نورجهان:
مغل حڪومت جو احوال:
نورجهان ناول جائزو جو ڏيڻ کان اڳ پهرين ڪجھ سچو پچو تاريخي احوال بيان ڪرڻ ضروري آهي. اڪبر بادشاھ (1542- 1605) تيرهن سالن جي عمر ۾ بادشاھي ماڻيندڙ مغل حڪمران هو، جنهن هندوستان تي پنجاھ سالن تائين بادشاھت ڪئي. شهنشاھ اڪبر مغل بادشاھن ۾ ٽيون نمبر شهنشاھ هو. چنگيز خان ۽ تيمور نسل جو هيءُ مغل ٻاراڻي وهيءَ ۾ پٽس سليم الدين جهانگير وانگر حڪومتي معاملن ۾ گهٽ دلچسپي وٺندو هو، پر اڳيان هلي بهترين منتظم ثابت ٿيو. اڪبر بادشاھ پنهنجي پٽن لاءِ هڪ وسيع سلطنت ڇڏي. سندس ٽي پٽ ته بلڪل شرابي ۽ بدڪار هئا، پر وڏي پٽ سليم ۾ به حال ڪونه هو، اهو به عيش و عشرت ڏي مائل ۽ غير ذمه دار طبيت جو هو. ان جي بلڪل ابتڙ سندس پوٽو خسرو لائق هئڻ سان گڏ بادشاھ جو منظورِ نظر پڻ هو. اڪبر بادشاھ جي مرضي پٽ جي بجاءِ پوٽي خسرو کي تخت نشين ڪرڻ جي هئي.
اڪبر بادشاھ هڪ وڏي هندو راجا جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ راڻي جوڌٻائي کي مرضيءَ جي مطابق مذهب تي هلڻ جو مڪمل اختيار ڏنائين. جنهن سبب جي ڪري هندستان جا هندو سندس معتقد ٿي پيا ۽ سندس آخري رسمون به هندوئن ۽ مسلمانن ٻنهي جي رواج مطابق ٿيون. (اهو ذڪر اڳيان ايندو) اڪبر بادشاھ پنهنجي وقت ۾ پورچوگالين جي تبليغي جماعت کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني. جنهن سبب جي ڪري ديني بحث مباحثا وجود ۾ آيا. جن جي بادشاھ پاڻ به پٺڀرائي ڪندو هو، هن ڇٽيھن سالن جي عمر ۾ روحاني تجربا ڪري پاڻ کي خدائي مرضيءَ جي تشريح ڪندڙ ۽ رعايا جو روحاني رهبر هئڻ جو دعويٰ ڪيو ۽ اسلام جي رياستي مذهب هئڻ جي حيثيت ختم ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي ”دين اڪبري“ جو بنياد رکيائين. اڪبر ۽ سليم جي وچ ۾ شروع کان ئي ناراضگي هوندي هئي، جو اڪبر کي سليم جون عادتون ۽ طور طريقا پسند نه هئا، هيڪاري نورجهان جي معاملي ۾ اڪبر جي ساڻس وڌيڪ اڻبڻت رهي. آخر ۾ پيءُ جي وفات کان ٿورو وقت اڳ۾ پٽ ۽ پيءَ ۾ صلح ٿيندي آهي ۽ اڪبر پنهنجي آخري وقت ۾ کيس هندستان جي بادشاھت حوالي ڪندو آهي.
ناول جي ڪهاڻي:
تاريخي ناول ”نورجهان“ جي منڍ ۾ نورجهان جي پيدائش جو ذڪر آهي. غياث بيگ جي هندستان ڏانهن سفر جي دوران سندس گهرواريءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ۽ هندستان جي ملڪه نورجهان ”مهرالنساءِ“ جي نالي سان هن بيابان ۽ سڃ جي علائقي ۾ جنم وٺندي آهي. هن تڪليف جي وقت ۾ پويان ايندڙ قافلي جو سردار ملڪ مسعود، غياث بيگ جي مدد ڪري ٿو ۽ کيس چڙهيءَ لاءِ اٺ جو پاکڙو ڏئي ٿو ۽ نجوم جي علم ذريعي ڄاڻائي ٿو ته هيءَ نينگري ٿورو سخت وقت ڏسندي جنهن کانپوءِ ويندس بخت بالا ٿيندو (صه، 5)
اڳيان هلي ملڪ مسعود جي معرفت غياث بيگ جي اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ رسائي ٿيندي آهي. جيڪو غياث کي گهڻي عزت ڏيئي خاص خدمتگار ڪري رکي ٿو. ناول جي هيروئن مهرالنساءِ (نورجهان) بادشاھي محلاتن جي ويجهو راڻين ۽ شهزادين جي محبت جي ساٿ ۾ وڏي ٿيندي آهي. هڪ دفعي اميرياڻين، شهزادين ۽ راڻين جي وندر لاءِ لڳايل مينا بازار ۾ شهزادو سليم کيس ڏسي مٿس مفتون ٿي وڃي ٿو ۽ پاڻ به ڏانهنس متوجه رهڻ لڳي ٿي. غياث بيگ مهرالنسا جي شادي علي قلي بيگ سان ڪرڻ گهري ٿو. جيڪو هڪ هزار گهوڙي سوار فوج جو مهندار هئڻ سان گڏ غيرتمند، خوددار ۽ بهادر سپھ سالار آهي. مهرالنساءِ اها خبر پوڻ تي شديد اعتراض ڪري ٿي پر پڻس سليم کي بدڪار ۽ شرابي هئڻ جي ڪري سڱ ڏيڻ کان نابري ڪري ٿو. شهزادو سليم راڻي جوڌٻائيءَ کي منٿ ڪري بادشاھ جي ڪنن تائين اها ڳالھ پهچائي ٿو. اڪبر بادشاھ جڏهن غياث بيگ، جي ڳالھ ٻڌي ٿو ته انصاف جي تقاضا مطابق سندس نظر ۾ غياث بيگ، علي قلي کي زبان ڏيئي چڪو آهي. انڪري معاملي کي ختم ڪرڻ لاِءِ ابو الفضل جي مشوري تي سليم کي آگري مان ڪڍڻ لاءِ اڌيپور تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ موڪليندو آهي. شهزادو سليم وڃڻ کان اڳ مهرالنساءِ سان ملاقات ڪري کيس لڪ چوريءَ شادي جي صلاح ڏيندو آهي. پر مهرالنسا کيس چوي ٿي ته ”تون شاهي فرمان مڃي اڌيپور اُسهي، راجپوتن تي فتح حاصل ڪري وطن ڏي واڳون ورائي ته شڪ نه آهي بادشاھ جي دل ڀڄي پوي“ (ص، 66) ۽ گڏو گڏ کيس علي قلي بيگ سان شادي نه ڪرڻ جو يقين ڏياري ٿي، اڌيپور جي سورهيه راجپوتن جو سردار پرتاب سنگھ تمام جوانمرديءَ سان مقابلو ڪندو آهي. پر تڏهن به ويهن هزارن جي فوج مغلن جي زور تي ڪسجي ختم ٿيڻ لڳي ٿي. تڏهن جهلا جي سردار جي مشوري سان راجسٿان جي اجهايل جوت کي بچائڻ لاءِ جنگ جي ميدان مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت شهزادو سليم سردار جي ڪڍ پوڻ جي بجاءِ فتح تي خوش ٿي جشن ملهائي ٿو، جشن دوارن آگري مان قاصد خط آڻِيندو آهي. پر هو شاهي فرمان سمجهي قاصد کي ملڻ پسند نه ڪندو آهي. حقيقت ۾ اهو مهر النسا جو خط هجي ٿو جنهن ۾ کيس جلدي پهچڻ جي هدايت هوندي آهي. شهزادو سليم دير سان پهچندو آهي ۽ مهرالنسا کي سندس پيءُ آفيم کارائي نشي ۾ نڪاح جي قبوليت ڪرائي علي قلي بيگ سان روانو ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن شهزادي سليم کي پيرائتي خبر پوندي آهي ته هو آگري تي چڙهائيءَ جي رٿ رٿڻ ۽ پيءُ سان منهن مقابل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر وري به سندس صلاحڪار عورت ذات جي بيوفائيءَ جا مثال ڏيئي کيس هٺ تان لاهيندا آهن. بادشاھ اڪبر ذري پرزي جي معلومات هئڻ سبب پنهنجي اڙٻنگ پٽ کي سزا ڏيڻ جي بجاءِ محبت سان موهي، بنگال جو نواب مقرر ڪندو آهي. اڪبر جي موقف مطابق فسادي ماڻهو کي جيتڻ لاءِ صبر ۽ پيار کان عمدو هٿيار ڪو ڪونهي، شهزادو سليم وري به ابوالفضل کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي کيس بير سنگھ هٿان مارائيندو آهي. اڪبر بادشاھ جنهن جو ابوالفضل ساڄو هٿ هو. سو هي صدمو صحيح نه سگهندو آهي ۽ ڏک ۾ گوشئه نشين ٿي ويندو آهي ۽ سندس سگھ به گهٽجي ويندي آهي. آخرڪار وفات جي ويجهو گھرو جنگ کان بچڻ لاءِ پنهنجي پوٽي خسرو جي بدران سليم کي تخت نشين ڪيائين ۽ سليم به پيءُ جي وڏي دل ڏسي کانئس متاثر ٿي معافي گهري ٿو. اڪبر بادشاھ جو ڪريا ڪرم هندوئن پنهنجي ريت رسم موجب ڪيو ۽ مسلمانن پنهنجي رواج موجب ڪيو. هڪ پنڊت ۽ هڪ مولوي مزار جا مجاور ٿي رهڻ لڳا. راڻي جوڌٻائي سورنهن سينگار ڪري گنگا جل مان سنان ڪري چتا چڙهي پيئي.
سليم کي شهنشاھ نورالدين جهانگير يعني (اسلام جو سوجهرو) ۽ عالم جو سوڀارو، جي لقب سان نوازيو ويو. جهانگير بادشاھ سلطنت جي بوجھ سان سياڻو ٿي ويو. عوام جي فرياد ٻڌڻ لاءِ ۽ عدل انصاف قائم ڪرڻ لاءِ، دربار جي ٻاهران گهنڊ لڳايائين. جنهن سان هر غريب توڙي امير کي آساني سان انصاف مهيا پئي ٿيو، سندس دوست سيف الله بنگال جي حاڪم، جي هاٿيءَ جي پيرن هيٺ، هڪ پير مرد ۽ ٻڍي عورت جو پٽ چيڀاٽجي مري وڃي ٿو ۽ سيف الله جهانگير بادشاھ جي حڪم هوندي به ڪو انصاف نٿو ڪري ته جهانگير خود کيس چؤکنڀو ٻڌي هاٿيءَ جي اڳيان ڦٽي ڪرائيندو آهي ۽ پير مرد کي انصاف پلئه پوي ٿو. انهي وچ ۾ مهرالنسا جي شاديءَ کي چار سال ٿي ويندا آهن ۽ علي قلي بيگ آهستي آهستي سندس دل کٽي ويندو آهي. جهانگير بادشاھ حڪومتي مسئلن کي همٿ سان منهن ڏيئي ٿو. امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر کيس مهرالنسا جي ياد ايندي آهي ۽ علي قلي کي انعام ۽ اڪرام آڇي ٿو ته مهرالنسا کي طلاق ڏي. پر سندس انڪار کان پوءِ کيس پنهنجي ماٽيجي ڀاءَ قطب الدين جي معرفت هلاڪ ڪرائيندو آهي. جنهن ۾ قطب الدين به مري وڃي ٿو. مهرالنسا بادشاھ کي پنهنجي بيواه ٿيڻ جو احساس ڏياري شاديءَ لاءِ رضامند نه ٿيندي آهي، آخرڪار ڏهن مهينن تائين جهانگير به مهرالنساءِ کي سندس حال تي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ مهرالنسا جي دل ٻيهر پراڻي محبت لاءِ جڏهن نرم ٿيندي آهي ۽ هوءَ شادي لاءِ هائوڪار ڪندي آهي. مهرالنسا جي راضپي سان عيد جي ڏينهن سندن نڪاح ٿيندو آهي، جهانگير کيس”نورمحل“ جو لقب ڏيندو آهي. معنيٰ ”محلات جي روشنائي“ ۽ ٿورن سالن بعد کيس ”نورجهان“ يعني ”دنيا جي روشنائي“ جو لقب ڏيندو آهي.
ملڪه نورجهان تمام گھڻي ذهين ۽ هوشيار عورت هئي، ٿوري عرصي ۾ هن نه صرف جهانگير جي پر پوري هندستان جي عوام جي دل کٽي ورتي، جهانگير کيس درٻار ۾ گڏ رکندو هو. سير ۽ شڪار تي به ساڻ وٺي ويندو هو. پاڻ رعيت جي ترقي ۽ بهبود جي ڪمن کي سرانجام ڏيندي هئي ۽ ملڪ جي سڀني فيصلن تي قابض هئي، ڪيترائي مسافر خانه ٺهرايائين. کوھ کوٽايائين، جهانگير کي به انصاف ۽ عدل ڏانهن موڙيائين. ملڪه نورجهان بهترين شاعره هئي، شايد کيس پنهنجي آخري آرام گاھ جي ڄاڻ هئي، هڪ شعر، چيائين جيڪو سندس مزار تي اڪريل آهي.
يـه مـزار هـا غـريــبــان نــي چــراغ گــل
نه پر پرواني نه سوزئي صدائي بلبل
هن شعر کي ليکڪ ناول جي آخر ۾ سنڌيءَ ۾ ڏنو آهي جيڪو هن ريت آهي،
مون اڀاڳڻ جي قبر تي، جوت ناهي ناڪه گل ڦل
نـا جـلـي اُت پـر پـتـنـگ جو، نه ڪري اُت لات بلبل
جهانگير بادشاھ جو راڻي نورجهان سان عشق هو، جيڪڏهن سندس حياتي وفا ڪري ها ته شايد تاج محل جهڙو ٻيو حسين يادگار هجي ها. پر نورجهان جي وفات جهانگير کان پوءِ ٿي ۽ کيس لاهور ۾ جهانگير بادشاھ جي ويجهو دفن ڪيو ويو. سندس تربت سيڙهين کان هيٺ تھ خاني جيئن آهي. جتي ڏينهن جو به تمام گهڻو انڌيرو آهي ۽ هيءَ مزار ڪجھ شڪسته ۽ خسته حالت ۾ آهي. (مون 1985ع ۾ ڏٺي هئي ممڪن آهي هاڻي پنجاب حڪومت ڪجھ سڌارو آندو هجي).
ناول جو تنقيدي جائزو: ناول جي قسم جي لحاظ کان هي تاريخي ناول آهي، پر اکر به اکر سچ ڪونهي، بلڪه تاريخي واقعن جي تخيل سان وجود ۾ آيو آهي. ناول نگار هن ناول لاءِ جن ڪتابن جي مدد ورتي انهن جا نالا هي آهن، ”تاريخ فرشته“، ”منتخب تواريخ“، ”تزڪ جهانگيري“، ”اقبال نامه“، ”راجسٿان“ وغيره. ڪردارنگاريءَ: جي لحاظ کان هن ناول جي ڪردارن ۾ جان آهي. اڪبر جو جلال هجي يا جهانگيري عدل ۽ انصاف، نورجهان جي سمجھ ۽ سياڻپ هجي يا علي قلي بيگ جي خودداري ۽ غيرت، غياث بيگ جي دورانديشي هجي يا ملڪ مسعود جون مهربانيون، هر ڪردار جو اثرائتو عڪس آهي. منظرنگاريءَ سان ليکڪ سٺو انصاف ڪيو آهي، جنگ جي ميدان جو نقشو يا جهانگير جو تخت نشين ٿيڻ يا اڪبر جي موت جو احوال اثرائتو بيان ڪيو آهي. موسم کي هن ريت بيان ڪيل آهي ”باغ ۽ ميدان ساوا چهچ ٿي ويا هئا، بيابان بنجي بنھ بستان ٿي پيا هئا ۽ جهنگ جهر جنسي گلستان ٿي ويا هئا، سمن ۽ سوسن، موتيو ۽ چنبيلي ۽ ٻيا هر طرح جا گل ڦولاريا بيٺا هئا. جيڏانهن کڻي نهار، تيڏانهن نئين حياتيءَ جو نور نظر آيو، مهرالنساءَ جو من به قدرت جا عجيب ۽ غريب نظارا پسي ڦلن جيان ڦولي پيو“. (ص، 194) مينهن جي مند جو منظر هن ريت بيان ڪيو اٿس، ”پوياڙي جي مهل هئي، اڀ ڪارن ڪڪرن سان ڇائنجي ويو هو، وڄون لعل لبيس ڪري پئي چمڪيون، اوهيرن اوڪ پئي ڪئي، ڌرتي ڌوپي اوجل ٿي پيئي هئي، سبزي جو سائو لباس ڪري پهريو هئائين“ (ص، 204)
ٻوليءَ جي لحاظ کان جيڪڏهن نورجهان ناول جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته عام فهم ۽ حرف تجنيس جي سونهن سان سينگاريل لفظن جي جڙاءَ جا بجا نظر ايندي. مثال طور اڪبر بادشاھ چوي ٿو ته “تحقيق، محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي ذرين ۽ تلخي کي شيرين، ڦاهي کي تخت ۽ آهيءَ کي بخت، نار کي نور ۽ وير کي حور، بيماري کي صحت ۽ قهر کي رحمت، مردي کي زندھ، شاھ کي بندو بنائي ڇڏي“ (ص، 45) ”جهانگير، مادر مهربان! تون ئي منهنجي درد جون دارون ڪري سگهندين، ٻڌايانءِ، مهرالنسا جي موهڻي مورت تي مفتون ٿي پيو آهيان“. (ص، 62) راڻو پرتاب سنگھ لشڪر کي وطن تان گهورڻ لاءِ هن ريت حڪم ڏئي ٿو، “ديس جي مڪتيءَ ڪارڻ، استرين جي سيل نمت، اٿي سر سنڀايو، وڏڀاڳي اهو کتري آهي، جو شترو جي سامهون پيئي ساھ ڏيئي، جي جيت ٿي ته پرٿوي جا پڌارٿ ماڻيندا ۽ جي هار ٿي ته سورڳ جا سک ماڻيندا“ (ص، 81)
جهانگير دوست نذير وٽ پنهنجي عشق جي آتش جو بيان هن ريت ڪري ٿو، ”پيارا دوست! سالن جي سانڍيل عشق هاڻي ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ مچائي ڇڏيو آهي، جيرا، بڪيون جلائي رهيو آهي، مهرالنساءِ کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي، علي قلي بيگ جي مرڻ بنان کيس حاصل ڪرڻ محال آهي، ملڪ هجي يا تخت مهرالنسا جي نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪبو تخت طائوسيءَ کي؟ ڇا ڪبو سلطاني سيج کي؟ محبوب بنا اهي مڙِيئي عين عذاب آهن، آئون پيو پچان ۽ پڄران، لڇان ۽لوچان ته ڪيڏانهن منهنجو پرين اچي دل اندر ديرو ڪري“. (152 ۽ 173)
هن ناول ۾ پهاڪا ۽چوڻيون به موقائتا ۽ مهل مطابق آهن جيئن ’آلن ڦٽن تي لوڻ وجهڻ‘، ’لاچار کي ڪهڙو آچار‘، ’روح کي راحت رسڻ‘، ’مروئان موت ملوڪان شڪار‘، ’دهرو دان ڏيڻ‘، ’جيڏا اٺ تيڏا لوڏا‘، ’توڪل جو ترهو ٻڌڻ‘، ’نڪا هم نڪا تم‘، ’جيئڻ جنجال هئڻ‘، ’نڪ کي مر لائڻ‘، ’جنڊ پٽن سان هڻڻ‘، ’وريامن جا وچن ٻولڻ‘، ’ ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ‘، ’اهيئي گڏھ اهي ئي آٿر‘، ’زال ذات جو عقل کڙي ۾‘، ’مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ‘، ۽ ٻيا آهن، مجموعي طور هي ناول شروع دور جي ناولن ۾ اهم هئڻ سان گڏ سنڌي ادب جي تاريخي ناولن ۾ به خاص حيثيت جوڳو آهي. ٻولي، ڪردار نگاري، منظر ۽ موضوع جاندار آهن، گربخشاڻي صاحب هڪ مشهور عالم ۽ ڄاڻو ليکڪ هو، پر هو مسلمانن جي رسمن ۽ رواجن کان شايد چڱيءَ ريت واقف نه هو، هيٺ ٻه مثال ڏجن ٿا. اڪبر بادشاھ جي تدفين کي هن ريت بيان ڪيو اٿس، ”هندوئن پنهنجي ريت موجب مرڻي جو ڪريا ڪرم ڪيو ۽ مسلمانن پنهنجي رسم موجب ڪارائي ڪئي. (ص، 119) هندستان جي عظيم سلطنت جي مسلمان بادشاھ جي تدفين کي لفظ ”ڪارروائي“ جو لکڻ نامناسب آهي. ڪارروائي جي بجاءِ مناسب لفظ تدفين آهي چاهي ڀلي عام مسلمان جي هجي، جهانگير ۽ نورجهان جي ميلاپ مهل جهانگير جي واتان چورائي ٿو ته، ”وڇوڙي جا ندورا ڏينهن رمضان جي روزن جيان ختم ٿي ويا ۽ ميڙائي جي چنڊ اڄ ئي منهنجي لاءِ سچي عيد آندي آهي“. (ص،201) جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مسلمانن لاءِ رمضان جا روزا ندورا ڏينهن نه آهن بلڪه بخشش جا سڀاڳا ترين ڏينهن آهن، عيد ته انهن روزن جو انعام آهي اهڙن ڀلارن ڏينهن کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي عالم جو ندورا چوڻ زيب نٿو ڏئي.
ناول تي ليکڪن جا رايا:
فني سٽاءَ جي لحاظ کان هي ناول سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ناول جو بيان جو انداز ۽ سٽاءُ عمدي نموني جي آهي، (ص، 162 ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ).
هن ناول ۾ بامحاوره زبان ڪم آندل آهي، جنهن ۾ سلاست جا سڀ گڻ موجود آهن، اصطلاح ۽ پهاڪا به هنڌ هنڌ موجود آهن، هن تاريخي ناول ۾ مغلن جي حڪومت ۽ شان و شوڪت جو گهڻو احوال ملي ٿو. ڪتاب پڙهندي ڪٿي ڪٿي محسوس ڪجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جهانگير سان پورو انصاف نه ڪري سگهيو آهي، (ص، 56 ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو).
هن ناول ۾ هرهنڌ بامحاوره ۽ مائيدار، جملا استعمال ڪيا ويا آهن، هي ناول پنهنجي دؤر ۾ هڪ بهترين ڪامياب ناول جو مقام ماڻي چڪو هو ۽ اڄ به هن ناول کي اهوئي مقام حاصل آهي. (ص، 117 ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، پروفيسر نورافروز خواجه)
واقعن ۽ ٻوليءَ جو سهڻو ميلاپ هن ناول جي خوبي آهي، بيان جو انداز منظر نگاري، عشق ۽ محبت جي حڪايت ۽ ڪردارنگاري نهايت ئي دلڪش ۽ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪيل آهي، جنهن مان ڊاڪٽر صاحب جي فنڪارانه صلاحيت نمايان ٿيئي ٿي. (ص، 121 ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڊاڪٽر غلام علي الانا).