نيويارڪ جو سير:
نيويارڪ جي سير جو جائزو:
سنڌي ادب ۾ اڄڪلھ چڱا سفرناما لکيا وڃن ٿا، الطاف شيخ کان علاوه ٻين به گھڻن ئي ليکڪن هن صنف کي اهميت ڏياري آهي ۽ ڪجھ ليکڪ ته چند سفرناما لکي اديبن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ واقعي اڳيان هلي سندن سفرناما سٺا ثابت ٿيا آهن. شوڪت شاھ بخاري کان اڳ به نيويارڪ جي سير تي پروفيسر غلام مصطفى شاھ، الطاف شيخ، تنوير عباسي ۽ ڪريم ڏنو راڄپر لکيو آهي. پر جيئن ته هر ليکڪ جي تحرير جو پنهنجو جدا انداز هوندو آهي. سندس سوچ، مشاهدو، بياني انداز کيس هڪ الڳ حيثيت عطا ڪندا آهن. سو هر هڪ سفرنامو الڳ حيثيت رکي ٿو.
هيءُ هڪ ئي شهر جو سفرنامو آهي، اهو شهر جيڪو بين الاقوامي اهميت وارو آهي. بخاري صاحب پنهنجي دوست امتياز فاروقيءَ جي دعوت تي خاص گھمڻ ڦرڻ ويو هو. خاص گھمڻ لاءِ وڃڻ سان ليکڪ ذهني آزاديءَ سان هر هنڌ کي ڌيان سان پرکيو آهي. نيويارڪ جي پارڪن، پُلن، تاريخي هنڌن، شاپنگ سينٽرز ۽ لائبريرين جي ڄاڻ ڏني اٿن. نائگرافال جي معلومات وڻندڙ آهي جيڪا هيستائين ڪنهن به سفرنامي ۾ نه آئي آهي، ناگرا ندي، نائگرا آبشار انهن پاڻيءَ جي وهڪري جي اوچائي ۽ ٻين آبشارن جو ذڪر دلپسند آهي. نيويارڪ پبلڪ لائبريري، آزاديءَ جي مجسمي Statue of Liberty، آمريڪن هسٽري ميوزم، بروڪلن شهر، بوٽانڪ گارڊن، مئن هٽن جو سينٽرل پارڪ، (جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو پارڪ اٺ سئو ايڪڙن تي مشتمل آهي). پراسپيڪٽ پارڪ (هي پارڪ ڏيڍ سئو سالن کان قائم دائم آهي، منجهس ڏهن هزارن کان به وڌيڪ وڻ آهن). انهيءَ کان سواءِ نيويارڪ بروڪ لينڊ جو ڪوني آئيلينڊ، روز ويلٽ آئيلينڊ، برائيٽن بيج، بروڪلن برج، مئن هٽن برج، واشنگٽن برج، ويروزانو برج ۽ ٻيا تفريحي هنڌ ذڪر ڪيل آهن.
ليکڪ چواڻيءَ ته انگريز قوم قديم آثارن ۽ تفريحي هنڌن مان ڪروڙين ڊالر ڪمائي ٿي، جيئن مثال طور ڏسنداسين ته ”بوٽانڪ گارڊن صرف گارڊن ڪونهي پر اتي پلانٽس تي معلوماتي ليڪچرز ۽ فلمون ڏيکاريون وينديون آهن ۽ گارڊن ميمبرشپ ٿيندي آهي، منجهس نه صرف گفٽ سينٽرز، ريسٽورنٽ ۽ گائيڊ سروس آهي پر حسين ۽ رومانٽڪ ماحول پڻ آهي گلن جي من موهيندڙ خوشبو، جنهن ۾ مريضن لاءِ صحتيابي ۽ ٻارن لاءِ وندر آهي ته جوانن لاءِ حسن ۽ لطف جا حسين نظارا آهن. اهڙين خوبين وارا انيڪ پارڪ آهن“.
نيويارڪ جي باري ۾ شوڪت بخاريءَ جي راءِ:
1. نيويارڪ هڪ دلڪش دلربا ۽ پرڪشش شهر آهي.
2. مئن هٽن جي هڪ هڪ عمارت لاجواب ۽ بي مثال آهي. مئن هٽن گهڻ ماڙ قديم ۽ جديد طرز جي عمارتن جو مشهور شهر آهي، جتي U.N.O ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جهڙيون اهم عمارتون آهن، ته بهترين شاپنگ سينٽرز آهن. خوبصورت سينٽرل پارڪن سان گڏ دنيا جون شاندار هوٽلون پڻ آهن. ليکڪ چواڻيءَ ته، ”جنهن مئن هٽن نه ڏٺو تنهن ڪجھ نه ڏٺو“.
3. آمريڪا جو پارڪنگ سسٽم تمام مضبوط آهي، قائدن قوانين جي سختي گهڻي آهي، هن ملڪ جو سب وي ٽرين سسٽم (Sub Way Train System) سهوليت وارو آهي.
4. Rite-Aid ٽائپ ڊپارٽمينٽل اسٽورز آهن جتي زندگيءَ جي ضرورت جي هر شيءِ ملي وڃي ٿي. جيڪا ملاوٽ کان پاڪ آهي هتي نه بارگيننگ نه ٽينشن، ڇو جو آمريڪا هر ملڪ مان معياري مصنوعات گهرائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. هتي Pregment Hardware Store جهڙا اسٽور آهن. جتي عمارت سازيءَ جو سڄو سامان ڪليءَ ڪوڪي کان مڪمل گھر جو سامان هڪ ئي ڇت هيٺ ملي ٿو. انهيءَ سان وقت ۽ ناڻي جي بچت ٿئي ٿي.
5. گئراج مارڪيٽ جهڙيون مارڪيٽون به فائديمند آهن جتي گهر جي ناپسنديده سامانن کي مهذب نموني Tag لڳائي، گهر کان ٻاهر رکي، وڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ صوفه سيٽ کان ڪپڙن، جوتن ۽ ڪراڪري تائين هر شيءِ سيڪنڊ هينڊ پر مناسب قيمت ۾ ملي ويندي آهي.
6. هتي جا ماڻهو سڌريل، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ ۽ ترتيب سان زندگي گهاريندڙ آهن. منجهن ڪجھ اخلاقي خرابيون ضرور آهن، پر هو انسانيت لاءِ هاڃيڪار نه آهن.
”نيويارڪ جو سير“ جي علمي ۽ ادبي اهميت:
هيءُ سفرنامو برائون ڪلر جي ٽائيٽل ڪوَر، (جنهن ۾ نيويارڪ جو نظارو ڏنل آهي) سان آهي. هن ۾ چند رنگين فوٽوز پڻ شامل آهن، جيڪي مختلف تفريحي هنڌن تي ڪڍرايل آهن. جيئن ته سفرنامو ادب ۾ ڪجھ خاص خوبين جي ڪري اهميت وارو ٿيندو آهي. مثال طور: 1. سفرنامو معلومات تي مشتمل هجي. (2) بياني انداز وڻندڙ هجي. (3) ٻولي ادبي ۽ معياري هجي، ٻوليءَ جي سونهن کي قائم رکڻ لاءِ لفظن جي مناسب استعمال سان گڏ جملن جي ترتيب کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي، بيهڪ ۽ گرامر جي نشانين تي ڌيان ڏيڻ سان گڏ غير ضروري ڊيگھ کان به پاسو ڪرڻ گھرجي.
هن سفرنامي ۾ معلومات ڪارائتي ۽ بياني اسلوب مناسب آهي، پهاڪن اصطلاحن ۽ شعرن جو ادبي نمونو گھٽ آهي، (حالانڪ اهو لازمي نه آهي پر انهيءَ سان ليک متاثر ڪندڙ ٿيندو آهي ۽ نثر ۾ شگفتگي ۽ تازگيءَ جو احساس ٿيندو آهي). تجنيس حرفيءَ جو ڪجھ هنڌن تي استعمال آهي جيئن مثال طور: مئن هٽن مصروف، مشهور، مهانگو ۽ محبوبن جو ملڪ آهي، هتي اچي ماڻهو ازخود خوبصورت ٿي وڃي ٿو ۽ ماحول جو رنگ لڳي وڃي ٿو (صه، 103).
”آمريڪا ۾ ڪنهن کي ڪنهن جي پرواھ نه آهي بي نياز، بي پرواھ، مصروف، محبوب، معشوق، مست ۽ ملنگ قوم آهي“ (صه، 27). آمريڪا جو ڊالر ايترو طاقت ور مٽيءَ ۾ محبت، ماڻهن ۾ ميٺاج ۽ آبهوا ۾ ڪشش آهي، جو ڪنهن به ملڪ جو باشندو اتي روزگار لاءِ ويندو ته اتي جو ٿي ويندو. نيويارڪ گهمي مون کي واقعي هن قوم تي رشڪ ٿيو، جنهن اهڙا سهڻا تفريحي مرڪز، تعجب خيز تعمير ۽ توجه طلب حسين باغات ٺاهيا آهن جو هت اچيو دل خوش ٿيو وڃي ۽ وري پنهنجي ملڪ کي ڏسون ٿا ته دل ڏکي ٿي. اسان وٽ رڳو گرگ آشڪار آهي، اندروني انتشار ۽ هڪٻئي لاءِ خار آهي (صه، 26).
چند جملن ۾ بي ترتيبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ڪجھ هنڌن تي لفظن جي ڪمپوزنگ ۾ غلطيون آهن. جيڪي معمولي هوندي به نئين ايڊيشن جي لاءِ جيڪڏهن درست ٿي وڃن ته بهتر آهي ڇو جو ادبي ڪتاب قوم جو سرمايو ۽ قائم ۽ دائم رهندڙ آهن. هيٺ چند مثال ڏجن ٿا: فاتح-فاتحه، تلاڪون-طلاقون، فرست-فرصت، سدا-صدا، ادب جا ڊير-ادب جا ڍير يا جملن جي بي ترتيبي جي لحاظ کان هيٺيون مثال ڏجي ٿو. ”چارو طرف شيشا صاف شفاف گرجي، چارو طرف ساوڪ وڏا وڏا وڻ ڀاڄيون پوکيل، مٽيءَ جو ذور به نه هجي، گھر م عمدي قسم جو قديم مهانگو فرنيچر، Antique شوپيس، مختلف ملڪن جا رکيل، تمڪين شوپيس رکڻ ۾ شوقين آهي، گهر ۾ هڪ ميوزم هو“ (صه، 161).
هن سفرنامي جي خوبين ۾ هڪ خاص ڳالھ آهي ته بخاري صاحب مالي معلومات ڏني آهي. جنهن سان اتي ويندڙ نئين شخص کي رهنمائي ملي ٿي. هي سفرنامو نيويارڪ بابت ڪجھ خامين جي هوندي به سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ هڪ جدا حيثيت رکي ٿو.