سنڌي نثر جي صنفن جي شروعات:
سنڌي نثر ۾ ڪافي موضوعن تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ادبي، ديني، درسي، قومي، سماجي، سائنسي، طبي، ثقافتي، تاريخي، مزاحيه نثر جي ڪتابن کان سواءِ تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ سان لکيل مواد يا شاعريءَ جي صنفن جي باري ۾ نثر ۾ لکيل مضمون ۽ مقالا بي حساب آهن. جيڪڏهن صرف لطيفيات جي ڀاڱي کي ئي ڏسنداسين ته شاھ جي ڪلام ۽ سوانح تي ڪيترائي ڪتاب نثر جو حصو بنيا آهن. مذهبي ڪتابن ۾ قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ فضائل قرآن پاڪ جي باري ۾ ڪتاب، حديثن جا ڪتاب، سيرت نبي ۽ سيرت صحابه ۽ سيرت صحابيات، اسلام ۽ اسلام جي نظرين ۽ اسلام جي تاريخ جي باري ۾ ڪتاب، سنڌي نثر ۾ موجود آهن. مضمون ۽ ناول جون صنفون 19 صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿي هڪدم اهميت حاصل ڪري ويون. ناول به ڪجھ اخبارن ۽ رسالن ۾ قسطوار اچڻ لڳا ۽ اهڙيءَ طرح ويهين صديءَ جي اڌ تائين ته ناول جي صنف ڪافي ترقي ڪئي ۽ گڏوگڏ افسانو ۽ ناٽڪ به سنڌي ادب ۾ ڪاميابيءَ جا جوهر ماڻڻ لڳا. شروعات ترجمي سان هئڻ جي باوجود به هڪدم بهترين افسانا، ناٽڪ ۽ ناول طبعزاد پڻ لکجڻ لڳا، سنڌي افسانو ۽ ناٽڪ ورهاڱي کان پوءِ مقبول ٿيا باقي ناول ورهاڱي کان پوءِ گھٽ لکيو ويو. جنهن جو معيار سٺو هوندي به تعداد گھٽ آهي. هندستان ۾ وري به سنڌي ناول وڌيڪ لکيو ويو آهي. نثر جي صنفن ۾ افسانوي ادب کان سواءِ تاريخ، صحافت، ٻاراڻو ادب، سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، ڊائري، خاڪا، تذڪرا، لوڪ ادب، سفرناما، تنقيدي ۽ تحقيقي ڪم اهميت جا حامل آهن.