لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ورهاڱي کان اڳ جا سنڌي ناول ۽ ناول نگار

1853ع ۾ سنڌي الف-ب ٺهڻ کان پوءِ 1866ع تائين ڪل سنڌي ٻوليءَ ۾ 36 ڪتاب لکيا ويا  جن ۾ ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ ۽ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، طويل ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾ زندگيءَ جي حقيقت نگاريءَ جو بيان آهن پر انهن کي ناول نٿو شمار ڪري سگهجي.
سنڌي پهريون ناول ”راسيلاس“(ترجمو) شمار ڪيو وڃي ٿو. جو انگريزي ادب مان حڪومتي نگرانيءَ هيٺ ديوان نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي ترجمو ڪيو. مترجمن کي حڪومت طرفان انعام ڏنو ويو. پهريون سنڌي طبعزاد ناول ”دلارام“ مرزا قليچ بيگ جي قلم جو ڪمال آهي، مٿين ٻنهي ناولن ۾ فني لحاظ کان نقص آهن، ته به اهي حقيقي زندگيءَ جي رخن کي پيش ڪن ٿا. انهيءَ ڪري کين ناول نويسيءَ ۾ شروع جي طبعزاد ۽ ترجمي واري ناول جي اولين حيثيت حاصل آهي. 1890ع ۾ مرزا قليچ بيگ  ”زينت“ ناول لکيو. جيڪو سنڌي ادب جو اهم ناول شمار ٿئي ٿو. مرزا قليچ بيگ کي بلاشبه سنڌي ناول نگاريءَ جو باني چئي سگهجي ٿو. 
مرزا صاحب اصلوڪن کان سواءِ ڪي ناول ترجمو به ڪيا جيئن: Basket of flower جو ”گلن جي ٽوڪري“ Up from the slavery جو ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“ ان کانسواءِ ”ٽي گهر“، ”راحيل“ جولئن هومز، ”نيلو پکي“ وغيره اردو ادب مان ”.صحت النساءِ“ ۽ ”لڇمي“، ترجمو ڪيائين، اهي سڀ ناول 1888ع کان 1926ع تائين جي دور ۾ ترجمو ٿيا.
ورهاڱي تائين سنڌيءَ ۾ چڱا ترجمو ۽ طبعزاد ناول لکيا ويا. جيئن ديوان پريتمداس جو ”عجيب ڀيٽ“ ايس سي شهاڻيءَ جو ”بلو کوکر“، آسانند مامتورا جو ”ڪومل ڪمل“ چوهڙ هندوجاجو ”جيوَن ڪلا“، ديوَ سڀائيءَ جو ”سدا سهاڳڻ“، ساڌو هيرانند ۽ ڪاڪي ڀيرومل جو ترجمو ڪيل ناول ”طلسم“ (هيءُ سروالٽر اسڪاٽ جي ناول (Talsman) جو ترجمو آهي). خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو ”حياتيءَ جو پهريون دؤر“، ”حياتيءَ جو ٻيو دؤر“ ۽ ”جُڙتو شهزادو“، شيوڪ ڀوڄراج جو ”دادا شيام“، موٽومل مينگھارام جو ”دکي اٻلا“، پرمانند ايسرداس جو ”رام پياري“ ۽ ”رتنا“، جڳت آڏواڻيءَ جو ”آخري التجا“، ميوارام واسواڻيءَ جو ”چندر پال“، ”رٺل راڻي“، ”چنبيليءَ جي سڳنڌ“، ”هار جيت“ ۽ ”منزل“، لال چند امر ڏنو مل جو ”سون ورنيون دليون“، ”چوٿ جو چنڊ“، ”ڀرم جي ڀلائي“، مرزا علي نواز جو ”انتقام“، غلام احمد نظاماڻيءَ جو ”حورِ دمشق“ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول شمار ڪري سگهجن ٿا.
نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جا ناول ورهاڱي کان اڳ سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي شمار ٿين ٿا. سندس اصلوڪن ناولن ۾ ”مالهڻ“، ”وڌوا“، ”غريبن جو ورثو“ آهن. هن صاحب ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ جي عنوان سان ٿامس هارڊي جي ناول “Tess of Durbervills” کي ترجمو ڪيو. جو ڪجھ خامين هوندي به اصل جو ڏيک ڏئي ٿو. ڀمڀاڻيءَ جا ناول موضوع، ڪردارنگاري ۽ ٻوليءَ جي خوبين کان اعلى شمار ٿين ٿا. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جا طبعزاد ناول ”آنند سندري“، ”موهني ٻائي“ ۽ ”وريل نعمت“ اصلاحي ناولن جي لحاظ کان مشهور آهن. ڄيٺمل ڀرسرام جو قومي ناول ”ٻڏل ٻيڙي“، ”ڪيول گوپال رام“، ”ستي لڪشمي“ به سٺا ناول شمار ٿين ٿا. حڪيم عبدالخالق خليق مورائيءَ کي تاريخي ناولن لکڻ جو ڏانءُ حاصل هو. سندس ناولن ۾ ”عبرت“ تاريخي ۽ ”نسيما“ هڪ رومانوي ناول آهي ڇتر پتي ناول تاريخي هئڻ سان گڏ اورنگزيب عالمگير ۽ اڌيپور جي راڻيءَ جي عشق کي رومانوي انداز سان بيان ڪري ٿو. ”ستيءَ جي سيتا“ ۽ ”سندري“ تاريخي ناول شمار ٿين ٿا. ”درس آموز“ هڪ معاشرتي ۽ سبق آموز ناول آهي. ”سندري“ ۾ اسلام جي آمد جي خوشخبري آهي، ٻولي ۽ موضوع جي لحاظ کان هي ڪامياب ناول آهي.
انهيءَ وقت محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول نه صرف تاريخي، قومي ۽ اسلامي هئا، پر حيرت انگيز حد تائين جذباتي ۽ اثر انگيز هئا. جن جي لکجڻ ۽ پڙهجڻ جو سلسلو تمام تيز هو. ڏيپلائي صاحب جا ڪجھ ناول عبرت اخبار ۾ سلسليوار پڻ ڇپيا. هن ناول نگار جي ناولن جو تعداد منو سئو چيو وڃي ٿو. جن مان ڪافي اصلوڪا ۽ ڪجھ ترجمو آهن. چند مشهور ناولن جا نالا هن ريت آهن. ”سنگدل شهزادي“، ”حورِ بغداد“، ”آخري امداد“، ”عصمت جي قيمت“، ”فتح اسپين“، ”رومَ جي راڻي“، ”نورِ توحيد“، ”سسي نيزي پاند“، ”غازي احمد شاھ ابدالي“، ”ڏاهري رنگ محل“، ”گلستانِ حسن“، ”شيرِايران ”مصطفى ڪمال“، ”مجاهد ڪشمير“، ”سمر قند جو صوف“، ”سلطان ٽيپو شهيد“، ”چين جو چنڊ“ ۽ ٻيا آهن. تاريخي ناولن جي سلسلي ۾ ڊاڪتر گربخشاڻيءَ جي ”نورجهان“ کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي. آسانند مامتورا جو نالو ناول نگاريءَ ۾ تمام مشهور ٿيو. سندس ناول ”شاعر“ جي ٻولي عالماڻي ۽ منجھس اونها ويچار ۽ سمجھ ۽ سياڻپ جو ڳالهيون آهن. گلي سدا رنگاڻيءَ جو ”اتحاد“ هندو مسلم فسادن کي روڪڻ جو سڏ هو. معاشرتي سڌاري لاءِ لکيل هن ناول ۾ ملڪ جي سياسي حالتن جي وايو منڊل تحت مسلمانن ۽ هندوئن کي اتحاد جو سڏ ڏنو ويو آهي. هندوستان جي پس منظر ۾ ورهاڱي کان اڳ جو هيءُ ناول اهميت وارو آهي. 1930ع ۾ هرجيس سکر اماڻيءَ جو ”ٻه ڀائر“ گھريلو ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي. پروفيسر پرتاب راءِ پنجواڻيءَ  جا ناول همت ۽ فرض جي موضوعن جي چوگرد گھمن ٿا، ”قيدي“، ”شرميلا“، ”اسان جو گھر“، ”چانديءَ جو چمڪو“، ”پدما“، آهي نه آهي“، ” ڌيئر نه ڄمن“ سندن خاص ناول آهن. گوبند مالهي مشهور ناول نگار جي ورهاڱي کان اڳ جي ناولن ۾ ”انقلابي سپاهي“، ”انقلابي شاهراھ“ اچي وڃن ٿا. ورهاڱي کان پوءِ هن جا بمبئي هندوستان ۾ تمام سٺا ناول ڇپيا آهن. ميلا رام سنگرام واسواڻيءَ جو ”شيلا“ هندو مذهب جي وڌوا جي مسئلي کي بيان ڪندڙ آهي.
جاسوسي ۽ طويل ناولن ۾ مکيه سيرومل ساگراڻيءَ جو ”هردل عزيز عُرف چندر ڪانتا سنڌي“ 28 حصن ۾ ڇپيو. جيڪو گھڻو مقبول ٿيو ۽ سندس ”ڀوتناٿ جي جيوني“، به 24 حصن تي مشتمل ناول هو. هن دور ۾ ناولن جي موضوعن ۾ گھڻي تبديلي آئي. جنهن جا سبب مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ ۾ ڏنا آهن جن موجب، ”ورهاڱي جي ڇڪتاڻ سبب ادب ۾ اهم اٿل آئي ليکڪن وٽ نوان موضوع آيا، ناول ۾ فلسفياڻن خيالن ۽ شاعراڻي تخيل سان گڏ سياست، مذهب، قوميت ۽ ٻيا موضوع آزاديءَ جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيڻ لڳا. مسلمان ۽ هندو ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي بهادريءَ ۽ شان ۽ شوڪت کي بيان ڪرڻ تي زور ڏنو. انهيءَ ڪري، نفاق پيدا ٿيو ۽ اهلِ علم حضرات انهيءَ نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ ادب ۾ اتحاد جي موضوعن تي زور ڏنو اهڙيءَ ريت نون موضوعن سبب ناول نويسيءَ جو عروج آيو“ (صه، 165).
ناول ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کي کولي بيان ڪرڻ ڪري وقت ۽ ماحول جا اثر به چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌي ناول عالمي ادب کان به متاثر آهي ته گڏ ڏيهي حالتن جا اثر پڻ آهن ۽ ترجمو ٿيل ناولن به سنڌي ناول جي موضوعن کي وسعت ڏني آهي. مهاڀاري لڙايون ۽ انهنجا اثر، برِصغير جون سياسي ۽ سماجي حالتون، قوميت جو جذبو، مذهبي ڇڪتاڻ، اوائلي ناول نگاريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن ۽ هندوئن جي دلين ۾ نفرتون آيون ته وري پاڻ ۾ ٻڌي به ڪيائون. ورهاڱي جي وقت حالتن اديبن کي زندگيءَ جي گھڻين سخت حقيقتن سان آگاھ ڪيو، محبت ۽ نفرت جي جذبن جا انداز اسان جي انهيءَ وقت جي ادب ۾ چٽا ڏسڻ ۾ ايندا، هندو مسلم جھيڙو، قوميت جا احساس ۽ لڏپلاڻ جي مسئلن ليکڪن جي قلم ۾ هڪ انوکي پيڙا ۽ سجاڳي آندي، هندو عالمن پنهنجي مذهب ۽ قوميت جي پرچار ڪئي، ته مسلمانن تاريخ جي اوٽ ۾ اسلام جا ڪارناما پيش ڪري عوام کي همت لاءِ اتساهيو اهڙي ڏکي دور ۾ تخليق ڪارن پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ ادب ۾ هڪ نئون موڙ آيو جنهن جو اثر ناول نگاريءَ تي گھڻو ٿيو. ناول نه رڳو داستان گوئي ۽ غير فطري ماحول کان آزاد ٿيو پر زندگيءَ جي صحتمند روين جي حقيت نگاريءَ کي صحيح نموني سان نڀائڻ لڳو.
سنڌي ناول نويسيءَ جو پهريون دور 1853ع کان 1930ع تائين ۽ ٻيو 1931ع کان 1947ع تائين شمار ٿئي ٿو ۽ ٻئي دور ۾ سنڌي ناول پنهنجي فني عروج تي پهتو ۽ ويهين صديءَ جو پهريون اڌ سنڌي ناول جو اهم شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ تاريخي، قومي، سياسي، سماجي ۽ اصلاحي بي شمار ناول لکيا ويا ۽ مختلف ٻولين مان ڪيترائي ناول ترجمو به ٿيا. جاسوسي ۽ سلسليوار ناول به لکجڻ ۾ آيا. ورهاڱي کان اڳ جيڪي ناول نگار سنڌي ناول کي ادب ۾ ترقي ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ آيا انهن مان ڪجھ ناول نگارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. ديوان نولراءِ، منشي اڌارام ٿانورداس، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙومل، رام پنجواڻي، نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻي، ايس.سي شهاڻي، پرمانند ايسرداس، ميلارام واسواڻي، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لالچند امر ڏنو مل، گوبند مالهي، محمد عثمان ڏيپلائي، وشنو شرما، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، موٽومل مينگهارام ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.