لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

سير ڪوهستان

”سير ڪوهستان“ انهيءَ علائقي جي رهڻي ڪهڻي محل وقوع ۽ زندگيءَ جي حالتن تي لکيل، ويهن مضمونن جو ڪتاب آهي، هي ڪتاب الھ بچايو يار محمد سمون ورهاڱي کان اڳ لکيو، هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1942ع ۾ ڇپيو سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جا ست ڇاپا شايع ڪيا آهن. 134 صفحن جو هي ڪتاب خاص ڪوهستانين جي زندگيءَ جي عڪاسي آهي. جنهن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جيڪي هاڻي ڪونهن، ٿر ۽ ڪوهستان ٻنهي علائقن ۾ اهڙن لفظن جو استعمال عام رهيو آهي، ڇو جو سندن زندگين ۾ ڪجھ قدر هڪجهڙائي آهي. جنهن تي ليکڪ لکي ٿو، “ٿر ۽ ڪوهستان گهڻين ڳالهين هڪجهڙا آهن ٻنهي ماڳن ۾ گهڻي ڀاڱي گذارو ڏٿ تي آهي، مينهن وسڻ سان ئي جهر جهنگ سائو سرسبز ٿيو پوي“ اها حقيقت آهي ته شهري زندگيءَ کان پري، جابلو يا ريگستاني علائقا پنهنجي ضرورتن جا موجد پاڻ هوندا آهن. اتي جا ماڻهو جفا ڪش، محنتي ۽ صابرين هجن ٿا. سندن زندگي سخت ۽ محنت واري آهي، هي ڪتاب ڪيترن سالن کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي، درسي ضرورت جي ڪري بار بار ڇپيو ۽ عام ٿيو آهي، هر ڇاپي جو تعداد ٻه هزار رهيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل هن ڪتاب ۾ شڪريي جي لکيل لفظن ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”هن ڪتاب کي مشهور بنائڻ ۾ نصابي و درسي ضرورت جو، علم و ادب جي شائقين جو ۽ ادبي بورڊ جو وڏو هٿ آهي“. ڪتاب جي تمهيد ۾ ليکڪ لکي ٿو، ”اسان جي پاڙيسري ڀائرن ڪوهستانين جي ٻولي، سنڌي ٻولي جو اهم حصو آهي، اها سنڌي جنهن سان شاھ صاحب پنهنجي رسالي کي جَڙي ڇڏيو آهي، سا هن ڪتاب ۾ عام جي اڳيان پيش ڪئي ويئي آهي“.
سير ڪوهستان جو جائزو: هن مجموعي جا ويھ مضمون هڪ ئي علائقي ڪوهستان جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي نظام ۽ عوام جي زندگيءَ جي باري ۾ آهن، تقريباً مني صدي اڳ جيڪي ڪوهستان جون حالتون هيون، سي هاڻي ڪونهن. هن علائقي ۾ زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون اڳ ۾ نه هيون، هاڻي پاڪستان حڪومت بجلي، پاڻي، تعليم ۽ صحت جي بنيادي ضرورتن کي هتي پهچايو آهي. پر جنهن وقت هي ڪتاب لکيو ويو هو، ڪوهستان انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ هو، جنهن ۾ قلات، خاران، لسٻيلي کان سواءِ ٻيون رياستون پڻ هيون، هن ڪتاب ۾ لسٻيلي جي رياست جو ذڪر آهي، جنهن جا حڪمران ڄام فيروز جي پيڙهيءَ مان هئا ۽ سندن گادي جو هنڌ ٻيلو شهر هو.
سير ڪوهستان جي مضمونن جا موضوع ڪوهستانين جي پوشاڪ، رهائش، تعليم، گذران، صحت، غيرت، ايمانداري، مهمان نوازي، انصاف پسندي، پيري مريدي، تعليم قومن ۽ رواجن وغيره تي مشتمل آهن. سمون صاحب سندن گذران جي باري ۾ لکي ٿو، ”هتي جابلو علائقي ۾ پوک گهڻي نٿي ٿي، ڪوهستانين جي لاءِ آمد و رفت جون مشڪلاتون آهن، پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ آهي ۽ عوام جو گذران مال تي آهي ۽ عوام ۾ تعليم جو پڻ فقدان آهي. (ص، 12)
هي ڪتاب در اصل ڪوهستانين جي تاريخ آهي. جيڪا الھ بچائي مضمونن جي نموني ۾ پيش ڪئي آهي، خود ئي لکيو اٿس ته، “هيءُ ننڍڙو سير جو ڪتاب چئجي ته ڪوهستان جي تاريخ آهي، جيڪا دنيا جي وڏن تاريخن سان ڪلهي جوسي ٿيندي“. هيءُ مضمونن جو مجموعو هڪ علائقي جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ رهائش کي علمي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ڪوهستانين جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي چٽائي سان بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ موجب، ڪوهستانين جي حياتيءَ جو وسيلو بارش ۽ مال آهي، جنهن ڪري هو مال جي تمام گهڻي حفاظت ڪن، جابلو علائقي جي خوفناڪ جانورن کان، سندن بچاءَ ڪن. برسات پئي خيراتون ڪن، سندن لباس ۽ رهائش تمام سادي آهي، وٽن نه ٿانءُ نه ٿپو ته به مهمان نواز آهن. عام طور ڪارو رنگ استعمال ڪن، ته جيئن ڌوپڻ کان بچي وڃي. مرد ڪارو پٽڪو غم جي علامت سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري ڪونه پائيندا آهن، تازي ۽ صاف هوا ۽ نج کاڌي جي ڪري مرد ۽ عورتون همت ڀريا ۽ صحتمند آهن پٿريلي ۽ جابلو علائقي جي سبب سندن زندگي جفاڪشيءَ واري آهي، ”گذران به مشڪل سان ٿيندو اٿن، پر ڪچهرين ۾ ڏکن جي بجاءِ سک ونڊيندا آهن، ڏکيا بکيا پر غريباڻي حال ۾ خوش گذاريندا آهن.
پوشاڪ جي باري ۾ مضمون نويس لکي ٿو، ”زالون سادگيءَ سان هلن، لڳڙ لٽو، کاڌو پيتو سڀ سادو، ٺٺ گهڻو زالن ۾ نه مردن ۾، هو چون ”مرد ويرياڻي ننڊڻي، زال ويري سينگار“. ڏٺو وڃي ته، ڪيتري نه اونهائي آهي هن پهاڪي ۾، مردن کي سجاڳ رهڻ جي تلقين ۽ عورتن کي گھڻي غير ضروري خرچ ۽ نمائش کان بچاءَ جو سبق، ڪوهستان جون عورتون بهادر، باهمت، غيرت مند ۽ سخت جان آهن، هو محنتي، چست ۽ پنهنجي قدرن کي عزيز رکڻ واريون آهن، ڪوهستاني بهادرن ۽ سورهيه جوانن کي ڳائيندا ۽ سندن قصا فخر سان بيان ڪندا آهن، ته جيئن نئون نسل بهادر ٿيئي، بزدليءَ جو طعنو نه صرف بزدل کي ڏين پر سندس سڄي خاندان (ڪُر) کي لوئين، ڀٽ ڌڻي سسئي جي واتان چورائي ٿو.
”ڪچو لايان ڪُر جي ڪيچان اوري وران“
(ڪيچ مڪران کان اورتي پنهون جي بنا موٽي اچڻ بهادر ۽ باهمت سسئي لاءِ نه صرف پنهنجي لاءِ طعنو آهي بلڪه سندس سڄي خاندان (ڪُر) جي لاءِ بي عزتي جو سبب آهي، انهيءَ ڪري چوي ٿي ته پنهنجي سڄي خاندان کي ٽڪو لائيندس، جيڪڏهن ڪيچ مڪران کان اوري واپس اينديس). اهڙي ريت هتي جون عورتون بهادريءَ جي وصف سان مالا مال آهن، ڪوهستاني غيرت مند ۽ مهمان نواز قوم آهي. مهمان نوزايءَ جي گُڻن جي کين ڀلي ڀت خبر آهي نه رڳو مهمان کي کارائين پيارين، جيءَ ۾ جايون ڏين، پر اوجاڳا ڪري آيل مهمانن کي ڪچهرين سان وندرائين، اهڙي ئي هڪ ڪچهريءَ جي رات مضمون نويس لاءِ سڄي زندگيءَ جي يادگار رات هئي. ايڪويهن صفحن تي مشتمل ڪوهستاني ڪچهري ڪتاب جو هڪ اهم باب آهي، سانوڻ فقير، شيخ ابراهيم ۽ عبدالله ڀنڀري جي لوڙائي بيتن جي لطف واريءَ ڪچهري کيس گهڻي راحت ڏني، سانوڻ جي نڙ جي بيتن ۽ پوءِ هنر ۽ ڳجهارتن جي فن کيس حيران ڪري ڇڏيو. هيءُ ڪچهري جو تفصيلي باب لوڪ ادب ۾ هڪ اڻملھ تحفو آهي. (ڪوهستاني ڪچهريءَ جو هي باب سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي انٽر ميڊئيٽ جي سنڌي نصاب ۾ پڻ شامل آهي).
ڪوهستانين جي زندگيءَ جو وڌيڪ تفصيل هن ريت آهي. ڪوهستانين جي ايمانداري متاثر ڪندڙ آهي، هو اگهيءَ سگهيءَ مهل ڀرڻ وارا، پاڙيسريءَ سان سٺو ورتاءُ ڪندڙ بهترين منصف آهن، (سندن فيصلا عام طور پنهنجن جرڳن ۾ ٿين). بيمارين جا علاج ديسي ۽ سستا ڪن، چوپائي مال جي بيماريءَ جو علاج پڻ پاڻ ڪن، سندن عورتون هنر مند ۽ ڪاريگر آهن جيڪي ڀرت ڀرينديون آهن، اهي خو بصورت هوندا آهن، جن جي کپت شهرن ۾ گهڻي ٿيندي آهي، اهڙين ڪماين مان سٽاءُ واريون زالون سڄا گهر گذران ڪنديون آهي، ٻيو گذران مال ۽ باراني پوک تي اٿن، تعليم جي ڪميءَ جي سبب، ڪوهستانين ۾ قبرپرستي، پيري مريدي ۽ شرڪ واريون رسمون به عام جام آهن، ڪارو ڪاري جي رسم به وٽن رائج آهي، هٿيار ۽ بارود جو استعمال به گهڻو اٿن، سمي صاحب ڪوهستانين جي رهائش، عادت ۽ کاڌي جي لاءِ هن ريت اظهار ڪيو آهي، ”سندن گهر گهاٽ به رواجي جهوپڙي يا وڻ هيٺان هوندن، يا ته اڏن جي اوڙڪ ۾ رهن. گفتگوءَ ۾ نرمي، اٿ ويھ ۾ ادب اٿن“، ”غني خواھ غريب جي گهر جي ٻاهران ڍنگرن جو لوڙهو ڏنو پيو هوندو. چوري چپائي ملڪ ۾ ڪانهي تنهن ڪري گهرن جا در رات ڏينهن کليا پيا آهن، گهرن جا اڱڻ ڪشادا ۽ صاف ٻاهران پسگردائي کليل، ڪيترائي کڻي وٽن مهمان اچن، سڀئي خدائي فرش تي پورا جاءَ جي تنگي ڪنهن کي ڪانهي، شهري ويچارا جاين ۾ ايئن ٽنگيا پيا آهن، جيئن پڃري ۾ طوطو“. (صه، 17)
”اَنَ سواءِ ايمان ڪونهي، ان آهي ته ايمان آهي، پر جن ويچارن کي انَ جي اوج گهٽ آهي، سو دل پلي ان جو ايترو آسرو ڪونه ڪن، رات جو کير ڏهي منجهس سنڀاڻ ذري وجهي ڇڏين. صبح جو کير ڄميو، ڌونئرو ٿيو پوي، ڪُني ۾ مانڌاڻي وجهي ويهي ولوڙين، چنبي جيترو مکڻ نڪريو اچي. وٽو لسي جو تڪي، مٿان وٽ مکڻ جي چاڙهيو ڇڏين، نج کير جي لسي ۽ مکڻ ايترو ته ڳم آهي، جو سانجهيءَ تائين ڍؤ“. (ص، 25)
سندن رويي جي باري ۾ ليکڪ لکي ٿو، ”ويچارا پيڄ پياڪ، پنهنجيءَ ۾ پورا ايتري فرصت ئي ڪانهين، جو ڪنهن سان ڄاڻي ٻجهي وير پائين، هوند تي هوڏ ٿي ڪجي اڻهوندي لاءِ جهڙو اڀريو تهڙو نه اڀريو“ (ص، 35).
صحت جي باري ۾ ڪوهستانين جي سوچ هن ريت بيان ڪئي اٿس. ”هڪ تندرستي هزار نعمت، جڏائيءَ کان جاڏائيءَ ۾ مزو، سرير سگهو ته سنسار سگهو، جيءُ جڏو ته جهان جڏو“. (ص، 100)
اويل سويل، مهل ۽ موت جو موقف هن ريت آهي، ”جڏا جياري مرڪندا ماري، ساھ تي پل جو ڀروسو ڪونهي، انسان مرڻي وَٿَ آهي، ڪي موت جو به خيال ڪجي، جي ڪنهن سان وهبو، ته اڳلو به چار پير پائي اڱڻ ايندو. پر جي مٽ ڦوڪ ڪبي ته ڪو هٿ سَڃَ به ڪانه ڪندو. اهي اوڳا جيڪي اَوَڳُڻايون ڪري پنهنجي اوڙڪ اونڌي ڪن. عاقبت انديش ماڻهوءَ جو ڪم آهي ڪهي وڃي ڪلهو ڏيڻ“. (ص، 54).
ڪتاب جي ٻولي ۽ ادبي حيثيت: مٿين ٽڪرن مان اندازو ٿيڻ کپي ته هي ڪتاب سنڌي لغت جو خزانو آهي. جنهن جي علمي ۽ ادبي ٻولي وڻندڙ، سهڻي ۽ دل کي سيبائيندڙ آهي. حرف تجنيس وارا جملا، وقتائتا پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ شعرن سير ڪوهستان جي ڪتاب جي حسن کي سهڻو مقام عطا ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪتب آندل مشڪل لفظن کي آخر ۾ سمجهاڻي ۽ معنيٰ سميت ڏنو ويو آهي.
چند پهاڪا ۽ چوڻيون هيٺ پيش ڪجن ٿا، ”تڙ تي ويهي واڳونءَ سان وير وجهڻ“، ”لاچار کي آچار ڪونهي“، ”حيلي سواءِ وسيلو ڪونهي“، ”جهڙو حال حبيان تهڙو پيش پريان“، ”تڏي آئي تنگ نه پئجي توڙي هجن وير هزار“، ”وڙهن سانَ لتاڙجن ٻوڙا“، ”جي ڄڻين سي نپائين“، ”سک ٻيليائي سڀ ڪا، ڏک نه اوڏي ڪا“، ”لکيون پرڻجن مڱيون نه پرڻجن“، ”منڊيءَ تي ٽڪ“، ”ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءَ“، ”مک ترڪڻ“، ”اُڀ ۾ ٿڪون هڻڻ“، ”ڪوسي ٿڌي ڏسڻ“، ”سون رتيءَ کان رت رتي چڱي“، ”مرڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار“، وغيره. هي ڪتاب مصنف جي ڪوهستان جي سير جي مشاهدن جو مضمونن جي شڪل ۾ هڪ تاريخي عڪس آهي، جنهن ۾ ڪوهستانين جي رسمن رواجن سوڻن ساٺن، شادين مرادين ۽ ريتن رسمن کي ذڪر ڪيو ويو آهي،
ڪتاب جي ادبي حيثيت تي مختلف عالمن جا رايا: الھ بچايو يار محمد سمون، هڪ اعليٰ پايي جو مضمون نويس هو، سنڌ جي ڪوهستان جي علائقي جي رهڻي ڪهڻي بابت شاهڪار مضمون لکيائين، جيڪي ”سير ڪوهستان“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. (صه-173، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) الھ بچايو سمون به چڱو مضمون نگار ليکيو وڃي ٿو. ”سير ڪوهستان“ سندس بي نظير تصنيف آهي، جا انداز بيان ۽ جدت ۽ ندرت جي نقطئه نظر کان بلڪل منفرد آهي، (ص، 105 ”چار مقالا“ محمد اسماعيل عرساڻي)
الهبچائي سمي وري سير ڪوهستان لکڻ سان سنڌ جي انهن خطن جو سير ڪرايو آهي، جيڪي عام شهري ماڻهن جي نظرن کان دور آهن، ٻنهي پنهنجين تصنيفن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ مقامي اصطلاح، پهاڪا ۽ محاورا ڪم آڻي، سنڌي ادب ۽ لغت ۾ اضافو ڪيو“ ( ص، 26 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا) 1942ع ۾ الھ بچايو سمون سير ڪوهستان ڪڍيو، هن ڪتاب ۾ سنڌ سان لاڳيتي پرڳڻي ڪوهستان جي پهاڙي نظارن ان جي خانه بدوش باشندن، سندن مصبت زده زندگيءَ ۽ ايمان جي سلامتيءَ جا مفصل بيان نهايت شاعراڻي ۽ همدرداني نوع ۾ بيان ڪيل آهن. (ص، 275 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگهاران ملڪاڻي)