لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

سنڌي ادب جي سفرنامن جي ارتقائي تاريخ

سفرنامو فڪشن جي ٻين صنفن جي نسبتاً حقيقتن ۽ سچائين کي کولي بيان ڪندڙ صنف آهي. سنڌي ادب ۾، سفرنامي جي شروعات ۾ ڪجھ ڏيهي سفرن جي احوال تي مشتمل ڪتاب ۽ ڊگھا مضمون ملن ٿا. جن ليکڪن هن قسم جي احوال لکڻ کي اُتساھيو انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، لالچند امرڏنو مل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، الھبچايو يار محمد سمون، تيرٿ سانولاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، مرزا قليچ بيگ جو ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ هڪ خاص علائقي جو بيان آهي، جيڪو 1885ع ۾ لکيو ويو، لالچند امرڏنو مل جو ”مسافريءَ جو مزو ۽ سير جو رنگ“، 1915ع ۾ ماهوار رسالي سنڌي ساهت سوسائٽيءَ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هندوستان جي اهم شهرن ۽ جبلن جي ڄاڻ ڏنل آهي، 1923ع ۾ ڀيرو مل جو ”سنڌ جو سيلاني“ ڇپيو، جنهن ۾ سنڌ جي اهم هنڌن، شهرن، درگاهن ۽ ميلن وغيره جو احوال ڏنل آهي. ڀيرومل 1926ع ۾ ”لطيفي سير“ لکيو جنهن ۾ شاھ جي رسالي تي تحقيق ڪري، شاھ سائينءَ جي سفر جا احوال ترتيب وار بيان ڪيائين، هيءُ پنهنجي نوع جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. جنهن جا مکيه ڀاڱا ”هنگلاج ڏي ويندي“، ”گرنار ڏي ويندي“، ”سنڌ ڏانهن موٽندي“، ”مارئيءَ جي ملڪ ۾“، ”جيسلمير ڏي ويندي“ ۽ ”ٿر جو احوال“ بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ شاھ جي بيتن جو سرجڻ ۽ ماڳ بيان ڪيل آهن. جيئن ته شاھ سائين پنهنجي ڪلام ۾ بيتن جي اوٽ ۾ سفري مشاهدا پڻ بيان ڪيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن ماڳن جي ڄاڻ ڏني آهي، جيڪا نثري بيان سان بهترين سفرنامي جو روپ ڌاري سگهي ٿي. ڇوجو سفرنامي ۾ مشاهدي جي قوت، ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جو استعمال اثرائتا آهن، اها خوبي ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ وڌيڪ موجود آهي. ڀيرومل جو ”لطيفي سير“ هن ڏس ۾ سٺو قدم شمار ٿئي ٿو.

پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ ”ڪشمير جو سير“ 1926ع ۾ لکيو. منوهرداس ڪوڙومل اهو ليکڪ هو، جنهن ڪشمير ۽ ڏکڻ آفريڪا جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ سفرنامو لکيو ۽ سنڌي زبان ۾1929ع ۾ ”هند جو سير“، لکيائين جو پهريون با تصوير سفرنامو آهي، جنهن ۾ هندوستان جي ئي سير ۽ سفر جا احوال آهن. تيرٿ سانولاڻيءَ جو ”دؤر مشرق“ 1943ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ هندوستان سان گڏ چين ۽ جپان جي سير ۽ سفر جا احوال آهن، ابن بطوطه جي هند ۽ سنڌ جي سفرنامي کي سنڌيءَ ۾ حبيب شاھ بخاريءَ ترجمي جو ويس پارايو. سنڌ جي باري ۾ لطف الله سورتيءَ جو ”سنڌ جو سفر“ 1956ع ۾ قادر بخش نظاماڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. 1950ع ۾ آغا بدر عالم دُرانيءَ مقدس جڳهين جي باري ۾ ”مسافرِ حجاز“ لکيو. قاضي عبدالمجيد عابد جي ڪتاب ”سفر يورپ جي ڊائريءَ“ کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پهريون باقاعده سفرنامو سڏيو آهي، جيڪو 1960ع ۾ لکيو ويو، هن سفرنامي ۾ يورپ جي سير جي ذڪر سان گڏ سٺي معلومات مهيا ڪيل آهي. هيءُ خطن تي مشتمل سفرنامو آهي، اهي خط يورپ جي سفر دؤران قاضي صاحب ”عبرت“ جي ايڊيٽر شيخ علي محمد کي لکيا، هيءُ سنڌي ادب جو سفرنامو چار سئو اٺ صفحن تي محيط آهي ۽ جو يونيورسٽين جي ڊگري ڪلاسن لاءِ مقرر رهيو آهي. ٻيو خطن تي مشتمل سفرنامو 1962ع ۾ پروفيسر غلام مصطفى جو آهي، جنهن ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي سترهن ملڪن جي سير ۽ سفر سان گڏ تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي ڄاڻ ڏنل آهي، هن سفرنامي جا خط ”الوحيد“ اخبار جي 14 فيبروري کان 29 آگسٽ 1953ع تائين جي اشاعت ۾ شايع ٿيندا هئا. هيءُ سفرنامو ”سير ۽ سفر“ جي عنوان سان آهي. ٽيون خطن تي مبني سفرنامو الطاف شيخ جو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ آهي.

ڪريم ڏنو راڄپر جو ”آمريڪا جو سير“ 1961ع ۾ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ 1973ع ۾ ڇپيو، ڊاڪٽر صاحب 1965ع ۾ چين ويا هئا، جتي چيني زبان سکيائون سندن هن سفرنامي ۾ چين جي شهر پيڪنگ ۽ ٻين شهرن جو احوال ڏنل آهي ۽ چين جي سماجي ۽ ثقافتي ڄاڻ به ڏنل آهي، 1976ع ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ”سون ورني ڌرتي“ لبيا جي سفر جي باري ۾ شايع ٿيو. ”ٽي مسافر ٽي شهر“ ٽن شخصيتن جا ٽي سفرناما، گڏيل هڪ ڪتاب ۾ آهن. جنهن ۾ اختر بلوچ، اياز لطيف پليجو ۽ مريم جو انگلينڊ، روس ۽ ڀارت جو احوال آهي، اختر بلوچ ماسڪو ۾ عورتن جي علمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو احوال ڏنو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ اياز لطيف انگلينڊ جي سير ۽ سفر کي بيان ڪيو آهي، ٽئين حصي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جي ڪارڪنن جو ڀارت ۾ ”لطيف سئمينار“ ۾ شرڪت جو احوال آهي. هن ۾ ڀارت جي سنڌين جي مسئلن ۽ سنڌ لاءِ سڪ جي جذبن کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ ڀارت جي سنڌي هندو اديبن ۽ ادبي ڪاوشن تي، پڻ روشني وڌي وئي آهي، اياز لطيف جو انهيءَ کان سواءِ، ”دنيا پنهنجي ديس پرايا“ سفرنامو به شامل آهي.

ڀارت جي احوال تي مشتمل ليکڪا ماهتاب محبوب جا ٻه سفرناما ”اندر جنين اڃ“ ۽ ”سرهي سرهي سار“ آهن. هنن سفرنامن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هندو اديبن ۽ ليکڪن جو هندوستان ۾، سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون بيان ڪيون ويون آهن ته هندستان جي گھمڻ ڦرڻ ۽ شهرن جي باري ۾ خاص طور بمبئيءَ جو احوال وڻندڙ آهي، انهيءَ کان علاوه ليکڪا جو ٻيو سفرنامو ”راهون، چنڊ، ستارا“ آهي. هندوستان جي باري ۾ سليم قريشيءَ جو ”ديس پرديس“ ۽ عبدالحئي پليجو جو ”ديس بديس“ ۽ سائين جي.ايم سيد جو ”بهادر گڏيا بهادرين“ آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين جو، ”هوائن جي آڌار“، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ڪراچيءَ مان ڇپيل روس جي سفر تي مبني ”جيڪي ڏٺو هو مون“ پڻ سٺا سفرناما آهن.

سنڌي ادب ۾ ڪافي معياري سفرناما ادب جو حصو بنيا آهن، ڪجھ مشهور ليکڪ هن صنف ۾ لکي رهيا آهن ته، آهستي آهستي ڪجھ نوَن ليکڪن به چڱا سفرناما لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا ٻه سفرناما ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“، سنڌي ادب ۾ معياري سفرناما شمار ٿين  ٿا. عبدالحئي پليجو جا سفرناما به گھڻي تعداد ۾ آهن. هن ڪيترائي ملڪ گھميا ۽ انهن جا وڻندڙ احوال مختلف سفرنامن ۾ ڏنا آهن. سندس سفرنامن ۾ ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”ڏوريم ڏيساور“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“، ”جيئن ڏٺم جپان کي“ ۽ ”پليجو رائونڊ دي ورلڊ“ ۽ ٻيا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽر احمد علي قريشيءَ جو ”نائجيريا ۾ سورهن سال“، قاضي عمر جو ”ديسين وٽ پرديس“، عنايت بلوچ جو ”پرين جي پرديس“، احمد علي رند جو ”چار گهڙيون چين ۾، ”قربان علي منگيءَ جو ”مسافر“، طارق عالم ابڙو جو ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“، نصير مرزا جو ”سفر من اندر“، فقير امداد علي سرائيءَ جو ”قدم ڪاپڙين جا“ لعل جوڻيجو جو، ”اڍائي سال انگلينڊ ۾“، ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سامي سفر هليا“ ۽ صحافي شيخ عزيز جي قلم مان روس جي احوال تي مبني ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“، اهم سفرناما آهن. روس جي سفر تي ”مهيڙ کان ماسڪو تائين“ ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جو ڪتاب آهي شوڪت حسين شاهه بخاري سنڌي سفرنامن کي هٿي ڏيڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي. 1992ع ۾ ”لنڊن جو سير“ لکيائين هن ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جا ٻه ايڊيشن اچي چڪا آهن، 1993ع ۾ بئنڪاڪ ۽ سينگاپور جي سير تي سفرنامو لکيائين ۽ پوءِ 2000ع ۾ ”نيويارڪ جو سير“ جي عنوان سان آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي حال احوال تي لکيو اٿن. (”نيويارڪ جو سير“ جو جائزو هن ڪتاب ۾ شامل آهي).

هند جي ليکڪن ۾ هري موٽواڻيءَ جو سنڌ جي سفر تي آڌاريل سفرنامو، ”جڙيل جن سان جند“ سنڌ جي علائقن جي خبرچار سان گڏ سنڌ جي سڪ جي هڪ لازوال داستان آهي. لوڪرام ڏوڏيجا سنڌ ۾ انڊس گلاس فيڪٽريءَ جو مالڪ هو. هن يورپ جي دلچسپ سفر ۽ سهڻن واقعن کي ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ ۾ سهڻو قلمبند ڪيو آهي. جواهر لعل نهروءَ جو ”روس جو سير“ تي مشتمل سفرنامو سنڌيءَ ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن 1990ع ۾ ڇپايو ۽ آزاد قاضيءَ ترجمو ڪيو آهي. موتي پرڪاش جو سنڌ تي سفر نامو ”سي سڀ سانڊيم ساهه سان“، ورهاڱي جي وقت جي وڇڙيل هندوئن جي، سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي. هي سفرنامو 1984ع  ۾ لکيو ويو. موتيءَ ڇٽيهه سال اڳ ڇڏيل سنڌ ٻيهر ڏسڻ تي پنهنجا تاثرات لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن سفرنامي تي هن ريت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. ”هونئن ته سڄو سفرنامو اهم آهي، پر ان سفرنامي جو اهو حصو جنهن ۾ هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ دڙي وڃڻ جو بيان ڪيو آهي، اهو نه فقط سنڌي ادب جو شاهڪار آهي، پر عالمي ادب ۾ به هڪ انوکي شيءِ آهي“.

”هڪ حساس معصوم شاعر جنهن کي زوريءَ جلاوطن ڪيو ٿو وڃي، ۽ ذري گهٽ چاليهن سال بعد اهي ماڳ ۽ مڪان ڏسي ٿو، اُتي هن جي دل جا اُڌما ۽ سندس احساس ائين ٿو لڳي ته سفرنامي جي هر صفحي تي، موتيءَ جي ڇيهون ڇيهون ٿيل دل جون ڇيتيون آهن، ڄڻ ان ۾ لکيل هر لفظ سندس دل جي رت سان رنڱيل  آهي“.

انهيءَ کان سواءِ شيخ اياز جو ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ بدر ابڙو جو، ”ڀڳوان جي ڀونءَ“ ۽  ٻيا انيڪ سفرناما لکيا ويا آهن. سنڌي سفرنامانگارن ۾ جنهن ليکڪ کي اسين سنڌي سفرنامن جو سرتاج  ليکڪ چئي سگهون ٿا، سو بلاشبه الطاف شيخ  آهي، سندس لکيل سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي ڄاڻ تي مشتمل هئڻ سان گڏ گهڻي تعداد ۾ آهن. جن جي علمي ۽ ادبي افاديت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. الطاف شيخ جي سفرنامن جي باري ۾ راءِ ڏيندي، سهڻي پبليڪيشن جو منتظم ۽ مشهور ليکڪ طارق اشرف لکي ٿو ته ”الطاف شيخ سفرنامن ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو. پڙهندڙن جيڪا سفرنامي ۾ دلچسپي ڏيکاري، انهيءَ کيس سنڌي مشهور ليکڪن جي لسٽ ۾ آڻي بيهاريو. الطاف شيخ نه صرف دنيا جي شهرن، ملڪن، ٻيٽن ۽ سامونڊي ساحلن جو سير ڪرايو آهي پر مفيد معلومات به ڏني آهي“. الطاف جي سفرنامن ۾ پهريون ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ آهي، ان کان پوءِ سندس انيڪ سفرناما ڇپجي چڪا آهن. جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن، ”وايون وڻجارن جون“، ”بندر بازاريون“، ”سي ئي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“، ”ڳالهيون تنهن جپان جون“، ”جاني ته جهاز ۾“، ”ڪويت ڪنارا“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”سانڀاهو سمونڊ جو“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”جِتِ جر وهي ٿو جال“، ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“، ”اي روڊ ٽو مدينه“، ”آل ابائوٽ سينگاپور“، ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنيا آهي ڪاڪ محل“، ”خبرون کيڙائن جون“، ”سوزيءَ سان پيار“، ”يادن جي انڊلٺ“، ”جپان جن جي جيءَ سان“، ”بهترين سفرناما“، ”پيار جي گھٽ“، ”بندر ديسان ديس“، ”ڇا جو ديس ڇا جو وديس“، ”خدا ڏي خط“، ”جپان رس“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“ ۽ ٻيا آهن. عمري ۽ حج تي سفرنامو ”ڀلي پار تان ڀيرو“، روشني پبليڪيشن وارن شايع ڪرايو آهي. الطاف جي سفرنامن جو وڏي تعداد ۾ هئڻ جي باوجود به سندس تحرير جو معيار اوچو رهيو آهي. سندن جيترا سفرناما دنيا جي ادب ۾ به ڪنهن هڪ سفرنامانگار نه لکيا آهن. الطاف جا سفرناما موزون آسان زبان ۾ بيان ڪيل آهن. منجھن سلسليوار داستانون آهن ته گڏ سوانحي خاڪا پڻ آهن، آتم ڪهاڻيون آهن ته مزيدار ٽوٽڪا پڻ آهن ته گنڀير سوچون ۽ ويچار پڻ آهن. مجموعي طور حقيقتن ۽ سچاين جي بيان سان ملڪن جي تهذيب ۽ تمدن جي اُپٽار آهي.