ناول ڇا آهي؟
ناول انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى “Newness” يعني عجيب شيءِ يا نئين شيءِ آهي. ناول جي ادبي ۽ اصطلاحي معنى ۾ ناول انساني ڪردارن جو نثر ۾ بيان آهي ۽ اها ڪهاڻي جيڪا مختصر ڪهاڻيءَ کان تمام وڏي هجي. هاڻي سوال اهو آهي ته ناول نئين شيءِ ڇو شمار ٿيو؟ جيئن ته دنيا جي ادب ۾ ناول کان اڳ ڏند ڪٿائون ۽ مافوق الفطرت قصن تي مبني آکاڻيون هلندڙ هيون ڪجھ صديون اڳ جي ادب تي نطر ڊوڙائبي ته معلوم ٿيندو ته شاعريءَ سان گڏ نثري قصا ۽ ڪهاڻيون رائج هئا. جنهن جو وجود اوائلي ناول ۾ ملي ٿو. ”سانگ يا ڊرامو“ به ناول جي اوائلي صورت آهي.
دنيا ترقي پسند عملن مان هميشه کان گذرندي رهي آهي سائنسي ترقيءَ جي ڪري به علم ۽ ادب ۾ تبديلي آئي آهي جڏهن کان زندگيءَ جون سچايون ۽ حقيقتون ادب جو حصو بنجڻ لڳيون تڏهن کان ناول جي صنف وجود ۾ آئي ۽ عام جي پسنديدگيءَ سبب هن صنف مقبوليت حاصل ڪئي، معنى ناول ادب ۾ هڪ مختلف صنف ٿي داخل ٿيو. انهي ڪري کيس نئين ۽ عجيب شيءِ سمجھيو ويو. ناول جي صنف جون پاڙون ادب ۾ تمام پراڻيون کتل آهي. غيبي اتفاق ۽ غيبي هستين ۽ بادشاهن جي بيانن مان عام انسانن جي سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ جي حقيقت نگاريءَ جي اپٽار تائين پهچڻ لاءِ ناول جي صنف کي جيڪو سفر ڪرڻو پيو، سو دلچسپ آهي. منجھس فني اصول ۽ ماپا مقرر ٿيا. شروع دؤر جي ناولن ۾ فني خاميون هيون، پر پوءِ فڪشن جي هن صنف تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ پوري عالمي ادب تي ڇانئجي وئي.
ناول جي لاءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته علم ادب ۾ هي اهو نثري بيان آهي، جنهن سان زندگيءَ جون حقيقتون، خيال، جذبا، انساني سوچون، ڀرم، وسوسا ۽ حالتون معلوم ٿين ٿيون، ماڻهن جا قول ۽ فعل ۽ انساني زندگين جو بيان ئي ناول جو بنيادي محور آهن. شخصي زندگين جو ذڪر هوندي به هن ۾ اجتماعي زندگين جو عڪس آهي. ناول ۽ افساني، ناول ۽ داستان ۾ بنيادي طور ڪافي فرق آهي. بيشڪ اهي سڀ نثر ۾ لکيا وڃن ٿا پر ناول ڪجھ فني اصولن جي ڪري مختلف صنف مڃيو وڃي ٿو.
شروع دؤر جا ناول فني خامين هوندي به ناول ڳڻيا ويا جو اهي انساني زندگين جي ذڪر تي مشتمل هئا. انگريزي ادب ۾ بهترين ناول لکيا ويا آهن. جن نه فقط يورپ جي زندگيءَ تي پر سڄيءَ دنيا جي ادب تي اهم اثر ڇڏيا آهن. انگريزي ادب ۾ ناول جي صنف جون پاڙون تمام اونهيون کتل آهن. يورپ ۾ اڄ ڏينهن تائين ناول نگاريءَ کي گھڻي اهميت حاصل آهي. يورپ ۾ تعليم جو عام هئڻ به ناول جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب آهي. حڪومت ۽ ٻين ادارن طرفان سٺن ناولن تي انهن جي ناول نگارن کي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويندا آهن ته چڱن ناولن تي فلمن ٺاهڻ جو رواج به آهي، جنهن سبب کان ناول ڪمرشلائيز ٿي پيو آهي. ناول نگار کي وڏو اجورو ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري يورپ ۾ ناول جي صنف پنهنجي آب و تاب سان اڄ به قائم ۽ معياري ناول لکڻ جو رجحان وڌندڙ آهي، اهي ناول ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي پوريءَ دنيا جي ادب ۾ مقبوليت جو سبب بنجن ٿا.
انگريزي ادب ۾ پهريون ناول سر سموئيل رچرڊسن جو، ”پاميلا“، شمار ٿئي ٿو. جيڪو 1740ع ۾ لکيو ويو. هن ۾ هڪ لارڊ جو ”پاميلا“ نالي نوڪرياڻيءَ سان عشق ڏيکاريل آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي ناول نگارن بهترين ناول لکيا ۽ ڪيترائي ٻين ٻولين جا ناول به انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا. دنيا جي ادب ۾ مشهور ناول نگارن ۾ سموئيل جانسن، رچرڊسن، چارلس ڊڪسن، ٿامس هارڊي، هينري فيلڊنگ، سروانٽس، جوناٿن سفٽ، والٽر اسڪاٽ، سر هنري رائڊر هيگرڊ، ٿيڪري وليم، جارج ايليٽ، اي.ايم فاسٽر، آئورل آئويس، هاورڊ فاسٽ، پيري لوئي، دوستو وسڪي، هرمن هريس، آسڪروائيلڊ، ڪرسٽوفر، پال سارتر، البرٽ ڪاميو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. انگريزيءَ جي بين الاقوامي ٻولي هئڻ سبب هن ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين ٻولين جا جيڪي فن پارا ترجمو ٿين ٿا، اهي به گھڻي ڪاميابي ماڻيندا آهن، ترجمي ۾ مترجم جي صلاحيتن سان گڏ ادبي فن پاري جي چونڊ به خاص اهميت رکي ٿي. گارشيا مارڪيز اسپينش ٻوليءَ جو وڏو ناول نگار آهي. سندس پڙهندڙ پرستار ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن. مارڪيز جي ناولن جا ترجما صرف انگريزيءَ ۾ لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيندا آهن. هن جي لکيل ناولن تي فلمايل فلمن تمام گھڻي شهرت حاصل ڪئي، مارڪيز جي ناولن کي جادوئي حقيقت نگاري يعني (Magical Realism) جا شاهڪار سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ٻيان به ڪيترائي ناول نگار آهن جن جا ايوارڊ يافته ناول ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. نثر جي ادبي صنفن جي جائزي کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ادب ۾ ناول اهميت واري صنف آهي.
ننڍي کنڊ ۾ شروع ۾ ناول ترجمي جي شڪل ۾ آيو پوءِ ليکڪن پاڻ پنهنجي ٻولين يعني اردو، سنڌي، بنگالي، گجراتي وغيره ۾ ناول لکڻ شروع ڪيا. اردو ادب ۾ پهريون باقائده ناول ڊپٽي نذير احمد جو ”مراة العروس“ آهي ان کان پوءِ عبدالحليم شر، مرزا هادي رسوا، سجاد ظهير، منشي پريم چند، ڪرشن چندر، عصمت بيگ چغتائي، نسيم حجازي، ممتاز مفتي، خديجه مستور، جميله هاشمي، انور سجاد ۽ ٻين ڪيترن ناول نويسيءَ جي ميدان کي زرخيز بنايو. سندن ناولن جا موضوع معاشرتي، سماجي، نفسياتي ۽ رومانوي هئڻ سان گڏوگڏ قومي، تاريخي ۽ سياسي رهيا آهن.