”ديس بديس“
سفرنامي جو جائزو: عبدالحئي پليجو پنهنجي دوست ڊاڪٽر راجوءَ سان گڏ ”الصدف ٽريول ايجنسيءَ“ جي معرفت ايئرلنڪا ايئر لائنز جي ذريعي خاص هندوستان گهمڻ ويو، موٽي اچي اهو احوال ”ديس بديس“ جي عنوان سان بيان ڪيائين. هن ڪيترائي ملڪ گهميا ۽ ڪافي سفرناما لکيا آهن، پر هن سفرنامي ۾ سندن سڪ سرس آهي. هندوستان جي تاريخ و تهذيب، ساهت ۽ سڀيتا کي پرکڻ جو شوق، سندن اندر کي اُتساھي، کين ان سرزمين تي وٺي ويو، جتي سچ، سونهن ۽ انسانيت جا درس ڏيندڙ، ڪيترائي ڪلاڪار، سڄاڻ ۽ سورهيه ٿي گذريا آهن، جن جي سنديسن ۽ سبق آموز نصيحتن جا پڙاڏا هندوستان جي هوائن ۽ فضائن ۾ اڄ ڏينهن تائين گونجي رهيا آهن. جيڪي هر حساس دل فنڪار ۽ ليکڪ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. هن سفرنامي جي شروعات شاھ سائينءَ جي هن بيت سان ٿئي ٿي.
بيکاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا اَنگ اڙي، ڇٽا ڦٽ چڙي پيا.
ڪتاب جي شروع جو حصو ئي ليکڪ جي ذهني بلنديءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڀڳوت گيتا جا ٻول ڏيڻ سان گڏهندوستان جي سونهن ۽ ساهت کي مڃتا ڏنل آهي. هندوستان جي آباديءَ جو تناسب، مضبوط جهموري نظام، عوام جو سوشل اسٽيٽس، ٽيڪنالوجي جي ترقي ۽ معاشي ڄاڻ ڏنل آهي. ليکڪ ڄاڻائي ٿو ته: فوجي قوت ۽ سياسي طور مضبوط هندوستان ۾ آرٽ ۽ فن جي قدردانيءَ جون بهترين پاليسيون آهن، جنهن سبب هيءُ ملڪ ڪروڙين اربين ڊالر اُپت حاصل ڪري ٿو. هن سفرنامي ۾ هندوستان جي هوٽلن، شاپنگ سينٽرز ۽ تفريحي هنڌن سان گڏ موڪلن جي ڏينهن ۽ تعليم جي ترقيءَ جون خبرون پڻ ڏنل آهن. تلسي ليڪ، جسلوڪ اسپتال، گيٽ وي آف انڊيا، ايلوراءِ ۽ اجنتا جون غارون، ڪنهري ڪيوز، مختلف فلمي اسٽوڊيوز ۽ سئنيما هائوسز ۾ ڏنل فلمن جي احوال سان گڏ ادبي ۽ علمي ملاقاتون پڻ پيش ڪيل آهن. جنهن ۾ دادا گوبند، اُتم (هندوستان جو ترقي پسند سنڌي اديب) ڪلياڻ آڏواڻي، پروفيسر رام پنجواڻي ۽ ٻين سان ملاقاتون شامل آهن. سيتا سنڌو ڀون ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنوَر سينٽر جو احوال دل ڇڪيندڙ آهي. ارونگ آباد، چاليس گائون، آگرو ۽ بمبئي جا اهم هنڌ بيان ڪيل آهن. سيٺ ڪندن مل ۽ سيٺ مولچند جي قربن جا بيان ۽ وڇڙيل وطن واسين جي سنڌ لاءِ سڪ ڏسڻ وٽان آهي ته گڏوگڏ ليکڪ جي لکت مان سندس فڪري سوچ، ڏاهپ ۽ ادبي رنگ جو امتزاج به آشڪار آهي.
ٻولي، علمي ۽ ادبي اهميت:
”ديس بديس“ سفرنامي جي ادبي اهميت اُتم آهي، هن مختصر ڪتاب ۾ ڪيترائي بهترين شعر، اصطلاح ۽ محاورا موقعي مطابق موزون نموني سان پيش ڪيل آهن، جن مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ ڪشادگي واضح ٿئي ٿي. بياني انداز وڻندڙ ۽ دل کي سيبائيندڙ آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال ڪجهه هن ريت آهن جيئن: ”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان“، ”صبر جنين جو سير تير نه گسي تن جو“، ”وڻ وڻ ڪاٺي مڙڻ“، ”لوڪ لهوارو ته اسان جو ملڪ اوڀارو“. (هن چوڻيءَ کي ليکڪ پنهنجي انداز سان موقعي مطابق لکيو آهي). ”جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا“، ۽ ٻيا. تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل، جملن جي سونهن سفرنامي جي حسن ۾ اضافو ڪري ٿي جيئن مثال طور: ”اهو وقت دور نه آهي، جو سنڌي پنهنجي وڃايل وٿ ورائي واپس وٺندا ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا. (صه 92). ”آئون اهو سپنن جو سنسار کڻي هند جي ڌرتيءَ اُسهڻ جا سانباها سٽي رهيو هئس”. (صه 15).
”جتي سارين جي سڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندس رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙيو، جتي آکاڙ جي نٽهڻ اُس، پره جي پارن ۽ سانوَڻ جي وسڪارن سندن جيئندان جا گس گهڙيا، جتي تنبوري جي تان سندن من کي موم ڪيو، تنهن ڌرتيءَ کي ڏسڻ لاءِ هو آتا هئا“ (صه 22).
هن ڪتاب ۾ هنڌ هنڌ تي سهڻن شعرن جو موقائتو انتخاب آهي. شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي 16 بيتن سان گڏ تاجل بيوَس جو وطن جي محبت تي هڪ بهترين نظم ڏنل آهي، مائيڪل اينجلو جي دکدائڪ نظم جو ترجمو به اهم آهي، اجنتاجي غارن ڏسڻ مهل مصوريءَ ۽ مجسمه سازيءَ جي فن کان متاثر ٿي ليکڪ جي ذهن ۾ اياز جون هي سٽون سرجي اچن ٿيون.
پٿر منجهه پڪار، ڇيڻي ڀيڻي ناهي ڪا،
سـر ۾ سـنـگتراش جي، ڪارا ڪارونڀار،
اُڀري جن مان اوچتو، صورت سج اوڀار،
سرچي سرجڻهار، مرڪي جاچي مورتي. (صه 100)
هندوستان ۾ سنڌي ٻولي جو مستبقل: سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جي باري ۾ هندوستان جا سفرناما لکندڙ ليکڪن خدشا ظاهر ڪيا آهن. ته ايندڙ وقت ۾ هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل مايوس ڪندڙ آهي. سليم قريشي ادبيات جي مالڪ ”ديس پرديس“، سفرنامي جي آخر ۾ هندوستان ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي معيار، ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ دستيابي ۽ وڪري جي باري ۾ لکيو آهي، جنهن مطابق اُتي سنڌي پڙهندڙ ٻار ۽ سنڌي اسڪول گهٽ آهن. سنڌي ڪتاب به ٿورا ڇپجن ٿا. انهيءَ لحاظ کان کين به سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل هندوستان ۾ مضبوط نظر نٿو اچي. ادي ماهتاب محبوب به ”اندر جنين اڃ“ سفرنامي ۾ انهيءَ اهم موضوع کي بيان ڪندي لکيو آهي ته، ”نئين ٽهيءَ جي سنڌيءَ سان واقفيت گهٽ آهي، ڇو جو هندوستان ۾ سنڌي درسي ضرورت تحت مڪمل رائج ڪونهي“. هن سفرنامي ۾ عبدالحئي پليجو لکيو آهي ته ”هندوستان کي گهمندي ۽ سنڌين سان ملندي، مون محسوس ڪيو ته نئين پيڙهيءَ جي ڀيٽ ۾ پوئين پيڙهي جي ٻڍڙن کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان زياده چاهه ۽ اُڪير هئي. هن پيڙهيءَ جي واري وڃائڻ کان پوءِ نئين پيڙهيءَ وٽان دير تائين پنهنجي عليحده سڃاڻپ کي شايد مشڪل سان قائم رکي سگهي“. (صه 149)
هن پيڙهيءَ جي ڪاوشن کي ساراهيندي نذرٿ ڪاليج جو پروفيسر، پرشوتم داس واسواڻي چوي ٿو ته: ”شاباس هجي انهن ڌرتيءَ ڌڪاڻن کي، جن هوا ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکيو آهي. بيشڪ سنڌ ڌرتي سندس پيرن هيٺ نه آهي، ته به هو سنڌيءَ کي قائم رکڻ ۽ مڃائڻ لاءِ بين الاقوامي طور ڪوششون ڪري رهيا آهن. اصل سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو وچ اوڀر، سينگارپور، بئنڪاڪ، ٿائلينڊ ۽ دبئي ۾ وسيل آهن. جيڪي سنڌي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ وڏا وڏا فنڪشن ڪرائيندا آهن. پرڏيهه ۾ به سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جي پٺڀرائي ڪندا آهن ۽ هندوستان ۾ به 36 قومي ٻولين ۾ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي“.
هندو سنڌين جي سنڌ لاءِ لازوال سڪ کي عبدالحئي پليجو شاهه سائينءَ جي هن بيت معرفت سمجهايو آهي.
ڪو جو اُٺيس مينهن، آريءَ جي عشق جو،
راتيان روئي رت ڦڙا، سک نه سارو ڏينهن،
ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿئـي.
گڏيل طور هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌين جي طرفان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ته ٿي رهيون آهن، پر جيڪڏهن ايندڙ نسل کي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن موڙيو وڃي ته بهتر قدم شمار ٿيندو.
سفرنامي جي صنف جي لحاظ کان هن سفرنامي ۾ سڀني تفريحي هنڌن جي ڪارائتي معلومات سهڻي ۽ ادبي انداز سان ڏني ويئي آهي. خاص طور ايلوراءِ اجنتا جي غارن جي معلومات آهي. ڪنهري ڪيوز جون اڍائي هزار سال پراڻيون. مورتيون ڏسي، ليکڪ لکي ٿو ته: ”هزارين سال اڳ به انساني هٿن ۾ چترڪاري ۽ مجسمه سازيءَ جي مڻيا ۽ مهارت موجود هئي. افسوس صرف اهو آهي ته اهي مهان مورت ساز تاريخ جي گهرائين ۾ گم ٿي ويا آهن ورنه هن ننڍي کنڊ ۾ ڪيئن مائيڪل اينجلو موجود هئا. جن جي ڇيڻين جي ڇهاءُ سان اڻ گهڙيا پٿر جاندار لڳندا هئا، پر انهن ڏات ڌڻين جي نالن جو نشان به تاريخ جي صفحن تي نٿو لڀي، بيشڪ تخليق جي عمر تخليق ڪار کان زياده ٿئي ٿي“.(صه، 10).
”ديس بديس“ کي هندوستاني اديب، اي. جي اُتم ”سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو“ سڏيو آهي. ”پليجي جو سفرنامو ڀارت بابت ٻين سنڌي سفرنامن کان نئون ۽ نرالو آهي. ليکڪ تي پنهنجي پيءُ نور محمد پليجي کان ورثي ۾ مليل نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو آهي. هن سفرنامي ۾ هندوستان (آڳاٽي توڙي اڄوڪي) جي خوب قدرشناسي ڪيل آهي“.
هن سفرنامي ۾ ليکڪ جتي هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ايندڙ وقت لاءِ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. اُتي موجوده سنڌين جون سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ ورتل ڪوششون ساراهيون آهن. سنڌي ڪالونين ۽ سنڌو ڀون ۽ ٻين اهڙن هنڌن تي سنڌين جي ملاقاتن مان مانَ ۽ محبتون ميڙڻ کي پنهنجي هندوستان جي سفر جو سرمايو ڪوٺيو اٿن. جڏهن اُتم چنداڻي کين الوداع ڪرڻ اچي ٿو. ته پليجو صاحب سندن محبت کي هن ريت بيان ڪيو آهي: ”هن جون نظرون شايد سنڌ تائين، اسان جو تعاقب ڪرڻ لاءِ آتيون هيون، اها سنڌ جيڪا هو بنهه بي وسيءَ جي عالم ۾ ڇڏي آيو هو. جنهن جي فضائن ۾ سرهاڻ هئي، جنهن سان هن جو من واڳيل هو، جنهن جي شام ۾ هن جي پيار جا سپنا هئا، لطيف جون وايون هيون، ساميءَ جا سلوڪ هئا، سچل جا سڏ هئا، ۽ سنڌوءَ جي امرت ڌارا هئي“.
سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ هن سفرنامي جو هڪ مانائتو مقام آهي، هن ۾ نه رڳو معلومات آهي پر حئي پليجو جو تحريري اسلوب ۽ مشاهدو هن سفرنامي کي الڳ حيثيت عطا ڪري ٿو.