ٿورا
هن ڪتاب جي تياريءَ دران شروع ۾ مون کي خاص طور ڪنهن کان مدد وٺڻ جو خيال ذهن ۾ نه آيو. پر جڏهن ڪتاب مڪمل ٿي ويو تڏهن مسودو سڀ کان پهرين سنڌ جي نامور ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي فرزند جناب محمد علي ڏيپلائيءَ کي ڏيکاريم ته سانگھڙ جي باري ۾ جيڪو مواد لکيل آهي انهيءَ تي پنهنجي راءِ ڏين. جڏهن ادا محمد عليءَ اهو چيو ته ”توهان سانگھڙ تي لکڻ جو حق ادا ڪيو آهي“ ۽ ڪتاب کي تمام گھڻو پسند ڪيو ته نه صرف مون کي خوشي ٿي پر منهنجو حوصلو وڌيو. سندس صلاح سان مسودو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا کي جائزي وٺڻ لاءِ ڏنم ۽ جن پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو. انهيءَ طرح آئون انتهائي مشڪور آهيان ادا محمد علي ڏيپلائيءَ جي، جو منهنجي مدد ۽ رهنمائي ڪيائين. تمام گھڻي ٿورائتي آهيان آئون ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي جو پاڻ پنهنجي قيمتي وقت مان هن ڪتاب جي تفصيلي جائزي جي لاءِ وقت ڪڍيائون ۽ ڪتاب جون خوبيون و خاميون پرکي نه صرف منهنجي مدد ڪئي اٿن، پر سندن بي انتها عزت افزائيءَ مون کي اعتماد عطا ڪيو جو ڊاڪٽر الانا صاحب هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ “تنقيدي ادب جي تاريخ” سڏيو آهي.
وڏا وڙ آهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا جو پنهنجي وڏي مصروفيت جي باوجود هنن هن مسودي کي پرکيو ۽ دعائيه ڪلمات سان نوازيائون ۽ منهنجي هن ڪوشش کي “ڪامياب ڪشالو” قرار ڏنو اٿن. هن ڪتاب ۾ جنهن شخصيت، منهنجو شروع کان آخر تائين ساٿ ڏنو، جنهن جو نالو آئون فخر سان ذڪر ڪنديس، اهي منهنجا جيوَن ساٿي، انوَر ميمڻ، جن آهن. جيڪڏهن سندن تعاون ۽ پٺڀرائي نه هجي ها ته هيءُ پراجيڪٽ پايهءِ تڪميل تي نه پهچي سگھي ها، انهيءَ سهڪاري ساٿ کي لفظن ۾ تورڻ ناممڪن آهي.
منهنجون دلي دعائون آهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ راشد موسى جي لاءِ جنهن مون کي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي اداري ۾ مسودي کي موڪلڻ لاءِ زور ڀريو، جو اڄ هيءُ ڪتاب هن منزل تي پهتو آهي. انهي کان سواءِ مختلف لائبريرين جا انچارج خاص طور زينت صاحبه نذرٿ ڪاليج، محبوب ابڙو ايم.بي اينڊ جي.ايف ڪاليج، الرزاق ڪمپوزرس ۽ ربنواز لاشاري جي مدد مون کي هميشه ياد رهندي. هن ڪتاب جي لکڻ ۾ مون کي ڪافي عرصو لڳو ۽ گھربل ڪتابن جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پيئي، ڪيترن ئي هنڌن تي ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو، مختلف بڪ اسٽالن کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ، قليچ ڪتاب گھر، دائود پوٽا لائبريري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لائبريري ۽ مختلف ڪاليجن جون لائبريريون ڏٺم، انهيءَ کان به وڌيڪ ڪتاب هٿ ٿين ها ته سهنجائي ٿيئي ها. ڪجھ ڪتابن جا ڇاپا مارڪيٽ ۾ ختم ٿي ويل آهن، ته ڪن ڪتابن جي پراڻن ڇاپن کي پڙهڻ کان پوءِ نون ڇاپن کي به پڙهيم، بهرحال انهيءَ سڄي جدوجهد ۾ جن سڄڻن ۽ همدردن ساٿ ڏنو انهن جا دل سان ٿورا مڃيان ٿي.