”همه اوست“:
ناول جو عنوان،
پس منظر ۽ ڪهاڻي: ”همه اوست“، ناول جو عنوان نئون آهي، جنهن ۾ صوفي ازم جي وضاحت بيان ڪندي ناول نگار 126 صفحي کان 128 صفحي تائين سارنگ جي سوچ جي تبديليءَ سان اهو نظريو سمجهايو آهي. هيءُ ناول تاريخ جي اوٽ مان تصوف جي نڪتن جي اُپٽار آهي، هن ۾ تقريباً مغلن جي زوال واري وقت کي ذڪر ڪيو ويو آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي سياسي ڪشمڪش دوران صوفين ۽ مبلغن تي ٿيل ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي کولي ٻڌايو ويو آهي. هن دور ۾ مذهبي نظرين جي ڇڪتاڻ هئي، مجدد الف ثاني ۽ محي الدين ابن العربيءَ جن جي ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي فلسفن جي ٽڪر جو وقت هو. ناول نگار صوفي سيد زادي (شاهه لطيف) ۽ شاهه عنايت جي دور جي تحريڪن ۽ سندن شاعريءَ جي پس منظر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته گڏوگڏ شاهه عنايت جي شهادت جو بيڪ گرائونڊ به ڏنو اٿن. هن ناول مان اهو معلوم ٿيئي ٿو ته هن دور جي صوفي تحريڪن جي تحرڪ جا بنيادي سبب ڪهڙا هئا؟ ۽ ڪيئن هن دور جون سياسي حالتون، صوفين ۽ مبلغن جي زندگيءَ تي اثرانداز ٿيون؟ ۽ اهي عالم ۽ ڄاڻو انسان ڪيترا باخبر ۽ باعمل هئا.
گوتم ٻڌ جي ڀڳشوئن، شوالن ۽ مندرن جي ٻاون، نمازين جي اجتماعن ۽ مٺين ٻانگن جي مسحورڪن آوازن جي اوٽ ۾ هنن ڪهڙيءَ ريت نه ڀائيچاري جا پيغام ڏنا؟ ڪينئن نه دونهيون دکايون ۽ ”همه اوست“ جا درس ڏنا؟ سندن فلسفياڻن نڪتن ۽ تصوف جي لاڙن ۾ سوريءَ سيڄ چڙهڻ ۽ شهادت جو مشاهدو ماڻڻ جو سبق سمايل هو. هُو ظاهري عبادتن ۽ رياضتن کان وڌيڪ اعليٰ اخلاقي قدرن جا امين هئا. ۽ اهوئي آغا سليم جي ”همه اوست“ ۾ بيان ڪيل آهي. ناول جي ڪهاڻي مختصر هن ريت آهي؛ ”همه اوست“ جي ڪهاڻي شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جن جي خاص ڪردارن کان سواءِ هيٺين ڪردارن جي چوگرد گهمي ٿي. سارنگ، ماڻڪ، پادري الفنسوباريوسا، سنڌو، گوپي ۽ گيتا. سارنگ سمي سردار سجاول خان جو ڀائيٽو آهي. سجاول خان کي هڪ پٽ علي ۽ ڌيءَ دورل آهن. سندس زال ماهرو مغل سالار جي ڌيءَ هوندي آهي، جيڪا مغلن کان سجاول خان سمن تي ڪيل حملي جي بدلي ۾ ويڙهه ڪري کڻي آيو آهي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ کان پوءِ سجاول خان مغلن سان ٺاهه ڪري جاگيرداري ۽ سرداري سنڀالڻ لڳندو آهي، پنهنجي اولاد هئڻ جي باوجود ڀائيٽي سارنگ کي سجاول خان ۽ بيگم ماهرو تمام قرب سان نپائي وڏو ڪندا آهن. سارنگ جو پيءُ ولهار سوڍو سوڍن جو سردار هو. جيڪو مغلن جي راتاهي ۾ قتل ٿي ويو. ان وقت سنڌو جو ڀاءُ سانوڻ سارنگ کي سمي سجاول وٽ پهچائيندو آهي. علي ٺٽي جي نوابن وٽ وڏي عهدي تي ڪم ڪندڙ آهي، سارنگ به ٺٽي جي نواب وٽ منصب دار ٿيئي ٿو، سارنگ اقتدار پرست ۽ بهادر جوان کي اعليٰ منصب جي چاهه ٺٽي ڏي ته وٺي وڃي ٿي پر هو پنهنجي محبت وڃائي ويهي ٿو. سندس ترقين ۽ سرڪاري ڪمن کيس ٺٽي ۾ ئي قابو ڪري ڇڏيو. هن حاڪمن جي درٻارن ۾ عالماڻه بحث ڪيا. پنهنجي بهادريءَ ۽ شهزوريءَ جا جوهر ڏيکاريا شطر نجن، شاعرين ۽ شرابن جي محفلن ۾ خودنمائيءَ جا ڪارناما سرانجام ڏنا. بيشڪ سنڌوءُ کي هن دل جي سچاين سان پيار ڪيو هو پر سندس سڀاءُ تي مٿيون سڀ ڳالهيون حاوي ٿي ويون. سنڌوءُ جي پيءُ، سارنگ جو انتظار ڪري ڪري آخرڪار سنڌوءَ جي شادي ڪري ڇڏي پر پوءِ سنڌو جي جدائيءَ سارنگ جو سک ڦٽائي ڇڏيو. هن کي ڪٿي به قرار نه ملي سگهيو.
وديالي مان تعليم حاصل ڪري اوچتو علم مان اتساهه گهٽجڻ تي پريشان ٿيندڙ ماڻڪ منطقي طبيعت جو مالڪ آهي، ماڻڪ جي گهڻي علم سبب سندس ماءُ پريشان رهندي آهي ته هو ڌرم مان نڪري ويو آهي. هنگلاج مان آيل جوڳين جي رهاڻ ۾ نوراني اکين واري سيد زادي سندس دنيا ئي ڦيرائي ڇڏي ۽ سندس من ڏانهس شدت سان مائل ٿيئي ٿو. جوڳين جو آواز ماڻڪ جي هانوَ ۾ چڀڻ لڳي ٿو ۽ هو هن صوفي بزرگ جو چيلو ٿي رهڻ جو پڪو عزم ڪري ٿو. وديالو ڇڏي سامان جي هڙ ٻڌي جڏهن صوفيءَ ڏي اچي ٿو ته کيس خبر پوي ٿي ته جوڳين جو سٿ اسر مهل روانو ٿي ويو آهي. نيٺ ماڻڪ ٺٽي جو رخ ڪندو آهي. ٺٽو سندس جنم ڀومي ۽ سندس هستيءَ جو حصو آهي. هو پنهنجي سيٺ پيءُ ۽ ماءُ جي مامتا ۾ سڪون ڳولهڻ ٿو چاهي پر سندس دل اداس ۽ اندر ويران آهي، مندر ۾ کيس ودوا گوپي ملندي آهي، جيڪا سندس ننڍپڻ جي ساٿي هئي پر شادي ٿي وڃڻ کان پوءِ جدا ٿي ويئي هئي. سا هاڻي ودوا آهي ۽ مندر ۾ عبادت ڪندي رهندي آهي. گوپي آشرم ۾ کيس گيتا پڙهڻ ۽ ڪرشن ڀڳوان جي سبق سمجهڻ جو زور ڀري ٿي پر سندس نظر ۾ لفظ هاڻي بي معنيٰ هئا. گوپي جڏهن گيتا کي رکي ويڻا وڄائي شاهه جون وايون کيس ٻڌائي ٿي ته سندس ويا ڪل من ويتر وڌيڪ وياڪل ٿي وڃي ٿو. هو وري جوڳين جي سٿ ڏانهن وڃڻ لاءِ پريشان ٿيئي ٿو. پادري الفنسو باريوسا، غريب پورچو گيز جا ماءُ پيءُ، ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ وگهي مري کيس ننڍپڻ ۾ ئي يتيميءَ جي حوالي ڪري ويندا آهن. کيس جهاز جو پادري سنڀاليندو آهي. جنهن کي هو پاپا چوندو آهي. هو مذهبي ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيئي ٿو. ڪٽر مذهبي ماحول کيس بغاوت ڏانهن اُڪسائي ٿو پر وري به پنهنجي عقيدي تي واپس اچي، پادري ٿيڻ جو ارادو ڪري ٿو ۽ طب سان گڏ جدا جد مذهبن جي تعليم حاصل ڪري لاهوري بندر ۽ پوءِ ٺٽي ڏانهن تبليغ لاءِ وڃي ٿو جتي گيتا نالي وئيشا، سندس تبليغ کان متاثر ٿي سندس ڌيءَ ٿي نيڪ زندگي گذارڻ لڳندي آهي. سارنگ به سنڌؤ وٽان مايوس ٿي وٽن پناهه اچي وٺندو آهي، پادريءَ جون ڳالهيون سندس تن من کي واسي ڇڏينديون آهن، هو زندگيءَ جي فلسفي تي سوچڻ تي مجبور ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت جهوڪ ۾ شاهه عنايت وٽ پهچي عشق جا درس حاصل ڪري ٿو، کيس ”همه اوست“ جو فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. جهوڪ ۾ ساڻس ماڻڪ به ملندو آهي. کيس به سڪون جي تلاش هوندي آهي.
”ناول جي آخر ۾ شاهه عنايت جي شهادت جو بيان آهي، سندن درس و تدريس تي جهوڪ ۾ سڄي سنڌ مان قافلن جا قافلا اچي جمع ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت لڳندو آهي ته سڄيءَ سنڌ جو عوام شاهه عنايت سان گڏ آهي. سارنگ ۽ ماڻڪ به درويشن ۽ فقيرن سان گڏجي مغل فوج خلاف وڙهن ٿا ماڻڪ جنگ ۾ موڪلائي وڃي ٿو ۽ سارنگ، شاهه عنايت جي پيغام کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ۽ سندس دکايل دونهيءَ کي وسائڻ کان بچائڻ لاءِ، صدين جي سفر کي پار ڪرڻ جي همت ڪري جهوڪ مان نڪري ويندو آهي. ليکڪ مطابق ڪامل شاهه عنايت صوفيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ نيڪ و صالح قوتن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ نيڪيءَ کي وڏي واڪي ٻڌائڻو آهي ته هيڏي وڏي سماج ۾ مان موجود آهيان“.
ناول جي ٻولي، علمي ۽ ادبي اهميت:
آغا سليم سنڌي ادب جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار شمار ٿئي ٿو. سندس لکيل ڪهاڻيون يا ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي سونهن جا خزانا آهن. سندس ناولن تي راءِ ڏيندي حميد سنڌي چوي ٿو ته، “آغا سليم جا ناول سچائي ۽ سونهن جا شاهڪار آهن، منجهن لفظن جي خوبصورت جڙاءُ آهي. هو تاريخ جي اوٽ ۾ ماضيءَ کي حال ۾ ايئن بيان ٿو ڪري، جو ڄڻ ماضي اکين اڳيان ٿي ٿو اچي”. (1) ليکڪ شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي دور کي هڪ پياري اسلوب سان بيان ڪيو آهي. ناول جا ڪجهه حصا ته ٻوليءَ جي حسن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا شمار ڪري سگهجن ٿا. ڪيترن هنڌن تي موقعي مطابق وڻندڙ بيتن ۽ دوهن جو استعمال آهي. بابا فريد جي شاعري، چارڻن جا ڏوهيڙا ۽ صوفي سيد زادي شاهه لطيف جا موقائتا بيت پيش ڪيل آهن. جيئن مثال طور:
رهيا اُتيئي رات، صبح ويندءِ صابري،
لونءُ لونءُ منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري مسَ مِڙي.
جيس جيس مان ته جيڏيون، لالڻ آيو پيهي،
لالڻ آيو پيهي، ويڙا سور سڀيئي.
ناول جي موضوع ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ هيٺ ڪجهه حوالا ڏجن ٿا.
”همه اوست، سبحاني، ما اعظم شاني“، سارنگ سوچيو تصوف ڇا آهي؟ اڄ تائين هن جيڪو به علم پرايو هو سو پنهنجي هٺ ۽ انا لاءِ پرايو هو. همه اوست ڇا آهي؟ سبحاني ما اعظم شاني ڇا آهي؟ مان ڪير آهيان. منهنجو هن ڌرتيءَ جي ڌڪاريلن سان ڪهڙو رشتو آهي. اهو سارنگ ڪير هو؟ جنهن پنهنجي ويڙهيچن تي راتاها هڻي، طاقت سان سندن باغي ڪنڌن کي مغلن جي اڳيان جهڪايو هو“.
”غارِ حرا مان گونجندڙ آواز هن جي ڪن تي پيو، جنهن انسانن جي وچ جا سڀ ويڇا ميٽي ۽ ريٽي ڇڏيا، جنهن ڌرتيءَ تي ڪريل انسانن کي کڻي سيني سان لاٿو ۽ چيو ته حسب نسب، رنگ نسل، مال دولت ۾ ڪو ڪنهن کان مٿانهون نه آهي، سڀ انسان ڀائر آهن“. حضرت جنيد بغدادي چيو ته سبحاني، مااعظم شاني ته اهو ڪو سندس ذاتي انا جو آواز نه هو پر مظلوم انسانن جي اجتماعي انا جي عظمت جو اعلان هو.
”همه اوست جو آواز غارِ حرا مان اٿيل آواز جو پڙاڏو آهي، جنهن انسانن جي وچ جا سڀئي ويڇا ريٽي ۽ ميٽي ڇڏيا آهن. هن جي اندر ۾ الله جي عظمت گونجڻ لڳي. اهڙي عظمت جيڪا نسورو نينهن هئي. جنهن نينهن سان هن جو وجود ٽمٽار ٿي ويو ۽ هن ساري سنڌ ۽ سنڌ جي بکين ڏکين کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪيو“. (2)
”سائين! هڪڙو مسلمان صوفي ويراڳي آهي، ڏاڍيون عجب ڪوتائون ٿو چئي جوڳين جي سنگ ۾ گهمندو ٿو وتي. جوڳين جا ٽولا هن جا بيت ۽ وايون جهونگاريندا ٿا وتن“. (3) ”عورت مڙد جي رتبي تي نه پر محبت تي فخر ڪندي آهي. تون شهرت ۽ طاقت جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. اهڙا خواب ڏسڻ وارا ڏاڍا ڏک ڏسندا آهن ۽ ڏاڍا ڏک ڏيندا آهن. پنهنجي خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ هر رشتي ۽ ناتي کي لتاڙي ۽ اورانگهي اڳتي وڌندا آهن“. اڳيان لکي ٿو ته، ”انسان ۾ پنهنجي پاڻ پوڄائڻ جي ڪيڏي نه خواهش آهي. ڪيئن نه ڀڳوان بڻجي پنهنجي پوڄا ٿو ڪرائي. ڀڳوان بڻجي نٿو سگهي نه ڀڳوان جو اوتار ٿو ٿيئي. رشي ٿو ٿيئي، ڪجهه نه ڪجهه ٿي پاڻ ٿو پوڄائي. لفظن جون ڪوڙڪيون ۽ اکرن جو ڄار اڻي ماڻهن جي ذهنن کي قيد ٿو ڪري. گوتم پنهنجن ڀڪشن کي چيو ته، ”ڪڏهن به ڪنهن سان بحث نه ڪجو ڇاڪاڻ جو سچائيءَ کي رد ڪرڻ لاءِ به ايڏائي وزني دليل موجود آهن. جيترا سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ“ صفحي 48 تي لکي ٿو ته، ”سرمد کي چيائون ته ڪلمو پڙهه هو لااله چئي ماٺ ٿي ويو. قاضين چيس ته اهو ته انڪاري فقرو آهي. اڳتي اقراري فقرو ڇو نٿو پڙهين، سرمد جواب ڏنو مان اڃان انڪار جي منزل تي ئي چڱي طرح نه پڳو آهيان ۽ اوهين اقرار جي منزل جون ڳالهيون ٿا ڪريو ۽ قاضين هن کي اقرار جي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي شهيد ڪري ڇڏيو. تون به اڃا انڪار جي منزل تي آهين مان بحث ۽ دليلن سان توکي ان منزل تي شهيد ڪرڻ نٿو چاهيان. پاڻ اقرار جي منزل تي ملنداسين، شب بخير“ گوپيءَ جي واتان چورائي ٿو ته، ”مون کي ايئن لڳو ته ڪرشن ڀڳوان، گيتا مان نڪري مون کي سيني سان لاٿو، ميرا ٻائيءَ کي جي ڪنهن ماڻڪ جو موهه ملي ها ته هوءَ ڪڏهن به پنهنجو موهه ڀڳوان کي نه ارپي ها“.
”مون سوچيو پرارٿنا، پوڄا ۽ ڀڳتيءَ سان ڀڳوان جو موهه به ملي ٿو وڃي. تون ته ماڻهو آهين، تنهنجو موهه ڇو نه ملندو. پر اڄ خبر پيم ته پرارٿنا پوڄا ۽ ڀڳتيءَ سان ڀڳوان جو موهه ته ملي سگهي ٿو پر ماڻهوءَ جو موهه ملي نٿو سگهي. ماڻهو ءَ جو موهه يا مفت ملندو آهي يا مور نه ملندو آهي“. ”خداوند ۽ خداوند يسوع مسيح جو مندر ماڻهوءَ جو من آهي، دل ديول آهي تن ڪاشي، دل جي ديولن ۽ تن جي ڪاشيءَ ۾ تنهنجو ڪرشن ڀڳوان ۽ منهنجو يسوع مسيح رهندا آهن“. (4)
ماڻڪ چوي ٿو: ”سارنگ هاڻي خبر پيئي اٿم ته ڀڳوان ڇا آهي. مڪتي ڇا آهي، شانتي ۽ نرواڻ ڇا آهي، گوتم جي آتما کي به شايد مرڻ مهل اهڙي شانتي نه ملي هوندي، جهڙي مون کي ملي آهي. مان ناسٽڪ هيس ۽ مون ماڻهن جي ڏکن ۽ ماڻهن جي موهه ۾ ڀڳوان کي سڃاتو“.
”صوفيءَ سائينءَ پهرين ته انساني رت وهائڻ کان جهليو. پر جڏهن مغلن فصلن کي باهيون ڏنيون ۽ بي هٿيار هارين ناري، ڪمين ڪاسبين ۽ فقيرن ۽ درويشن جو قتلام ڪيو تڏهن صوفي سائينءَ بچاءُ جي جنگ وڙهڻ جي موڪل ڏني، ظلم برداشت ڪرڻ ۽ ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ به ته ظلم آهي“. ”جڏهن درويشن اسم اعظم جا نعرا هڻي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو. سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ فوج به جهوڪ جو ڪوٽ فتح ڪري نه سگهي ته اعظم خان شاهه عنايت ڏي قرآن موڪليو ۽ کيس قرآن جو واسطو ڏيئي پاڻ ڏي سڏايو، درويشن کيس جهليو ته پاڻ مرڪي چيائون“. ”اوهين سمجهو ٿا ته جيڪي اوهان سمجهيو آهي، سو مان نٿو سمجهان مان سڀ سمجهان ٿو. اسان کي اعظم خان نه سڏايو آهي. اسان کي پنهنجي پرينءَ پنهنجو ڪلام موڪليو آهي. مون جيڪا دونهين دکائي آهي. تنهن کي وسائڻ نه ڏجو. ڪڏهن ته اهي دونهيون مچي مچ ٿينديون“.
”سج ٻڏتر ۾ هو جو جلاد جي ترار وڄ وانگر وراڪو ڏنو ۽ شاهه عنايت جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي، سارنگ جي زال دانهن ڪري پنهنجي ٻارڙي کي سيني سان لاتو. ڀٽ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇرڪ ڀري، مراقبي مان منهن مٿي ڪري آسمان ڏانهن نهاريو درويش دنبوري تي ضرب هنئي ۽ دانهن ڪئي “ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا”.(5) هن ناول جو موضوع منفرد، ٻولي خوبصورت ۽ جڙاءُ دار آهي. شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي واقعي کي اثرانگيز نموني سان پيش ڪيو ويو آهي. ناول نگار تاريخي لحاظ کان مغلن جي دور جي سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي.
حوالا:
(1) حميد سنڌي، ”دردونديءَ جو ديس“، نيو فيلڊس پبليڪيشن 2002ع، ص-15.
(2) آغا سليم، ”همه اوست“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 2001ع، ص-126 ۽ 128)
(3) ساڳيو حوالو ، ص-29.
(4) ساڳيو حوالو ، ص-48 ۽ 95.
(5) ساڳيو حوالو، ص-84، 141، 143 ۽ 144.