جهان آرا
ناول جو جائزو:
هن ناول جي ڪهاڻي زاهد نالي شخص جي ٻن پٽن جي چؤگرد گهمي ٿي، جيڪي عابد ۽ حامد جي نالي سان آهن. پهرين حامد اعليٰ علم جي تحصيل ۽ وڏي ماڻهو ٿيڻ جي شوق ۾، گهران نڪري وڃي ٿو ۽ ڪيترن سالن تائين گهر نٿو اچي. اڳيان هلي هڪ بادشاھ وٽ آهستي آهستي ترقي ڪري، وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪري ٿو ۽ انهي شهر رونق آباد ۾ سندس ڀاءُ عابد اچي پهچي ٿو. انهي ڏينهن بادشاھ جي محلات ۾ سندس پٽ جهان خان جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ شادمانا هجن ٿا ۽ عابد به اتفاقاً ڀاءُ سان ملاقات ڪري ٿو. جيڪو کيس پهرين گهر پوءِ اهتمام سان پاڻ سان گڏ دربار وٺي اچي ٿو. بادشاھ جي محل سان گڏ باغ جي نگران لطيف مالهيءَ کي ”جهان آرا“ نالي ڌيءَ پيدا ٿيندي آهي، انهي موقعي تي غريب مالهيءَ جي حامد وزيراعظم گهڻي مدد ڪندو آهي ۽ هن حسين ڇوڪري ءَ جو نالو ”جهان آرا“ به خود تجويز ڪندو آهي. سڄي ناول ۾ حامد ۽ عابد مختلف درويشن جي اثر هيٺ آهن ۽ گڏو گڏ رونق آباد جي بادشاھ جا به ٻه ڀائر درويش هجن ٿا، جن جي ڳولها ڪئي وڃي ٿي، پر اهي نٿا ملن، هيءَ ٻئي ڀائر بادشاھ جي لحاظ ۽ درويشن جي ڳولها سبب سالن جا سال پوڙهي پيءُ زاهد وٽ ملڻ نٿا وڃن. جيڪو سندن ياد ۾ روئي حضرت يعقوب وانگر اکيون وڃائي ويهي ٿو، پر آخر ۾ بادشاھ ۽ فقير جي مدد سان سڀ ملن ٿا. جهان آرا جي پيدائش جو ذڪر ٽئين باب ۾ ۽ سندس ننڍپڻ جو، اٺين باب ۾ مختصراْ آهي، باقي ناول جي هيروئين ۽ هيرو کي صرف آخري ٽن بابن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ کين مڪتب ۾ گڏ پڙهندڙ ڄاڻايو ويو آهي.. جهان خان جي تربيت جي ذمه داري بادشاھ وزيراعظم حامد کي سپرد ڪندو آهي، جهان آرا کي سندس پيءُ ڪجھ وڏي ٿيڻ کانپوءِ مڪتب مان گهر ويهاري ڇڏيندو آهي. جهان آرا کي جهان خان سان ملڻ کان منع ڪندو آهي، پر جڏهن هوءَ وڏي ٿيندي آهي تڏهن سندس دل ۾ شهزادي جي لاءَ محبت جاڳندي آهي، پر اها هڪ طرفي محبت سندس جان نينيئيندي آهي، آخرڪار جهان آرا عشق جي ڳاراڻي سبب ڳري ختم ٿيڻ لڳي ٿي، نيٺ جهان خان جي شادي واري ڏينهن سندس وفات ٿيئي ٿي ۽ مرڻ مهل وات مان ”جهان خان“ جو لفظ نڪرندو اٿس، شهزادو ”جهان خان“ به حقيقت معلوم ٿيڻ کان پوءِ پريشان ٿيئي ٿو، پر آخرڪار بادشاھي محلات جي رنگينين ۾ نئين ڪنوار سان گڏ گهڙيون گهارڻ کي ترجيح ڏيئي کيس وساري ڇڏيندو آهي. ليکڪ جي نظر ۾ عورت پاڪيزه پيار، وفا ۽ قربانيءَ جي ديوي آهي، جيڪا عشق ۾ فنا ٿي باهر ٻآڦ به نٿي ڪڍي، ناول جي پڄاڻي شاھ سائينءَ جي هن بيت تي ٿئي ٿي.
اڄ نــــه اوطــــاقــن ۾، طـــالـــب تـــنـــواريـــن
آديـسـي اٿـي ويـا، مـڙهـيـون مـــون مــارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
جهان آرا ۾ سچن فقيرن جي تبليغ ڪئي ويئي آهي، ليکڪ مطابق ”سچن فقيرن جي صحبت ٽامي کي سون بنايو ڇڏي، شرط اهو آهي ته هو ڌڻيءَ جي واٽ ۾ ڪٺل هجن، نه اهي جيڪي ڏنڊي ڪونڊي، چرس ۽ آفيم، ڪباب ۽ شراب تي جان فدا ڪريو ويٺا هجن“. (ص، 92). ناول ۾ پروف جون غلطيون نه آهن، هن مختصر ناول ۾ ڪيترائي بهترين پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ شعر ڪتب آندل آهن. جيئن ”منڊيءَ تي ٽڪ“، ”گهر جو پير چلھ جو مارنگ“، ”خون ۽ کٿوري نه لڪن“، ”رانجهن واريون رمزون لاهڻ“ ۽ ٻيا ناول ۾ آيل شعرن ۽ غزلن مان ڪجھ جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
جانِ من ايـنـدا پـريـن آخــر، پـيـارا غـم نـه ڪـر،
هيءُ الم پورو سگهو ٿيندو، پيارا غم نه ڪر (ص، 30)
لاله جي دل تي، داغ جي آهي ته هڪڙو آهي
آهن هزار داغ، هن دلِ داغدار تي. (ص، 28)
مجموعي طور هن الميه پڄاڻيءَ جي ناول ۾ ٻوليءَ جو حسن آهي، وڻندڙ منظرن سان گڏ جذبات جو جوڀن ۽ خيالن جي رواني آهي. هڪ طرف فقيرن جو فيض آهي ته ٻئي طرف بادشاھ جون عنايتون، هڪ طرف عادل بادشاھ آهي ته ٻئي طرف خوشحال رعيت، عابد جي غريب نوازي آهي ته لطيف مالهيءَ جي سمجهداري ۽ خودداري، شهزادي جهان خان جون بي وفايون آهن ته مالهڻ جهان آرا جي وفا ۾ پوشيده پيار، شهزادي جي شاديءَ جون شهنايون آهن ته ٻئي طرف مسڪين مالهيءَ وٽ موت جو ماتم، سڄي بيان ۾ ناول نگار جو مقصد، عورت جي سچي محبت جي جذبي جي اپٽار ۽ بي رحم موت جي حقيقت کي بيان ڪرڻ آهي.
جهان آرا ناول جو تنقيدي جائزو:
”جهان آرا“ ناول جي خوبين يا خامين کي جيڪڏهن پرکبو ته هڪ نقاد جي حيثيت سان تنقيد ڪرڻ لاءِ هن ناول جي لکيل وقت کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي، جنهن وقت ۾ هي ناول لکيو ويو هو، ان وقت هيءُ ناول پنهنجي وقت جي چڱن ناولن ۾ شمار ٿيو، ٻوليءَ جي لحاظ کان هن ناول جي ٻولي پختي ۽ طرز تحرير وڻندڙ آهي، جنهن ۾ سلاست جي سادگيءَ سان گڏ حرف تجنيس، قافيو، قطعو ۽ غزلون پڻ موجود آهن، حسن، عشق، نيڪي، بدي، عدل، انصاف، قسمت، توڪل، همدردي، زندگي ۽ موت هر موضوع تي ناول نگار پنهنجا ويچار اثرائتا ونڊيا آهن، جنهن مان نه رڳو معلومات ملي ٿي، بلڪه سوين سهڻا سبق پڙهندڙ پرائي ٿو، ناول جو مرڪزي خيال عورت جي محبت جو پاڪ جذبو آهي، جيڪا باحيا ۽ پاڪ دامن پنهنجي اندر جو حال نٿي اوري ۽ اندر ئي اندر عشق جي ڳاراڻي ۾ فنا ٿي وڃي ٿي، ليکڪ مطابق مرد ظالم آهي، جو پنهنجي قلم ۽ زبان جي زور تي عورت کي فتني جو موجب ۽ گناه گار سڏي ٿو.
جهان آرا ناول ۾ سچن فقيرن جي محبت کي اهم ڄاڻايو ويو آهي، ليکڪ موجب ”سسئي جيسين سر جو سانگو نه لاهيندي تيسين ساهڙ نه ملندو“ انهيءَ ڪري انسان کي ڪوبه مقصد هجي، دنيوي يا ديني کيس سختيون سهي، جبل جهاڳي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻو آهي، محنت اولين شرط آهي، منظر نگاريءَ جي، لحاظ کان هن ناول ۾ بادشاھ جي دربار جو بيان يا عابد ۽ حامد جي جدائي جهان خان جي شاديءَ جو ذڪر هجي يا جهان آرا جي مو ت جو بيان، منظر ڪشي ۽ ٻوليءَ جي سونهن اعليٰ درجي جي آهي، زاهد جي دل ۾ پٽن سان ملڻ جي اميد تي لکي ٿو، ”ڌڻي مالڪ آهي ۽ انهيءَ رب رحيم مان ڪير اميدون لاهيندو؟ هو ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ڌوڙ مان ڌن، اوندھ مان سوجهرو ڏک مان سک، تڪليف مان تفريح ۽ نراسائي مان آس ۽ اميد پيدا ڪيو ڇڏي. (صه، 28)
هن ناول جي اهم خامي هيءَ آهي ته ڪهاڻي اتفاق تي مبني ۽ داستان گوئي ۽ قصي جو رنگ شامل آهي، بيشڪ اتفاق ۽ حادثا زندگيءَ ۾ ظاهر ٿيندا آهن، پر ناول ۾ ڪهاڻي کي وڌائڻ لاءِ اتفاقن جو سهارو وڌيڪ ورتو ويو آهي. هن ناول جي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ غير مربوط ۽ جوڙجڪ غير فطري آهي، اسان جي شروع دور جي ناولن ۾ داستاني رنگ گهڻو ملي ٿو، جيڪو اڄ جي حقيقت پسنديءَ جي دور ۾ هلندڙ نه آهي، هي دنيا رهبرن جي روپ ۾ رهزن فقيرن سان ڀري پئي آهي، پر هتي فقيرن جي ذريعي ڪهاڻيءَ کي حادثن ۽ اتفاقي واقعن ۾ وجھي انهن جو زوري تعلق ڳنڍيو ويو آهي ۽ صوفياڻي خيالن جو پرچار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڪجھ اخلاقي نقطا اثرائتي نموني به سمجهايا ويا آهن، پر ته به انساني ڪردارن کي قسمت جي هٿ ۾ رانديڪو بنايو ويو آهي، ناول ۾ هر تڪليف ۽ پريشانيءَ کي قسمت تي ٿاڦيو ويو آهي، هيرو ۽ هيروئن جو تعلق زوريءَ ڳنڍڻ سان ڪردارن کي فعال، متحرڪ ۽ پاڻ ڀرو نه بنايو ويو آهي. رونق آباد جي هر شخص، حامد ۽ عابد کي لائق بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پڙهندڙن کي هي ٻئي ڀائر والدين جي لاءِ غير ذمه دار محسوس ٿين ٿا ۽ هو لائق ۽ پڙهيل هئڻ جي باوجود پنهنجي مائيٽن جي خبر گيري سالن جا سال نٿا لهن. هي هڪ خيالي دنيا جو قصو لڳي ٿو. جنهن ۾ حقيقي زندگيءَ جو عڪس ڪانهي، مجموعي طور جهان آرا ناول ٻوليءَ جي ميٺاج، منظر نگاري ۽ طبعزاد ناول هوندي به حقيقيت کان ڪٽيل ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪو خاص تاثر نٿو ڏئي.
ناول جهان آرا تي راءِ ڏيندي منگها رام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ ۾ 101 صفحي تي لکيو آهي ته، ”هن نئين زماني جو پهريون دليان ٺاهيل ناول عبدالرزاق عبدالسلام جو جهان آرا 1931ع ۾ نڪتو هو، ان ناول جي سورمي، جيتوڻيڪ لائق ۽ وفادار عورت هئي ۽ ان ناول جي عبارت پڻ سهڻي ۽ عالماڻي هئي، ليڪن ان جا ڪردار ۽ واقعا غير حقيقي بلڪه ڪرامتي هئا، جنهن ڪري هي ناول حقيقت نگاري جي ڪسوٽي تي نٿو اچي“.
جيئن ته عبدالرزاق عبدالسلام جو تعليم کاتي سان واسطو هو ان ڪري سندس ناول ٽيڪسٽ بُڪ طرفان انٽرميڊئيٽ جي نصاب ۾ رکيو ويو ۽ اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو هيءُ ناول نصاب جو حصو رهيو آهي ۽ اڄ به نصاب ۾ موجود آهي. جڏهن ته اسان وٽ بهترين ناول موجود آهن. ڏٺو وڃي ته هن سفارشي ڪلچر سبب سٺن لکندڙن ۽ انهن جي ڪتابن کي مان نه ملي رهيو آهي جنهن جو جيترو به ڏک ڪيو وڃي اوترو گهٽ آهي ۽ اُها ئي رُڪاوٽ اسان جي ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ اڄ به موجود آهي.