پنهنجي پاران
محبت پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھايو.
(سُر ڪاپائتي، 1-17)
منهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ کي شاگردن ۽ پڙهندڙن وٽان سٺي موٽ ملڻ سبب، مونکي وڌيڪ تحقيقي ۽ تخليقي ادب جي ڪم جو اتساھ جاڳيو. مضمون نويسيءَ جي ڄاڻ سان گڏ پنجهتر طبعزاد مضمونن تي مشتمل مون ٻيو ڪتاب ”وکر سو وهاءِ“ جي عنوان سان لکيو آهي. جيڪو ڪمپوزنگ جر مرحلن مان نڪري ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي. اهي مضمون ڊگري ڪلاسن جي نصاب مطابق آهن. (وکر سو وهاءِ هيڪ مان ڊگري ڪلاسن لاءِ منظور ٿي 2011ع ۾ اسلام آباد HEC سان شايع ٿيو ۽ موجوده وقت آن لائين سنڌ سلامت تي موجود آهي). ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ ۾ سنڌي نثر جي صنفن جي باري۾ ڄاڻ سان گڏ، مواد سان لاڳاپيل ڪجھ خاص ادبي فن پارن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ڏنو ويو آهي. انهيءَ سان گڏ ليکڪن جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جو تعارف پڻ آندو ويو آهي. باقي نثر جي ارتقا يا ابتدا ۽ قسمن جي ڇنڊڇاڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪونهي. مختصراً نثر جو تعارف ۽ خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته، ”مون کي خوشي ٿيندي، جڏهن ڪو صاحب سنڌي نثر جي صنفن جو مڪمل مطالعو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪندو“. مون ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ خواهش جي پورائي ڪرڻ جي ۽ ڪتاب کي ڪارائتي بنائڻ جي ڪافي حد تائين ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته هيءُ پورهيو قبول پوندو.
جيئن ته علم ۽ ادب قومن جي تاريخ مرتب ڪري ٿو ۽ انهيءَ تي لکيل مواد جو ڪو به انت ڪونهي. هر ليکڪ ۽ محقق پنهنجي وس آهر وڏي ڪوشش ڪندو آهي. پر هر هڪ جو نمونو جدا جدا ۽ تحقيق جو پئمانو الڳ هوندو آهي. انهيءَ ڪري پڙهندڙ ئي سٺو نقاد آهي.
منهنجي پنهنجي شاگردن ۽ پڙهندڙن کي گذارش آهي ته، جيڪي به خوبيون ۽ خاميون کين محسوس ٿين سي مون کي مهرباني ڪري فون ذريعي آگاھ ڪن، آئون سندن مشڪور رهنديس ۽ انهيءَ سان مون کي اڳيان جي لاءِ رهنمائي ٿيندي.