ڪٺمال
ڪٺمال جو جائزو: ڪٺمال ۾ ٽيهٺ مضمون ۽ مقالا آهن. جن ۾ مقالن جو تعداد سرس آهي. جنهن جي لاءِ ليکڪ پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”هيءُ تحقيقي مقالا اندازاً 1982ع ۽ ان کان پوءِ 2002ع تائين جا آهن ڪجھ مضمون پڻ شامل ڪيا اٿن“، معنى ته ڪٺمال مقالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪجھ مضمون پڻ آهن. هيءُ ڪتاب پنجن بابن ۾ ورهايل آهي. پهريون باب ”مطالعو“ جي عنوان سان ۾ ڪل اٺ ليک آهن. پهريون مضمون ”سنڌي ٻولي ۽ شعر“ ۾ سنڌي شعر جو اڀياس آهي ان کان پوءِ ”پيار جي ٻولي“ کي جوابي مضمون، چئي سگھجي ٿو. (هيءُ ڊاڪٽر جبار، عبدالحليم بروهيءَ جي مضمون ”سنڌي-ائن امپوزڊ لئنگويج جي جواب ۾ لکيو آهي. بروهيءَ جو ليک 1987ع ۾ ”اسٽار“ انگريزي اخبار ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ٿاڦيل يا مڙهيل ٻولي ظاهر ڪري منجھائنس نقص ڪڍيل آهن.)
جبار صاحب تقريباً اٺ جوابي Points ڏنا آهن. لکي ٿو ته، ”سڄو ليک ٻن ڳالهين جي ساک ڀري ٿو! ليکڪ جي اندر ۾ ڀريل سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڌڪار ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان جي محاورن کان مڪمل اڻ ڄاڻائي“ (صه، 8). ڊاڪٽر جبار اڳيان هلي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ٿاڦيل يا مڙهيل ٻولي نه آهي، پر پيار جي ٻولي آهي. جيڪا ٻين ٻولين لاءِ ڪشادگي ۽ وسعت سنڌ واسين وانگر ئي رکي ٿي. انهيءَ ڪري ئي وڌي ويجھي آهي.
لاڙي محاورو: هي مقالو لسانيات جي حوالي سان ۽ ڊائيليڪٽالاجي جي ميدان ۾ اهميت رکندڙ ۽ ٻوليءَ جي تحقيقي ڪم ۾ هڪ مفيد ڄاڻ ڏئي ٿو. ”لاڙ جي لغات“ جبار سائين جو 1975ع ۾ ٻوليءَ جي تحقيق ۾ ڪتاب آهي.
سنڌ ۾ سما دؤر حڪومت: هن ۾ سمن جي دؤر جي حڪمرانن ۽ انهن جي دؤر ۾ تعليم، واپار ۽ سنڌي علم ۽ ادب ڏنل آهي، انهيءَ کان سواءِ چار مقالا سنڌي شعر جي تاريخ جي باري ۾ آهن. جنهن ۾ قديم سنڌي شاعرن کان ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تائين جو ذڪر ڪيل آهي. ”سنڌ ۾ هندي شاعري“ جي مقالي ۾ 1079ع کان 1910ع تائين سنڌي شاعرن جي هندي ڪلام جو اڀياس ڏنل آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڀاڱي ۾ پهريون مقالو ”شاھ جي شعر جو وزن“ آهي مٿي جبار صاحب سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو تنقيدي جائزو هڪ الڳ موضوع ڏنو آهي. جنهن ۾ ڇند وديا، سورٺا ڇند، ڪافيءَ جو وزن ۽ علم عروض جي شاعريءَ سان لاڳاپيل ڄاڻ ڏني ويئي آهي پر، ”شاھ جي شعر جو وزن“ هڪ مختصر مقالو آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو: هي هڪ معلوماتي ليک آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جبار شاھ سائينءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي جيڪي ڪتاب ڇپيل آهن. تن جي ترتيب وار معلومات ڏني آهي. رسالي جي ترتيب ۽ تدوين جي باري ۾، جيڪو ڪم ٿيو آهي، انهيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. مختلف مستند نسخن جي ڄاڻ سان گڏ ٻين ٻولين ۾ شاھ ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي ٿيل ڪم جو به بيان آهي. آخر ۾ سندن 1977ع جي مرتب ڪيل ڪتاب ”لطيفيات“ جو وچور آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَرحه تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز: هي مقالو ڇهن مشهور ٿيسز جو احوال ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ليک 1989ع جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”ڪينجھر“ جرنل ۾ پهرين ڇپجي چڪو آهي ۽ لطيفيات جي مَدَ ۾ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ انڊيڪس جو ڪم ڏئي ٿو.
شاھ جي بيتن جي تلاش: هڪ اهم موضوع آهي، (جيڪو دائود پوٽا صاحب ”گم ٿيل بيت“ جي عنوان سان ”مضمون ۽ مقالا“ ڪتاب پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ ماهنامي نئين زندگي، آڪٽوبر 1956ع ۾ ڇپيو هو) ڊاڪٽر جبار هن موضوع کي وڌيڪ تفصيلي بيان ڪيو آهي. محمد سومار شيخ جو ”شاھ جا گم ٿيل بيت“ ۽ فقير امداد علي سرائيءَ جو ”املھ اڻتوريا“ کي ڀيٽي پنهنجو موقف سمجھايو اٿن. ”هيري هٿ وڌائين“ مضمون شاھ سائين جي سورمي نوريءَ جي نهٺائي، نياز ۽ نئڙت کي ظاهر ڪري ٿو. ليکڪ چواڻيءَ مطابق، ”نوري شاھ جي سورمين ۾ سچ پچ هڪ هيرو آهي“.
ڪاموڏ ڪامڻي: هن مضمون ۾ نوريءَ ۽ ڪاموڏ جو تعلق موسيقي جي تاثر سان هم آهنگ ٿيئي ٿو بيان ڪيل آهي، ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن راڳڻيءَ جي نالي ۽ تاثر ۾ سورميءَ جي شخصيت ۽ هم آهنگي ملي ته، ان ۾ ئي شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو صحيح لطف ملندو“ (صه، 220). ”رام ڪليءَ جي موسيقي“ ۽ ”سر سارنگ جي موسيقي“، جا مقالا شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جي ربط کي تحقيقي انداز سان ڄاڻائين ٿا. سرسسئيءَ جو بيان، سرگھاتوءَ جو بيان، سرڏهر جي ڪونج جو بيان، سرکاهوڙيءَ جا ڪردار، ٿر جو لباس (سرمارئي) سربروو سنڌي (راڳڻي ۽ ڪهاڻي) شاھ جي ڪلام ۾ انسان جي بنيادي تعليم يا سندن ڪلام ۾ هامي، هادي، هاشمي، (محمد مصطفى ﷺ جن جي محبت) جا موضوع سٺي نموني شاھ لطيف جي شاعريءَ جي ڄاڻ ڏين ٿا.
هن ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو سچل سرمسترحه جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ آهي جنهن ۾ ڪل تيرهن مضمون ۽ مقالا آهن، جيئن، ”سچلرحه شاعر ۽ شخص“، ”سچل جو سرائيڪي شاعرن ۾ مقام“، ”سُک درسي سچل“ (يعني سچل Optimist هو). ”سچل جي نظر ۾ ڀائيچارو“، ”سچل جا گھاڙيٽا“، (سندن شاعريءَ ۾ خاص ڪافيءَ جي گھاڙيٽي تي نظر وڌل آهي)، ”سچل جو تصوف“، ”فارسي داني“، ”شاعريءَ جي وسعت“، ”جماليات“ ۽ سچل جي ايجاد ڪيل شاعريءَ جي صنف جھولڻو کي بيان ڪندي ڪافي موضوعن کي نظر هيٺ آندو ويو آهي. هن مواد مان سچل سائينءَ جي سوانح ۽ ڪلام جي باري ۾ سٺي ڄاڻ ملي ٿي. ڪتاب جو چوٿون حصو سنڌي ادب جي سڄاڻ عالمن، ڏاهن ۽ اديبن جي سونح ۽ ادبي ڪارنامن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن حصي ۾ هيٺيان شاعر ۽ نثر نويس بيان ڪيل آهن. جيئن، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، پير اشرف، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاھ، نور عباسي، محمد سومار شيخ، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نالو انڊيڪس ۾ ڇپجڻ کان رهجي ويو آهي. سندن سوانح جو ذڪر 470 صفحي تي آهي).
”مڻيادار“ جي عنوان سان ڊاڪٽر عبدالجبار پنهنجي والد سلطان احمد جوڻيجو ۽ ڏاڏي حيدر خان جوڻيجو جي سوانح جي ڄاڻ ڏني آهي، اهو ذڪر سندن آتم ڪهاڻي ”ديپڪ ۽ ملهار“ جو حصو پڻ آهي. هن ۾ جبار صاحب پنهنجي ڏاڏي جي ڪتاب ”دانشمندي“ جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو 1918ع ۾ لکيو ويو ۽ حيدرآباد مان 1958ع ۾ شايع ڪرايو ويو. ڪٺمال جو آخري حصو ”لاڙا“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ آيل جديد لاڙن جي باري ۾ وضاحت ڪيل آهي هن حصي ۾ ڪل ٻارنهن مضمون ۽ مقالا آهن. جن ۾ ست شاعريءَ جي باري ۾ آهن. جيئن، ”بيتن جي رهاڻ“، ”وائيءَ ۾ نوان تجربا“، ”نئون سنڌي گيت ان جي موسيقي مختصر جائزو“، ”ساميءَ جي اوڌت“، ”سنڌي نعتيه شاعريءَ جو جائزو“، ”غزل جي روايت ۽ حامي“، ”پوپٽ جو پيرو“، (شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ لاڙ ۽ ٿر جي ٻوليءَ ۽ محاوري بابت آهي). هيءُ سڀ مقالا ۽ مضمون شاعريءَ بابت آهن. باقي نثر جا موضوع ”جديد عالمي ادب جا لاڙا“، ”سنڌي ناٽڪ جو جائزو“، ”سنڌيءَ ۾ سوانح نويسي“، ”سنڌي افسانوي ادب ۾ ڪردار جي اهميت“ ۽ ”برٽش لائبريري ۾ چند ڏينهن“ شامل آهن.
جديد عالمي ادب جي لاڙن ۾، ليکڪ چواڻيءَ مطابق، علامت نگاري، وجوديت، رومانيت، حقيقت نگاري ۽ سيريلزم جو گھڻو حصو آهي ۽ اهي نوان لاڙا سنڌي ادب ۾ هاڻي رائج ٿي چڪا آهن. جيڪي ويهين صديءَ جي آخر ۾ ظاهر ٿيا آهن ۽ جن ليکڪن هن رجحان کي همٿايو ۽ نئين سوچ سان بين الاقوامي نظرين کي اهميت ڏني. انهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، هري دلگير، نجم عباسي، ماڻڪ، نسيم کرل، امرجليل اچي وڃن ٿا. ڪتاب جي هن حصي ۾ ناٽڪ ۽ سوانح جي باري ۾ به ڄاڻ آهي، آخر ۾ چار موضوع ڏنل آهن. جيڪي فهرست ۾ ڄاڻايل ڪونهي جيئن، ”لاڙ ۾ ثقافتي سرمايو“، ”رني ڪوٽ ۽ عظيم ديوار چين“، ”چيني شاعريءَ جو جائزو“، ”مخدوم طالب المولى جي سرپرستيءَ ۾ نڪتل ادبي رسالا“.
ڪٺمال جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي هڪ هڪ مقالي يا مضمون جو جائزو، ڊيگھ جي ڪري ڏيڻ مشڪل آهي. سڀ مضمون ۽ مقالا سولي سنڌيءَ ۾ آهن. منجهس ڏکين لفظن ۽ محاورن کان پاسو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب تحقيق ڪندڙن ۽ علم ۽ ادب جي پانڌيئڙن لاءِ علم جو خزانو آهي. مضمونن جا موضوع علمي، ادبي، سوانحي ۽ مقالا موضوع کي چٽائيءَ سان بيان ڪن ٿا. شاعريءَ جي باري ۾ مڪمل ٻه حصا شاھ لطيف ۽ سچل سائينءَ جي سوانح ۽ ڪلام سان لاڳاپيل آهن. انهيءَ کان سواءِ به ڪافي مقالا ۽ مضمون شاعريءَ متعلق آهن. ڪٺمال جي ٽيهٺ مضمونن ۽ مقالن ۾ شاعريءَ تي لکيل ليک ايڪيتاليھ آهن. شاعري ۽ موسيقيءَ جي پارکو جي حيثيت سان جبار صاحب شاعريءَ جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ڏني آهي. نثر جي ميدان ۾ جيڪڏهن مضمون نويسي، آتم ڪهاڻي، سنڌي ناول ۽ ٻين نثر جي موضوعن جو ڪجھ مواد هجي ها ته پڙهندڙن لاءِ فائيديمند ٿئي ها. مجموعي طور هيءُ ڪتاب مضمون نويسي ۽ مقالي جي ميدان ۾ اهم اضافو آهي.