مضمون ۽ مقالي جي ترقي:
مضمون ۽ مقالي جي ترقيءَ ۾ مختلف ڪانفرنسون ۽ ادبي سئمينار اھميت رکن ٿا. 1975ع ۽ 1988ع جون ۽ ان کان پوءِ جون قومي ۽ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنسون ۽ مختلف گڏجاڻين ۽ علمي ۽ ادبي محفلن ۾ پڙھيل مضمون ۽ مقالا اهم آهن. ھندوستان ۾ پڻ تحقيق تي ڪم ٿيو آھي. جنهن ۾ خاص طور لطيفيات، لسانيات ۽ لوڪ ادب جو ڪم ذڪر جوڳو آھي. انهن محققن ۾ ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ھري موٽواڻي، وشنو ڀاٽيا، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر سنتنداس جھانگياڻي، ڊاڪٽر پرس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موھن لال شرما، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، سنڌيا رڪنچنداڻي ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.
موجوده دؤر ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي تحقيقي مقالا لکيا وڃن ٿا. جن مان ڪجھ مجموعن جو ھن ڪتاب ۾ جائزو ڏنو ويو آھي. مضمون جي صنف بظاھر سکي آھي، پر مشڪل پڻ آھي، مضمون ھڪ صفحي جو ھجي يا ويھن يا ٽيھن صفحن جو پر منجھس لکيل مواد ئي فنڪار جي فنڪاراڻي حيثيت ظاھر ڪري ٿو، مضمون نويسيءَ جي اصولن تي دنيا جي ادب ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ مضمون جي لکڻ جي طريقي، قسمن، اهميت ۽ ٻين ڪيترن رخن کي بيان ڪيو ويو آھي، مضمونن جي قسمن ۾ شخصي، بياني، تنقيدي، ادارتي، اخلاقي، اصلاحي، سائنسي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي مضمون ھوندا آھن.
سنڌي ادب ۾ مٿين سڀني موضوعن تي مضمون لکيا ويا آھن، شخصي يعني سوانح نگاريءَ تي گھڻا مضمونن جا مجموعا آھن. ورھاڱي کان اڳ ئي سوانحي مضمونن Biographical Essays جو رواج شروع ٿي ويو ھو. خاڪا نگاريءَ تي به ڪجھ ڪتاب لکيا ويا آھن. مضمونن ۽ مقالن جي ترقيءَ ۾ سھڻا ۽ موزون موضوع به اھم آھن، جيئن ته ادب ھلندڙ وقت جي ڌارا سان گڏ ھلندو آھي انهيءَ لحاظ کان سنڌي ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ جيڪڏھن مضمون جي صنف کي شروع کان آخر تائين ڏسبو ته موضوعن ۾ سٺي تبديلي نظر ايندي، شروع دؤر جي مضمونن ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ٽوٽڪا ۽ عام ننڍيون ننڍيون حڪايتون به شامل ھيون پر وقت جي وڇوٽيءَ سان ۽ پرڏيهي ادب جي اڀياس سان سنڌي مضمون نويسي به ترقيءَ ڏي مائل ٿي. مضمون جي ٽيڪنڪ ۾ سڌارا آيا آھن ته موضوعن ۾ به وڏي تبديلي آئي آھي. انهيءَ تي ڊاڪٽر نواز علي شوق ”ھٻڪار“ ۾ لکيو آهي ته، ”مضمون ٽيڪنڪ ۽ مواد جي لحاظ کان تمام وسيع ۽ ھمه گير آھي، جنهن ۾ مختلف احساسات ۽ نطريات کنڊريا پيا ھوندا آھن. ان ۾ ڪيترائي معنيٰ ۽ مقصد جا ماڻڪ لڪل ھوندا آھن. (صه، 14). جيئن ته ليکڪ جا احساس ۽ نظريا مضمون تي حاوي هجن ٿا ته گڏوگڏ زمان ۽ ماحول جي تبديلي به ليکڪن جي نظرين تي اثر ڪري ٿي اهڙيءَ ريت موضوعن ۾ به وسعت ايندي آھي. مضمون ادبي طور ھڪ خاص حيثيت رکندڙ صنف آھي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اھا اھميت ڄاڻائيندي چوي ٿو ته: ”مضمون نويسي نثري ادب ۾ ھڪ اھم صنف آھي، اھميت جي لحاظ کان مضمون (Essay) افساني (Short Story)، مقالي (Research Article) يا ڪنهن به نثري صنف کان گھٽ ناھي پر اڪثر ٻولين ۾ مضمونن جو ذخيرو گھٽ آھي. سنڌي زبان ۾ تحقيقي مقالا گھڻا لکيا ويا آھن ۽ مضمون گھٽ، تڏھن به جيڪي صاحبِ طرز مضمون نگار آھن، سي نشانبر آھن“. سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ بيشڪ ڪجھ تبديلي آئي آھي ۽ ورھاڱي کان پوءِ مقالو وڌيڪ لکجڻ ۾ آيو آھي، پر ھروڀرو ايئن به ڪونهي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪڏھن لکيل مضمونن کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي ته ھوند گھڻائي ڪتاب تيار ٿي وڃن، پر ھن وقت مضمونن جي ڇپيل مجموعن جو ڳاڻيٽو مقالي جي صنف جي نسبتا البت گھٽ آھي. اسانوٽ مضمونن ۾ ٻوليءَ تي به ھميشه کان توجه رھي آھي. شروع دؤر جي ھندو ۽ مسلمان اديبن به سنڌيءَ ۾ عربي فارسي، ھندي ۽ سنسڪرت جا غير ضروري لفظ استعمال نه ڪيا آھن فقط اھي لفظ استعمال ٿيل آھن، جيڪي انهيءَ وقت هلندڙ ھئا. (سواءِ چند ليکڪن جي) ھلندڙ دؤر ۾ مضمونن ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جو استعمال ڪجھ حد تائين آھي پر جيڪڏھن انهن جا متبادل سنڌي لفظ گڏوگڏ ڏنا وڃن ته اھو ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به ضروري آھي ۽ گڏوگڏ ھر طبقي جي پڙهندڙ لاءِ پڻ مفيد آھي. اوائلي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل اھو نثر نويس ھو، جنهن فارسي لفظن کان سنڌي نثر کي ازاد ڪرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ سليس سنڌي نثر سان مضمونن جي صنف کي ڪامياب ڪيو، سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جي مسئلن جي عڪاسي ھئي ”آفتاب“ سکر ”الحق“ سکر ۽ ”معاون“ ڪراچي سندس مشھور اخبارون ھيون. بلبل جا فلسفياڻا مضمون سنڌ ۾ گھڻا مقبول ٿيا. دين محمد وفائيءَ جي اخبار ”الوحيد“ محمد ھاشم مخلص جي ”مسلمان“ حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو رسالو (الجامع) ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي ”عبرت“ ڪيترائي مضمون سنڌي نثر جي جھوليءَ ۾ وڌا. ھي مضمون، مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت رکن ٿا. جن جا موضوع گھڻي قدر سياسي، مذھبي، قومي ۽ اخلاقي آھن. محمد عثمان ڏيپلائي 500 کان وڌيڪ مضمون لکيا جن ۾ خاص طور انهيءَ وقت جي ڇپيل ڪتابن جي تنقيدي ۽ تعريفي جائزي تي مشتمل مضمون پڻ آھن. جيئن ”جھان آرا“، ”آفتاب ادب“، ”بلو کوکر“، ”گل ڦل“، ”راسيلاس“، ”سنڌ جو سفر“، ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“، ”سون ورنيون دليون“، ”شرم ٻوٽي“، ”ھدايت الانشاء“، ”خورشيد“، ”عشق نه آھي راند“ آھن. ھتي مختصرا ڪجھ مشھور مضمونن، مقالن ۽ انهن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿي. شروع دؤر جي مضمونن ۾ ”پڪو پھ“، ”سانوڻي“، ”سنڌ ۽ ھند جا ھنر“، ”ٿر جو سئر“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”سامي ۽ دلپت“، ”ڪامل رھنما“، ”سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار“، ”سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيوٽا“، ”سفر يا سير ڪرڻ“، ”مياڻي جي جنگ“، ”سنڌي نثر جي اوسر“، ”سنڌي ساھت جي اڄوڪي حالت“، ”حڪومت جي ڪماليت ۽ زواليت“، ”گنجي ٽڪر جو سير“، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ”علم ادب ۽ زبان“، ”شاعر جي ضرورت“ ۽ ٻيا انيڪ مضمون ۽ لکيا ويا. اوائلي مضمونن جي ڪتابن ۾ مشھور مضمونن کي ترتيب ڪري ھڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپائڻ جو رواج عام ٿيو، پوءِ ڪجھ مضمونن جا مجموعا ھڪ ئي ليکڪ جا لکيل به شايع ٿيا. مضمونن جا ڪي ڪتاب هن ريت آهن.
مقالات الحڪمت (ترجمو ٿيل مضمونن جو مجموعو) 1877ع ۾ شايع ٿيو. پھريون سنڌي طبعزاد مضمونن جو مجموعو (جنهن ۾ جوت، سرسوتي، اخبار تعليم ۽ پرڀات جا مضمون شامل ھئا). ”چونڊ سنڌي نظم و نثر“ جي عنوان سان 1907ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ گلدستو 1922ع، گلزار نثر 1929ع. (ھي مجموعوڪاڪي ڀيرومل ترتيب ڏنو ھو. جنھن ۾ چاليھ مضمون، مقالا مذھبي، اخلاقي، تعليمي ۽ سوانحي آھن ۽ آخر ۾ مضمون نويسيءَ جي باري ۾ ھدايتون پڻ ڏنل آھن). ”جوھر نثر“ 1931ع منگھارام واسواڻي، ادبي تحفه 1932ع (ترتيب) محمد صديق ميمڻ، سنڌي نظم ۽ نثر 1940ع (ترتيب): علامه دائود پوٽو. ”ويچار“ 1944ع لال سنگھ آجواڻي، ادبي گلشن (ٽي ڀاڱا) 1945ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، ”انتخاب نثر“، ”چونڊ نظم ۽ نثر“، غلام محمد شاھواڻي ”چونڊ سنڌي نثر نظم“ آغا تاج محمد خان، ”گلزار نثر نظم“ (ٻه ڀاڱا)، محمد صديق مسافر ”ثمر حيات“ 1948ع، پروفيسر عطا محمد حامي ”گل ڦل“ ٻه ڀاڱا 1935ع ۽ 1936ع پرمانند ميوارام، ”ڳوٺاڻي چھر“ 1929ع ”انار دانه“ 1940ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، ”پنگتي انقلاب“ 1939ع ديوان واڌو مل گنگارام، ”چڻنگون“ 1940ع، تيرٿ وسنت، ”ورق“ 1940ع گوبند ڀاٽيه، ”ادبي آئينو“ (انعام يافته مجموعو) 1941ع ڪشنچند عزيز، ”سير ڪوھستان“ 1942ع الھبچايو يار محمد سمون، ”ڪلاڪار جي دنيا“ 1947ع، پروفيسر خوشي رام، ”ڪچ ڪوڏيون“ 1950ع عطا حسين شاھ موسوي، ”سنڌي سٻاجھڙا“ 1956ع اسماعيل عرساڻي، ڪک ھيٺيان لک“ 1962ع ڪريم ڏنو راڄپر ۽ ٻيا به ڪافي ڪتاب ڇپيا آھن. (جن مان ڪجھ جو جائزو ھن ڪتاب ۾ شامل آھي)