سنڌي ناول سنڌي سماج جو عڪس هئڻ سان گڏ سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو
سماج ۽ ادب جو ڳانڍاپو هميشه کان مضبوط رهيو آهي، سماجي جوڙجڪ، معاشي نظام، سياسي اثر، قومن جا اجتماعي خيال، اميدون ۽ جذبا ادب تي اثرانداز رهيا آهن. ناول جي صنف ۾ انهن جو عڪس وڌيڪ صحيح نموني سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌي ناول نويسيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته شروع دور کان ئي، سنڌي ناول ۾ سنڌي قوم جا مذهبي ۽ اخلاقي قدر، ريتون، رسمون، وهم وسوسا، سوچون ۽ ويچار، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مسئلا هر لحاظ کان پڌرا معلوم ٿيندا. هر سماج جا مسئلا الڳ هوندي به انسانيت جي نالي سان زندگيءَ جا ڪيترائي رخ ساڳيا هوندا آهن. مهذب دنيا ۾ هر سڌريل سماج کي پنهنجو الڳ ادب هوندو آهي. جيڪو انهيءَ قوم جي ترقيءَ جو اهڃاڻ هجي ٿو، ان آئيني ۾ انهيءَ قوم جا خيال، جذبا، احساس، اخلاقي ۽ تهذيبي قدر ته ڏسجڻ ۾ ايندا آهن پر قوم جي عالمن، شاعرن، سڄاڻن ۽ اديبن جي ذهني قوت به ظاهر هوندي آهي ۽ انهيءَ ادب جي عام طرفان پسنديدگي ان قوم جي سمجھ ۽ سجاڳيءَ جي ثبوت آهي.
ناول جي صنف طويل هئڻ سبب اظهار جو بهترين ذريعو آهي. انهيءَ ڪري ناول جي وسيلي ناول نگار سماجي برائين ۽ مسئلن کي کولي بيان ڪري ٿو. ناول نگار سماج جي فردن جي عقيدت ۽ روين کي پرکي ٿو. سندن اجتمائي، قبيلائي، خانداني ۽ مذهبي ريتون، رسمون ۽ تهذيب ۽ تمدن بيان ڪري ٿو. سماجي قانونن ۽ قائدن ۾ زندگي گذاريندڙ فردن جي ڪردارنگاريءَ ۾ ناول نگار کي هڪ مصلح ۽ مبلغ جو پارٽ ادا ڪرڻو پوي ٿو، ته ڪٿي ڪٿي هو غير جانبدار ٿي مسئلو کولي بيان ڪري فيصلو پڙهندڙ تي ڇڏي ڏئي ٿو. ڪو به سماج مسئلن کان آزاد نه رهيو آهي، سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي رهي آهي. هتي مذهبي ڪٽرپڻا ۽ فرقه پرستيون قائم ڪونه ٿيون آهن. سنڌ هميشه ڌارين آيلن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. بي جا عدل و انصاف ۽ رحم دليءَ سبب سنڌين ڀوڳيو پڻ آهي. گھڻي سادگي ۽ بي نيازيءَ جي ڪري کين هميشه ڌارين سالم ڳڙڪائڻ چاهيو آهي، انهيءَ ڪري هتي ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن. شروعاتي دور ۾ هتي آريا، ايراني، يوناني، عرب، افغان، مغل ۽ انگريز آباد ٿيا. پوءِ پنجابي، مهاجر، پٺاڻ ۽ ٻيون انيڪ قومون اچي آباد ٿيون. گھڻ قومي سماج، گھڻين ٻولين ۽ قومن جي ميلاپ جي ڪري شهرن جي مسئلن ۽ ڳوٺن جي مسئلن ۾ فرق اچي ويا. انهيءَ ڪري سنڌي سماج ۾ ڪيترن ئي مسئلن منهن ڪڍيو آهي.
سنڌي سماج ۾ سرمائيداري ۽ زمينداري کان سواءِ سيدن، ميرن ۽ پيرن جا پنهنجا پنهنجا زندگيءَ جا ماپا ۽ اصول آهن ته عام پڙهيل طبقي جي مجبور دنيا جي بيوسين جا بيان الڳ آهن. وڏيرڪو نظام، ڪامورا شاهي، زمينداري ظلم، نياڻين جا حق بخشائڻ، ننڍيءَ عمر جون بي جوڙ شاديون، تعليم جي ڪمي، ڏيتين ليتين جا مسئلا، بدلي جون شاديون، رسمن ۽ رواجن جا گھڻا خرچ، طلاقون، معاشي غير برابري جا ٻيا انيڪ مسئلا، بکون، بيروزگاريون، پيري مريدي، ضعيف الاعتقادي، اوليا پرستي، اخلاقي تنزليون، رشوت، جوا، شراب، زنا ۽ ٻيون ڪافي برائيون اچي وڃن ٿيون. اهي سڀ مسئلا ليکڪن پنهنجي ناولن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي ناول نگارن ماڻهن جي ذهني سڄاڳي، اخلاقي همت ۽ جرائت کي وڌائڻ لاءِ قومي هيروز جا ڪارناما سهڻي اسلوب سان بيان ڪيا آهن. هندو سماج جي مسئلن کي هندو ناول نگارن اثرائتو پيش ڪيو آهي. سندن گھرجون ۽ مسئلا مسلمان سنڌي سماج کان ڪجھ قدر مختلف آهن. سنڌي هندو ناول نگارن به ڪيترائي اصلاحي ۽ اخلاقي ناول لکيا آهن. شروعاتي دور جي ناولن جي باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ”هن دور ۾ ناولٽ ۽ ناول تمام گھڻا لکيا ويا ۽ ترجمو به ڪيا ويا جن ۾ سنڌي معاشري ۽ سنڌي سماج جي جھلڪ نظر اچي ٿي. سنڌي ماحول جو مطالعو ۽ سنڌي زندگيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو“.
ورهاڱي کان اڳ جي ناولن ۾ سياسي شعور جي پختگي ۽ سماجي مسئلا، اخلاقي ۽ اصلاحي قدر موجود آهن. ورهاڱي کان پوءِ جي ناول ۾ قوميت ۽ سنڌيت جي جذبي سان گڏ ٻيا موضوع آهن. جيئن دوستي، دشمني، محبت ۽ نفرت، اونچ نيچ، ذات پات، اوليا پرستي، ذمينداري ظلم، هارين جو استحصال، عورتن جا حق سندن معاشرتي مجبوريون، پراڻيون ريتون رسمون، طبقاتي مسئلا، سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي عڪاسي، سنڌيت، قوميت ۽ ٻيا آهن اهڙيءَ ريت سنڌي سماج جي سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حالتن جي خبر سنڌي ناول مان پوي ٿي. تاريخي ۽ قومي ناولن ۾ ”سانگھڙ“، ”همه اوست“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”موهن جو دڙو“ بهادري، جرئت ۽ همت جو پيغام آهن، جن جو مطالعو قوميت جي جذبي کي اُتساهي ٿو. ”زينت“ ناول ۾ سنڌي سماج جي اقتصادي زندگيءَ کي بيان ڪندي ليکڪ نياڻيءَ جي شاديءَ جي خرچن تي پريشان ٿيندڙ، والدين جي زندگيءَ جو خاڪو چٽي سماج جي ڏيتيءَ ليتيءَ جي مسئلن کي بيان ڪيو آهي ته عورت ذات جي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.
سنڌي ناول ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت جو مسئلو، ون يونٽ جو قيام، مارشلائي حالتون، بنگلاديش ٿيڻ سان سياسي حالتن جي تبديلي، ٻوليءَ جا فساد ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا سڌي يا اڻ سڌي اظهار جو ذريعو رهيا آهن. اهڙيءَ ريت ڪيترن ئي ناولن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو، ته سنڌي ناول نگار هر دور ۾ پنهنجي ناولن ۾ سنڌي سماج جي مسئلن کي دل سان محسوس ڪندي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هڪ سڄاڻ ۽ سمجھو ليکڪ جي حيثيت سان نه فقط سماجي مسئلا کولي سمجھايا آهن، پر سندن رهبر ۽ رهنما ٿي کين مسئلن جا حل پڻ ڏنا آهن.