چند افسانوي مجموعن جو جائزو
سنڌي افساني جو موضوع وسيع آهي سوين نه بلڪه هزارين افسانا ڪهاڻيڪارن سنڌي ادب جي سونهن بنايا آهن. هتي ڪجھ افسانوي مجموعن جو احوال پيش ڪجي ٿو.
سفيد وحشي:
مبارڪ علي ولد غلام حسين شيخ، ”شيخ اياز“ جي نالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ لافاني شاعر جي حيثيت والاري ٿو، هو شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثر نگار هو، سندس شاعريءَ مان ڪجھ نثري نظم تي به مشتمل آهي، اياز صاحب ڪهاڻيون ٿوريون لکيون جيڪي ڪجھ 1947ع کان اڳ ۽ ڪجھ پوءِ جي دور جون آهن. اياز جي لکيل نثر تي ڪيترائي رايا آهن. افسانه نويسيءَ ۾ اياز صاحب 17-16 سالن جي عمر ۾ پير پاتو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”شيخ اياز هڪ مطالعو“ ۾ لکي ٿو. اياز ابتدا ۾ ڪهاڻيون به لکيون انهن کي ڪونه ڪو پس منظر هو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سفيد وحشي“ 1947ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ”پنهل کان پوءِ“ 1991ع ۾ اياز ڪهاڻيءَ کي اهميت گھٽ ڏني ۽ شاعريءَ ڏانهن رغب ٿيو. سندس ڪهاڻيون پهرين آزادي ۽ پوءِ سماج جي موضوعن سان مربوط رهيون. ڪهاڻي سفيد وحشي کي اهميت مليل آهي، برطانوي سماج خلاف لکيل آهي“. (صه، 163)
سفيد وحشي: مختصر ڪهاڻين جو ڳٽڪو ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيو ۽ 1947ع کان پوءِ سندن دوست عبدالرزاق (راز) سفيد وحشي وارين ڪهاڻين کي ”پنهل کان پوءِ“ جي عنوان سان شايع ڪيو. فيروز احمد ميمڻ نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ شيخ اياز جون اهي ڪهاڻيون ”پنهل کان پوءِ“ ۽ ”جڳ مڙيوئي سپنو“ جي عنوان سان 1990ع ۾ شايع ڪيون. هن ڪتاب ۾ ڪل 13 ڪهاڻيون آهن. ڪتاب جو ٻيو حصو جڳ مڙيوئي سپنو، اياز صاحب جون ڊائريءَ جون يادگيريون ۽ مختلف موضوعن تي خيالن جا اظهار آهن. 13 ڪهاڻين ۾ ”نوران“، ”کلڻي“، ”ڪارو رنگ“، ”رولو“، ”شرابي“، ”نظيران“، ”سفيد وحشي“، ”واچ جا ڪانٽا“ ”مسافر مڪراني“، ”پنهل کان پوءِ“، ”جي تند برابر توريان“، ”چار ايڪڙ ٻني“ ۽ ”پاڙيسري“ شامل آهن.
جي تند برابر توريان:
هيءُ ڪتاب شيخ اياز جي ڪهاڻين ۽ هڪ مقدمي تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ترتيب ڏنو آهي ۽ 1998ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي ڇپايو آهي. هن مجموعي ۾ 23 ڪهاڻيون آهن، 23 مان 13 مٿيون ساڳيون آهن، باقي ”سنڌو“ ۽ ”اڳتي قدم“ رسالن ۾ شايع ٿيل ڪهاڻيون ڊاڪٽر انور هن ۾ شامل ڪيون آهن جي هن ريت آهن.. ”شائنا“، ”رفيق“، ”سهڻي سير ۾“، ”پهريون ۽ پويون خط“، ”هي هاري“. ”هڪ شمع ٻه پروانه“، ”هي شاعر“، ”مشير نامو“، ”موٽي آءُ“ ۽ ”اسان جي سنڌ“، هاڻي انهن ڪهاڻين جو جائزو وٺڻ کان اڳ اچو ته ڏسون شيخ اياز پاڻ ڇا چوي ٿو؟
”مان هن وقت انهن ڪهاڻين کي ڪائي خاص اهميت نه ٿو ڏيان، ڇو ته اهي منهنجي ادبي زندگيءَ جي انهيءَ دور جون لکيل آهن. جڏهن مون نثر ۾ لکڻ جي ابتدا ڪئي هئي، فيروز احمد ۽ ٻين دوستن جي اصرار تي ڇپائڻ جي اجازت ڏني اٿم، ممڪن آهي ته انهن جو مطالعو منهنجي ذهني ۽ ادبي اوسر جي جائزي ۾ مددگار ثابت ٿئي. (”مهاڳ“، پنهل کان پوءِ جڳ مڙيو ئي سپنو)، اڳيان لکي ٿو ته، ”سفيد وحشي“، سنڌي جنتا جي جاڳرتا جو نظارو آهي. ”ڪارو رنگ“ هڪ گھٽ معمولي (Subnormal) انسان جي طبعيت جي ڦير گير جو نه وسرندڙ احساس آهي، ”شرابي“ (Surrealism) سُرئيلزم يا حقيقت کان دوريءَ جو مثال آهي. ”نظيران“ سنڌي مسلمان جي هيٺئين وچولي طبقي جي سماجي جيون جو واقعو آهي“. ”مان پنهنجي بياني ٻولي يا محاوري تي ڪجھ نٿو لکڻ چاهيان، اها ڪمي ٻيا پوري ڪندا. گھٽ ۾ گھٽ مون کي ايترو فخر آهي ته مون سنڌي ڪهاڻيون لکيون“، (”خيال، احساس، امنگ“، جي تند برابر توريان).
شيخ اياز جي ڪهاڻين جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته سندس هر ڪهاڻي نئين موضوع سان آهي ۽ هر ڪهاڻيءَ جو وزن به الڳ الڳ آهي. ”رولو“ ۽ ”شرابي“ ۾ هو رومانويت ٿو بيان ڪري ته ”سفيد وحشي“ ۾ هو هڪ قوم پرست آهي. ”پاڙيسري“، انساني محبت ۽ پيار جي احساس سان سينگاريل آهي. ”موٽي آءُ“، خط جي نموني سان لکيل انوکي انداز جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طرفو پيار جو اظهار آهي. ”هڪ شمع ٻه پروانه“، اڪبر بادشاھ جي ارڏي پٽ سليم جي عشقيه طبيعت ۽ حسن پرستيءَ جو سچو قصو آهي، جنهن کي خوبصورتيءَ سان افسانوي رنگ ڏنو ويو آهي. ”کلڻي“ هڪ اهڙي معصوم ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي ٽهڪن ۾ سنگيت سمايل آهي، پر سندس زندگي اداس آهي. ”ڪاريءَ“ جي ڪاري رنگ جي ڪوجهاڻ سندس تقدير جي ڪوجهاڻ ٿي وڃي ٿي، بيشڪ هو نيڪ، سليقه مند ۽ سٻاجھي آهي، آخر ۾ ڪوڙھ سندس رنگ کي هميشه لاءِ اُجرو ڪري ٿي ڇڏي ۽ اُجرن جي ميري من کي ماٺ ٿي ملي وڃي. ”مشير نامو“ ڪاروڪاري جي رسم تي آهي، مطلب ته شيخ اياز پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌ جي ماحول ۽ سماج مان چونڊي کين حقيقي رنگ ۾ افسانوي ٽيڪنڪ سان پيش ڪيو آهي. جمال ابڙي، شيخ اياز، جي افسانوي فن تي هن ريت لکيو آهي. ”مون 1941ع کان 1947ع دوران سندس ڪهاڻيون ”سفيد وحشي“، ”کلڻي“ وغيره پڙهيون، جن مون تي البت نقش ڇڏيا، جو اڄ ڏينهن تائين اڌ صدي گذرڻ بعد به نه مٽيا آهن. منهنجي نظر ۾ منهنجون سڀ ڪهاڻيون اياز جو هڪڙو ”مشير نامو“، ڊاڪٽر شمس الدين موجب ”اياز جي ڪهاڻين تي شاعر اياز جو پاڇو پئجي وڃي ٿو، جڏهن مٿس تخيل پرستيءَ جو رنگ اچي وڃي ٿو، سندس نظريا ۽ آدرش ڪهاڻيءَ جي فن کي ڪمزور بنائي ڇڏين ٿا، پر وري به سندس ڪهاڻيون جاذبِ نظر ۽ زندگي بخش آهن“. ڊاڪٽر نور افروز خواجه، اياز جي فن تي چوي ٿي ته، ”اياز نوان نوان موضوع پيش ڪيا آهن. جن ۾ هن طبقاتي سماج، اقتصادي ڦرلٽ، فرقيواريت، جاگيرداري نظام، معاشري ۾ ناانصافيءَ سان ڀرپور ريتن، رسمن ۽ رواجن سميت ٻين انيڪ مسئلن کي پيش ڪيو آهي“.
عبرت ڪده:
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل سنڌي ادب جو مشهور تنقيد نگار، شاعر ۽ اديب هو. هي ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر، علم ۽ ادب سان وڏو چاھ رکندڙ هو، سندس نثر جي ڪتابن ۾، ”مضامين خليل“، ”ادب ۽ تنقيد“ ۽ ”عبرت ڪده“ مشهور آهن. ”عبرت ڪده“ سچين ڪهاڻين جو افسانوي روپ آهي. هن ڪتاب جا ٽي ڀاڱا آهن، جن کي ليکڪ ٽن دورن ۾ ورهايو آهي. هڪ سندس اصلوڪا افسانا ٻيا انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل افسانا ۽ ٽيون حصو پڙهيل تاريخي واقعن جي آڌار تي لکيل تاريخي افسانا آهن. روشني پبليڪيشن سڀئي ڪهاڻيون گڏي هڪ ڪتاب ۾ 2001ع ۾ شايع ڪيو جنهن ۾ ڪل 31 ڪهاڻيون آهن. افسانن جا عنوان مختصر آهن، جيئن غيرت مند، سونوهار، دکايل، عاشق، سوني منڊي، انڌي ۽ ٻيا آهن. ليکڪ چواڻيءَ ته: ”هن سڄي مجموعي جا افسانا، عرياني، فحاشي ۽ جنسي ترغيب کان پاسي ۽ اخلاقيات ڏانهن مائل آهن“. سچن واقعن تي آڌاريل هن اوائلي دور جي مجموعي جي هڪ خاص ادبي حيثيت آهي، ٻوليءَ جي لحاظ کان جيڪڏهن ڪو واقعو هندوستان جي سماج جو آهي ته ليکڪ گھڻا لفظ ۽ پهاڪا هنديءَ جا استعمال ڪيا آهن. جيئن پرماتما، سراپ، ڌنوانن، ڪومل ڪنول، ماتم ڪده ۽ ٻيا هيٺ هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو.
”مون تي ڀڳوان جو اهڙو ڪوپ ٿيو جو منهنجا ڀاڳ ڦٽا ٽن مهينن جي اندر منهنجي پتيءَ جو مرتيو ٿي ويو ۽ آئون وڌوا ٿي ويس، منهنجي سهاڳ جا چوڙا ڀڃي ڇڏيائون، آئون پيڪي اچي رهيس پر اُتي به سڀ ڌڪار سان ڏسندا هئا، سچ پڇو ته سڄو جيوَن ناس ٿي ويو مون الائي ڪهڙو پاپ ڪيو هو جو مون تي هيءَ آپڌا اچي پئي“. (31)
”چئني پاسن کان ڪڪر گجگوڙ ڪري اچي گڏ ٿيا هئا، ڄڻ ته آڪاش تي ديوتائن ۽ راڪشن ۾ وڏي يڌ لڳي رهي هئي“، سادي ۽ سليس انداز جا افسانا آهن. ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان ”سونو هار“ جي گھران ڀڄي ويل رضيه عرف راڌا هجي يا اڪرم خان فوجي آفيسر جي بهادر افغاني محبوبه حميره هجي. (جيڪا وطن جي ناموس تي جان قربان ڪري) يا غريب غيرتمند گنگا هجي يا سڄي زندگيءَ جي پونجي دان ڪندڙ انڌي گنگا هجي. ليکڪ سڀني ڪردارن جي ڪردارنگاري واھ جي بيان ڪئي آهي، هي لاڀائتو ڪتاب نصابي ضرورت مطابق ڊگري ڪلاسن ۾ مقرر رهيو.
اٺون ماڻهو:
ستن ڪهاڻين ۽ 117 صفحن تي آڌاريل افسانوي مجموعو نيوفيلڊس پبليڪيشن 1985ع ۾ شايع ڪيو. جنهن جو ليکڪ سراج الحق ميمڻ مشهور ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ لسانيات جو ماهر آهي. سراج صاحب هلال پاڪستان ڪراچي ۽ ”جاکوڙ“ جو ايڊيٽر رهيو هن ڪيترائي ڪالم، مضمون ۽ مقالا لکيا. ادبي ڪتابن کان علاوه اقتصاديات تي نصابي ڪتاب به لکيا اٿن، افسانوي ادب ۾ سندس ڪتاب ”اي درد هلي آءُ“، ”ڏاهپ ڏاهپ رنگ“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ (ترجمو) ۽ ”اٺون ماڻهو“ آهن. ”اٺون ماڻهو“ جو انتساب امر جليل جي نالي آهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون هن ريت آهن. ”رت ورني رات“، (1967ع نئين زندگي ۾ شايع ٿي هئي پر ان جو آخري حصو نه ڇپيو هو. هيءَ ڪهاڻي هندوپاڪ جنگ جي پس منظر تي ٿر جي علائقي جي آهي). هن ڪهاڻيءَ جي آخر جنهن ۾ سانوڻ جي آڪڙيل لاش ۾ ڀڪوڙيل سومل جي عاج ورني ٻانهن آهي. جنهن جو عاج رتائجي وڃي ٿو، ڪنهن به ملڪ جا ڪمانڊر بارڊر تي اهو لاش وٺڻ نٿا چاهين ۽ نه ئي فيصلو ٿا ڪن ته هن کي ساڙيو وڃي يا دفنايو وڃي، اهم ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سچي محبت جي وڇوڙو، جنگ جي انساني تباھ ڪاري، ڏڪار جي تڪليف ده زندگي، فرقيواريت ۽ قوميت ڇاڇا ته ليکڪ ڄاڻايو آهي؟ سڀ حقيقتون افساني جي ڪلائميڪس ۾ پڌريون آهن. انهيءَ کان سواءِ ”ناچڻي“، ”هڪ مڙدو ٽي لاش“، ”وڻ جو موت“، ”ڪارونجهر جا مور“، ”مان جوئي آهيان سوئي آهيان“ آهن. ”اٺون ماڻهو“ ۾ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪندڙ سماجي ۽ اصلاحي وڻندڙ اسلوب سان ڪهاڻيون آهن. افسانن مان لکت جو نمونو هن ريت آهي، ”مختلف قومن ۽ ملڪن جا وڻ، جيڪي انهن حاڪمن پنهنجي اچڻ جي نشانيءَ طور پوکيا هئا، ڳاٽ اوچو ڪري هن کي ڀنڀلائي رهيا هئا. يوڪپلٽس جا هيءُ وڻ ڇانو جي علامت هئا؟ دوستيءَ جي يا سياست جي؟“ يا هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”جيئن جيئن انهن اکين جو تصور هن جي دل کي جھوريندو، ڪوريندو رهيو، تيئن تيئن هن جي وِک واريءَ جا ڪپر ڪوريندي ٿي ويئي“. (صه، 15_63)
سراج صاحب تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي پس منظر ۽ قوميت جي موضوعن کان سواءِ سماجي، نفسياتي ۽ رومانوي ڪهاڻيون لکيون آهن، جيمس جوائس جي طويل ڪهاڻي The Dead جو ترجمو ”اي درد هلي آءُ“ جي عنوان سان ٺهڪندڙ ڪيو اٿس. ڊاڪٽر عرساڻي موجب، ”سراج مختصر ڪهاڻي“ کي جديد تقاضن جي سانچي ۾ سموهي منجھس تجربن سان وسعت آندي آهي“.
دل جي دنيا:
يارنهن اڻ وسرندڙ ڪهاڻين جو مجموعو، قاضي عبدالجليل/امر جليل جو لکيل آهي، سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندڙ هي سنڌي ادب جو افسانه نويس، ڊرامه نگار ۽ ناول نگار هئڻ سان گڏ نامور ڪالم نويس آهي، امر جليل سنڌي ادب کي ڪيترائي افسانوي مجموعا ڏنا آهن ۽ کيس گھڻائي ادبي ايوارڊ مليا آهن، ته گڏوگڏ سندس تحريرن جي تلخ سچائين سبب سندس ڪهاڻين ۽ ڪتابن تي بندشون پيون ۽ مٿس وارنٽ به نڪتا، جيئن ”هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ“، ”سرد لاش جو سفر“ ۽ ”جڏهن مان نه هوندس“ تي پابنديون پيون، پر سندس زندگيءَ جو مقصد لکڻ ۽ صرف لکڻ آهي. سندس چواڻيءَ ته کيس خبر آهي ته ”قلم تلوار کان وڌ يڪ طاقتور نه آهي پر ٽئين دنيا جو ليکڪ لکي رهيو آهي ۽ ادب جي بارگاھ ۾ پنهنجي وجود جو نظرانو ڏيئي رهيو آهي“.
”دل جي دنيا“ يارنهن ڪهاڻين تي آڌاريل آهي، جيڪي رومانوي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ڪشمڪش ظاهر ڪرڻ سان گڏ قوميت جي جذبي سان ٽمٽار آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ”سوجھرو“، ”اروڙ جو مست“، ”عشق ۽ انٽرويو“، ” ڌرتيءَ جي ڌوڙ“، ”آسمان جا تارا“، ”سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ“، ”هن ڄار ۾“، ”دل جي دنيا“، ”چرٻٽ ۽ نرس“، ”رڃ“، ”سج اڀرڻ کان اڳ“، ”بارينس اسٽريٽ جو غنڊو“ آهن.
صفحو 121 تي امر جليل لکي ٿو: ”ها تمنا تون منهنجي لاءِ سڄي زندگي تمنا ئي رهنديئين ۽ مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ به تنهنجي دل ۾ تر جيتري جڳھ حاصل ڪري نه سگهيو آهيان، تون مون لاءِ چنڊ وانگر دور آهين، تمنا، خواب وانگر مبهم آهين“.
ڪهاڻي ”اروڙ جو مست“ ۾ عبدالرحمان ڌاڙيل کي عاربو ماڇي چوي ٿو ته: ”بيوقوف سنڌين کي ڪهاڙين ۽ بندوقن کان سواءِ به ڦري سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جو پير ٿجي يا رهزن ڌاڙيل ٻئي ڌنڌا هڪجهڙا آهن. ٻنهي ۾ هڪ جيتري ڪمائي آهي“.
'دل جي دنيا'،
امر جليل جي شروعاتي دور جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، هيستائين انهيءَ ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. انتساب، جمال ابڙو جي نالي آهي، هن ڪتاب کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ادبي انعام مليا آهن.
تاريخ جو ڪفن:
امر جليل جي هن ڪتاب ۾ ڏھ ڪهاڻيون آهن، 1999ع ۾ هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو روشني پبليڪيشن شايو ڪيو آهي، انهيءَ کان پوءِ به ڇپجندو رهيو آهي. ڪهاڻين جا عنوان ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”صدين جو سودءُ“، ”هڪ ديسي عشق جو داستان“، ”اسٽار سرڪس جو جوڪر“، ”نئين دنيا“، ”پڙلاءِ“، ”هو مان ۽ هوءَ“، ”دي موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان“، ”بڙ جو غم“ ۽ ”تاريخ جو ڪفن“ آهن. هن مجموعي جون سڀ ڪهاڻيون موضوع ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان مختلف ۽ نيون آهن، جليل صاحب جي ڪهاڻين جي واڌ مڪالمن جي ذريعي آهي، جنهن سان هو ڪردار نگاريءَ کي سهڻي نموني پيش ڪري ٿو. زندگيءَ جي انيڪ رنگن کي قلم جي قوت سان ڪاغذ تي همت ۽ جرئت ۽ ايمانداريءَ سان پکيڙڻ ۾ هن ڪهاڻيڪار کي وڏي قوت حاصل آهي. هن ترقي پسند ليکڪ افسانوي ادب ۾ نئين ٽيڪنڪ سان ڪهاڻيون لکيون، هو طنز و مزاح جي شگفتگي سان گڏ انساني قدرن ۽ حقن جو حامي آهي. ڪهاڻي ”پڙلاءِ“ ۾ لکي ٿو ته: ”پپر جڏهن وڌندو نه آهي، تڏهن سندس ٽارين مان پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگيءَ ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن، جيڪي محسوس ته ٿينديون آهن، پر ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن“. (صه، 79)
”تاريخ جو ڪفن“ سماجي غيربرابري ۽ طبقاتي فرق تي طنزيه علامتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ مسلمان شيدي، محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ ٿو چاهي سو به اڳئين صف ۾ برابر بيهي، جيڪو اسلام جي علمبردارن کي نٿو آئڙي هو کيس رتورت ڪري ٿا ڇڏين. آخر ۾ مرندي هو فقط ايترو ٿو چوي ته، ”مان اياز آهيان، مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس“.
ٽيون وجود:
امر جليل جو هيءُ افسانوي مجموعو، ڏهن ڪهاڻين جو آهي، جيڪي هن ريت آهن. ”پنجين موسم“، ”پکي“، ”قربان علي ڪنگلي جو روح“، ”هڪ دل جي اڪيلائي“، ”غلام“، ”حياتي وھ وٽو آهي“، ”منهنجو پٽ مهدي“، ”ڏند ڪٿا“، ”ٽيون وجود“، ”منهنجي نصيب ۾ تون آهين“، ”ٽيون وجود“ جا ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿيا آهن. ڪتاب جو انتساب، ”زندگي سچ ۽ سونهن جي دشمن شيطان صفت انسانن جي نانءُ آهي“، جليل صاحب مهاڳ ۾ ”ٽيون وجود“ کي احساس ۽ ذهني ڪيفيت ڏسيو آهي، جو تصوف ۽ عقيدي وانگر محسوس ڪري سگهبو آهي ۽ اهو پهرئين ”ظاهري“ ۽ ٻئي ”باطني“ وجود جي توسيع آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجھ حقيقتون بنا سمجهائڻ جي به سمجھ ۾ اينديون آهن۽ ڪجھ سمجهائڻ جي باوجود به سمجھ ۾ نه اينديون آهن، جليل جي لفظن ۾ وڏي گھرائي آهي، جليل صاحب تلخ حقيقتن تي مشتمل واقعن کي اونهي مشاهداتي عمل مان گذاري فني سانچي ۾ سموهيو آهي.
ٽيون وجود، ڪهاڻيءَ ۾ لکيو اٿن ته: ”جنهن سان ازل جي محبت جي پڪ ٿي ويندي آهي، تنهن سان شادي نه ڪبي آهي، اهي چاهتون جن جا فيصلا آسمانن تي ٿيندا آهن. شاديءَ جون محتاج نه هونديون آهن“. (صه، 138)
”ڪي انسان زندگيءَ ۾ سڀ ڪجھ هارائڻ کان پوءِ به اصل معنى ۾ هارائيندا نه آهن، ساڳيءَ طرح ڪي انسان هميشه کٽڻ جي باوجود ڪجھ به کٽي نه سگهندا آهن“ (صه، 13). ”جبار صاحب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ ”امر جليل کي سنڌي ادب جو وڏو ۽ ڪامياب افسانه نگار ۽ جديد ٽيڪنڪ رکندڙ فنڪار سڏيو آهي“. مٿين افسانوي مجموعن کان سواءِ سندس ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“ ۽ ”سنڌو منهنجي ساھ ۾“، ”ڪالم ۽ ڪهاڻيون“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
امر جليل نمبر:
امر جليل جي فن کي مڃتا ڏيندي سهڻي پبليڪيشن جي ايڊيٽر طارق اشرف آگسٽ، سيپٽمبر 1973ع ۾ ”سهڻي امر جليل نمبر“، ڪڍيو. هيءُ ادبي مئگزين ڊگري ڪلاسن ۽ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ نصابي ضرورت لاءِ مقرر ڪيو ويو. 300 صفحن جي هن ڪتاب ۾ امر جليل جي ڪهاڻين فن ۽ شخصيت تي مختلف شخصيتن جا تنقيدي ۽ تعريفي مضمون آهن جن ۾ مولانا گرامي، نسيم کرل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ماهتاب محبوب، طارق اشرف، امداد حسيني، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن. تبصرا ۽ رايا، امر جليل جي ڪجھ شاعري، انٽرويو، اڻ ڇپيل مضمون، ”رڻ گجيو، راڙو ٿيو“ ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻيون هن نمبر جو حصو آهن. گڏوگڏ امر جي ڇپيل افسانن، مضمونن، تقريرن ۽ خطن جي مڪمل فهرست پڻ شامل آهي، مطلب ته هيءُ ڪتاب سوانحي ۽ افسانوي ادب ۾ هڪ لاڀائتو ڪتاب شمار ٿئي ٿو. اهڙن معياري سوانحي نمبرن جي ادب ۾ وڏي ضرورت آهي. امر جليل ”تاريخ جي ڪفن“ جو مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ فڪر حياتيءَ جو حصو ٿي پيو آهي، سوچيندو آهيان ته اڄ تائين مون جنهن لاءِ لکيو آهي، تنهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ته نه ڏنو آهي“. (8 ڊسمبر 1998ع). منهنجي خيال ۾ جيستائين سنڌ قائم آهي ۽ سنڌي ٻولي زنده آهي، دنيا ۾ ۽ خاص سنڌ ۾ سنڌي لکي ۽ پڙهي ويندي، امر جليل جي فن کي پڙهيو ۽ پرکيو ويندو ۽ هو پنهنجي نالي وانگر ”امر“ رهندو.
چوٽيهون در، شبنم شبنم ڪنول ڪنول، ڊمي: نسيم احمد کرل، سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ هڪ معتبر نانءُ آهي. 1956ع کان هن لکڻ شروع ڪيو، سندس ڪهاڻين جا مجموعا، ”شبنم شبنم، ڪنول ڪنول“، ”چوٽيهون در“ ۽ ”ڊمي“ شايع ٿيا. ڪجھ مضمون به لکيائين جيڪي ”ڊمي“ ڪتاب ۾ شامل آهن. سنڌي ادب جو هيءُ باحيثيت، مڃتا ماڻيل افسانه نگار هو، جنهن کي سندس شروع دور کان ئي شهرت نصيب ٿي، هو ڪهاڻيءَ تي گھڻي محنت ڪندو هو، ڪهاڻيءَ جي پروف جون چڪون خود ڪڍندو هو، کيس پنهنجي فن تي وڏو اعتماد هو ۽ سنگت جي ساٿ ۽ مختلف ادبي محفلن ۾ پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. جيڪي ان وقت جي مشهور رسالن ۾ ڇپبيون هيون.
نسيم کرل جون ڪهاڻيون:
نسيم کرل جون ڪهاڻيون، مٿين ٽنهي مجموعن جو گڏيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪل 12 ڪهاڻيون آهن، هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن شايع ڪيو آهي. نسيم جي ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن وٽ ڪهاڻيءَ جي ڏات به آهي ته پيشڪش جو ڏانءُ به سندس وڏو ڪمال، واقعن جي بيان ۽ ٻولي جي جڙاءُ ۾ آهي. ٻولي ادب جو اهم سرمايو آهي، جيڪي ليکڪ لفظن ۽ جملن جي سونهن طرف توجھ ڏين ٿا. انهن جون لکڻيون ادب ۾ جدت ۽ قدامت جون محتاج نه آهن بلڪه اهي تحريرون ديرپا ۽ لازوال آهن، جنهن جو مثال نسيم جون ڪهاڻيون ”ڪافر“، ”گٽس“، ”مڪسڊ گرل“، ”گذريل واردات“، ”ڪني آڱر“، ”پهرين مراد“ ۽ ”چوٽيهون در“ آهن.
”گذريل واردات“ ۾ ريٽائرڊ شاھ صاحب کي سرائي چوي ٿو ته ”سائين شينهن به ڪڏهن ڪراڙا ٿيندا آهن. مان ڪلھ صبح جو اوهان جي پاڙي مان لنگھيو هئس، اوهان جي گار جي رئي پي پئي، وهيءَ جون سڪون پئي لاٿَوَ، مان ته کُڙين تي زور ڏنو“، يا هڪ هنڌ وڏيري کي ڪمدار ٿو چوي ته، ”سائين! جوانيءَ ۾ گھوڙا ۽ پٽ ارڏائي سُونهندا آهن. گھوڙن جي ارڏائي وڃائي راھ تي وٺي اچڻ سوارن جو ڪم آهي ۽ پٽ کي ڳرائڙي پائي ٿڌي سيني سان سمجهائڻ پيءُ جو ڪم آهي “، عوامي ڪردارن جي هلت ۽ ذهني سطح مطابق جملن کي سهڻو ۽ سيبائتو، پهاڪن ۽ چوڻين سان سجائي پيش ڪرڻ يا شهري لهجي جي محاوري ۾ گفتگو پيش ڪرڻ نسيم جو ئي ڪمال هو، نقادن موجب، وٽس موضوع گھٽ آهن. هو وطنيت ۽ قوميت کي هٿ ۾ نٿو کڻي يا هو زمينداري ظلمن ۽ هارين جي مظلوم حيثيت کي اڳيان نٿو آڻي، ڇوجو هو وڏيري ڪلاس جو ليکڪ آهي. پر ڪجھ جي چوَڻ مطابق گھٽ موضوعن جي هوندي به هو اول درجي جي سنڌي ڪهاڻيڪارن مان آهي.
نسيم کرل نمبر:
نسيم کرل جي باري ۾ طارق اشرف، ”سهڻي، نسيم نمبر“ ڪڍيو جيڪو به شيخ اياز نمبر ۽ امر جليل نمبر وانگر هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.
نسيم کرل وڏو ڪهاڻيڪار وڏو انسان:
هيءُ ڪتاب تاج جويو ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ ”نسيم کرل سهڻي نمبر“ جون تقريباً سڀ تحريرون شامل آهن انهيءَ ۾ پڙهيل مقالا ۽ ٻيو ڪجھ نئون مواد شامل آهي، گڏ نسيم کرل جون پنج خاص ڪهاڻيون، ”پهرين مراد“، ”ڪافر“، ”ڪرنٽ“، ”چوٽيهون در“ ۽ ”گذريل واردات“ شامل آهن. سندس جيون جھلڪ ۽ ادبي خدمتن جو تفصيل ۽ انٽرويو ڏنل آهي. نسيم کرل جي افسانوي فن تي هن ڪتاب ۾ ڪافي تعريفي ۽ ڪجھ تنقيدي رايا ڏنل آهن. انهن مان چند هيٺ ڏجن ٿا. راشدي صاحب موجب ”پهرين مراد“ ڪهاڻي سنڌي سماج جي تاريخي دستاويز طور ڪتب ايندڙ ڪهاڻي آهي. (صه، 159) غلام علي الانا کيس، ”عوام دوست ۽ سماج سڌارڪ ليکڪ سڏيو آهي“. (صه، 167)
رسول بخش پليجو،نسيم کي هڪ برک ۽ سٺو فنڪار سڏي ٿو، پر هو کيس عوامي فنڪار نٿو سمجھي جيڪو سنڌ جي اهم مسئلن کي نٿو بيان ڪري. (صه، 165)
نجم عباسيءَ مطابق، ”نسيم جي ڪهاڻين ۾ هڪ ئي طبقي جي اپٽار آهي اهو آهي وڏيرو ڪلاس، هو طبقاتي ڪشمڪش نٿو ڏيکاري“. (صه، 179)
ڊاڪٽر تنوير عباسي، کيس وڏيري ڪلاس جو پر باشعور ليکڪ سڏيو آهي، جنهن کي پنهنجي ڪلاسن جي خامين ۽ ڪمزورين جي مڪمل واقفيت آهي. (صه، 182) امداد حسيني لکي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻيءَ کي مقبول بنائڻ ۾ نسيم اهم ڪردار ادا ڪيو آهي“. (صه، 215) وليرام ولڀ کيس “Objective” ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. ماهتاب محبوب وٽ هو سنڌي ٻوليءَ جو بي تاج بادشاھ ليکڪ آهي، نسيم کرل ڪجھ ڪهاڻيون ۽ چند مضمون لکيا ۽ سندن ڪم معياري هئڻ سبب اڄ ڏينهن تائين سندس نالو سنڌي افسانوي ادب ۾ اوچاين تي آهي.
ڌرتي روشن آهي:
آغا سليم جو هيءُ افسانوي مجموعو نيوفيلڊس پبليڪيشن 1985ع ۾ شايع ڪيو، هن ڪتاب ۾ ڪل ست ڪهاڻيون آهن. ”ڌرتي روشن آهي“، ”کڙندا کٽڻهار“، ”درد جو شهر“، ”شڪست جو آواز“، ”پل پکيئڙا“، ”درد جا رشتا“، ”اکيون آرسيون“، هي پنهنجي دور جون نمائنده ڪهاڻيون آهن. سندن ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ آهي، ”ڌرتي روشن آهي“ جي تحريرن مان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. ”مان هن جي سونهن جو سودائي هوس ۽ سندس رتيءَ جي رهاڻ لاءِ ماندو هئس“. (صه، 104)
”غريبن کي پڙدو ڏاڍو مهانگو پوندو آهي، انڪري غريب عورتون پڙدو نه ڪنديون آهن، وچين طبقي لاءِ پڙدو شرافت آهي ۽ مٿانهين طبقي لاءِ غير ضروري“. (صه، 134) ”جڏهن به سچن فنڪارن جي جاءِ معمولي وات ڳاڙها ۽ سيکڙاٽ فنڪار والاريندا آهن، تڏهن هو سڀ کان وڏو ظلم اهو ڪندا آهن ته ماڻهن جي ذوق ۽ سچي فن جي پرک کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. ”فاالحال ويچارو ايشيائي اديب، بک ۽ بيماريءَ ۾ جهرندڙ ۽ غلاميءَ جي ناسورن جي سور ۾ وٽ کائيندڙ ايشيا جي علاج ۾ ر ڌل آهي، پر ان جي معنى اها نه آهي ته هو ايٽم جي تباهيءَ کان غافل آهي“.
آغا سليم سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ تاريخي شعور واريون ڪهاڻيون لکيون آهن، ڪجھ نقادن موجب آغا وٽ موضوعن جي يڪسانيت آهي ۽ سندس ڪتابن جا عنوان به هڪجهڙائي رکن ٿا. وٽس ٻوليءَ ۽ ڪردارن جو ورجاءُ آهي. ان جي هوندي به ڏٺو وڃي ته آغا وٽ انساني تهذيب ۽ تاريخ جو شعور مشاهدي جي قوت، بيان جي پختائي، تاثر جي مضبوطي ۽ ڪردارنگاريءَ جا ڪمال آهن. خطن واريءَ ٽيڪنڪ ۽ مڪالماتي انداز ۾ به اثرائتيون ڪهاڻيون لکيون اٿن. وٽس زندگيءَ جو حسن نمايان آهي ته غم جي شدت پڻ، جذبات جو وهڪرو آهي ته ٻوليءَ جي سونهن به آهي هو هڪ حقيقت پسند نون ۽ پراڻن لاڙن جو حامي ليکڪ رهيو.
ڊاڪٽر نور افروز خواجه، آغا صاحب کي ”هڪ ذهين، صوفي منش، قومي جذبو رکندڙ، ترقي پسند ۽ منفرد ليکڪ سڏيو آهي. ڊاڪٽر جبار آغا سليم کي سنڌي ادب جي صفِ اول جي افسانه نگارن ۾ ليکي ٿو، جنهن جي قلم ۾ پختگيءَ سان گڏ فن ۾ مهارت ۽ موضوعن ۾ جدت آهي.
ڊاڪٽر عرساڻي وٽ ”آغا سليم رومانوي افسانه نگار آهي، پر زندگيءَ جي ابدي حقائق جو مصور ۽ ان جي اخلاقي ۽ روحاني مقصدن جو ترجمان آهي. سندس ذهن شعور جي وهڪري مان لڙهندو زمانن ۽ مڪان جا تفاوت مٽائيندو تاريخ جي مختلف تهذيبي دورن ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو“.
اداس واديون:
هن مجموعي جو افسانه نگار عبدالحميد ميمڻ/ حميد سنڌي آهي، پاڻ ماهوار ”روح رهاڻ“ جو ايڊيٽر ۽ ادبي محفلن جي روح روان طور مشهور آهي. حميد صاحب ڪافي ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”سيمي“، ”اداس واديون“، ”راڻا جي رجپوت“، ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ ۽ ”دردونديءَ جو ديس“ آهن. ”اداس واديون“ يارنهن ڪهاڻين جو ڪتاب آهي، جن جا عنوان هن ريت آهن: ”ڪارو رت“، ”يادن جي جزيري ۾“، ”هڪ خواب هڪ حقيقت“، ”واچوڙن ۾ لاٽ“، ”اداس واديون“، ”سمنڊ ۽ مان“، ”منهنجي دنيا مرگھ ترشنا“، ”ان داتا“، ”خوشبو جو گھاؤ“، ”ٽڪي ۾ ٻاٽي“، ”رانديڪو“ هنن ڪهاڻين ۾ رومانوي، نفسياتي پهلو هئڻ سان گڏ حقيقت نگاري آهي. حميد صاحب جي ڪهاڻين ۾ واقعن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ٻين ٻولين جا لفظ گھٽ آهن، سادي ۽ پُراثر نموني سان پنهنجي مقصد جو پيغام ڏنو اٿن. سندن روان ٻوليءَ جو اسلوب وڻندڙ آهي. ”اداس واديون“ جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾ ٻيو 1985ع ۾ نيوفيلڊس پبليڪيشن شايع ڪيو.
درد ونديءَ جو ديس:
حميد سنڌيءَ جو هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو 2002ع ۾ زندگي پبليڪيشن شايع ڪيو. 168 صفحن ۽ ڏهن ڪهاڻين تي مشتمل هن ڪتاب جي ڪهاڻين جا نالا هن ريت آهن، ”زماني جو دستور“، ”بند ڪتاب جو بند باب“، ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾“، ”هي زهر ڪير پيئندو“، ”ڪهڙي مومل ڪهڙو راڻو“، پل جو موھ“، ”ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”ڇت ۾ لڳل گولي“، ”رومانس جي خودڪشي“.هي ڪهاڻيون 1997ع کان 2002ع جي دور جون آهن. ليکڪ چواڻيءَ ته، ”هي ڪهاڻيون تھ در نيون هوندي به سنڌ جي مٽي ۽ پاڻيءَ سان ڳوهيل جيئرن جاڳندن ساهوارن جا اهي داستان آهن، جيڪي مون مَنَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا هيا. هيءُ ڪردار ايترا ته طاقت ور رهيا آهن، جو نيٺ مون کي مجبور ڪيائون ته سندن بابت لکان“ (مهاڳ). ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ تحقيق معلوم ٿئي ٿو ته هي حقيقي واقعا ۽ ڪردار آهن جن کي حميد صاحب لفظن جي سجاوٽ سان افساني جي روپ ۾ داخل ڪيو آهي. سادي سچي ۽ کري نموني سان ڪردارن جي اندروني ڪيفيت ۽ حقيقي واقعن کي بيان جو حُسن ڏنو آهي. حميد سنڌيءَ جا افسانا، واقعاتي ۽ ڪرداري هئڻ سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جا عڪس چٽين ٿا.
ڊاڪٽر عبدالمجيد موجب ”حميد هن دور جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن گھڻيون واقعاتي ڪهاڻيون لکيون آهن“، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، حميد صاحب کي ”قومي سجاڳيءَ جي تحريڪن ۽ سنڌي ادب ۽ ڪلچر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ليکڪ سڏيو آهي“. ماهتاب محبوب ”دردونديءَ جو ديس“ مجموعي کي، ”نج نبار احساسن ۽ اڌمن جو جيئرو عڪس“ ڄاڻايو آهي. آغا سليم کيس ”حقيقت نگار ليکڪ“ سڏيو آهي، ”تغمهءِ امتياز“ ۽ ”اعزاز فضيلت“ جهڙا ايوارڊ حاصل ڪندڙ، هيءُ ذهين، باعمل ۽ سڄاڻ ليکڪ هڪ سٺو انتظامي اڳواڻ پڻ رهيو آهي. پبلڪ اسڪول جي پرنسپال کان يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جي عهدي تائين به منجهس ساڳي مڻيا ۽ نياز نئڙت رهي، ”روح رهاڻ“ تي بندشون پيون پر هن قلم جو ساٿ نه ڇڏيو، هميشه ادبي محفلن جا مانڊاڻ مچائيندو ۽ سنڌي ادبي محفلن کي رونق افروز ڪندو رهيو. کيس سندس ڪتابن تي رائيٽرس گلڊ، سنڌالاجي ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ۽ ادبي بورڊ طرفان انعام مليا آهن. حميد سنڌيءَ جا لکيل افسانا سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جڳھ والارين ٿا.
ايڏو سور سهي:
ڊاڪٽر نجم عباسي جو ڪتاب آهي. هُو ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي، افسانوي ادب ۾ گھڻا مجموعا هن ليکڪ لکيا آهن. ترجمي جي فن ۾ کيس خاص مهارت حاصل رهي، سندس ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“، ”پٿر تي ليڪو“، ”ناچڻي“، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“، ”ايڏو سور سهي“، ”للڪار“، ”رشتا ناتا“، ”اڪيلا نه آهيون“، ”پروفيسر“، ”دارون هن ديواني جو“، ”ڳاڙهو لالٽين“، ”پهاڙن ۾ پڪار“ (ترجمو) شامل آهن. ڊاڪٽر نجم مختصر شاعري ۽ ڪي مضمون به لکيا آهن.
هن ڪتاب ۾ سندن 23 ڪهاڻيون ڏنل آهن جن مان گھڻيون ڪهاڻيون سياست ۽ سنڌيت جي حوالي سان آهن. ”ايڏو سور سهي“، ”ڪوڙڪي“، ”پاڻيءَ جو ڦوٽو“ (اوڀر پاڪستان/بنگال جي حالتن تي آهن)، ”دٻي ۾ ٺڪريون“، سنڌيت جي حوالي سان اهم آهي. ”ٻيرين ٻور جھليو“ سنڌين کي علمي سجاڳيءَ جي ترغيب آهي جنهن ۾ ڳوٺاڻا گڏجي شاھ لطيف لائبريريءَ جو قيام عمل ۾ ٿا آڻين ۽ اسڪولن ۾ فوجي سکيا ٿا شروع ڪن. ليکڪ چوي ٿو ته، ”هي ٻور آسري ڪچا ٻير ٿيندا، جي پوءِ پڪا ٻير بڻيا هاڻي هنن وڻن کي پاڻي نه ملندو ته به ٻير پچي راس ٿيندا ۽ جي وڻن جي آبياري ٿيندي ته ٻير جلدي پچندا ۽ وڌيڪ خوبين وارا ٿيندا“، مقصد اٿن ته ڳوٺاڻن جي سڄاگيءَ جي ٻيرين ٻور جهليو آهي.
”نجم عباسي خط وارا افسانا، واقعاتي افسانا، مقصديت ۽ نظرياتي نموني سان پيش ڪيا آهن. وٽس سنڌي قوم، ثقافت ۽ ٻوليءَ سميت سنڌ جا اهم مسئلا موضوع هيٺ رهيا آهن. لکن ٿاته: ”بک جو لاڳاپو بدن سان آهي، ماڻهو بدني تڪليفون برداشت ڪري سگهن ٿا، ٻوليءَ ۽ سڀيتا جو واسطو جذبن سان آهي ۽ ماڻهو پنهنجي جذبن سان ڇيڙڇاڙ آسانيءَ سان سهي نه سگهندا آهن. اها هنن جي روح جو عذاب بنجندي آهي“.
پهاڙن ۾ پڪار:
نجم عباسيءَ جو ڪتاب خليل جبران جي ڪهاڻين جو ترجمو آهي، جو 1996ع ۾ ٻيو دفعو شايع ٿيو. هن ۾ ڪل پنج ڪهاڻيون آهن جيئن ته نجم عباسيءَ جو مقصد سماجي براين، وڏيراشاهي، سرمائيداري ۽ طبقاتي نظام خلاف جدو جهد آهي، انهيءَ جي ڪري سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ به سندس پسند ۽ دل جو آواز شامل آهي. خليل جبران 1883ع ۾ لبنان ۾ جنم وٺندڙ هڪ سڄاڻ فلاسافر هو. جنهن پنهنجي تحريرن ذريعي پنهنجي قوم کي سجاڳيءَ جو شعور ڏنو. سندس وفات 1931ع ۾ ٿي، ان وقت ادب ۾ افسانوي ٽيڪنڪ جديد انداز سان رائج نه ٿي هئي ۽ لبنان خانهءِ جنگيءَ ۾ مبتلا ملڪ هو، ان هوندي به خليل جبران جا هي افسانا ادب جو هڪ لازوال سرمايو آهن. ”پهاڙن ۾ پڪار“ کي اردو ۽ انگريزيءَ ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. اصل ڪتاب عربيءَ ۾ ”ارواح المتعمريده“ نالي سان آهي. ليکڪ لکي ٿو ٿو ته، ”بي شعور غلام قومون پنهنجي بهادر سپوتن کي پڪڙي پنهنجي ئي هٿن سان ظالمن جي سنگدليءَ جو حوالي ڪنديون آهن، ڇو ته بي شعور ذهن بغاوت نه ڪندا آهن ۽ بي جان جسم احتجاج نه ڪندا آهن“. ”اسان جي دل ۾ رحم ۽ ظلم جا جذبا اهڙي طرح ٽڪر کائين ٿا جهڙي طرح هن اونداهي رات ۾ فطرت جون قوتون جنگ ۾ رڌل آهن پر رحم جو جذبو، آخر غالب ايندو ڇو ته اها مقدس چيز آهي ۽ رات جون خوفناڪيون پرھ ڦٽڻ سان غائب ٿي وينديون“. (صه، 24-48)
هي ڪهاڻين جو ڪتاب هڪ لاجواب ترجمو آهي ۽ ڊاڪٽر نجم سنڌي ادب ۾ خليل جبران جي تحريرن کي ابديت عطا ڪئي آهي.
ڌرتيءَ ڌڪاڻا:
هن مجموعي جو ليکڪ جديد افسانوي ادب کي اڳيان آڻيندڙ، علي بابا آهي، سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”آيل ڙي اولاڻا“ ۽ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ آهن جن جو گڏيل مجموعو 76 ڪهاڻين تي مشتمل ”منهنجون ڪهاڻيون“ شايع ٿيو آهي. ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ 1983ع ۾ آگم پبليڪيشن شايع ڪيو. 200 صفحن جو هيءُ ڪتاب 18 ڪهاڻين تي مشتمل آهي، آخر ۾ شمشيرالحيدري علي بابا جو تعارف انگريزيءَ ۾ ڏيندي کيس جديد سنڌي افسانوي ادب جو وڏو تخليقي ليکڪ ڄاڻايو آهي، علي بابا جو اصل نالو علي محمد آهي. ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ هن ڪافي ڊراما، ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ لکيا، جن ۾ ”دنگيءَ منجھ درياھ“، بين الاقوامي انعام حاصل ڪيو، ڌرتيءَ ڌڪاڻا، جي ڪهاڻين ۾ ”ڀاڳان“، ”اسين ماڻهو“، ”چنڊ ۽ ماني“، ”جانورن جي دنيا“، ”سون ورنا روپا“، ”دي ايڊيٽر“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون آهن. (چنڊ ۽ ماني ڪهاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي.اي جي نصاب 2005ع ۾ شامل ڪئي ويئي). هيءَ ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار ۽ بيوه ماءُ جو بيان آهي، جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ نه آهي ۽ آخر ۾ هڪ فقير کين ماني ڏئي ٿو جا خوددار ۽ اناپرست ماءُ جي نڙيءَ مان هيٺ نٿي لهي. ليکڪ لکي ٿو ته: ”ماءُ جون اکيون اونداهي آسمان مان لهي هيٺ آيون، هن ڀري آواز سان چيو ”ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون پنهنجي مانيءَ جو حساب چنڊ وانگي آهي، ڪڏهن چوٿو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ته ڪڏهن ڪونه“، هن مجموعي ۾ ڪي ڪهاڻيون ته لازوال آهن. ڌرتيءَ ڌڪاڻا هڪ سنڌي هندو ڇوڪر جي ڪهاڻي آهي جنهن سنڌ نه ڏٺي هئي سندس دل ۾ سنڌ لاءِ بي حساب پيار ۽ عقيدت آهي، پر ڪراچي ايئرپورٽ جي ڪتابن جي دوڪان تي شاھ جو رسالو گھرڻ مهل جيڪو جواب کيس ملي ٿو، سو سندس خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو. هيءَ هڪ، لاجواب ڪهاڻي آهي، ڊاڪٽر مجيد ميمڻ علي بابا جي فن تي هن ريت رايو ڏنو آهي. ”علي بابا سنڌ جي سماجي پس منظر ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس ڪهاڻيون تاثراتي، علامتي ۽ وجوديت واريون هئڻ سبب جديد لاڙن جي نمائندگي ڪن ٿيون“.
روشن ڇانورو:
هيءُ ناري پبيڪيشن جو ڇپيل ڪتاب ثميره زرين جو لکيل آهي، سندن هڪ ٻيو افسانوي مجموعو، ”گيت اڃايل مورن جا“ مقابلي جي امتحانن جي نصاب ۾ مقرر رهيو. ثميره زرين شروع دور جي افسانه نگارن مان آهي، (جنهن وقت سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جي اڻاٺ هئي). ڊاڪٽر جبار موجب، ”ثميره زرين جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ ۾ ڪردارنگاري ۽ ڪهاڻين جا موضوع خاص خوبيون آهن. ثميره زرين جا ڪردار حسن، خير ۽ نيڪيءَ جا مجسما آهن. جيڪي حالات جي بي رحميءَ جي باوجود صبر جو دامن هٿان نٿا ڇڏين، خاص طور عورتن جي مزاج، ازدواجي زندگي ۽ گھريلو معاملن کي بيان ڪيو اٿن“.
هن ڪتاب ۾ سترنهن ڪهاڻيون جن ۾ ”دروازو“ ٽئگور جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو ۽ ”هڪ خط“ به ترجمو آهي، باقي اصلوڪيون آهن. عنوان هن ريت آهن، ”تنهائي“، ”سازِحيات“، ”زندگيءَ جي بازي“، ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“، ”لڙڪ ۽ مرڪ“، ”ڪنول“، ”پتنگ چائين پاڻ کي“، ”وڃايل واٽ“، ”ٻه رستا هڪ منزل“ ۽ ٻيون آهن. هي ڪهاڻيون پهرين ”نئين زندگي“، ”ٽه ماهي مهراڻ“، ”تقاضا“، ”مارئي“ ۽ ”نئون نياپو“ ۾ 1950ع کان 1958ع تائين شايع ٿيون. ”وڃايل واٽ“ 1976ع ۾ ڇپي، مطلب ته ثميره زرين جي لکڻين جو دور اهي ڏهاڪا شمار ڪري سگهجن ٿا. هيءُ دور سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ترقي يافته دور شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ ثميره زرين زناني عالم جي فائدي لاءِ لکيو ۽ پراڻين روايتن (جن مطابق عورتن کي جيئڻ جي آزادي نه آهي). کي تڙي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون، ثميره زرين شهري پس منظر ۾ به ڳوٺاڻي ماحول کان سواءِ سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن.
ڪربلا:
هي مجموعو مشهور ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪارا نورالهدى شاھ جو لکيل آهي، جو 1981ع ۾ منصور پبليڪيشن شايع ڪيو. جنهن ۾ 12 ڪهاڻيون ”منهنجو من ڀنڀور“، ”زم زم“، ”عيسى ۽ صليب“، ”گورڪن“، ”پن ڇڻ جي رت“، ”منهنجي زندگيءَ جو جنم قيد“، ”مندر اداس ڏيئو“، ”اڌ رات ديوداسي“، ”زندگيءَ جو زهر“، ”انسان“، ”ڪارو چنڊ“، ”ڪربلا“ ۽ ”پيڙا“ آهن.
”منهنجو من ڀنڀور، ”هڪ طويل ڪهاڻي هندوستان مان آيل گوتم جي باري ۾ آهي، جو هيرآباد، حيدرآباد ۾ پنهنجو گھر ٿو ڳولهي پر هتي اچڻ کان پوءِ کانئس اها سنڌ وڃائجي ويئي آهي. حقيقت نگاريءَ تي مشتمل هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪا سنڌ جي غير يقيني حالتن کي بيان ڪيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌين جي پنهنجي ڌرتيءَ تان مالڪي گھٽجڻ تي هي واڪا آهن. هن ڏِسَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته (جڏهن ابوظهبيءَ ۾ سندس ملاقات نارائڻ شيام سان ٿئي ٿي ۽ هو ڊاڪٽر صاحب کي چوي ٿو ته، ”اسين سنڌي آهيون پر سنڌ ڌرتي اسان کي پير هيٺ نه آهي“. تنوير صاحب کيس جواب ڏئي ٿو ته، ”اسان جي پيرن هيٺ ڌرتي آهي پر هو اسان کي پير ڌرڻ نٿا ڏين“. 1981ع جي افساني ۾ اها ئي حقيقت نورالهدى شاھ اثرائتي چٽي آهي. ”گورڪن“ ڪهاڻي هڪ اهڙي گورڪن جي آهي، جنهن کي صرف لاش دفنائڻ تي پئسا ملندا آهن ۽ بک ۽ غربت کيس بيحال ڪري ڇڏيو آهي. هُو پنهنجي ئي پٽ کي بي خبريءَ ۾ ماري ڇڏيندو آهي سندس ئي پٽ جو لاش، جنهن کي لاوارث ڪري وٽس آندو ٿو وڃي. (هو دفنائڻ مهل منهن ڏسي ٿو). ڪير کيس ٽيھ روپيه تري تي رکي ويندو آهي. زندگيءَ جي هن الميي تي هو هميشه لاءِ ڪوڏر ڇڏي ٻارن وانگر سڏڪا ڀري روئندو آهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون جرائت ۽ همت سان ڀرپور ۽ ڇرڪائيندڙ آهن.
جلاوطن:
نورالهدى شاھ جي يارنهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جن ۾ ”سنگسار“، ”پاروٿو گوشت“، ”ناگاساڪي“، ”من درپن“، ”شريف زادي“، ”فوٽ پاٿ“، ”دوزخي“، ”اناالحق“ ۽ ”ڪم بيڪ آفريڪا“ آهن. پنهنجي ڪهاڻين لاءِ نورالهدى شاھ لکي ٿي ته، ”مون سنڌي سماج جي اڏوهي کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. انسانيت ۽ شيطانيت جي وچ ۾ ڪيڏي ٿورڙي وڇوٽي آهي. انهيءَ وڇوٽيءَ جي وچ ۾ بيهي مون لکيو آهي، سوچيو آهي، پڙهيو آهي، پروڙيو آهي“.
نورالهدى شاھ جي ڪهاڻين جا موضوع نوان ۽ پريزنٽيشن مختلف آهي، اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڊرامن سبب سندس نالو پاڪستان کان سواءِ دنيا ۾ جتي جتي اردو سمجھي وڃي ٿي اُتي اُتي مشهور آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته نورالهدى شاھ 1977ع ۾ ڪي ڇرڪائيندڙ موضوع کڻي همت سان انهن کي بيان ڪيو آهي. سندس ڪهاڻيون ”ناگاساڪي“، پاروٿو گوشت“ ۽ ”شريف زادي“ هن سلسلي ۾ اهم آهن. (صه، 171) ڊاڪٽر مجيد ميمڻ موجب، ”نورالهدى شاھ جاگيرداڻي دور جي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عورت تي لکيو آهي“.
مٺي مراد:
ماهتاب منور عباسي/ماهتاب محبوب جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿي. 1960ع کان پوءِ لکندي رهي آهي. سندس افسانوي مجموعن ۾ ”چانديءَ جو تارون“، ”پرھ کان پهرين“، ”مٺي مراد“ ۽ ”لهر لهر زندگي“ ۽ اردو ادب ۾ ڪهاڻين جو مجموعو ”پل صراط“، آهن. ماهتاب پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي انعام يافته ليکڪا آهي، ڪهاڻين کان سواءِ هن ناول، خاڪا، سفرناما، ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس ناول ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ ۽ ”پيار پناهون ڇانورا“ آهن.
سندس ڪهاڻيون ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“، ”مهڻي موکي“، ”مٺو ڀت“، ”بک جا چڪ“، ”مٺي مراد“ ”چانديءَ جون تارون“، ”رهيل جانچ“ مشهور آهن.
مٺي مراد، آڪٽوبر 1979ع ۾ ارم پبليڪيشن شايع ڪيو جنهنجو انتساب نسيم احمد کرل جي نانءُ آهي. هن مجموعي ۾ 9 ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن ريت آهن: ”بک جا چڪ“، ”ڍڳو پير پيران“، ”سريت“، ”مريم جو بت“، ”سوڀي“، ”سيڻ ڏيڻ“، ”لالڻ“، ”ڄارو“ ۽ ”مٺي مراد“ ماهتاب جون ڪهاڻيون سماجي ۽ اصلاحي آهن. هوءَ سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين کي بيان ڪري ٿي. سندس بيان پراثر، لفظن ۽ جملن جو گھڙاءُ وڻندڙ آهي. مثال طور ”بلي بلي! ڪاري ڪڪڙ دنبدار جيڏي بڇينس تيڏي تيار“ يا ”ٻئي مٿا وڏيري جي کنڌي رهيا هڪ وار وري ڳاڙهو گھوٽ ٿيو، جيتر پٺ پڌري ٿئي تيتر هن جو مڙھ مقامِ اڃان رولڙي ۾ هو“ يا ”سمورو عشق فشڪ ٿي ويو، اجايون لومڀون ڏيئي هن سندس پتائي لوڻين رکيا“. مطلب ته ماهتاب ٺيٺ سنڌي ٻولي ۽ گھريلو ماحول کي اثرائتو پيش ڪيو آهي.
لهر لهر زندگي:
نيوفيلڊس پبليڪيشن هيءُ ڪتاب 1985ع ۾ شايع ڪيو هن ۾ ڪل ڏھ چونڊ ڪهاڻيون آهن. جن ۾ ”محشر موچارو“، ”آڙھ“، ”رهيل جانچ“، ”اوندھ ۾“، ”دلبر ڪاڻ ديواني“، ”گيٽ جي ٻاهران“، ”جرنلسٽ“، ”ڇانوَ“، ”ڊينجر مين“، ”لهر لهر زندگي“ آهن. (”ڇانوَ“ ڪهاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي.اي جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل ڪئي وئي آهي).
ماهتاب جون ڪهاڻيون وڻندڙ اسلوب، ڇرڪائتي پڇاڙي ۽ جھجھن موضوعن جي ڪري مختلف آهن. ”گيٽ جي ٻاهران“، ڪهاڻي هڪ ڀنگياڻي ۽ مالڪياڻيءَ جي پئسن جي ريڙھ پيڙھ تي لکيل آهي، پر جڏهن ڪير ڪم ڪرڻ لاءِ ملندو آهي تڏهن مالڪياڻي گيٽ تي بيهي ساڳيءَ ڀنگياڻي کي نه فقط پئسا وڌائي ٿي ڏي پر کيس وڏي ۽ پنهنجي ماءُ ٿي سڏي، ڪهاڻيءَ جي آخر هن ريت آهي: ”اڌ ٻيڪڙيل گيٽ جي ٻاهران بيٺل ڪاري گڏھ وڏي هينگ ڏني، مون ان وقت پاڻ کي گڏھ جي پيرين پوندي محسوس ڪيو، ”مٺي مراد“ ۾ وڏيري جي چوٿين شاديءَ جو نقشو چٽيندي چوي ٿي ته، ”چوويھ ڪيراٽ سون جهڙي سدا سهڻي لکيو لوڙڻ ڪاڻ، شرناين جي گونجار ۾ حويليءَ جي پڌر ۾ پير پاتو“، ماهتاب چواڻي ته مان بنيادي طرح ڪهاڻي نويس آهيان! سو واقعي سچ آهي. سندس ڪهاڻيون اونهي مشاهدي، اعلى ڪردار نگاري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان لاجواب آهن.
ماهتاب صاحبه شهري توڙي ڳوٺاڻي ماحول جي زندگين کي ماهر فنڪار وانگر فوڪس ڪيو آهي. گھريلو حياتيءَ جي اونهي عڪاسي ڪندڙ هيءَ ڪهاڻيڪارا پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون خاص طور استعمال ڪري ٿي. جنهن سان نه فقط سندس موقف واضح ٿو ٿئي پر گھريلو راڄ جي ڪهاڻين ۾ وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي. ماهتاب پنهنجين ڪهاڻين ۾ سندن گھرن جون ريتون، رسمون، جيئن پڌريون، ونهاءُ، شادي، عقيقا، ٻيا رواج ۽ انهن جو مشاهدو ذڪر ڪيو آهن، جنهن سان سنڌي ثقافت ۽ رسم رواج افسانوي ادب ۾ هميشه لاءِ اچي ويا آهن. ڊاڪٽر عرساڻي موجب: ماهتاب جي ڪهاڻين ۾ هڪ منفرد رنگ آهي، وٽس مرڪزي اهميت پلاٽ يا واقعي جي بجاءِ ڪردارن جي گفتگو ۽ هلت چلت کي آهي. هن جي ڪهاڻين جي ٽيڪنيڪ مڪالماتي آهي، ڊاڪٽر مجيد ميمڻ، ماهتاب جي ڪهاڻين کي ”افسانوي فن ۽ مقصديت جي لاڳاپي واريون ڪهاڻيون لکيو آهي“.
رشيد ڀٽيءَ مطابق، ”ماهتاب دقيق فيلسوفاڻا نڪتن ۽ ناصحانه فقرن جي بجاءِ صاف سچ ۽ حقيقت تي مبني ڪهاڻيون لکيون آهن“. پير حسام الدين، ماهتاب جي فن کي ”منفرد فن“ سڏيو آهن.
ڇھ انام ڪهاڻيون:
سنڌ فورم پبليڪيشن شڪارپور جي ڇپايل هن ڪتاب جو ليکڪ ڪهاڻيڪار ماڻڪ/اصل نالو منير احمد ميمڻ آهي. ڇهن ڪهاڻين جي هن ننڍي ڳٽڪي ۾ ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي ڪوبه عنوان نه ڏنل آهي، پهرين ڪهاڻي، ٻي ڪهاڻي جي عنوان مطابق مختصر سماجي ڪهاڻيون سنڌ جي پس منظر تي لکيل آهن، جن ۾ علي بابا ريسٽارنٽ، سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽيءَ جا منظر يا ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس جون ميٽنگون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ لفاظي ڪانهي. گھڻي منظرنگاريءَ جي ڊيگھ ڪونهي بلڪه سادي سودي ۽ سولي ٻوليءَ سان سنڌ جي معاشري جي عڪاسي آهي. ڪتاب مان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. ”ڀلادم تي ڪهڙو ويساھ، هن حال ۾ باقي بچيو ئي ڇا اٿم، هڏا ۽ چم، هن روڳي پڃري ۾ ڦاٿل ساھ جو پکيئڙو اڄ اڏاڻوڪي سڀاڻ“. (ٻي ڪهاڻي)
”تو پاران ڏنل زندگيءَ جي سرهاڻ کي مان ساروڻين جي روپ ۾ سانڍيندس ۽ هنن سڳنڌ ڀريل گھڙين منجهان جيڪي منهنجي ماضيءَ جو املھ خزانو آهن. موت جي پڇاڙيءَ وارين گھڙين تائين واس وٺندس“. (چوٿين ڪهاڻي)
”پهرين ته کيس هلڪي پڇتاءُ پنهنجي انتهائي بي رحميءَ سان گڏ مبهم طور پنهنجي نظرن ۾ ڪريل هجڻ، بي عزتو ٿيل ڏوهي هجڻ جو لاشعوري طور شديد احساس ٿيو، پر پوءِ ذهن کي جھٽڪو ڏيئي شعوري طور ان کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو“. (پنجين ڪهاڻي)
ٻن گبر دشمن پيرن جي وچ ۾ اليڪشن جي مهل مصلحتي ٺاھ تي آخر ۾ هن ريت لکيو اٿس، ”پوءِ ساڳئي شهر جي ساڳئين روڊن تان ٻنهي پيرن جون جيپون چيچاٽ ڪنديون امن ۽ صلح سان لنگهنديون آهن. انهن مئلن مريدن جي روحن کي ڪچلينديون، جيئرن مريدن جي ساڃھ، سمجھ ۽ عقل کي چيڀاٽيندي. (ڇهين ڪهاڻي) ماڻڪ جي ڪهاڻين جو هڪ مختلف اسلوب آهي ۽ وٽس موضوع به ڇرڪائيندڙ آهن، ”حلويليءَ جا راز“ سندس مشهور ڪهاڻي آهي.
۽ سنڌو وهندو رهيو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان 1974ع جي سال جو ڪهاڻيءَ جو انعام حاصل ڪيل ڪتاب، قبول ابڙي جو لکيل آهي. هن ڳٽڪي ۾ ڪل 9 مختصر ڪهاڻيون آهن. جيڪي سماجي، اصلاحي، گھريلو ۽ گھڻي قدر زندگيءَ جي ننڍن ننڍن مسئلن تي آڌاريل آهن. هڪ ڪهاڻي ”زن مريد“، اوهينري جي ڪهاڻيءَ تان ماخوذ آهي. نوَن ڪهاڻي جا عنوان هن ريت آهن، ”منهنجي مرضي“، ”پيار جا ناتا“، ”ڪنوار جو موڙو“، ”اونداهيءَ جا زخم“، ”پيار ۽ زهر“، ”گھايل من منهنجو“، ”زن مريد“، ”فنڪار“ ۽ ”سنڌو وهندو رهيو“. ڊاڪٽر قاضي خادم، مهاڳ ۾ هنن ڪهاڻين جي موضوعن کي سماجي، قومي ۽ معاشري سان تعلق رکندڙ مقصديت واريون ڪهاڻيون ڄاڻايو آهي.، جيڪي گڏو گڏ دلچسپ پڻ آهن، سليم ڪورائيءَ موجب قبول ابڙي جون ڪهاڻيون افسانوي انداز جون آهن. سندس مطابق قبول ابڙو جي ڪهاڻين مان صرف تفريح حاصل ٿئي ٿي. هو ڪهاڻيءَ جي رمز کان واقف آهي، پر کيس هن ڪمزوريءَ تي ڌيان ڏيڻ کپي باقي سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري اوچائيءَ تي آهي. هو سعادت حسين منٽو کان متاثر آهي“.
هي گھريلو ڪهاڻيون زناني عالم جي جذبن، سوچن ۽ ويچارن سان گڏ سندن ننڍين ننڍين خوشين ۽ ڏکن کي ظاهر ڪن ٿيون. آخري ڪهاڻي، ”۽ سنڌو وهندو رهيو“ سنڌين جي بي خبري ۽ لاپرواهيءَ تي آهي، ته ڌاريان جڏهن به اسان کي ڏنڀ ڏين ٿا ته هر دور ۾ اسين انهن کي وساري ٿا ڇڏيون ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هو. ليکڪ لکي ٿو. ”تنهنجا ڳوڙها ڳاڙڻ اجايا آهن. منور! اسان فقط ڳوڙها ڳاڙي ڄاڻون، روئي ڄاڻون، ٿوري عرصي کان پوءِ وساري ڄاڻون، ايئڻ ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هو، ڄڻ ڪو جنازو نڪتو ئي نه هو وري تڏهن خبر پوندي آهي، جڏهن ٻيو خنجر اچي سيني ۾ لڳندو آهي“. (صه، 128)
”هر دور ۾ سنڌو جو پاڻي رت سان ڀريل هوندو آهي ۽ اهو رت تيسيتائين رهندو جيسيتائين علاؤالدين، نيپئر ۽ نادر شاھ پيدا ٿيندا رهندا. تون چپ رھ ڪنهن عيسى جي انتظار ۾ ڪنهن مهديءَ جي آسري ۾“. (صه، 129)
رهيل قرض:
هي افسانوي مجموعو، مشهور ڪهاڻيڪارظفر حسن جو نيوفيلڊس پبليڪيشن 1981ع ۾ شايع ڪيو آهي. 201 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 10 ڪهاڻيون آهن، ظفر حسن فهرست ۾ هر ڪهاڻيءَ جي لکڻ جو سال ڄاڻايو آهي. ”رهيل قرض“ 1966ع ۾ ۽ آخري ”ڪني پاڻي جو تلاءُ“ 1978ع ۾ لکي ويئي. معنى ته هيءُ ڪهاڻيون 12 سالن جي عرصي جون آهن. ٻين ڪهاڻين جا عنوان هن ريت آهن: ”سوکڙي“، ”گناھ جو ڍڪ“، ”ڀاڳ نڀاڳ“، ”تکي اُس، ٿڌي ڇانوَ“، ”عيد جي خرچي“، ”پنهنجو پنهنجو قرض“، ”حياتيءَ جي ٽه رقمي“، ”رات جنين جو ماڳ“، هي ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مختلف رُخن کي ظاهر ڪن ٿيون، هنن ۾ هاريءَ جي هيڻائي ۽ زمينداري ظلم بيان ٿيل آهن ته سنڌي فرسٽ ڪلاس ڊگري رکندڙ بي روزگار نوجوان جو انٽرويو لاءِ رلڻ ۽ ڪراچي سنڌ ۾ خود کي اڪيلو محسوس ڪرڻ جا ڏک آهن. ”ڀاڳ ۽ نڀاڳ“ هڪ کٽل پر ذهني سالميت واري شخص جي سوچن جو عڪس آهي. جنهن کي پنهنجي ذهني اپروچ سڀاڳ ۽ بلندي محسوس ٿئي ٿي ۽ کيس پنهنجي اڳيان امير، پير، وڏيرا ۽ زميندار نڀاڳا ٿا لڳن. جي بي حِس آهن ۽ قوم جو درد دل ۾ محسوس نٿا ڪن. ”عيد جي خرچي“ معصوم ٻارن جي عيد جي خرچيءَ جي شرق تي آهي هيءُ هڪ عام پر اثرائتو موضوع آهي.
معصوم بارڙي عيد جي خرچيءَ لاءِ سڪي ٿي وڃي، ڇو جو هڪ امير جي موٽر کيس ڪچلي ٿي وڃي، ظفر حسن موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي مواد سان مڪمل لاڳاپيل ڏيکاريو آهي، ٻولي عام فهم، بياني ۽ ڪهاڻين جو دورانيو مختصر آهي. ڪجھ ڪهاڻيون سٺي ٽريٽمينٽ سان پيش ٿيل آهن. هتي ڪجھ حوالا ڏجن ٿا.
”هو ٽيجھو ڪري راتو رات ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڇڏي ويا، جيڪڏهن بنا قرض جي ڀڄن ها ته وڏيرو مٿو ئي وڃائي ڇڏي ها. جيستائين هڪ غريب هاريءَ وٽ جوان ڌيءَ آهي. تيستائين زميندار پنهنجو قرض ضرور اوڳاڙيندو هاريءَ وٽ ڌيءَ ته ڄمندي رهندي قدرت جو اٽل قانون آهي، پر هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ سدائين رهندو. اهو اٽل قانون ڪونهي، جيڪي به صدين کان غريب جو امير تي وري رهيل قرض آهي ان جو پورو حساب ٿيندو“. (صه، 21 ”رهيل قرض“)
”عيد نه رڳو روزيدارن لاءِ پر بي روزائيتن، اميرن، شرابين، رشوتين، ڦورن، ظالمن ۽ سڀني مسلمانن لاءِ ايندي آهي“.(صه، 95 ”عيد جي خرچي“)
”هو ڳرين وکن سان هوري هوري لڏندو لمندو ڏاڪڻ تان لهڻ لڳو، الائي ڇو تغلق هائوس جي نالي سان کيس فيروز شاھ تغلق ياد آيو، جنهن سنڌ کي لٽي برباد ڪيو هو. هو دل ۾ وري نوڪريءَ جو حساب ڪرڻ لڳو“. (صه، 148) ”کيسي ۾ هڪ پئسو به نه ڪراچيءَ جون ڊگھيون اوچيون عمارتون ٽرئفڪ جي پيھ پيهان ۾ به هو پاڻ کي اڪيلو برپٽ منجھ محسوس ڪرڻ لڳو“.
”انگي حساب جي ٽه رقميءَ جو جواب صحيح ڪڍڻ جو اهو مطلب ڪونهي ته هو حياتيءَ جي ٽه رقميءَ جو جواب به صحيح ڪڍي سگهي ٿو“. (”حياتيءَ جي ٽه رقمي“)
ٽٽل شيشا ۽ آڱريون:
نور گھلو اصل نالو نور نبي، جديد قدرن جو حامي ليکڪ هو، نور گھلو جو هيءُ افسانوي مجموعو منصور پبليڪيشن 1981ع ۾ شايع ڪيو، نور گھلو ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ ڊراما نويس، شاعر ۽ نقاد رهيو. هن مجموعي ۾ ڪل 15 ڪهاڻيون آهن جن جا عنوان هن ريت آهن: ”آخري پٿر“، ”اٺون رنگ“، ”اُلاڪي اماس ۾“، ”خالي اکيون خالي رستا“، ”چانڊوڪي ۽ اڪ جا پن“، ”اڇا گل ڪنول جا“، ”جاني“، ”مدرليس چائلڊ“، ”مٽي جا ماڻهو“، ”ديوارون پاڇا ۽ پڙاڏا“، ”ٿوهر جا گل“، ”انٽرلاڪ ۽ ماسٽرڪي“، ”پل آپل ۾ ورهائجي ويل“، ”زندگي ۽ سندرتا“، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ آهن. هنن ڪهاڻين ۾ خيال ۽ عڪس آهن ته چڀندڙ حقيقتون پڻ جنسيات جو اثر هنن ڪهاڻين ۾ آهي پر زندگيءَ جي خاص مسئلن جي طرف اشارو پڻ آهي، ”زندگي ۽ سندرتا“ هڪ زندگيءَ کان بيزار شخص جي ڪهاڻي، جنهن کي ٻار جي معصوميت خودڪشيءَ کان روڪي ٿي، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ نفسياتي ڪهاڻي آهي. ڪتاب مان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.
”ماٺ جو مانڊاڻ من ۾ کڻي هلندي هميشه وانگر سندس نظرون روز جيان روڊ جي نالي واري بورڊ ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، ”اوھ..............!“ سندس منهن تي اندروني ڪرب ۽ اذيت جا پاڀا وري اچن ٿا. سندس لوندڙيون ڌوڻ لڳن ٿيون ۽ ڪروڌ مان سندس مٺيون ڀڪوڙجي وڃن ٿيون. ”اف اسان ماڻهو!؟ اسان ماڻهو آخر جيئون ڇو ٿا، اسان جي ٻولي!؟، اسان جو ڪلچر!؟.... آخر....!“ ڪجھ ڏينهن اڳ تائين جو بورڊ تي روڊ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکيل هو، پر پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن، اهو سنڌيءَ ۾ لکيل نالو ميسارجي ويو هو، اتي سنڌيءَ بدران روڊ جو نالو ڌارين ٻوليءَ ۾ لکجي ويو هو. اسان جي هيڏي تاريخ........ هيڏو ڪلچر........ سڀ ختم ٿي! ويندو؟.... ۽ هاڻي هيءَ سنڌ جو نالو مٽائڻ جي سازش.....! بابِ اسلام...... ته پوءِ......... اسان چپ ڇو آهيون!. (صه، 71، مٽيءَ جا ماڻهو). زندگيءَ جا چٽا، اڻ چٽا عڪس، ڌنڌليون تصويرون، آڏيون ابتيون تحريرون، چچريل آواز“. (صه 75، ديوارون پاڇا ۽ پڙاڏا).
”تاج محل شهنشاھ شاھجهان ۽ ممتاز جي پيار جو يادگار، بڪواس!.... هي انهن پورهيتن جي محنت جو يادگار آهي، جن پنهنجي رت ۽ پگھر سان سِرَ سِرَ جوڙي آهي“. (صه 137، ٽٽل شيشا ۽ آڱريون).
نور گھلو جون هيءُ ڪهاڻيون مختلف انداز سان لکيل آهن پر منجھن انگريزي لفظن جو استعمال وڌيڪ آهي، جنهن ڪري عام پڙهندڙ جي لاءِ ڪجھ قدر ڏکيون آهن.
چونڊ سنڌي افسانا:
ان عنوان سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان ڇپايل ڪتاب کي ڊاڪٽر غلام علي الانا ترتيب ڏنو، گھڻو وقت بي.اي جي نصاب ۾ شامل هيءُ ڪتاب پهريون دفعو 1976ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ نصابي ضرورت تحت ڇپبو رهيو آهي. 162 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن جون 12 انعام يافته ڪهاڻيون ڏنل آهن. هن مجموعي جو جائزو ڏيڻ جو مقصد آهي ته ڪي اهڙا افسانوي مجموعا آهن، جيڪي مختلف ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جي ٻي خاص خوبي شروع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو ”سنڌي افساني جي اوسر“ آهي، اهو سنڌي افساني جي فن جي معلومات ڏيندڙ ليک آهي. جنهن ۾ افساني جي ابتدا، اوسر ۽ مشهور افسانه نگارن ۽ سندن افسانوي مجموعن جي خوبين ۽ خامين جو تجزيو شامل آهي. الانا صاحب لکي ٿو ته، ”سنڌي جديد افساني جي ڪاميابيءَ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي ته انهن مان ڪي چونڊ افسانا انگريزي، جرمني ۽ روسي ۾ ترجمو ٿيا آهن. اهڙي طرح سنڌ جو جديد افسانو ادب جي بهترين صنف ليکجي ٿو“.
”چونڊ سنڌي افسانا“ جي ٽين خاص خوبي، هر افساني کان اڳ ۾ لکندڙ جو تعارف ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان افسانا شامل آهن. ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ حفيظ شيخ، ”بلو دادا“ اياز قادري، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”ڇوڏو“ نجم عباسي، ”خوني رات“ امر جليل، ”روشنيءَ جو سفر“ آغا سليم، ”شيدو ڌاڙيل“ غلام رباني، ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“ علي احمد بروهي، ”ڪافر“ نسيم احمد کرل، ”مڪو مست“ ع-ق شيخ، ”ماني ڳڀو“ جمال رند، ”وطن“ ثميره زرين.
ڪجھ افسانن مان حوالا پيش ڪري انهن تي تبصرو پيش ڪجي ٿو. انهن ليکڪن جا افسانا آهن جن جا افسانوي مجموعا گھڻو مشهور ٿيا.
چونڊ سنڌي افسانا ڪتاب جا اهم افسانا هڪ نظر
امان مان اسڪول ڪونه ويندس: هيءُ جڳ مشهور افسانو حفيظ شيخ جو آهي، سندن شمار معياري ۽ مقبول افسانه نگارن ۾ ٿئي ٿو. هيءُ ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار گلڻ جي غريبي ۽ اسڪول ماستر جي بيوسيءَ جي آهي، جيڪو انگن اکرن جي پورائو مجبوراً ڪرڻ چاهي ٿو. هيءُ اثرائتو افسانو سنڌ جي ڳوٺن جي تعليمي سرشتي کي سمجھڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو. آخر ۾ ليکڪ لکي ٿو ته، ”گلڻ اتي هليو ويو جت ٻنين تي ماني ڏيئڻي ڪانه آهي، جت اسڪول ڪين آهن، جت ماستر ڪين آهن، جت معصومن کي مار ڪين ملندي“. ڪجھ نقادن هن ڪهاڻيءَ کي استادن جي خلاف الزام تراشي سڏيو پر حقيقتاً ڏٺو وڃي ته گلن جهڙو گلڻ انساني ظلم جو شڪار سماج جي غلط نظام هيٺ ٿيو. هڪ حساس موضوع کي حفيظ صاحب فنڪاريءَ سان بيان ڪيو آهي.
بلو دادا: اياز حسين قادريءَ جي ڪهاڻي آهي. ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر اياز قادري، جديد دور جي اوائلي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”بلودادا“ آهي، جنهن ۾ هن ڪهاڻيءَ سنڌ ۾ گھڻي مڃتا ماڻي، ”بلو دادا“، مڪراني گاڏڙ لهجي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ، غريبن جو همدرد، پاڙي جي عزت جو محافظ، هڏڏوکي، بليڪ مارڪيٽنگ جو دشمن آهي پر هن هڪ سرمائيدار ۾ هٿ وڌو ۽ اهو سيٺ کيس گونڊا ٽيڪس هيٺ شهر نيڪالي ڏياري ٿو. آخر ۾ ليکڪ لکي ٿو: ”مان سوچ ۾ پئي ويس، ڇا بلو سچ پچ گونڊو هو؟“. اياز صاحب جي ”بلو دادا“جاندار ڪهاڻي آهي. اهڙيءَ ريت ٻيون ڪهاڻيون ”مان انسان آهيان“، ”جوابدار ڪير“، ”زهر جو ڍڪ“ اثرائتيون آهن.
پشو پاشا: جمال ابڙو نامور عالم، علي خان ابڙي جو فرزند، مشهور ليکڪ ۽ نقاد بدر ابڙي جو والد ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ خاص نالو آهي. جنهن جي آتم ڪٿا پنجن حصن ۾ سوانح جي مَدَ ۾ گھڻي اهميت رکي ٿي. جمال صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ جو اوائلي ليکڪ هو. هن گھٽ پر حقيقت نگاريءَ تي مشتمل ڪهاڻيون لکيون آهن.
پشو پاشا، هڪ جابلو شينهن جي ڪهاڻي آهي. جيڪو عدالت ۾ جج سان مهاڏو ٿو اٽڪائي، جنهن جي همت ۽ سورهيائي لاجواب آهي. جج جي اکين ۾ اکيون وجهي ٿو چوي ”تون ڏوهي آهين توکي ڦاسي ڏني ويندي“، هن افساني ۾ ڪردانگاري، منظر نگاري، پلاٽ، واقعو يا ڪهاڻيءَ جي ترتيب ۽ ٻولي، هر هڪ جزو منڊيءَ تي ٽڪ آهي. هيءَ سنڌي ادب جي هڪ لازوال ڪهاڻي آهي، جمال صاحب جج هئڻ جي حيثيت سان ممڪن آهي. ڪي اهڙا ڪردار ڏٺا هوندا ۽ انهن کين متاثر ڪيو هوندو، جن کي پشو جي صورت ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪيو اٿن. لکن ٿا ته: ”پشو قدرت جي اڻ گھڙيل تخليق هو، هو ننڍي هوندي کان ئي ڇيڳرو، الڙ ۽ ارڏو هو“، حڪومت جي قانون سازيءَ تي لکيو اٿن، ”هن عدالت عاليه ۾ ملڪ جي قانون جي ڀڃ گھڙ ڪري، چٻي چٿي، فتوائون صادر ڪيون وينديون هيون. مروٽيل قانون معصوم شهرين جي مٿان پنجوڙ وانگر اڇلايا ويندا هئا. (صه، 4)
جمال ابڙو جي ڪهاڻين جو تعدا ٿورو آهي، پر سندس ڪهاڻيون فني طور مضبوط آهن. سندن ڪهاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ جي عنوان سان آهي. جمال ابڙو کي اسماعيل عرساڻي ”مقامي رنگ يا ارضيت جي فن جي روايت سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڏيندڙ ليکڪ سڏيو آهي“، هن جي ڪهاڻيءَ ۾ نج سنڌي ماحول جو مشاهدو آهي. ڪردار به سنڌ جي سر زمين جا حقيقي ڪردار آهن.
”چونڊ سنڌي افسانا“، پنهنجي افاديت جي لحاظ کان افسانوي ادب جو هڪ اعلى ڪتاب آهي. اهڙيءَ ريت بي.اي جي نصاب لاءِ سنڌيءَ جو ڪتاب جو سنڌ يونيورسٽي مقرر ڪيو آهي. ان ۾ به بهترين چونڊ افسانا آهن. جيڪي هن ريت آهن؛ ”پيراڻي“ جمال ابڙو، ”مان انسان اهيان“ اياز قادري، ”چوٽيهون در“ نسيم کرل، ”چهڙي“ بشير مورياڻي، ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ حفيظ شيخ، ”چنڊ ۽ ماني“ علي بابا، ”ڇانو“ ماهتاب محبوب، ”اوپرو ماڻهو“ شوڪت حسين شورو، ”ڪارنهن“ رزاق سهتو، هنن افسانن جي چونڊ انساني حقن جي پاسداري ۽ حفاظت ڪندڙ تحريرن طور ڪئي ويئي آهي.
مهراڻ جا موتي: هيءُ مخزن ماهوار نئين زندگيءَ جي خاص اشاعت آهي. جنهن ۾ 1956ع کان 1959ع جو ادبي انتخاب ڏنل آهي. نثر واري حصي ۾ ادب، تاريخ ۽ سوانح سان گڏ 9 افسانا ڏنل آهن، جيڪي هن ريت آهن: ”مهرباني“ (طنزيه) جمال ابڙو، ”ڪارا ۽ ڳاڙها ليڪا“ غلام رباني، ”عدو موچيءَ جو راڳ سکڻ“ (مزاحيه) علي احمد بروهي، ”امڙ مان نه ڪندس!“ اياز قادري، ”هڪ رپئي جو نوٽ“ (مزاحيه) رشيد ڀٽي، ”سهڙي آ سانجھي اوندھ لٿي آب تي“ رشيد آخوند، ”ڏکڙن جو ڏاج“ ثميره زرين، ”ٻيلي ڪا خوشبوءِ ڏي ته ٽاٽائي وٺان“ (مزاحيه) ڪروڙ پتي، اهي سڀ ڪهاڻيون وڏن ڪهاڻيڪارن جي قلم جو انمول خزانو آهن، جن جي ادب جي تاريخ ۾ هڪ خاص حيثيت آهي.
عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون: هيءُ افسانوي مجموعو، فيروز احمد ميمڻ، نيوفيلڊس پبليڪيشنز جي مالڪ ترتيب ڏيئي اپريل 1974ع ۾ شايع ڪيو. پيش لفظ ۾ امر جليل ڄاڻايو آهي ته، ”هن ڪتاب جون ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي دور جي انساني قدرن، جذبن ۽ امنگن جون ڪهاڻيون آهن ۽ هر دور لاءِ نيون آهن، جديد آهن، وقت جي دَزَ هنن ڪهاڻين کي لٽي نه سگهي آهي“، هن مجموعي ۾ 16 ڪهاڻيون آهن جن ۾ ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”چهڙي“ بشير مورياڻي، ”شڪست“ سندري اتم چنداڻي، ”مان... اپمان“ موهن ڪلپنا، ”کڙندا کٽڻهار“ آغا سليم، ”گذريل واردات“ نسيم کرل، ”منزل ايندي ماڳ به ايندا“ قمر شهباز، ”هڪ دل جي اڪيلائي“ امر جليل، ”ٻوساٽ“ غلام نبي مغل، ”گوندر ڪڍيا گونچ“، ”ڪجھ به نه“ ايشور چندر،”موٽندڙ ڇوليون“ عبدالقادر جوڻيجو، ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ هيرو شيوڪاڻي، ”الزام“ عبدالحليم بروهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون پراڻيون هوندي به نيون آهن. انساني جذبن جا اظهار ڪڏهن به قديم نه هوندا آهن. هي ڪهاڻيون ئي هيون، هي ئي دور هو، جيڪو سنڌي افسانه نويسيءَ جي عروج جو دور شمار ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ نوان موضوع، مختلف طريقن سان انهن جو اظهار، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال، انساني قدرن جو احترام ۽ انيڪ خوبيون هيون. سندريءَ جي ڪهاڻي ”شڪست“ هجي يا بشير مورياڻي جي ”چهڙي“ موهن جي ”مان... اپمان“ هجي يا جليل جي ”هڪ دل جي اڪيلائي“ هر هڪ جي ٿيم، ڪردار نگاري، احساسن جي ترجماني لاجواب آهي. هڪ معصوم ڀنگياڻي ٻارڙي خوفزده ڌڪيل ڦٽيل (مئل) داديءَ وٽ وڃڻ چاهي ٿي، پر ڊپ ۾ گھر يا مالڪن وٽ نٿي وڃڻ چاهي، (چهڙي، بشير مورياڻي).
حشو ۽ ستيءَ جي ڪهاڻي پتي پتنيءَ جي جيوَن ۾ ايندڙ انهن لمحن جي ڪهاڻي آهي. جن ۾ جھيڙن کان پوءِ صلح آهي، رسڻ کان پوءِ پرچڻ جو ميٺاج آهي. داديءَ انهن جھيڙن جھٽن کان بچڻ لاءِ شادي نه ڪئي پر آخر حشو ۽ ستي جي صلح کيس احساس ٿي ڏياري ته پتي پتنيءَ جي انوکي رشتي ۾ هڪ پنهنجائپ آهي. اهو محسوس ڪري سندس سوڀ شڪست ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
”مان اپمان“، موهن ڪلپنا جي نفسياتي، جذباتي ۽ رومانٽڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا خودي ۽ انا، روپ ۽ سروپ جي چوگرد گھمي ٿي. روپ ۽ آتما مان ڇا امر آهي؟ مَنَ جو موھ تن جي موھ کان اڳ پسجڻ جي حامي ريکا جي جيت ئي ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي آهي. هن مجموعي جي هڪ هڪ ڪهاڻي لاجواب آهي. (جھڙيءَ ريت سنڌي ادبي بورڊ جي اڳ ڇپيل ڪتابن کي ٻيهر بورڊ طرفان ڇپرايو وڃي پيو تنهن ريت ضروري آهي ته چونڊ افسانوي ادب کي جيئارڻ لاءِ ٻيهر ڇپائجي، ڇو جو گھڻا ڪتاب ڪتاب گھرن تي موجود نه آهن).
تاريخي افسانا ۽ ڊراما: هن ڪتاب ۾ سچن تاريخي واقعن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن جن کي مشهور ڪهاڻيڪار غلام محمد گراميءَ لکيو ۽ 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. 322 صفحن جي هن ڪتاب ۾ گرامي صاحب افسانوي فن تي مقدمو ڏنو آهي.
هن ڪتاب جي سچن واقعن ۾ جي افسانوي رنگ ڀريا ويا آهن، انهيءَ سان هي تاريخي افسانا دلپذير ٿي پيا آهن. هن ۾ ”هانسي“، ”سجاح“، ”مهاراڻي“، ”شوڀا“، ”چندر ورتا“، ”پد مڻي“، ”درڳا ٻائي“، ”ڪالڪا پرٿال“ 'راج ڪور'، 'سڌارت' ۽ ٻيا افسانا شامل آهن.
سنڌي افسانوي ادب جي شروع دور ۾ فني خوبين تي توجھ گھٽ هئي، ته به ڪجھ ڪهاڻيون سٺيون لکيون ويون. 1947ع کان پوءِ ۽ خاص طور 1950ع کان پوءِ سنڌي افساني گھڻي ترقي ڪئي. مشهور افسانه نگارن ۾ نسيم کرل واقع نگاريءَ کان، امر جليل ڪردارنگاريءَ ۽ مڪالمه نويسي کان، آغا سليم ۽ علي بابا تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان گڏ ٻوليءَ جي سونهن کان، ماهتاب محبوب، زناني عالم جي مسئلن جي پيشڪش کان، نورالهدى شاھ سماج اندر عورت تي ٿيل ظلم کي بيباڪيءَ سان بيان ڪرڻ کان نشانبر آهن، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ضروري آهي ته، نوَن لکندڙن کي جديد قدرن سان گڏ هيسيتائين جي لکيل سنڌي افساني ۽ ٻين ٻولين جي افسانن جو اونهو اڀياس ڪرڻ گھرجي.