مقالا:
مقالا جو جائزو: مقالا جي ڪل چار ڀاڱن ۾ جملي ارڙهن مقالا آهن. پهرين حصي جا ”لسانيات“ جي موضوع سان لاڳاپيل آهن.
”انگريزن کان اڳ، آزاديءَ واري دﺆر ۾، سنڌي ٻولي ۽ لغات کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جون عالمانه ڪوششون“ هي مقالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو آهي. سندن ذات ڪنهن تعارف جي محتاج ڪونهي سندن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌي ٻولي، نثر ۽ نظم جي لاءِ لکيل آهن. هيءُ ليک لسانيات جي موضوع تي روشني وجھي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق، انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۽ لغت جي سمجھائڻ لاءِ عالمن، اهم ڪوششون سرانجام ڏنيون، جن ۾ سرِفهرست مخدوم ابوالحسن ٺٽوي آهن. ٻين عالمن پڻ، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا ته جيئن مادري زبان سمجھڻ ۾ مدد ملي ۽ علم عام ٿئي، انهيءَ ڪري شروع کان نماز جي نيت ۽ نڪاح جي وقت دُعا يا مناجات مهل، سنڌي ٻوليءَ جي فقرن کي مقدم رکيو ويندو هو. ”عالمن جون اُهي دُعائون مادري زبان سان قرابت ۽ ان جي فطري اهميت واري اصول جي مَدِنظر هيون“. سنڌيءَ ۾ ابتدائي تعليم ۽ درسي ڪتابن جي احوال سان گڏ لغات جي ڪتابن جي تفصيل پڻ، هن مقالي ۾ ڏنل آهي. ڪاٺياواڙي/ميمڻي محاوري جو لساني جائزو: هيءُ مقالو عبدالمجيد ميمڻ جو آهي، ڊاڪٽر صاحب جي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هن مقالي ۾ ميمڻي ٻوليءَ جي تاريخي پس منظر کي بيان ڪري ان جو تعلق سنڌيءَ سان ڏيکاريو ويو آهي. سندن تحقيق مطابق ميمڻي ٻوليءَ ۾ لاڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ راجسٿاني لفظن جو ميلاپ آهي. هن مقالي ۾ معياري سنڌي ۽ ٻين ٻولين جو تقابلي چارٽ پڻ ڏنل آهي. ٻهڳڻي ٻولي: مٿئين عنوان سان ولي محمد پيرزادي جو هيءُ مقالو، لسانيات جي هڪ اهم نڪتي ڏانهن نشاندهي ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي، عربي ۽ انگريزي لفظن جي رلمل ٿيڻ کان پوءِ انهن لفظن جو تلفظ ڪهڙيءَ ريت بيٺو آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻوليءَ جي واڌ ويجھ يا ورجيسيون کولي بيان ڪيون ويون آهن. انسان، زبان ۽ ثقافت: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل مقالو آهي. الانا صاحب لسانيات جي ميدان ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ”سنڌي صوتيات“، ”لساني جاگرافي“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا آهن. سندن پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز جو عنوان ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ پاڻ جن به پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز جا نگران رهيا آهن، انهن جا موضوع پڻ ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل آهن. کين ادب ۽ ثقافت جي موضوع تي دسترس حاصل آهي. هن ليک ۾ انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي اڀياس سان گڏ ٻوليءَ ۽ سماج جي تعلق کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. زبان ۽ ثقافت جي سٻنڌ کي بيان ڪندي لکيو اٿن ته، ”سنڌي ٻولي، سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿي. هن (سنڌي ٻوليءَ) ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي، اها جهلڪ يا اهو عڪس سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب وسيلي پسي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو علم و ادب معياري توڙي لوڪ ادب ۾ سنڌي جي ثقافتي تاريخ جو هڪ ناياب ۽ بي مثال سرمايو آهي“.
مقالا، ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو نظم جي باري ۾ آهي. سنڌي نظم: هي ليک ابو بڪر شيخ جو آهي. جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ جي ارتقا تي نظر وڌل آهي. سنڌي ادب جي تاريخي دؤرن جي حوالي سان سنڌي نظم کي مختصراً مثالن سان بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ مطابق موجوده دؤر جي شاعري انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين جي اڀياس جي ڪري، جدت ۽ ندرت جي حامل رهي آهي. هن مقالي ۾ سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي ادبي دؤرن جي حوالي سان سنڌي نظم کي بيان ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر جو هڪ اهم شاعر: ڊاڪٽر سحر امداد جو هي مقالو مشهور شاعر نارائڻ شيام جي مڌر لفظن واري شاعريءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. لکيو اٿس ته، ”شيام وٽ لوڪ شاعريءَ جي فطري سادگي، ڪلاسيڪل شاعريءَ جو وجدان ۽ جديد دؤر جو تخليقي احساس رلمل ٿيندا محسوس ٿين ٿا“ (صه، 165). شيام جي ”ماڪ ڦڙا“، ”مهڪي ويل سج“، ”روشن ڇانورا“، ”نه سو رنگ نه سرهاڻ“، ”آڇيندي لڄ مران“ مان چونڊ شاعريءَ تي آڌاريل، هيءُ هڪ وزنائتو معلوماتي ليک آهي. جنهن سان نارائڻ شيام جي شاعريءَ جا مختلف پهلو روشن ٿين ٿا سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هن مقالي جي هڪ خاص حيثيت آهي. شيخ اياز جو ادبي نظريو: هن ليک ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم، شيخ اياز جي شاعريءَ تي ڊاڪٽر عبدالمجيد، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ فيض احمد فيض جا ادبي رايا ڏنا آهن. ”شيخ اياز جو ادبي نظريو“، سندن ڪتاب ”خط، انٽرويو، تحريرون“ جي حوالن مان ڄاڻايو آهي. نديم صاحب لکيو آهي ته، ”اياز جو ادبي نظريو، حق ۽ باطل جو شعور آهي، ساڻيھ جي سڪ آهي. آزادي، سنگيت ۽ ادب سان محبت آهي سڀ کان اهم ڳالھ ته هو زندگيءَ جو ترجمان آهي“. جيئن اياز شيخ جي لفظن مطابق: ”سڀ نظريا ناسي رنگ جا هوندا آهن، رڳو زندگي جو سنهري وڻ ئي سدائين سائو هوندو آهي“. ڪتاب جو ٽيون حصو، سنڌي ادب ۽ نثر جي باري ۾ آهي.
سنڌي ادب جو تهذيبي تاريخي عمل جي روشنيءَ ۾ جائزو: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ جي موضوع تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز 1980ع ۾ مڪمل ڪئي. سندن هيءُ ليک ديو مالائي ادب ۽ لوڪ ادب کان جديد ادب تائين جي سفر کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. لکن ٿا ته، ”دنيا جي هر خطي جو ادب، تهذيبي عمل جي پيداوار آهي ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ نت نوان روپ اختيار ڪندو رهيو آهي“ (صه، 82). هن مقالي مان واضح ٿئي ٿو ته اڄ جي سائنسي دؤر جو ادب زماني جي ترقيءَ جي رفتار سان نوَن خيالن ۽ نوَن سوچن جو ترجمان آهي. انهيءَ ئي سبب جي ڪري اسين به هاڻي، شاھ جي ڪلام تي جديد سوچ سان تحقيق ڪري رهيا آهيون. اڄ جو ادب سائنسي سوچ ۽ زماني جي ترقيءَ سان ترقي پسند ادب آهي. سنڌي تنقيدي ادب جو جائزو: پروفيسر غلام احمد بدويءَ جي هن مقالي ۾ سنڌي ادب جي نقادن جيئن مرزا قليچ بيگ، لالچند امر ڏنو مل، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جليل، پروفيسر لطف الله بدوي، ڪشنچند عزيز، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، غلام محمد گرامي ۽ ٻين ڪيترن جي لکڻين ۽ تنقيد نگاريءَ جي فن جو اڀياس ڏنو ويو آهي.
ڏيپلائي هڪ مصلح: هي ليک ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي، ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي والد محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادبي ڪاوشن تي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪئي جنهن جو موضوع ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت ۽ تحريرن جو سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ادبي زندگيءَ تي اثر“ آهي. هن مقالي جو موضوع عثمان ڏيپلائي صاحب جي شخصيت جي هڪ پهلو يعني اصلاح ڪندڙ جي حيثيت سان آهي. پر هي موضوع سندن سڄي شخصيت جو احاطو ڪري ٿو. ليکڪا مطابق ڏيپلائي صاحب هڪ سچي مسلمان جي حيثيت سان معاشري جي اصلاح ڪندڙ هو. شرڪ ۾ شراڪت کان بچاءُ لاءِ سندن تحريرون لاجواب آهن. انهن اثر انگيز لکڻين ۾ سنڌي اٻوجھ عوام کي پيري مرشديءَ جي پکڙيل ڄار ۾ ڦاسڻ کان جهليو اٿن. هتي ڏيپلائي جي لکيل پيريءَ مرشديءَ جي خلاف تقريباً ٽيهن ڪتابن جو وچور پڻ ڏنل آهي. سنڌي افسانو آزاديءَ کان اڄ تائين: هن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد سنڌي افسانه نويس ليکڪن ۽ ليکڪائن جي تفصيل سان گڏ تقريباً ٽن سوَن کان به وڌيڪ ڇپيل افسانن جي مجموعن جو وچور ڏنو آهي. سندن تحقيق مطابق سنڌي افسانو ترقيءَ ڏي وڌندڙ آهي. تاريخ ۽ ثقافت جي عنوان سان ڪتاب جو چوٿون ڀاڱو آهي جنهن ۾ ڪل ڇھ مقالا آهن. جن مان ڪجھ هن ريت آهي.
”سنڌي تهذيب جا خالق“ The Author of Indus Civilization: تاج صحرائي ٽيهن صفحن جي هن طويل تحقيقي ليک ۾ سنڌو تهذيب جي قدامت ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي حوالن سان بحث ڪري ڄاڻائي آهي. سندن موجب ته، ”سنڌ جي قديم تهذيب کي جانچڻ لاءِ ماهرن کي سنڌو تهذيب جي مختلف پهلوئن، ٻولي، ثقافتي ورثي، سماج ۽ ماحول جو اونهو مطالعو ڪرڻ کپي. سنڌو تهذيب ۾ روح آهي، جان آهي ۽ زنده رهڻ جو صلاحيتون ۽ قوتون آهن“. هن ۾ ليکڪ، هڪ اهم نڪتي ڏي نشاندهي ڪئي آهي ته، قديم آثارن وارن ماڳن جا نالا درست لکيا وڃن ۽ کين ڦيرائڻ تاريخ جو ڪوس آهي. اها ساڳي ڳالھ علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجين لکڻين ۾ ڪئي آهي. جيڪا آئون پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هيٺ بيان ڪيان ٿي. علامه صاحب لکيو آهي ته، ”فريئر هال“ کي ”لياقت هال“ ۽ ”رام باغ“ کي ”آرام باغ“ چوَڻ غلط آهي. تاريخ جا نشان خدا جا نشان آهن. انهيءَ ڪري آثارِ صناديد کي مٽائڻ ڪفر آهي (صه 11، چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا). ڊاڪٽر تنوير عباسي به فرانس ۾ لاطيني ڪواٽر ڏسي حيران ٿي ويا جتي فرانسيسي کان سواءِ ڪابه ٻولي رائج ڪونهي. پر 16 صديءَ کان به اڳ اُتي لاطيني ٻولي رائج هئي ۽ اهي لاطيني يادگار ڏسي پاڻ لاطيني قوم جي عظمت کي سلام ڪن ٿا. لکيو اٿن ته، ”جي اسان ”نيپئير روڊ“ جو نالو مٽايو ته ڇا اها حقيقت ڊهي ويندي ته ”سرچارلس نيپئير“ سنڌ فتح ڪئي هئي، جي ”فريئر روڊ“ جو نالو مٽايوسين ته، ”سربارٽل فريئر“ جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن تي هميشه لاءِ پردو وجھي سگهنداسين“ (سفر نامو، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“). مٿئين تمهيد ڏيڻ جو مطلب ته سڄاڻن ۽ ڏاهن جي اڪثريت انهيءَ راءِ جي آهي ته، قديم آثار مٽائڻ سان اسين پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي ختم ڪري، ان جي تاريخي ڄاڻ کان هميشه لاءِ محروم ٿي وينداسين.
ڀنڀور ئي ديبل هو: الهڏني سومري ڊاڪٽر نبي بخش جي موقف جي تائيد ڪندي مختلف تاريخي حوالن ۽ دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته، ”8 صديءَ ۾ ديبل سنڌ جو پهريون شهر هو جيڪو محمد بن قاسم الثقفيءَ جي هٿان فتح ٿيو“ سوئي ڀنڀور هو (صه، 172، 173). اسماعيلي ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت جو مختصر جائزو: هن مقالي ۾ ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ اهل تشيع جي گروهن کان وٺي سنڌ جي مذهبي تحريڪن جي اثر هيٺ ٿيل فرقن جي تفصيل سان گڏ، اسماعيلي فرقي جون شاخون ۽ سندن حڪومت جي دؤر جو مختصر جائزو ڏنو آهي. سيد عبدالقادر سيد هاشم بن سيد محمد نصرپوري (مؤلف حديقة الاوليا): جي باري ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ تحقيق ڪري بيان ڪيو آهي ته، سيد حسام الدين راشدي 1967ع ۾ سيد عبدالقادر جو تعلق ٺٽي سان ڄاڻايو آهي، پر تحقيق سندن تعلق نصرپور سان هو. هن اهم تاريخي ۽ سوانحي حقيقت جي چٽائيءَ لاءِ قريشي صاحب ”حديقة الاوليا“ جا قلمي نسخا ڀيٽيا آهن ۽ وضاحت سان موضوع کي سمجهائي آخر ۾ شجرو پڻ ڏنو اٿن.
مقالا، ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي تحقيقي ماپي تي ڪجھ چوڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. ”نرتي تند نياز سين“ ۽ ”مقالا “ ڪتاب بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس 1988ع جي لکڻين سان سينگاريل آهن. جن ۾ اهلِ قلم محقق شخصيتن سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي ميدان کي سيراب ڪيو آهي. هيءَ ڪانفرنس سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ميدان ۾ ٻولي، ادب، ثقافت ۽ تهذيب جي نشانبر ٿي. هن کان اڳ 1975ع ۾ به بين الاقوامي سنڌ سئمينار ٿيو پر هن 1988ع جي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي وڏي ميڙ شرڪت ڪئي. انهن يادگار لکڻين مان ڪجھ مٿين ٻن ڪتابن ۾ شايع ٿيون. وقت جي ڪميءَ سبب ڪيترا مقالا جيڪي پڙهجي نه سگهيا، سي ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيا. جيڪو انتخاب هنن ٻن ڪتابن ۾ شايع ٿيو آهي، سو پڻ پنهنجي جڳھ تي سنڌي ڇپيل مقالا تي ادب ۾ هڪ خاص تاريخي حيثيت رکي ٿو. موضوعن ۽ ڄاڻ جي خوبيءَ کان سواءِ هنن لکڻين جي ٻولي علمي ۽ ادبي هئڻ سان گڏوگڏ آسان ۽ عام فهم آهي. فهرست ۾ مقالن جي عنوانن جي ترتيب سهڻي طريقي سان ڏنل آهي.