لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

افساني ۾ ڪهاڻيڪارائن جو حصو

”ورهاڱي کان اڳ مسلمان عورت، هندو عورت جي مقابلي ۾ ڪجھ حد تائين تعليمي لحاظ کان پوئتي هئي بلڪه ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ ۾ عورتن جي تعليم تي گھٽ توجھ هئي. مسلمان ليکڪن ۽ رهنمائن خاص طور مولانا عبيدالله سنڌي، علامه دائود پوٽو، عبدالواحد سنڌي، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين عورتن جي تعليم کي همٿايو، زناني تعليم جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتائون، تحرير توڙي تقرير کان سواءِ اسڪولن کولڻ ۽ نينگرين کي اسڪول موڪلڻ طرف همٿايو ويو. ”مدرسة البنات“ ۽ ٻيا اسڪول قائم ٿيا ۽ هن ڏس ۾ ڪافي ترقي ٿي، تعليم حاصل ڪيل عورتون علم ۽ ادب جي ميدان ۾ آيون، انهيءَ دور ۾ بيگم بادام ناتوان، بيگم زينت عبدالله، روشن مغل، خديجه خانم دائود پوٽو ۽ ٻين جا نالا آهن. 1947ع کان اڳ سنڌي مسلمان عورتون علم ادب جي ميدان ۾ خاص گھٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. 1947ع کان پوءِ جن عورتن ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، ناول ۽ افسانا، مضمون ۽ مقالا لکيا انهن ۾ ڪافي نالا اچي وڃن ٿا. افسانوي ادب ۾ خاص طور بيگم زينت عبدالله چنا (رسالي ”مارئي“ جي سنڀاليندڙ هئي). رشيده شيخ، زيڊ.اي شيخ، رشيده حجاب، مريم نوحاڻي، اقبال پروين سومرو، خيرالنساء جعفري، مس عصمت انصاري، ثريا ياسمين، جمليه نرگس، ماهتاب محبوب، فريدا مغل، انيس تبسم، ذڪيه دريشاڻي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر درشهوار سيد، ثمرين جوڻيجو، تنوير جوڻيجو، مس جماڻي، نوالهدى شاھ، ليلى بانا، زهره انصاري، تبسم ماهتاب قريشي، زبيده ميتلو، خالده سومرو، فهميده ميمڻ، (سگھڙين سٿ، هلال پاڪستان جي سنڀاليندڙ هاڻي ڊاڪٽر فهميده حسين). شبنم گل، نذير ناز، انيس انجم جوڻيجو، گلبانو سلطانه ۽ ٻين ليکڪائن افسانا لکيا. عورتن مختلف اخبارن ۽ رسالن جيئن نئين زندگي، مهراڻ، سهڻي، ۽ روح رهاڻ کان علاوه خاص عورتن جي رسالن مارئي، سوجهرو ۽ اديون ۾ گھڻو لکيو، اڄ به ڪيتريون اڀرندڙ ڪهاڻيڪارائون لکي رهيون آهن. پروفيسر تنوير جوڻيجو عوتن جي تحريرن تي راءِ ڏيندي ڪتاب ”عوت سماج ۽ ڏاڍ“ ۾ لکيو آهي ته، ”شروع دور جي ليکڪائن جي قلم ۾ پختگي ۽ ٻوليءَ جو استعمال ڪجھ حد تائين مناسب هو، پر جذبي ۽ شوق جي رواني هئي. مٿن اردو ادب جي رومانوي، افسانوي ادب جنهن ۾ رضيه بٽ، وحيده نسيم، اي.آر خاتون، زبيده خاتون ۽ ٻين جي افسانن ۾ اردو رسالن ”حور“ ۽ ”زيب النساء“ جو اثر هو“.
اڳيان هلي عورتن جي افسانن ۾ حقيقت نگاريءَ جو لاڙو آيو، جنهن ۾ عورت اديبه مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي، سنڌي عورتون باشعور آهن. سندن تحقيقي، تخليقي ۽ ادبي ڪاوشون علم ادب جو حصو بنجي سندن تعليم، تربيت ۽ شعور ڄاڻائين ٿيون، عورتن جي افسانن تي شروع ۾ بيشڪ اردو ادب جو ڪجھ اثر هو، پر پوءِ سنڌي سماج جي مسئلن کي افسانه نگار عورتن کولي بيان ڪيو آهي. خيرالنساء جعفري جي ڪهاڻين ۾ ڪردار جي نفسياتي ڪيفيت ظاهر آهي. سندس ڪهاڻين ”تخليق جو موت“، ”پيڙا جو پڙلاءِ“، ”قربتون ۽ فاصلا“، ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ اهم آهن. ڊاڪٽر جبار جوڻيجو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ خيرالنساء جي ڪهاڻيءَ جي لاءِ لکي ٿو ته: ”سندس بيان ڪٿي ڪٿي بي ربط آهي مڪمل بامحاوري واري زبان نه ٿي لکي پر سندس بياني انداز جديد آهي“. (صه، 147)
تبسم ماهتاب قريشي، نورالهدى شاھ ۽ تنوير جوڻيجو لاءِ لکيو اٿن ته ”کين مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ۽ لکڻ جي اهليت حاصل آهي. (صه، 171). ڊاڪٽر مجيد ميمڻ سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس ۾ نورالهدى شاھ کي جنسيات تي لکندڙ ليکڪا سڏيو آهي، جنهن جاگيرداراڻي دور جي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار ٿيندڙ عورت تي لکيو آهي. (صه، 188)
نورالهدى شاھ پنهنجي تحرير تي هن طرح راءِ ڏني آهي، ”منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻ پورو سپنو آهي، منهنجي انيڪ ڪهاڻين جو ڪردار آئون پاڻ به آهيان، ڪهاڻي پوري ٿيڻ تائين مون انهيءَ ڪردار جا سمورا ڏک ڀوڳيا آهن. آئون ادب ۾ بي ادبيءَ جي قائل ڪانه آهيان پر سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آهي انهيءَ کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي. لکڻ مهل مون عورت بڻجي ڪونه لکيو آهي، محض هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي“. (جلا وطن/مهاڳ) نورالهدى موجب هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ عصمت چغتائي ۽ منٽو کي پڙهيو کيس لکڻ لاءِ اتساھ ڏيندڙ هلال پاڪستان ڪراچي جو ”سگھڙين سٿ“ جو صفحو هو.
بيگم زينت عبدالله ”مارئي“ رسالي جي جاري ڪندڙ 1947ع کان پوءِ پهرين سنڌي عورت ڪهاڻيڪار هئي، جنهن عورتن جي تحريرن کي اهميت ڏياري. ماهتاب محبوب، سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو نالو آهي. ماهتاب جي افسانن، مضمونن ۽ سفرنامن ۾ پهاڪن ۽ شعرن جو استعمال ۽ لفظن جي چونڊ متاثر ڪندڙ آهي. ثميره زرين شهري پس منظر ۾ ڪهاڻيون لکيون سندس ڪهاڻين ۾ رومانوي مزاج ملي ٿو سندس ڪردار حسن خير ۽ نيڪيءَ جا مجسما آهن، جن ۾ فريال، نوري، غزاله، بانو، ، نازو وغيره آهن، رشيده حجاب 1964ع کان 1975ع تائين ڪجھ ڪهاڻيون لکيون جيئن ”رهزن“، ”چنڊ چور تارا ٺڳ“ وغيره.
عورتن جي افسانوي مجموعن ۾ تنوير جوڻيجو ”عيبن هاڻي“، ”امرت منجھ ڪڙاڻ“، زبيده ميتلو ”نرڳ“، سڪينه ميمڻ ”درد جا رشتا“، نورالهدى شاھ ”جلاوطن“، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس“، ماهتاب محبوب ”چانديءَ جو تارون“، ”پرھ کان پهرين“، ”مٺي مراد“، ”لهر لهر زندگي“، ثميره زرين ”گيت اڃايل مورن جا“، ”دل ۾ درد هزار“، ”روشن ڇانورو“، شبنم گل ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ ۽ ٻيا افسانوي مجموعا شامل آهن. هند جي ليکڪائن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي ۽ ٻين سٺو لکيو آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته عورتن سنڌي ادب ۾ افسانه نگاريءَ ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي، هن وقت جي ليکڪائن سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر وٽن موضوعن جي اڃان کوٽ آهي. موجوده دور جي ليکڪائن لاءِ ضروري آهي ته اهي موضوعن تي توجھ ڏين ۽ ٻوليءَ جي وسعت جو خيال ڪري لفظن جو خزانو سانڍي پوءِ قلم سان ڪاغذ تي افسانه نگاري جا حسين رنگ پکيڙين، مختصراً جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ڪهاڻيڪارائن جو ڪم مڃڻ جوڳو آهي.
افسانه نگاريءَ ۾ طنز و مزاح: افساني ۾ جن ليکڪن مزاح نگاري طرف توجه ڏني انهن ۾ محمد حسين ڪروڙپتي، قلب علي ٽڪلو، نور عباسي، غلام رسول ڪلهوڙو، رشيد ڀٽي، علي احمد بروهي، عبدالحليم بروهي ۽ عبدالفتاح صديقي طنز و مزاح جي رنگ ۾ لکيو. جنهن ۾ سماج جي ڪيترن پهلوئن تي ادبي نموني سان چٿر ڪيل آهي. امر جليل به طنز و مزاح کي اهميت ڏني آهي. محمد عثمان ڏيپلائي جي افسانن ۽ ناولن ۾ مزاح جي خوبي ملي ٿي. حليم بروهي جي مزاح ۾ ٽوٽڪا ۽ لطيفا به شامل آهن. ليکڪائن ۾ ماهتاب محبوب مزاحيه ته نه لکندي آهي ليڪن سندس ڪجھ پهاڪا ۽ جملا ٺهڪندڙ هوندا آهن، جن سان سماج جي اوڻاين کي طنزيه نموني ظاهر ڪيو ويو آهي.
افسانه نگاريءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت: افسانو يا Short Story سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جي حامل صنف آهي، مٿي ڏنل تفصيل مان اندازو ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ جيترا افسانا يا افسانن جا مجموعا سنڌي ادب ۾ شايع ٿيا. ايترا ڪتاب ٻيءَ ڪنهن به صنف ۾ شايع نه ٿيا، سنڌي افساني کي ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي افسانوي ادب جي مقابلي ۾ بيهاري سگهجي ٿو.