لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

راسيلاس (حبش جو شهزادو)

”راسيلاس“ نالي ناول، انگريزي ٻوليءَ ۾ 1759ع ۾ مشهور ليکڪ ڊاڪٽر جانس لکيو: ٻه سئو ٽيتاليھ صفحن، اوڻونجاھ بابن جو سنڌي ترجمو 1870ع ۾ تقريباً سئو سالن کان پوءِ ”ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ۽ منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ ڪيو. انگريز عملدارن، ”راسيلاس“ جي ترجمي تي انعام آڇيو ۽ مٿين مترجمن کي، بهترين ترجمي ڪرڻ سبب ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ جي طرفان انعام ڏنو ويو.
”راسيلاس“ پهريون دفعو، سرڪاري ليٿو پريس مان ڇپيو، پوءِ ان جا ٻه ٽي ايڊيشن ٽائيپ ۾ ڇپيا، ۽ آخري ڇاپو 1916ع ۾ پريميئر پريس تان ڇپيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ هن ناياب ڪتاب کي 1956ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 1970ع ۾ شايع ڪيو ۽ پوءِ به شايع ٿيو آهي. هيءُ ناول نويسيءَ ۾ پهريون سنڌي ترجمو ٿيل ناول شمار ٿئي ٿو جنهن سبب کان انهيءَ جي هڪ اهم ادبي حيثيت آهي.

راسيلاس جو جائزو:
”راسيلاس“ جي ڪهاڻي، حبش جي شهزادي راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا جي دنيا جي سفر ۽ ڏک ۽ سک جي فلسفي کي سمجھڻ جو بيان آهي سفر ۾ ساڻن گڏ عملاڪ نالي ڏاهو سڄاڻ شاعر ۽ هڪ پرخلوص ٻانهي ”پيڪوا“ پڻ آهي. مصر ملڪ جي بادشاھ جي رواج مطابق جيستائين شهزادن جو تخت تي ويهڻ جو وارو اچي، کين خاص محلات ۾ قيد رکندا هئا. راسيلاس، بادشاھ جو چوٿون نمبر پٽ هو، جيڪو هڪ پرآسائش محلات ۾ پنهنجي بادشاهيءَ جي واري جي انتظار ۾ قيد هو. اها محلات ڪشادي ماٿريءَ ۾، گھاٽن وڻن ۽ جبلن جي وچ ۾ هئي، جتي زندگيءَ جي ضرورت جون سڀ شيون موجود هيون، انهيءَ محلات ۾ گھڻائي شهزادا ۽ شهزاديون خادمن سان رهندا هئا. چوويهن سالن جي شهزادي راسيلاس کي هن آسائش واري قيد کان، آزاد زندگيءَ جي سڌ دل ۾ جاڳي، سو پنهنجي استاد عملاڪ وٽ دل جو حال اوريندو هو ۽ چاهيندو هو ته هنن سکن کي ( جيڪي کيس ڏک محسوس ٿيندا هئا) ڇڏي، سکن جي ابدي حيثيت ڏسان ۽ ”عملاڪ“ استاد پنهنجي شاعريءَ ۽ علم جو بيان ۽ ڏ ک ۽ سک جو فلسفو کيس ٻڌائيندو رهي ٿو. آخرڪار ڪافي عرصي جي محنت کان پوءِ شهزادو جيل ۾ سرنگھ کوٽي، عملاڪ جي معرفت پنهنجي ڀيڻ ۽ سندس نوڪرياڻيءَ سان گڏ ڪيترائي هيرا جواهر کڻي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، سکن جي ڳولها لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن کي ترجيح ڏئي ٿو. سئيزبندر کان ڪئريءَ وٽان ٿيندي، ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ مصر جا اهرام ڏٺا، پرئمڊ ۽ ”ڪئٽيڪونڊ“ جھونا غار (جتي خوشبودار شين سان لاش سنڀالي رکيل هئا) ڏٺائون، مطلب ته دنيا جا عجائب ڏٺائون. ماڻهن سان ميلاپ رکيائون، نيون ٻوليون سکيائون، وڏن ماڻهن ۽ بادشاهن سان ملاقاتون ڪيائون. علم جي جاکوڙ ۽ روحن جي وجود تي بحث مباحثا ڪرڻ قديم ۽ آڳاٽا خيال ۽ ويچار نظر هيٺ آڻڻ سان کين آخرڪار اهو اندازو ٿيو ته، ”سک جي واٽ جي نڪا پڙهيل کي سڌ ۽ نڪو اڻ پڙهيل کي سماءُ“.
سندس سوچ انهيءَ نڪتي تي بيٺي ته ”حياتيءَ جي حالت اهڙي آهي، جو سک ڏک جو ڪارڻ آهي تڏهن سک جي ڳولها مان ڇا حاصل ٿيندو؟“ (صه، 171).
ڪتاب جي آخري حصي ۾ نوڪرياڻي ”پيڪوا“ جو اغوا ٿيڻ ۽ پنج سئو تولا سون ڀُنگ ۾ ڏيئي، آزاد ٿيڻ جو بيان دلچسپ آهي، هن سڄي ذڪر کي ستن بابن ۾ آندو ويو آهي. گھمڻ ۽ سير ڪرڻ سان جڏهن هو ڪنهن مقصد تي نٿا پهچن تڏهن علم حاصل ڪرڻ جو سچو سک ٿا ڳولهين شهزادي نڪايا ۽ پيڪوا هڪ نجوم جي ماهر کان، علم سکن ٿيون، انهيءَ پوڙهي ڏاهي کي ڏسي، کين احساس ٿئي ٿو ته شايد وڏي عمر ئي سک جو سبب آهي پر سندس ڳالهيون ٻڌي کين پنهنجو خيال مٽائڻو ٿو پوي. ڏاهو عالم کين چوي ٿو ته: ”آئون هاڻي ٻُڍو ۽ ضعيف ٿي ويو آهيان تنهن ڪري ماڻهن جي بدخواهيءَ کان مونکي خوف ڪونهي ۽ انهن جي پيار ۽ تعريف جي مون کي گھڻي اميد ڪونهي، دولت مون لاءِ ڪنهن به ڪم جي نه آهي ۽ وڏن عهدن مان اٽلندو مون کي ڏک ٿيندو. مان جيڪڏهن پنهنجي گذريل حياتيءَ تي نظر ٿو ڪريان ته مون کي ياد اچي ٿو، ته چڱائيءَ ڪرڻ جا مون کي گھڻائي وجھ هئا. جي مون اجايا وڃايا، خوشي مون کي هتي ملي نٿي سگهي ۽ جي نيڪ خلصتون مون کي اڃان حاصل نه ٿيون آهن، سي اڳئين جهان ۾ ملڻ لاءِ اميد پيو ڪريان“ (صه، 214).
مٿئين ٽڪري کي غور سان پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته، هيءُ ناول تحقيق، ڏک ۽ سک جي اهم فلسفي کي، بيان ڪرڻ لاءِ رٿيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪردارن جي واتان سندن ويچارن ۽ سوچن کي بيان ڪري هن موضوع کي مقصد بنايو ويو آهي. ناول جي آخري باب ۾ جنهن جو عنوان آهي ”پڄاڻي، جنهن ۾ ڪابه ڳالھ تمام نه ٿي“، ليکڪ مقصد واضح ڪندي به، نه ڪري سگهيو آهي، فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيو ويو آهي. ڪردارن جي واتان سندن مستقبل جي لاءِ اميدون بيان ڪيون ويون آهن ته کين زندگيءَ ۾ هاڻي هن ريت هلڻ گھرجي ته سک حاصل ٿيندو ، مثلاً: شهزادي سوچي ٿي ته، ”مان هر قسم جو علم حاصل ڪريان“.
شهزادو رٿ رٿي ٿو ته، ”پنهنجي بادشاهت انصاف سان هلايان“، پيڪوا، سينٽ انٿنيءَ جي اسٿان ۾ ديندار عورتن جي سردار، ”راهبه“ ٿيڻ چاهي ٿي، مقصد ته نيڪ سوچن ۽ خواهشن جي اميد تي هيءُ ناول ختم ٿئي ٿو.

ناول جي ٻولي ۽ ادبي حيثيت:
هيءُ ناول آکاڻي يا ڪهاڻي نما آهي، جيڪو هن حقيقت نگاريءَ واري دور جي نمائندگي نٿو ڪري، ترجمو هئڻ جي حيثيت سان به هن ناول ۾ ڪجھ نقص آهن. منجھس اصطلاحي ۽ ادبي ٻوليءَ جو استعمال ڪونهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ، جملن جي بيهڪ، ترتيب ۽ وزن اڄوڪيءَ رائج سنڌيءَ کان هٽيل آهي. بابن جا عنوان تفصيلي آهن جن سان باب جي اندر لکيل حال جي خبر پوي ٿي، مثلاً: شهزادي جي غمگينيءَ ۽ ويچار بابت، عملاڪ اچي هنن جي گفتگو ڦيرائي تنهن بابت، جهان جي قانونن موجب، گذارن ڪندڙ ماڻهن جي سک بابت يا آخري باب جو عنوان ”پڄاڻي، جنهن ۾ ڪابه ڳالھ تمام نه ٿي“ وغيره. ڪيترن هنڌن تي دل جي ويچارن جا جواب خود ئي آکاڻيءَ وانگر ڏنل آهن. موضوع ۽ ويچارن جي لحاظ کان ڪتاب وڻندڙ آهي. منجھس سبق آموز نڪتا آهن، ته اعلى ويچار پڻ شامل آهن. ناول جو بنيادي مقصد، انساني دل ۽ دماغ جي قوتن ۽ خواهشن جو بيان ڪرڻ آهي. ترجمو هوندي به منجھس هندي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ شامل ڪونهي. سولي سنڌيءَ ۾ سڄي آکاڻي بيان ڪيل آهي جيڪا سمجھ ۾ ايندڙ ۽ اثرائتي آهي.
اسين ڪڏهن به ڪنهن دور جي ادبي فن پاري جو جائزو وٺنداسين ته انهيءَ دور سان گڏوگڏ انهيءَ کان اڳ جي دور جي قديم ادب ۽ سياسي و سماجي حالتن جي جائزي کان پوءِ، مٿس تبصرو ڪرڻ آسان ٿيندو هر دور جو سڄاڻ ۽ سمجهدار ليکڪ پنهنجي دور جي علمي ماحول سان گڏ پوئين دور جي علمي ۽ ادبي ماحول جي ڄاڻ ضرور رکندو آهي. هن ناول جي فلسفياڻن ۽ ڳوڙهن ويچارن تي گھڻو اڳ لکيل دانائيءَ ۽ ڏاهپ جي نڪتن جو پڻ اثر آهي، جيئن، (1621-1569) Beacon’s Essays جي فلسفي جي مضمونن (ترجمو) ”مقالات الحڪمت“ کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن ”راسيلاس“ جو مطالعو ڪبو ته محسوس ٿيندو، منجھس ساڳئي طريقي سان ڏک ۽ سک جي، فلسفي جي نه صرف اپٽار آهي. بلڪه ڪافي ڏاهپ ۽ سمجھ جا نڪتا به ساڳئي انداز سان بيان ڪيل آهي. هيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا. ” هٺ سدائين ڏاهو نه آهي. ڏاڍن خسيس ۽ نيچ فائدن کان خوش ٿيندو آهي ۽ هوس (ساڙ) تڏهن خوش ٿيندو آهي، جڏهن ٻين جي ڏکي حالت ۾ مقابلو ڪري پاڻ کي سکي ڏسندو آهي“.
”دانش کان سواءِ سچائي، صداقت کان سواءِ دانش، خوفناڪ ۽ ڀيانڪ آهي، خيرخواهي، واقفيت ۽ همت ويساھ ڪرڻ لاءِ ضروري صفتون آهن“. ”خوشي ته اهڙي هئڻ گھرجي، جنهن ۾ شڪ شهبو هجي ئي ڪونه ۽ سدائين نيبھ، هجي ۽ نڪو منجھس خوف هجي نڪو انديشو“.
”هن جهان ۾ جيڪو سک ملي ٿو سگهي، سو دولت، علم ۽ نيڪيءَ جي گڏجڻ سان ملي ٿو. دولت جيڪڏهن ٻئي کي نه ڏبي ۽ علم جيڪڏهن ٻئي کي نه سيکاريو، ته اهي نڪما آهن، تنهن ڪري ٻين کي سيکارجي ۽ علم ڏيڻ گھرجي“. هيءُ ناول بيشڪ قصي ۽ آکاڻيءَ نموني آهي. پر ته به منجھس، ماحول ۽ پس منظر جو سٺو احاطو ڪيو ويو آهي، عرب سردارن جي رهائش جو ۽ پرائمڊ مصر جو بيان ۽ ٻيا ڪجھ منظر ماحول سان موقعي مطابق متعارف ڪرائين ٿا. ڪردارنگاريءَ جي ذريعي ناول جي موضوع جي وضاحت ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ راسيلاس ۽ سندن ڀيڻ جا خيال ۽ مڪالما اهم آهن، کين مستقل مزاج، جدوجهد جا حامي، محنتي، اڻ ورچ ۽ باعمل ڏيکاريو ويو آهي، باقي جيڪڏهن سندن سوچن ۽ جدوجهد جو حاصل ڏيکاريو وڃي ها ته ڪمي محسوس نه ٿئي ها.

راسيلاس تي ليکڪن جا رايا:
هن ۾ ڪيترائي باريڪ ۽ فلسفي جا نڪتا سمجھايا ويا آهن. جيترو کيس گھڻو مطالعو پيو ڪبو، اوترو وڌيڪ لطف ۽ معلومات حاصل ٿيندي رهندي. (ناشر طرفان ٻه لفظ، محمد ابراهيم جويو، سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ). هن ڪتاب ۾ انسان ذات جي دماغي ۽ دلي طاقت ۽ خواهشن جون حقيقتون ۽ مثال انسانذات جي غم ۽ خوشيءَ جا سبب ۽ نتيجا ۽ زندگيءَ جون منزلون ۽ مقصد هڪڙي دلچسپ آکاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن. (صه، 247، ”سنڌي ادبي تاريخ“، خانبهادر محمد صديق ميمڻ).
جيتوڻيڪ هي ڪتاب ڪيترن ئي ڳوڙهن خيالن وارو آهي، پر سليس عبارت جي ڪري اهڙن خيالن کي سمجھڻ ۾ گھڻي سوچ جي ضرورت نٿي پوي. سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل هي ڪتاب اصلوڪو پيو لڳي. (صه، 72، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ غلام علي الانا). انگريزي ڪتاب راسيلاس ترجمو هوندي به بلڪل بجا طور تي بهترين ناول آهي ۽ اڄ به مطالعي ڪرڻ سان پڙهندڙ اهڙوئي لطف اندوز ٿيندو جهڙو ان وقت ٿيندو هو. (صه، 18، ”چار مقالا“ محمد اسماعيل عرساڻي).
”راسيلاس سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل ناول هو، جو ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌارام، 1870ع ۾ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. هيءُ ناول ڊاڪٽر جانسن جو لکيل آهي. جنهن ۾ خوشي ۽ زندگيءَ جي هر منزل بيان ڪيل آهي“. (”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، ڊاڪٽر نور افروز خواجه).
”هن ناول ۾ اعلى خيالن ۽ دانائيءَ جي قولن ۽ دنيوي آزمودن کان سواءِ مسلمانن خلاف ڪافي ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ مسلمانن کي انگريز قوم کان گھٽ عقل وارو ٻڌايو ويو آهي ۽ هر هنڌ انگريز قوم کي بهادر ۽ عقلمند ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي“ (صه، 152، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ)، ڊاڪٽر غلام حسين چواڻي مطابق انگريزن جيڪي ڪتاب ترجمو ڪرايا. جيئن ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ يا ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھ“ ۽ ٻيا ڪجھ ڪتاب انهن ۾ سندن بنيادي مقصد مشرقي قومن تي پنهنجي دانش ۽ علم جو سڪو ويهارڻ هو ۽ يورپ جي ماڻهن کي عقل ۽ سمجھ ۾ مٿي ڏيکارڻ هو، انهيءَ موقف کي واضح ڪرڻ لاءِ ناول مان ڪجھ ٽڪرا پڻ ڏنا ويا آهن.
بهرحال مٿيان رايا سنڌي ادب جي اهم شخصيتن محققن ۽ عالمن طرفان راسيلاس جي ڇنڊ ڇاڻ جو نتيجو آهن، منهنجي نظر ۾ هن ڪتاب جي جائزي وٺڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ مصر ڏيھ جي واکاڻ پڻ ڏنل آهي ته پيڪوا جي معرفت عرب قوم جي تعريف پڻ آيل آهي. خالي يورپ قوم کي مٿي نه ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انگريز حڪومت جي هن ناول کي ترجمو ڪرائڻ سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ ناول نويسيءَ جو بنياد پيو. جيڪو هڪ مثبت قدم هو.