لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

مهاڳ

سنڌ جو ٿر وارو خطو تهذيب ۽ تمدن، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان هميشه شاد ۽ آباد خطو رهيو آهي. اهو خطو تاريخي خطو آهي. هن خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جا وڏا وڏا قداور عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر، فنڪار، ڪلاڪار، تاريخ نويس، سياستدان، لوڪ ادب ۽ لوڪ ادب جي صنفن جا خالق ۽ ڄاڻو وڏا وڏا سگھڙ ۽ سياڻا پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ آئيندا پڻ ٿيندا رهندا.

ٿر واري علائقي ۾ ڏيپلو هڪ اها سرزمين آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب کي هڪ قداور عالم، اديب ۽ صحافيءَ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جھڙي شخصيت سان نوازيو، جنهن اسان جي ڏسندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيڍ سؤ کان به وڌيڪ ناول، ڊراما ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب لکيا.

هن ڪتاب جي مصنفه، اسان جي نياڻي، پروفيسر پروين موسى ميمڻ به انهيءَ خطي ۽ انهيءَ شهر جي آهي، پر هوءَ پنهنجي نالي پٺيان ڏيپلائي نٿي لکي، محترمه پروين موسى ميمڻ به تحقيق، تخليق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي، جنهن جو ثبوت سندس هيءُ ٻيو ڪتاب آهي.

پروفيسر پروين محمد موسى ميمڻ، هڪ خاموش ۽ گوشه نشين محقق وانگر سالن جا سال، بلڪل نا آشنا طريقي سان ادبي اسڪرين تي تڏهن نظر آئي، جڏهن سندس پهريون ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو“ مارڪيٽ ۾ آيو. مون کي جڏهن پاڻ اهو ڪتاب مهرباني ڪري موڪلي ڏنائين تڏهن مونکي ڏاڍو تعجب ٿيو. ڇاڪاڻ ته مون اڳ ۾ انهيءَ نالي واري ڪنهن به استاد ۽ نقاد جو نالو نه پڙهيو هو.

هي ڪتاب ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ محترمه پروين محمد موسى ميمڻ جو لکيل ٻيو ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍندي مون کي ياد آيو ته مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي پهرئين ڇاپي جي پيش لفظ ۾ لکيو هو ته؛

”مون کي خوشي ٿيندي جڏهن ڪو صاحب، سنڌي نثر جي صنفن جو مڪمل مطالعو، ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪندو“.

مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي جو پروفيسر پروين، منهنجي انهيءَ خواب ۽ منهنجي انهيءَ خواهش کي، پنهنجي هن ڪتاب جي صورت ۾ لکي سچو ثابت ڪيو آهي. مون کي انهيءَ ڪري به خوشي ٿي آهي جو محترمه پروين خود، پنهنجي ڪتاب جي مُهاڳ ۾ اها دعوا ڪئي آهي ته؛ ”مون ڊاڪٽر الانا صاحب جن جي انهيءَ خواهش جي پورائي ڪرڻ جي ڪجھ حد تائين ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندن راءِ ۽ رهنمائيءَ جي منتظر آهيان“.

محترمه جي هيءَ راءِ گويا منهنجي ڪاوش ۽ منهنجن خيالن جو تسلسل آهي. ادبي تاريخون ۽ ادبي تخليقون ۽ تنقيدون بلڪل اهڙي طريقي سان پنهنجو تسلسل جاري رکنديون آهن.

پروفيسر پروين جو هڪ سال اندر هيءُ ٻيو ڪتاب آهي، جنهن لاءِ گذريل سال هن مون کي ٽيليفون تي ٻڌايو هو پر مون کي يقين نه پئي آيو. پروفيسر صاحبه جو پهريون ڪتاب سنڌي ادب جي اُستادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن کان سواءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي طرفان ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن لاءِ هڪ بهترين ڪتاب طور پسند ڪيو ويو. سندس هيءُ ڪتاب به انهن سڀني حلقن ۾ گھڻو پسند ڪيو ويندو. منهنجي راءِ ۾ هي ڪتاب وڌيڪ سوچ، وڌيڪ محنت ۽ وڌيڪ مطالعي کان پوءِ لکيو ويو آهي، جنهن لاءِ آءٌ پروفيسر پروين موسى کي دل جي گهراين سان تمام گھڻيون، گھڻيون ۽ گھڻيون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. مون کي محترمه جي ذاتي زندگيءَ جي خبر ڪانهي البت ايترو معلوم ڪيو اٿم ته هوءَ گھر گرهستيءَ واري، اولادي ۽ گھريلو خاتون آهي، جيڪا پنهنجي وَرَ، گھَرَ ۽ ٻارن سان گڏ گھر جي سار سنڀال، رڌي پڪي کان سواءِ پنهنجي ڪاليج ۾ باقاعدگيءَ سان ويندڙ آهي، ڪاليج ۾ پڙهائيءَ کان سواءِ هوءَ تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعي۾ به مصروف رهندي آهي. انهيءَ ڪري دل چاهي ٿي ته کيس تمام گھڻيون مبارڪون ڏجن، پر وڌيڪ مبارڪن جو حق سندس وَرَ کي آهي جيڪو ساڻس هر وقت ساٿ ڏيندو رهيو آهي.

هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي مون کي ٻن ڳالهين وڌيڪ خوش ڪيو آهي. پهرين ڳالھ هيءَ ته سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هاڻ،سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي استادن جو تعداد وڌيو ته آهي، اُنهن استادن مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا، پڙهائڻ واري ذمي سان گڏ لکڻ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ به رڌل رهندا آهن. اهڙن محقق استادن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اُستادن جو تعداد نوي في سيڪڙو ٿيندو، البت ڪاليجن جي استادن ۾ به ڪي اُستاد لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ ڪافي مشغول ڏسبا آهن. اهڙن ڪاليجي اُستادن ۾ پروفيسر پروين موسى ميمڻ جو نالو فخر سان پيش ڪري سگھجي ٿو.

ڪو وقت هو جڏهن سنڌ جي ڪاليجن ۾ مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حامي، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، آپا شمس عباسي، ڊاڪٽر رشيده راڄپر، پروفيسر آپا مريم نوحاڻي ۽ پروفيسر خورشيد ميمڻ جهڙا استاد موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر محبوب علي رضا، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پروفيسر محرم خان، پروفيسر حبيب الله مرزا، پروفيسر سعيد حسن ۽ ڊاڪٽر اياز قادريءَ جهڙن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي استادن جو نالو فخر سان ورتو ويندو هو، جن سنڌي ادب کي پنهنجي تحقيق ۽ تحريرن سان مالا مال ڪيو هو.

خوشيءَ جي ڳالھ هيءَ به آهي جو اڄ به جتي سنڌ، ڪراچي ۽ شاھ لطيف يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا نامور استاد محقق ۽ نقاد موجود آهن، اُتي سنڌ جي ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا نامور ااستاد ۽ نقاد پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.اهڙن نامور استادن ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر قمرجهان مرزا کان سواءِ پروفيسر سليم ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، محترمه ناهيد کان سواءِ ڊاڪٽر ادل سومري، پروفيسر اياز گل جهڙا قابل فخر استاد موجود آهن، ڪاليجن ۾ به تاج جويي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، امين الله علوي، ڊاڪٽر رضيه کوکر، سلطانه وقاصي، محترمه اشرف چاڳاڻي، ارشاد منگي، شبنم گل ۽ پروفيسر پروين جهڙا اُستاد موجود آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي علم ادب جي شمع کي روشن رکندا اچن.

سنڌ جون نياڻيون ادب جي ميدان ۾ هن وقت ڪافي اڳيان آهن. آءٌ جڏهن عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالم پڙهندو آهيان تڏهن مونکي محترمه شهربانو ۽ محترمه وينگس جا ڪالم پڙهي گھڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي، اهي ڪالم ادبي ڪالمن جي جان هوندا آهن. ٻنهي نياڻين جو ادبي مطالعو ڪافي وسيع لڳندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته اسين ته خواھ مخواھ نالي جا پروفيسر هئاسين، صحيح معنى ۾ جديد ادب جي ميدان ۾ اهي ٻئي ڪالم نويس نياڻيون ته ڪيترن ئي مون جهڙن پروفيسرن کان اعلى منزل واريون آهن.

اڄ ڪلھ سنڌ ۾ ڪٿي به ڪا ادبي محفل نٿي ٿئي سواءِ منهنجي پياري حميد سنڌيءَ وٽ، سندس گھر ۾، هر هفتي ۽ هر آچر تي، روح رهاڻ ادبي ڪچهري ٿيندي آهي، جتي به منهنجي هاڻ ڪافي عرصي کان غيرحاضري لڳندي آهي. ادبي ڪچهرين ۾ ئي مرد توڙي خواتين اديب ۽ اديبائون اچي گڏ ٿينديون آهن، پر اُن سلسلي ۾ شايد ادبي سنگت به هاڻ متحرڪ ڪانهي، يا مون کي خبر ڪانه پوندي آهي.

سنڌي ٻولي هر دؤر ۾ نوان نوان اديب ۽ شاعر پيدا ڪندي رهي آهي. پراڻا سينيئر اديب ته خير پر ويجھڙائي ۾ جتي چوٽيءَ وارا اديب، عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، اُتي سنڌ جي نياڻين پڻ پاڻ ملهايو آهي. انهن ۾ جيڪي نئيون ليکڪائون آهن انهن ته پراڻين ليکڪائن مرحومه ثميره زرين، زيڊ.اي شيخ، رشيده حجاب، خيرالنساءَ جعفري، بادام ناتوان جون سڪون لاهي ڇڏيون آهن. موجوده وقت محترمه ماهتاب محبوب، بيبي نورالهدى شاھ، تنوير جوڻيجو، ثريا سوز ڏيپلائي، فهميده حسين، ج.ع منگھاڻي، سحر امداد، نور افروز خواجه، تهمينه مفتي، قمرالجهان مرزا، نذير ناز، امر سنڌو، گلبدن جاويد مرزا، شبنم گل، رخسانه پريت، سنڌو پنهور، بختاور ڄام ساقي، زيب نظاماڻي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر رضيه کوکر، شگفته شاھ، عريبه نور، ڊاڪٽر ناهيد مغل، فرزانه ڪنول بلوچ، تانيه ٿيٻو، فهميده عزيز لاکير، نائله سمون، فهميده اشرف بلوچ، سلمى پهنور، بدرالنساءَ سيد، سعيده بشير، سنڌيا شاھ، صنوبر گل انڙ، ماهين هيسباڻي، شبانه سنڌي، ساجده جبين، عصمت فاطمه ويسر، ثمينه ميمڻ، پشپا ولڀ، امر سنڌو عطيه دائود، انيتا شاھ، عذرا سرور، پروين موسى ميمڻ جا نالا سنڌي ادب ۾ نمائنده نالا آهن، جيڪي فخر سان پيش ڪري سگھجن ٿا. مونکي يقين آهي ته جڏهن سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن تي تحقيق ڪندڙ قلم کڻندا، تڏهن انهن کي هر صنف ۾ ميدان ڀرپور نظر ايندو.

آءٌ ايترو ضرور عرض ڪندس ته سنڌي ادب ۾ عورت ڪهاڻيڪارن جي ته گھڻائي نظر ايندي، ٻئي نمبر تي سنڌي شاعرائن جا نالا ملندا، پر ناول نويسيءَ، ناٽڪ نويسيءَ، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي ادب ۾ ليکڪائن جو تعداد تمام گھٽ ملندو. سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب ۾ خواتين ليکڪائن جا ڪي هڪ ٻه نالا ملن ٿا، انهن ۾ وڏي فخر سان پروفيسر پروين جو نالو پيش ڪري سگھجي ٿو. اُن سلسلي ۾ سندس هيءُ ڪتاب ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ قابلِ فخر ڪتاب آهي.

پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمه جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم.اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامهون رکي لکيو اٿس، پر منهنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانهون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ ته شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گھرجون پوريون ڪري ٿو.

محترمه پروين جو هيءُ ڪتاب جيئن فهرست مان معلوم ٿيندو، ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ نثر جي عام وصف کان سواءِ، سنڌي نثر جو تعارف ڪرايل آهي. ان کان پوءِ نثر جي صنفن مضمون ۽ مقالي جي باري ۾ راءِ ڏني اٿس، مثلاً سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات ۽ اُن جي ارتقا ۽ اوسر سان گڏ اُن سان صحافت جو ساٿ، اهڙيءَ طرح مقالو ڇا آهي، مضمون ۽ مقالي ۾ ڪهڙو فرق آهي، مقاله نويسيءَ جي ترقيءَ کان سواءِ اُنهن ڪتابن مان ڪن ٿورن ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

پروفيسر پروين موسى جن جن ڪتابن ۾ ڇپيل مضمونن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، اهي ڪتاب هي آهن؛ ”ادب ۽ روايتون“، ”سنڌ جي تاريخ جا ورق“، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، ”لطيفي سير“، ”شاهاڻو شاھ“ ان کان پوءِ پروفيسر صاحبه جن چونڊ مضمون نگارن ۽ مقاله نويسن جو مختصر طور تعارف ڪرايو آهي، اُن ۾ سنڌي ادب جي يگاني مضمون نگار مرزا قليچ بيگ کان سواءِ جن ٻين شخصيتن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو اٿس، اُنهن ۾ عالي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ديوان پرمانند ميوارام، ليکراج ڪشنچند عزيز، علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ماهتاب محبوب، پروفيسر اياز قادري، پروفيسر تنوير جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر علي نواز شوق جا نالا شامل آهن، محترمه انهن سڀني مضمون نگارن ۽ مقاله نگارن جي ڪتابن ۾ شامل مضمونن ۽ مقالن تي تبصرو به ڪيو آهي.

هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سفر نامي واريءَ صنف متعلق آهي. هن صنف جي باري ۾ هڪ لحاظ کان هن کان اڳ اهڙو تبصرو ڪنهن به ڪونه ڪيو آهي. هن ڀاڱي ۾ به سڀ کان پهرين سفرنامي جي وصف بيان ڪئي وئي آهي. وصف کان پوءِ سنڌي ادب جي سفرنامن جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي جي باري ۾ وضاحتي نوٽ لکيل آهي. اُن کان پوءِ سفرنامي واريءَ صنف جي مختصر ارتقائي تاريخ بيان ٿيل آهي، انهيءَ مختصر تاريخ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت جي باري ۾ محترمه پنهنجي راءِ ڏني آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪن مشهور سفرنامن جو تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. اُن جائزي ۾ هر ڪتاب ۾ شامل مواد کان سواءِ ان ڪتاب جي ليکڪ جي باري ۾ پڻ پروفيسر پروين صاحبه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پروفيسر صاحبه جن جن چونڊ سفرنامن جي باري ۾ پنهنجي ناقدانه راءِ ڏني آهي، اُهي سفرناما هي آهن؛ ”سير ۽ سفر“، ”سفر يورپ جي ڊائري“، ”اندر جنين اڃ“، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“، ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“، ”نيويارڪ جو سير“، ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ديس بديس“ ۽ ”ڪنواريون ۽ ڪنول“ کان سواءِ انهن سفرنامن جي ليکڪن جا تعارف پڻ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن پڙهندڙن کي معلوم ٿي سگھي ته هر سفرنامي جو ليکڪ ڪير آهي.

ان کان سواءِ پروفيسر پروين صاحبه سنڌ جي ابنِ بطوطه ۽ سنڌي زبان ۾ هن صنف جي وڏي ۽ قداور ليکڪ محترم الطاف شيخ جي چونڊ سفرنامن، جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي اهميت بيان ڪئي آهي. الطاف شيخ جي طرز تحرير کان سواءِ سندس جن چونڊ سفرنامن باري ۾ هن پنهنجي تنقيدي راءِ ڏني آهي، اُهي سفرناما هي آهن؛ ”بندر بازاريون“، ”سمنڊ جي سيوين“، ”وايون وڻجارن جون“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”دنگي منجھ درياءُ“، ”ڪراچي کان ڪوپنهيگن“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“. آءٌ البت ايترو ضرور عرض ڪندس ته هن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جي سفرنامن جا صرف عنوان ئي ڏيئي ڇڏجن ها، تڏهن به بهتر ٿئي ها.

هن ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو ناول نويسيءَ متعلق آهي، هن ڀاڱي ۾ لائق مصنفه جن عنوانن تي بحث ڪيو آهي، اهي هي آهن؛ ناول ڇا آهي؟، ناول جا قسم، ورهاڱي کان اڳ سنڌي ناول ۽ ناول نگار، ورهاڱي کان پوءِ جو سنڌي ناول ۽ ناول نگار، سنڌي ناول سماج جو عڪس هئڻ سان گڏ، سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو. پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي پي.ايڇ.ڊي واري مقالي ۾، اُنهن موضوعن تي تمام گھڻي وضاحت سان روشني وڌل آهي، پر اهو ضرور آهي ته شاگرد طبقو ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جا ٻئي ڪتاب، ناول اُن جي ارتقا ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جي مطالعي لاءِ پڙهن ها ته کين هڪ هزار صفحن جو مطالعو ڪرڻو پوي ها، انهيءَ ڪري پروفيسر پروين جي ڪتاب جو هيءُ ڀاڱو مختصر به آهي ته جامع به.

پروفيسر پروين صاحبه ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيل جن چونڊ ناولن جو پنهنجي ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ تنقيدي جائزو ورتو آهي، اهي ناول هي آهن؛ دلارام، زينت، سون ورنيون دليون، غريبن جو ورثو، نورجهان، جهان آرا، سانگھڙ، همه اوست، روشنيءَ جي تلاش، اڻ پورو انسان ۽ پڙاڏو سو ئي سڏ. منهنجو خيال آهي ته پروفيسر پروين کي خاص جلد مزاحمتي سنڌي ادب جي باري ۾ به لکڻ گھرجي ۽ هڪ جلد سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل عالمي ادب، جي عنوان تي به لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. بهرحال هي ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ جي سلسلي ۾ هڪ بهترين ڪتاب چئي سگھجي ٿو. ”پروين موسى موجب هن ڪتاب جي ايندڙ جلدن ۾ ناٽڪ نويسي، سوانح عمري، انهيءَ کان سواءِ ادبي تاريخون ۽ تحقيقي ڪتابن جو جائزو شامل آهي“.

مونکي اميد آهي ته جڏهن سنڌي نثر جي سڀني صنفن تي پروين پنهنجي تحقيق ۽ تنقيد مڪمل ڪري، سنڌ جي اديبن، شاعرن، سنڌي ادب جي استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪندي، تڏهن ڪتابن جا شائقين ۽ خاص ڪري سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ مردن توڙي خواتين جي لائبريرين جا شيلف، پروين جي ڪتابن جي انهن مڙني جلدن سان سينگاريل هوندا، تڏهن هرڪو ماڻهو، پنهنجي گھر ۾ ڪتابن جي اهڙي انمول خزاني تي فخر به ڪندو ۽ ناز به.

هن قسم جو تحقيقي ڪم فقط اهو ماڻهو ڪري سگھندو آهي، جنهن ۾ هڪ قسم جو جنون لڪل هوندو آهي، پڙهندڙ مون سان ضرور اتفاق ڪندا ته هن قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم اهو ماڻهو ڪري سگھي ٿو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان عشق هوندو ۽ اهو عشق جنون تي منزل تائين پهتل هوندو.

ھهڙي بهترين تنقيدي ڪتاب جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ پروفيسر پروين صاحبه کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پيئي هوندي، پاڻ خود اعتراف ڪيو اٿس ته کيس ڪيترن ئي هنڌن تان ڪتابن جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو، مختلف بُڪ اسٽالن کان سواءِ ادبي ادارن ۽ انهن جي لائبريرين ۾ موجود مواد کي اٿلائڻو پيو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائڻا پيا. اهو سڀ ڪجھ هن اڪيلي سر ڪيو آهي، پر سڀ کا اهم ۽ جيڪو تحسين جوڳو ڪم، هن نياڻيءَ ڪيو آهي، اهو هيءُ آهي ته هن پنهنجي انهيءَ پروجيڪٽ لاءِ باقاعدگيءَ سان ويهي سوچيو آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا باب هجن، انهن جي ترتيب ڪيئن هجي، اُن لاءِ هن ٻئي ڪنهن صاحب يا صاحبه کان مدد به ورتي آهي يا نه، پر آءٌ فخر سان اهو چوان ٿو ته هيءُ ڪتاب بلڪه هيءُ پروجيڪٽ تحسين جي لائق آهي. آءٌ دل جي گهراين سان منهنجي نياڻي پروفيسر پروين موسى کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. سندس هيءَ ڪاوش ثابت ٿي ڪري ته هن نياڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان عشق آهي.

منهنجي دعا آهي ته سنڌ جي هيءَ نياڻي پنهنجي مقصد ۾ اڃا به وڌيڪ ڪامياب ٿئي ۽ مولى ڪريم سندس مَنَ جون مرادون پوريون ڪري. آمين


ڊاڪٽر غلام علي الانا