڪندي انهن حالتن جي ٿيندڙ اثرن جي هيٺ هن ناول جو جائزو ڏنو آهي. جنهن لاءِ ناول مان ڪجھ حوالا ڏنا ويا آهن ۽ ڪهاڻي ڏيئي مقصد کي بيان ڪيو ويو آهي. اهو ڄاڻايو ويو آهي ته وچولي طبقي جو نئون نسل آسائشن واري زندگيءَ ڏي مڙي غلط رستي ڏانهن وڃي رهيو آهي. اهي آسائشون کين گمراه ڪن ٿيون، فون، ڊش، ڪيبل، انٽرنيٽ جتي سک ڪيا آهن اُتي اخلاقي براين جون باعث به بنيون آهن. هن ناول جي دکدائڪ پڄاڻي يعني Tragic End هيروئن جي Aids جي بيماريءَ ۾ وڪوڙجي وڃڻ تي ٿئي ٿي. هيءُ اڀياس موجوده دؤر جي وچولي طبقي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول جي لاءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ ۾ ماهتاب محبوب ”وچئين ڪلاس جي عورت جي سماجي مسئلن ۽ ذهني انتشار کي بحث هيٺ آندو آهي”. عورت، سماج ۽ ڏاڍ، جو ٽيون حصو ڪتاب جي عنوان سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ مختلف اخبارن جي ديٽا ڪٺي ڪري عورتن جي، سماجي حيثيت کي پيش ڪيو ويو آهي. هن حصي جي مقالن ۾ ”زال مار کان مرڊر تائين“،( 1996ع نئين زندگي). ”لڄا لُٽ هڪ سنگين ڏوھ“، ”پاڪستاني عورت ڪاروباري شعبي ڏانهن هڪ وک (اپريل 1990ع نئين زندگي ۾ آيل آهن) عورت، سماج ۽ ڏاڍ ۽ ٻيا ڪجھ عنوان اچي وڃن ٿا. هن حصي ۾ قومي ۽ بين الاقوامي طور عورت تي ٿيندڙ ظلمن جي لاءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن مان حوالا ڏيئي انهيءَ تشدد خلاف هلايل تحريڪن ۽ قانونن جي به ڄاڻ ڏنل آهي.
ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت: پروفيسر تنوير سوشيالاجي جي مضمون تي نصابي ڪتاب لکي چڪي آهي. انهي لحاظ کان سماجيات جي باري ۾ کين ڄاڻ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي پڙهيل عورت ۽ خاص طور سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جي ڪم کي اهميت ڏني وئي آهي (مون هن ڪتاب جو جائزو انهيءَ سبب کان ڏنو آهي جو اهو سوال C.S.S ۽ P.C.S جي امتحان ۾ آيو آهي ته سنڌي عورتن ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ڏيو؟) انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب ۾ سنڌي عورتن جي قلم جي ڏات، ڏانوَ ۽ سجاڳيءَ کي فوڪس ڪيو ويو آهي. (جڏهن ته انهيءَ کان پوءِ يعني هن ڪتاب 2008ع کان پوءِ مون مڪمل ٿيسز ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو“ تي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي جنهن ۾ عورتن جو ڪم وسيع طور فوڪس ٿيو آهي). عورت سماج ۽ ڏاڍ جو آخري حصو جرنلزم سان لاڳاپيل آهي، ڪتاب جو عنوان اهم هئڻ سان گڏوگڏ اندرين مواد سان ٺهڪندڙ آهي.
هيءُ سماجي، ادبي ۽ علمي مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب سليس ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ آهي. منجهس غير ضروري طور ٻين ٻولين جا لفظ ٽنبيل ڪونهي، جيڪي انگريزي لفظ به آيل آهن سي عام استعمال ٿيندڙ آهن ۽ ڪافي لفظن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ پڻ ڏنل آهي. ڪتاب جي پروف ريڊنگ سٺي ٿيل آهي، غلطيون نه هئڻ برابر آهن لفظن ۽ جملن جي ترتيب ۽ بيهڪ مناسب آهي. ڪجھ هنڌن تي سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ”جيئن ساهرا آهن ٻاٻرا ڪنڊا، جو پاسو ورائي سو ڄڀ ڄڀ ڪندا، ”نياڻي ست قرآن“، ”مَرَ ماريندا ڀائڙا ڳچيءَ ڏيئي لت“ وغيره، تعليم يافته عورت جي ادبي خدمتن سان گڏ سنڌي شاعرائن جي سوانح پيش ڪرڻ سان عورت شاعرائن جي تاريخ مرتب ٿي آهي، هن ڪتاب جا پهريون ۽ ٻيو حصو ادبي طور اهميت وار آهن.