ترجمو ٿيل ناول ۽ مترجم ناول نگار
ادب ۾ ترجمي جي هميشه هڪ خاص حيثيت رهي آهي. ترجمي سان ٻين ملڪن جي تهذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي. ڪنهن به ترجمو ٿيل ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو دارومدار مترجم جي ڪتاب جي چونڊ ۽ سندس ترجمي ڪرڻ جي صلاحيت تي آهي. سنڌي ادب ۾ ناول نويسيءَ جي شروعات ئي ترجمي سان ٿي، پهريون ناول ”راسيلاس“ هو جيڪو ساڳئي نالي سان ديوان نولراءِ شوقيرام ۽ منشي اڌرام ٿانور داس گڏجي ترجمو ڪيو ۽ انعام حاصل ڪيو.
مرزا قليچ بيگ اهو واحد اديب هو، جنهن اصلوڪن ڪتابن کان به ترجمي کي گهڻي اهميت ڏني. جنهن ۾ هن مختلف موضوعن جي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سندن انتخاب علم وادب جا مشهور ڪتاب هئا. ناول نويسيءَ ۾ جرمن عالم ڪرسٽان وان شيڊ جي ناول ”ڊي بيسڪيٽ آف فلاور“ جو ترجمو ”گلن جي ٽوڪري“ جي نالي سان ڪيائين. انهيءَ کان سواءِ ”شرلاڪ هومز جا عجيب و غريب ڪم“، ”ٽي گهر“، ”ايرڪ“، ”راحيل“، ”سچي محبت“، ”گليوَر جو سيرو سفر“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”سندباد جهازي“، ”رابنسن ڪروزو“، ”سئڊ فورڊ ۽ مرٽن“، ”مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا“،. شامل آهن. انگريزيءَ کان علاوه اردو مان ”صحت النساءَ“ ۽ ”لڇمي“ ترجمو ڪيائين سنڌي مترجم ناول نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، لالچند امر ڏنو مل، ايس سي شهاڻي، ڀمڀاڻي، گوبند مالهي، ديوان ڪوڙومل، ميلارام واسواڻي، جڳت آڏواڻي، ديوسڀائي، موهن دوداڻي، قاضي خادم، نصير اعجاز، وليرام ولڀ، فضل احمد بچاڻي، دوست محمد ڀٽي، پرويز ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. محمد عثمان ڏيپلائي مئڪسيم گورڪيءَ جي ناول “The mother” جو ترجمو ”امڙ“ جي نالي سان، پرل ايس بڪ جي ناول Drogon Seed جو ترجمو ۽ اختصار ”جپاني گڏي“ جي نالي سان روسي اديب دوستو وسڪيءَ جي ناول How the steel was tempered جو ترجمو ”سسي نيزي پاند“، سان ڪيائين. اسٽار آف منگريلا جو ”ستاره منگريلا“ جي نالي سان مکيه سيرومل ترجمو ڪيو. ترجمو ٿيل ناولن ۾، عثمان علي انصاري جو ”گمراه دوست“، ڀمڀاڻي جو ”پاپ ۽ پاڪيزگي“، لالچند جو ”سون ورنيون دليون“، ”ايس سي شهاڻيءَ جو ”بلو کوکر“ آهن. ايس ايس شهاڻي Towon a Tower تان، ”تارن. جو اڀياس“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو.
انگريزيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جيئن بنگالي، گجراتي، هندي ۽ اردو مان به ناول ترجمو ٿيا آهن. خاص طور ڪرشن چندر، قراة العين حيدر، نسيم حجازي، خليل جبران، ممتاز مفتي، خديجه مستور، منشي پريم چند ۽ ٻين ليکڪن جا ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. جيئن شروعاتي دؤر ۾ ”سروجني“، ”زندگي“، ”شيواجي“، ”انارڪلي“، ”دکي هاري“، ”طوفاني رنگ“، ”مڪتي“، ”رڪمڻي“، ”ساٿي“ ۽ ٻيا ترجمو ٿيا. ديوان ڪوڙي مل بنگالي ناول نويس بئڪم چندر چترجي جي ناولن جا ترجما ڪيا. جيئن: ”چندر مکيه“، ”روهني“، ”آنند مٺ“ وغيره. فضل احمد بچاڻي سرهنري رائڊر هئگرڊ جي ناول She، کي ”عاشي“ جي عنوان سان ۽ Shadows of the wall کي ”روح جي ڳولها“ ۽ ”پڪچر آف دي ڊورين گري“ آسڪروائيلڊ جي ناول کي ”تصوير جو خون“ جي نالي سان ترجمو ڪيو انهيءَ کان سواءِ خليل جبران جو ناول ”سپون“ ۽ هرمن هريس جو ناول ”سڌرات“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. مصطفيٰ نانگراج، ٽالسٽاءِ جي ناول کي ”عشق“ جو عنوان ڏيئي سهڻو ترجمو ڪيو جيڪو 2001ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن ڇپايو آهي. نصير اعجاز، مترجم جي حيثيت سان ڪرسٽو فر جي ناول کي ”نينگرو، عشق ۽ بغاوت“ جو ويس پارايو. آئورل آئويسي جي ناول کي سنڌي ۾ ”دل جو بندر“ ۽ ايرڪ ڪارڊر جي ناول کي ”غلامن جو ٻيڙو“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ”جي ماريا نه موت“ ويٽنامي ناول جو ترجمو آهي.
”مسيح ۽ ماڻهو“ جي نالي سان خليل جبران جي ناول جو ترجمو 2001ع ۾ گل محمد ڪيو مشهور فارسي شاعره قراة العين طاهره جي زندگيءَ جي احوال تي مبني ناول ”طاهره“ ڪلارا اي.ايڇ جي لکيل کي سنڌيڪار ابو دانش سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. پورس پوليورائي جي ناول کي پرويز ”ڏونگر منجھ ڏيئو“ جي عنوان سان هاورڊ فاسٽ جي ناول ”اسپارٽيڪس“ کي ساڳئي نالي سان پرويز 1998ع ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ ناول رومي سلطنت جي خلاف غلامن جي بغاوت جو بيان آهي. وليرام ولڀ ڪافي سٺا ناول ترجمو ڪيا آهن جن ۾ ”سيتا هرڻ“ قراة العين حيدر جي اردو ناول تان هڪ مختلف ۽ انوکي موضوع جو ناول آهي. جنهنجي عبارت ۽ ٻولي ته خوبصورت آهي، پر منظرنگاري ۽ ڪردارن جي زندگيءَ جي حقيقت نگاري پڻ لاجواب آهي. ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جو ترجمو وليرام ولڀ 1990ع ۾ ڪيو. غدار 1947ع جي پس منظر تي آهي. هن ناول جو نه فقط موضوع مضبوط آهي، پر منجھس خونريزي ۽ قتل و غارت گيري ۽ لٽ مار جي واقعن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. مترجم هن ناول کي بامحاوره ۽ سليس سنڌيءَ جو ويس پارائي هڪ ڪامياب ترجمو ڪيو آهي. ” ڌاريو“ البرٽ ڪاميو جي فرينچ ناول جو ترجمو 1993ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آهي. هيءُ ناول به ڪردار نگاريءَ، پلاٽ ۽ موضوع جي لحاظ کان جدت ۽ نواڻ رکي ٿو. هن مختصر جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب ۾ معياري ترجمو ٿيل ناول موجود آهن.