نثر جي صنفن جا ليکڪ ۽ سندن لکتن جا موضوع:
جيڪڏهن موضوعن تي غور ڪبو ته سنڌي نثر ۾ سٺي تبديلي آئي آهي. شروعاتي دؤر ۾ بيشڪ وندر ۽ سکيا جا ڪتاب هئا پر پوءِ مختلف سياسي، قومي ۽ بين اقوامي حالتن جو ادب تي گھڻو اثر ٿيو. جيئن سر سيد احمد خان جي تحريڪ، مهاڀاري لڙائيون، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس تحريڪون، علم و ادب تي اثرانداز ٿيون. سماجي معاشي، اخلاقي ۽ مذهبي مسئلن سان گڏ آزاديءَ جو شعور اهميت رکندڙ هو. ورهاڱي کان پوءِ جون حالتون، ون يونٽ جو قائم ٿيڻ، ايوب خان جو ماشلائي دؤر، سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هلايل تحريڪون، 1988ع جا لساني فساد ۽ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا ۽ ٻيون ملڪ جون حالتون سڌيون ادب تي اثرانداز ٿيون. ڪتابن ۽ اشاعتي ادارن تي پابنديون پيون. پنهنجي قوم ۽ صوبي جي حقن جي آواز بلند ڪرڻ تي اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻن سان جيل ڀريا ويا. انهيءَ لحاظ کان مزاحمتي ادب ۽ قوميت جي تحريڪ زور پڪڙيو. اهي سڀ اهم موڙ هئا جيڪي ادب تي اثرانداز ٿي نثر ۽ نظم ۾ نروار ٿيا. جنهن جي ڪري موضوعن ۾ به گھڻي تبديلي آئي. سماجي ۽ معاشي مسئلن سان گڏ، سياسي قومي ۽ شعوري ادب تخليق ٿيو. جنهن ۾ اڳيان هلي جديديت، وجوديت، ترقي پسندي، رومانويت ۽ انسان پرستي ته هئي، پر حقيقت پسنديءَ (Realism) جو عروج پڻ شامل هو.