ورهاڱي کان پوءِ جا ناول ۽ ناول نگار
1947ع کان پوءِ هڪ خاص تبديلي آئي پرڏيهي ادب جي اثرن سان گڏ ڏيهي حالتن جي تبديليءَ سنڌي ناول نويسي کي متاثر ڪيو ۽ ناول جي لکجڻ جي رفتار ۾ فرق آيو جنهن جا سبب هيٺيان هئا.
1. سنڌي ناول لکندڙ اديبن ۾ هندو ناول نگارن جو تعداد گھڻو هو، لڏ پلاڻ جي ڪري گھڻا ليکڪ هندوستان هليا ويا. 2. هن طويل صنف جي ڇپائيءَ لاءِ وڌيڪ پئسي جي ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ حالتون موافق نه هيون. 3. ناول ڇپائيندڙ ادارن ۾ به گھڻو تعداد هندوئن جو هو، فسادن ۽ لڏپلاڻ جي ڪري ڪيترائي اشاعتي ادارا بند ٿي ويا. 4. وقت سان گڏ دنيا جي ادب ۾ به افساني جي صنف عام ٿيڻ لڳي، افسانو جلد لکجڻ، ڇپجڻ ۽ عام ٿيڻ (مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ) جي ڪري ناول کان وڌيڪ مقبول ٿيڻ لڳو. 5. هن مشيني ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ وقت جي ڪميءَ سبب ناول لکجڻ جو لاڙو گھٽجي ويو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي گھٽ لکجڻ جا سبب ته مٿي بيان ڪيا ويا آهن، ته به سنڌي ناول سنڌ ۾ لکيا ويا آهن. بيشڪ انهن جو مقدار گھٽ آهي. پر معيار خراب نه آهي. هيٺ ڪجھ مختصراً ذڪر ڪجي ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ محمد عثمان ڏيپلائي انهن ناول نگارن ۾ هو جنهن هن صنف کي زنده رکڻ ۾ هٿي ڏني. سندس ناولن ۾ ”سانگھڙ“ کي اهم حيثيت حاصل آهي. (پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي طرفان انعام يافته آهي). سندن ٻين ناولن ۾ ”جپاني گڏي“، ”آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ مئڪسيم گورڪيءَ جي ناول مدر جو ترجمو ”امڙ“ ۽ ٻيا ناول شامل آهن.
عابد لغاريءَ جو ناول ”زنده لاش جو سفر“، ياسين بروهي جو ”نارنگي ڪيلا 2020“، الھ بخش ٽالپر جو ”پرديسيءَ جو پيار“، غلام علي الانا جو ناول ”لاش“ لطف الله بدويءَ جو ”ابيلا“، منظور احمد عرساڻيءَ جو ”ڪلب ۽ گھر“ طارق اشرف جو ”ميرو ڌاڙيل“، راز بلڙائي جو ”گناھ“، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ”سوري آ سينگار“، محمد دائود بلوچ جو ”انصاف ڪٿي آهي“، قاضي عبدالڪريم جو ”نوران“، فضل احمد بچاڻيءَ جو ”نازبو“، عمرالدين بيدار جو ”نيروليءَ جو ڪن“، الله بخش اداسي جو ”آهون“، قبول ابڙي جو ”ڌرتيءَ جي جنگ“ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول ورهاڱي کان پوءِ لکيا ويا آهن. محمد بخش جوهر سٺو جاسوسي ناولن جو سلسلو شروع ڪيو، ”شريف ڊاڪو“، ”پڪو بدمعاش“ ۽ ٻيا ڪافي جاسوسي ۽ ڪجھ سماجي ناول به لکيائين جيئن ”ڪاليجي ڪڪي“، ”باغي“، زبردستي“ وغيره. ”بک ۽ بيروزگاري“ راز بلڙائي، ”سورج شاخون ڪڍيون“، محمد علي ڀٽي، ”شام سحر“، مسعود ويراڳي، ”شڪسته زندگي“، بادام ناتوان، جا ناول آهن، قاضي فيض محمد فيض جي ناولن ۾: ”جنسار“، ”ٻاويهه سو ٻاويهه“ ۽ ”اڻ ڄاڻ“ مشهور آهن. عنايت حسين جو ”اتفاق“، عمرالدين بيدار جو ”تلاش“ محمد حسين جو ”اديون ڏيوم صلاح“، ”صائب“ جو ”ڪوماڻو ڪنول“، آسانند مامتورا جو ”حليما“ عبدالحق عالماڻيءَ جو ”ڪارو ڪارونڀار“، آهن. ”ڊنل اکين جا خواب“، قبول ابڙو جو بنگالي قوم جي جدوجهد جي پس منظر تي آهي. 1971ع جي بنگلاديش جي هلچل ۽ مقصد کي ابڙي صاحب ناول جو روپ ڏيئي پيش ڪيو آهي.
سنڌي ناول نگاريءَ ۾ سراج الحق ميمڻ هڪ ناليوارو ناول نگار رهيو آهي. سندس پنج مشهور ناول آهن. جن ۾ ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگھ ترشنا“، (پوين ٽنهي ناولن کي هڪ گڏيل ڇاپي ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي عنوان سان ڇپايو). شروع جا ٻئي ناول ارغونن ۽ ترخانن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين جا بيان آهن. هي ناول تاريخي هئڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌيت جي محبت جو عڪس آهن. سراج جا ناول ٻولي، ڪردارنگاري، جذبات نگاري ۽ جماليات جي لحاظ کان اهم آهن. سندس ناولن جا موضوع جذباتي ۽ سوچون آدرشي آهن. ايڊيٽر (هلال پاڪستان ڪراچي) ۽ صحافي هئڻ جي حيثيت سان هن هڪ نازڪ وقت ۾ ناول نگاريءَ جي ميدان جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي جي پرچار ڪئي. نجم عباسي مشهور ناول نگار ۽ افسانه نگار جا ناول عوامي ڪردارن جو بيان آهن. جيئن ”بلنديون“، تلاش“ ۽ ”پيار جي ڪهاڻي“، هن حقيقت پسند ليکڪ جي ڪردارن ۾ جان آهي هن جي جدوجهد عام عوام لاءِ رهي، هن طبقاتيت خلاف لکيو. شاهوڪارن، ٺيڪيدارن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي ظلمن ۾ پيڙهيل غريب عوام ئي نجم عباسيءَ جو موضوع رهيو. ”بلنديون“ هارين جي حقن وٺڻ ۽ متحد ٿيڻ بابت آهي.
آغا سليم جا ناول رومانويت ۽ آدرشن تي محيط آهن. جن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب جا قدر آهن. آغا سليم صاحب جي ناولن جي ٻولي ٺيٺ سنڌي هئڻ سان گڏ ادبي موتين سان سجيل آهي. ناولن جي ڪردارنگاري خاص اهم آهي. سندس ناولن جا پلاٽ ڪردارنگاريءَ تي ٻڌل آهن. جن جي زباني هو آدرشي پيغام ڏئي ٿو. سندس مقصد قومي ۽ سماجي مسئلن جي اُپٽار آهي ته گڏ تاريخ جي ورقن مان سچ جا اولڙا پسائڻ پڻ. آغا سليم جي ناولن ۾ ”همه اوست“، ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”اڻپورو انسان“ ۽ ”روشنيءَ جي تلاش“ آهن. سندس ناولن ۾ مقصديت آهي.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ مقصديت واري ناول لاءِ چوي ٿو ته: ”علم و ادب ۾ اهڙي ناول کي هميشه اهميت ملي آهي، جيڪو ادبي ۽ اصلاحي مقصد لاءِ لکيو ويو آهي. بدن سان گڏ روح جو هجڻ لازمي آهي. جيئن بدن زنده چورائڻ جو مستحق ٿي سگهي. ناول جو فن ناول جو بدن آهي، جنهن کي زنده رکڻ يا روح ڦوڪڻ جو دارومدار، ناول نگار جي بيان ۽ مواد جي ادائگيءَ تي آهي“.
سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ تي لکيل علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“، ”نئين زندگيءَ“ ۾ قسط وارو ڇپيو، هن ناول جو ڪردار سنگتراش ”سارنگ“ جنهن جي هٿن جي ڇهاءُ سان اڻ گھڙيل پٿر به جاندار ٿي پيا، هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هن ناول جي ٻوليءَ ۾ واڌاءُ پڻ آهي جنهن ڪري ناول ڪجھ ڪسو ٿي پيو آهي، ڪٿي ڪٿي جاندار جملا آهن ته ڪٿي ڪٿي ورجاءُ، دهراءُ ۽ ڊيگھ سبب پڙهڻ جي تسلسل ۾ ڪمي اچي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن ناول تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”هن ناول جي ناڪاميءَ جو سبب ٻولي آهي“. مجموعي طور ناول جو موضوع ۽ ڪردارنگاري جاندار آهن ”سندباد جو سفر“ علي بابا جو ٻيو ناول ٻاراڻي ادب لاءِ آهي.
ڄام ساقيءَ جو ”کاهوِڙي کجن“، ماڻڪ جا، ”لڙهندڙ نسل“، ۽ ”ٽي ناوليٽ“، طارق عالم ابڙو جو ”رهجي ويل منظر“، رشيد ڀٽي جو ”پيڙا“، حليم بروهيءَ جو ”اوڙاھ“ ۽ ٻيا ڪافي ناول ورهاڱي پوءِ لکيا ويا آهن. شيخ محمد حسن جو ”ٻولي“ هڪ سماجي ۽ اصلاحي ناول آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جون برايون ظاهر ڪيون ويون آهن. گل نصرپوريءَ جو ”درياءُ جي ڪپ تي“، 1960ع ۾ شايع ٿيل، هڪ سماجي ۽ رومانوي ناول آهي، جنهن جي ٻولي سليس ۽ سهڻي هئڻ سان گڏ موضوع، پلاٽ ۽ فني اسلوب طور هيءُ هڪ مضبوط ناول آهي. غلام نبي مغل جو ڪارو ڪاري جي اهم موضوع تي ناول ”مون کي ساھ کڻڻ ڏيو“ آهي ۽ ٻيو ناوليٽ ”عورت ۽ پيار“ آهي انهيءَ کان سوءِ هن فخر زمان جي پنجابي ناول کي ”بنديوان“ جي نالي سان 1994ع ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس ناول ”اوڙاھ“ سنڌ جي سياسي ۽ قومي حالتن جو بيان آهي.
الله بخش ٽالپر جو ”اداسيءَ جون آهون“ 1963ع ۾ ڇپيل مقصدي طرح اصلاحي ناول آهي، منجھس نصيحتون آهن ته عشق و محبت جا ذڪر پڻ آهن، ”ڪاروان زندگي“ عبدالرحمان انجم هالائيءَ جي ناول جو موضوع محبت آهي سنڌ جي عام طبقي جي نمائندگي ڪندي کين ظلم ۽ جبر خلاف جوش ڏياريو ويو آهي. شيخ عبدالرزاق جو ”نئون آدمي“ فني خوبين سان ته مالا مال آهي پر سنڌ جي تاريخي ناولن جي ناول نگاريءَ ۾ به هڪ نئون موڙ آهي، جنهن ۾ ثقافت جي اُپٽار آهي ته سنڌي قوم جي رهڻي ڪهڻي ريتون ۽ عقيدا چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هي رهبر ڊائجسٽ ۾ قسطوار شايع ٿيو هو. نيو ٿنڪرس فورم وارن جي طرفان طارق خشڪ جو ناول ”مونکي هوائن ۾ ڳولجان“ شايع ٿيو آهي. ماهتاب محبوب جو ”خواب، خوشبو ۽ ڇوڪري“، سماج جي وچئين طبقي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊاڪٽر قاضي خادم ناول نگاريءَ ۾ هڪ باصلاحيت سنڌيڪار جي حيثيت سان نه فقط ترجمو ٿيل ناول آندا پر اصلوڪا ناول به لکيا. البرٽ ڪاميو جي “The Fall” کي ”زوال“ جي عنوان سان پال سارتر جي ناول جو ”پيار“، پيري لوئي جي ناول جو ”سونهن جي ديوي“ ۽ دوستو وسڪيءَ جي ناول کي ”جواري“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. قاضي صاحب جي اصلوڪن ناولن ۾ ”پيار ۽ سپنا“ 1977ع ”درد جي خوشبو“ 1981ع شمار ٿين ٿا. ”درد جي خوشبو“ سماجي ۽ اصلاحي ۽ ”پيار ۽ سپنا“ رومانوي هئڻ سان گڏ سماجي مسئلن جي اپٽار ڪري ٿو.
امر جليل جي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. موضوع جي لحاظ کان هيءُ هڪ نئين موضوع جو ناول آهي. افغانستان مان روسين ۽ روسي مداخلت کي تڙي ڪڍڻ کان پوءِ اقتدار خاطر افغانن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ پاڪستان جو افغانستان جي ملن کي اقتدار ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ هن ناول جو موضوع آهي. هيروئن، هٿيار، طالبان، مُلن ۽ دهشتگردن جي چوگرد هن ناول جي ڪهاڻي گھمي ٿي. ناول جو انتساب گلاب گونگي جهڙن شهيدن جي نانءُ آهي. جيڪي سفاڪن ۽ ظالمن جي هٿان شهيد ٿين ٿا. ورهاڱي کان پوءِ جيڪي سنڌي ناول سنڌ توڙي هند ۾ لکيا ويا آهن. انهن ۾ بين الاقوامي ادب جا لاڙا، وجوديت، رومانيت، ترقي پسندي، نفسياتي نطريا ۽ مارڪسي نظريو سمايل آهن ته سنڌي سماج جا ڏيهي لاڙا به شامل آهن. گڏوگڏ ليکڪن ناولن جي موضوعن ۾ وسعت آڻي ناول جي فني ٽيڪنڪ ۽ ادبي انداز کي پڻ نڀايو آهي. موضوع جي لحاظ کان سنڌي ناول جو موضوع ثقافت، تاريخ، قوميت، سماجي ۽ معاشي مئسلا رهيا آهن.
هندو ليکڪن ورهاڱي کان پوءِ جيڪي ناول لکيا آهن. انهن ۾ ڪجھ حد تائين هندو سماج جي عڪاسي وڌيڪ آهي پر وري به سنڌ جي سماج جون حالتون اچي وڃن ٿيون. سندن لکيل ناولن ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي ناولن جو تعداد وڌيڪ آهي. هيٺ ڪجھ مشهور ناولن جو ذڪر ڪجي ٿو. گوبند مالهيءَ جا ناول ”آنسو“، ”زندگيءَ جي راھ تي“، ”جيوَن ساٿي“، ”عشق ناهي راند“، ”شرم ٻوٽي“، ”چنچل نگاهون“، ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“، ”سوريءَ ڀانئين سيج“ اهم آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چواڻيءَ ته ”گوبند مالهي سنڌيءَ ۾ شاهڪار ناولن جو بنياد وڌو“. لڇمڻ ساٿي جا ”اڏري وڃ ڙي ڪونج“، ”کيچلي“، ”سيتل واديون“ ۽ ”آسمان روشن آهي“، اشوڪ ڀوڄراج جو ”آشيرواد“ مامتورا جو ”شاعر“ ۽ سندري اتم چنداڻيءَ جا ”ڪرندڙ ديوارون“، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ڪامياب ناول آهن. رام پنجواڻي جا ” ڌيئر شل نه ڄمن“، ”زندگي ۽ موت“، سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي تڪليف ده مسئلن کي کولي بيان ڪن ٿا. داس طالب جو ”چيخ“، موتي پرڪاش جو ”انڌيرو اجالو“ موهن ديپ جو ”خالي هٿ“، وشنو ڀانيا جو ”دردن ماري دل“ ۽ ”زندگي جا ڪنارا، ڪلاپرڪاش جو ”هڪ دل هزار ارمان“ ڪرشن کٽواڻيءَ جو ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ معياري ناول شمار ٿين ٿا. موتي، ڪلا ۽ ڪرشن جي ناولن ۾ سنڌيت ۽ وطنيت جي عڪاسي آهي. موهن ڪلپنا جا ”درد جو دريا“، ”زندگي“، ”آواراه“، ”جلاوطن“، ”رڃ ۽ پاڇا“، ”جيوَن جو سنگرام“، آهن. هندي ناول نگارن ۾ موهن ڪلپنا هڪ پختو ناول نگار شمار ٿئي ٿو. سندس ناول، موضوع ۽ پختگيءَ جي لحاظ کان سٺا آهن.
ريٽا شهاڻيءَ جو ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“ انعام يافته ناول 1985ع ۾ بمبئيءَ ۾ ڇپيو. ”چنڊ کان سج تائين“ 1989ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ڪردارن جي سوچن ۽ ماحول ۽ حالتن کي سهڻي نموني سان ظاهر ڪيو ويو آهي. هري موٽواڻيءَ جو ”ابو“ ناول 1988ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو هيءُ ناول ورهاڱي کان پوءِ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي پيش ڪري ٿو انهيءَ جي ٻولي، منظرنگاري اعليٰ درجي جون آهن ”اجهو“ هري صاحب جو ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ۾ لڏي آيل سنڌين جي رهائش جي مسئلن جو بيان آهي. هنن ٻنهي شاهڪار ناولن ۾ سنڌيت جو جذبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ”ڌرتي“ به سندس سٺو ناول آهي. چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جو ”اگني“ ۽ ”پهاڙي چوٽيون“ سماجي غير برابريءَ جي نظام کي وائکو ڪندڙ ناول آهن. تارا چنداڻي جو ”ڪومايل ڪلي“ به گهريلو زندگيءَ جي ڏکن سکن جو بيان آهي. سندس ”آشا“ به هڪ سٺو سماجي ناول آهي. نرنجن دوداڻي جو ”سنڌ جي زينت“، ڪلاپرڪاش جو ”وقت، وٿيون وڇوٽيون“ گلاب هنگوراڻيءَ جو، ”ڀومي“، آنند گولاڻي جو ”مجو“ شيام جئسنگهاڻيءَ جو ”ڪچا ڌاڳا“، ”جيون جو سنگرام“ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن. هندو ناول نگارن سنڌي ناول کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪرايو آهي.