سفر نامي جي صنف جو تعارف
سفرنامو ڇا آهي؟
سفرنامو ادب ۾ اها نثري صنف آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سير ۽ سفر ۽ مشاهدي جو احوال ادبي انداز ۾ بيان ڪندو آهي، يعني هيءُ هڪ بياني مشاهدو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي سوچن، خيالن ۽ ڄاڻ سان گڏ شهرن، هنڌن ۽ ملڪن جي معلومات پڙهندڙن کي حاصل ٿيندي آهي، اهڙيءَ ريت گڏ ادب کي هٿي ملندي آهي. سفرنامو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ به ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو. سفرنامي مان ٻاهرين ملڪن جي رهڻي ڪهڻيءَ ريتن رسمن سان گڏ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي به چڱيءَ ريت خبر پوي ٿي ۽ اڳيان هلي تاريخ لکڻ ۾ مدد ملي ٿي. ملڪ جي حال احوال جي باري ۾، هر ملڪ جي ادب ۾ ڪتاب هجن ٿا، پر پڙهندڙن کي خاص طور سفرناما وڌيڪ متوجه ڪندا آهن ۽ تحقيق اهي دلچسپ پڻ لڳندا آهن، ڇو جو اهو احوال اڳ ۾ معلوم نه هوندو آهي. حقيقت ۾ سفرنامو ڪنهن به ملڪ جو هجي، قاريءَ لاءِ رهبر پڻ آهي ته رهنما پڻ، جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جي باري ۾ لکيل تفصيلي ۽ وزنائتو احوال پڙهي پوءِ اُتي وڃبو ته ڄڻ اهو ملڪ اوپرو نه لڳندو.
سفرنامن ۾ آيل احوال ڪڏهن ڪڏهن تاريخي طور ڏاڍو ڪم ايندڙ هوندو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته، ”مشهور سياح المقدسي 9 ۽ 10 صديءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي سفرنامي ۾ هن سنڌي زبان جو احوال ڏنو، سنڌي رهواسين ۽ حالتن جو بيان ڏنو“.
معنى ته سفرناما ملڪن ۽ شهرن جي سماج ۽ رهواسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي معلومات ڏين ٿا. انهن هنڌن جي ٻوليءَ ۽ تهذيب و تمدن جي خبر پڻ پوي ٿي، انهن قومن جا سوچون، ويچار، عقيدا ۽ ڀرم سامهان اچن ٿا. سفرناما هر ٻوليءَ جي ادب ۾ لکيا ويا آهن. البيروني، ابن بطوطه، مارڪو پولو کان رابنسن ڪروزو تائين ڪيترن ئي پرڏيهي سفرنامانگارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. انگريزي ادب ۾ جوناٿن Jonathan Swift جو ”گليورز ٽريولز“ هڪ خيالي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ليکڪ سفرنامي جي انداز ۾ لکيو آهي. طنز و مزاح جي نموني ۾ لکيل هن ڪتاب بي حساب مقبوليت ماڻي، هيءُ ڪتاب بظاهر ٻاراڻي ادب لاءِ هوندي به 1726ع جي دؤر جي برطانيه جي سياسي معاملن کي وائکو ڪري ٿو. ناول نويسيءَ جي فن تي جڳ مشهور ڪتاب The aspects of Novel جو خالق اي.ايم فاسٽر جڏهن 1911ع ۾ هندوستان ويو ته، هن Alexandra لکيو جنهن ۾ تاريخي احوال سان گڏ پنهنجي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ ٻيهر 1921ع ۾ هندوستان وڃڻ سان A passage to India ناول لکيائين، جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جي احوال سان گڏ، ڪجھ هندوستان جي احوال جو عڪس آهي. مٿيان ڪتاب سفرناما نٿا شمار ڪري سگھجن، پر منجھن بيان جو ڪجھ انداز سفرنامي جي نموني سان آهي. انگريزي ادب ۾ رابنسن ڪروزو جا ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ اهميت جا حامل آهن.
سفرنامي کي انگريزيءَ ۾ “Travelogue” سڏيو وڃي ٿو. جنهن جي معنى Concise Oxford Dictionary of current English ۾ هن ريت لکيل آهي. “A film or illustrated lecture about travels”.
اُردو ادب، ۾ سفرنامي جي شروعات ”عجائب فرهنگ“ سان ٿئي ٿي. جو يوسف خان ڪمبل پوش لکيو، سادگيءَ ۽ صداقت سان لکيل، هيءُ سفرنامو ”تاريخ يوسفيءَ“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي ۽ هي 1847ع ۾ لکيو ويو هو. اُردو ۾ باقاعده سفر نامو سر سيد احمد خان جو ”مسافران لنڊن“ شمار ٿئي ٿو ۽ ٻيو سفرنامو جيڪو مشهور ٿيو. سو علامه شبلي نعمانيءَ جو روم، مصر ۽ شام جي باري ۾ آهي، سيد سليمان ندويءَ جي چواڻيءَ ته بيشڪ هيءُ چٽپٽو سفرنامو ڪونهي پر بيروت ۽ بيت المقدس جي ڪتب خانن جي سير ڪرائي ٿو، ڇو جو شبلي نعمانيءَ جو وڃڻ علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيو هو. انهيءَ کان سواءِ اُردو ادب ۾ محمد حسين آزاد، منشي برڪت علي، عطاءُ الحق قاسمي، عبدالماجد دريا آبادي، ابن انشاءَ، خواجه حسن نظامي، اشفاق احمد، مستنصر تارڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي سفرناما لکيا آهن. سفرناما دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ تقريباً لکيا ويا آهن، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڏيهي ٻولين ۾ سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف گھڻي ترقي ڪئي آهي.