ڪتاب جي باري ۾ تعارف
هن ڪتاب ۾ نثر جي اهم صنفن ۽ مواد جي باري ۾، خاص طور P.C.S, C.S.S, M.A ۽ ڊگري ڪلاسن جي نصاب سان لاڳاپيل مواد کي ترجيح ڏني ويئي آهي. پنجن ڀاڱن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌي مضمون نويسي، مقالا نگاري، ناول، سفرناما، افسانا نويسي ۽ ڊراما شامل آهن، جن جي ڄاڻ امتحاني پيپرن مطابق آهي، جيئن مثال طور مضمون ڇا آهي؟ مقالي يا مضمون ۾ فرق، مضمون جي اوسر يا سنڌي ناول ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي آهي يا سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو، سنڌي افسانا نويسيءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت يا سفرنامو صحتمند ادب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، وغيره. سنڌي سفرنامي جي تفصيلي ڄاڻ هن کان اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ نه آئي آهي. جيڪا نصابي ضرورت مطابق تمام ضروري هئي. هيءُ اڀياس سنڌ نثر جي گھڻن مشهور مضمونن ۽ مقالن جي مجموعن، ناولن، افسانوي مجموعن ۽ سفرنامي جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن ۾ 1879ع ”مقالات الحڪمت“ کان ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ 2004ع، تائين جي مضمونن ۽ مقالن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هڙيءَ ريت ٻين صنفن جي مواد ۾ به شروع دؤر کان جديد دؤر تائين جي ڪتابن کي جائزي ۾ آندو ويو آهي ته جيئن ادب ۾ وقت ۽ ماحول سان گڏ ايندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکيو وڃي. سنڌي ادب ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن، جنهن ۾ خاص طور ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جا اثر ظاهر آهن ۽ وقت سان گڏ بين الاقوامي ادب ۾ آيل تبديلين سبب به ادب ۾ نوان ۽ جديد لاڙا آيا آهن ۽ اها تبديلي نظم توڙي نثر ۾ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، عروضي شاعريءَ کان وٺي جديد شاعريءَ تائين جي ارتقائي تبديليءَ سان گڏ جيڪڏهن نثر جي صنفن کي ڏسبو ته اهي به ترقي پسند عمل مان گذريون آهن، نه صرف موضوع ۾ نئين سوچ ۽ فڪر جي تبديلي محسوس ٿيندي بلڪه ٻوليءَ جي استعمال ۾ به فرق محسوس ٿيندو، خاص طور شروع واري دؤر جا ناول، ناٽڪ ۽ افسانا جديد دؤر جي ادب سان ڀيٽينداسين ته معلوم ٿيندو ته، سنڌي ادب جامد ۽ ساڪت نه رهيو آهي، بلڪه ترقي پسند عمل مان گذرندڙ ترقي يافته ادب آهي. هن ڪتاب ۾ ادب ۾ آيل جديد لاڙن کي آخر ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.
مشهور مضمونن جي مجموعن ۽ تحقيقي ڪتابن، ناولن، سفرنامن ۽ افسانوي مجموعن جو جائزو ڏنو ويو آهي، انهن مان ڪجھ جا نالا هن ريت آهن، ”گل ڦل“، ”ادبي آئينو“، ”هٻڪار“، ”شاھ لطيف جي شاعري“، ”ڪٺمال“، ”مضمون ۽ مقالا“، ”سفر يورپ جي ڊائري“، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“، ”ديس بديس“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”سانگھڙ“، ”نورجهان“، ”جي تند برابر توريان“، ”عبرت ڪده“، ”اٺون ماڻهو“، ”دل جي دنيا“، ”اداس واديون“، ”ڌرتي روشن آهن“، ”جلاوطن“، ”مٺي مراد“ ۽ ٻيا آهن.
08-12-2005
ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ