چار مقالا
چار مقالا، هڪ نظر: هن ۾ چار مشهور نثر جي صنفن جو پهريون مقالو سنڌي ناول جي باري ۾ آهي. ناول نويسيءَ جي تفصيل کان اڳ ۾ عُرساڻي صاحب انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي، الف، ب ٺهڻ ۽ شروع جي ترجمو ٿيل ڪتابن جا احوال ڏنا آهن، ناول نويسيءَ جي فن جو تعارف ۽ ناول جي صنف کي واضح ڪرڻ لاءِ ناول جا قسم ۽ ناول نويسيءَ جون خاصيتون ۽ سٺي ناول لکڻ لاءِ ڄاڻ آهي. باقي سنڌي ناول جي باري ۾ مختصر لکيل آهي. ناول نويسيءَ جي دؤرن کي مصنف ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. ليکڪ مطابق پهريون دؤر ”بلو کوکر“ ۽ ”راسيلاس“ کان شروع ٿئي ٿو. ” بلو کوکر“ کي 1861ع کان پوءِ جو ناول بيان ڪيو ويو آهي ۽ ”راسيلاس“ کي 1861ع. (جڏهن ته بلو کوکر 1929ع ۽ راسيلاس 1870ع جو سال ڪتابن تي درج ٿيل آهن).
”زينت“ ناول کي ترجمو ڄاڻايو ويو آهي. عرساڻي صاحب لکي ٿو، ”مرزا صاحب موحوم جو ٻيو ناول ”زينت“ جو 1890ع ۾ لکيو ويو، ان کي اگرچ عام طرح طبعزاد سمجھيو ويندو آهي مگر حقيقت ۾ اهو هڪ اُردو ڪتاب ”صحت النساءَ“ تان ورتل آهي“. (صه، 16)
جڏهن ته زينت لاءِ مختلف ادبي تاريخن ۾ جيڪي رايا آهن انهن مان خبر پوي ٿي ته زينت طبعزاد ناول آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ لکيل زينت جي جائزي کي ڏسو). ليکڪ ناول نويسيءَ جو ٻيو دؤر 1923ع کان آزاديءَ جي تحريڪ تائين شمار ڪيو آهي ۽ آخري دؤر 1947ع کان پوءِ جو ”موجوده دؤر“ جي عنوان سان ڄاڻايو آهي. هن مختصر مقالي ۾ شروعاتي دؤر جي معلومات ڏنل آهي. جنهن ۾ ڪجھ افسانن جو ذڪر پڻ اچي وڃي ٿو. ڪتاب ۾ ناولن جي ترتيب (”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ) کان هٽيل آهي. ”چار مقالا“، جو ٻيو مقالو ”سنڌي ڊرامو“ آهي جنهن ۾ ڊرامي جي صنف جي اهميت ۽ ان جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. ڊرامي جي تمهيد کان پوءِ ليکڪ سنڌي ڊراما نويسيءَ جي شروعات ڄاڻائي آهي. جنهن ۾ لکيو اٿن ته، ”جيئن ئي انگريزن جي طرفان سنڌي ۽ انگريزي اسڪول کليا، تڏهن کان ئي ننڍن ننڍن مڪالمن لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ جو رواج پيو ۽ اڳيان هلي ناٽڪ ڪمپنيون وجود ۾ آيون“ (صه، 40).
عرساڻي صاحب مطابق ته سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات 1885ع کان ٿي. 1894ع ۾ ڊي.جي ڪاليج اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي اسٽيج تي ڊراما پيش ڪيا. جنهن کان پوءِ حيدرآباد ۽ چانڊڪا اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽيون قائم ٿيون. ان کان پوءِ 1923ع ۾ حيدرآباد ڊراميٽڪ ڪلب جو وجود عمل ۾ آيو. شروع جو سنڌي ڊرامو گھڻي قدر ترجمي ۽ شاعراڻي نثر تي مشتمل هو. ان کان پوءِ مشهور لوڪ ڪهاڻين جا ڊراما بار بار اسٽيجن تي ورجايا ويا. اڳيان هلي ريڊيائي ۽ ٽي.وي ڊرامن جو دؤر آيو. هيءُ مقالو گھڻو اڳ جو آهي، سنڌي ڊرامي هن دؤر ۾ ٽي.وي جي ذريعي گھڻي ترقي ڪئي آهي. باقي اسٽيج تي سنڌي ڊراما نه هئڻ برابر آهن. پاڪستان ۾ گجراتي، ميمڻي ۽ اردو ڊراما اسٽيج ڪيا ويا پر انهن جو معيار به تمام گھٽ آهي ۽ اڄڪلھ ريڊيو ۽ پي.ٽي.وي ڊرامن جي مقبوليت سان گڏ ڪيبل جي عام ٿيڻ سان سنڌي ڊرامو پوريءَ دنيا ۾ ڏٺو وڃي ٿو. جنهن ۾ نوَن ليکڪن چڱا ڊراما سنڌي ادب جو حصو بنايا آهن.
”سنڌي افسانه نويسي“ مقالي ۾ افسانه نويسي جي فني خوبين سان گڏ، سنڌي افساني جي تاريخ بيان ڪئي ويئي آهي. ليکڪ مطابق ”برصيغر هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي شروع ۾ ٿي“.
هن مقالي ۾ افسانه نويسيءَ جو پهريون دؤر ويهين صدي جي شروعات آهي جنهن مطابق 1911ع ۾ ڪوڙيمل بهترين بنگالي افسانن جو ترجمو ڪيو. هن دؤر جي افسانه نگارن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، عبدالله عبد، لال چند امر ڏنو مل ۽ جيٺمل پرسرام جن کي ذڪر ڪيو آهي. ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ عالمگير جنگ پڻ لڳي ۽ ورهاڱي جي تحريڪ پڻ زورن تي هئي. هن دؤر ۾ طبعزاد افسانا پڻ لکيا ويا ۽ ڪجھ افسانا ترجمو پڻ ٿيا. ٽيون دؤر 1940ع کان 1947ع تائين کي ڄاڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ڪافي افسانن جا مجموعا پڻ ڇپجي ظاهر ٿيا آهن. افساني جو موجوده دؤر به بيان ڪيو ويو آهي. افساني جو مقالو موضوع سان ڪجھ لاڳاپيل آهي ۽ 1950ع تائين جي افسانه نويسيءَ جو احاطو ڪري ٿو.
”سنڌي مضمون نويسي“ هڪ اهم موضوع آهي، جنهن تي گھٽ لکيو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن. جيڪي ادب جو حصو بنجي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. پر مضمونن جي موضوعن جي اڻاٺ رهي آهي. انهيءَ لحاظ کان ڪتابي صورت ۾ جيترا مجموعا هئڻ کپن ايترا اڃان تائين نه اچي سگھيا آھن. ليکڪ پهريائين مضمونن جي صنف تي روشني وڌي آهي ته مضمون ڇا آهي؟ جيئن ته ”مضمون عام طور هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي. جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوءَ تي آسان ۽ سرسري انداز سان نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو. جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي“. مضمون نويسيءَ جو پهريون دؤر 1854ع کان صحافت جي شروعات سان ڄاڻائيندي. شروع دؤر جي مضمونن جي مجموعن، مقالات الحڪمت، گل ڦل، هيري جون ڪڻيون، ادبي گلشن، ادبي غنچو وغيره، کي ذڪر ڪيو ويو آهي. ۽ ٻين مضمونن جي مجموعن جي مختصر معلومات ڏنل آهي.
تجزيو: ”چار مقالا “ مختصراً نثر جي ادبي صنفن جي باري ۾ شروع دؤر جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ڪتاب جي ٻولي عام فهم آهي. ڪجھ هنڌن تي اردو شعرن جا مثال ڏنل آهن جيڪي ٺهڪندڙ ڪونهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ فٽ نوٽ ۾ مددي ڪتابن جو ڪو به حوالو ڏنل ڪونهي ۽ ڪجھ معلومات ادبي تاريخن کان هٽيل آهي، مثلاً ڪريم ڏنو راڄپر جو ”آمريڪا جو سير“ سفرنامي کي مضمون جو ڪتاب ڄاڻايو ويو آهي. ”چار مقالا“ جي ناول، افساني، ڊرامي ۽ مضمون جي باري ۾ ڏنل معلومات 1954ع تائين جي دؤر تائين آهي. ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ مٿين صنفن تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. ڪيترائي نثر بابت مقالا ۽ تاريخون وجود ۾ آيون آهن. اسماعيل عرساڻي صاحب جو هيءُ ڪتاب بنيادي معلومات لاءِ شروع دؤر ۾ اهم ضرور رهيو پر موجوده وقت خاص اهميت جوڳو شمار نٿو ٿيئي. خبر ناهي ڇو هن ڪتاب کي ايم.اي سنڌي ۽ سي.ايس.ايس جي نصاب جو حصو بنايو ويو آهي؟ يونيورسٽين جي نصاب ڪميٽيءَ جي ڄاڻ تي عجب ٿيئي ٿو!! ڇا منهنجو هيءُ ڪتاب سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس يونيورسٽين جي نصاب جو حصو ٿيڻ گھرجي؟ هن ڪتاب کي هائر ايجوڪيشن وارن نصاب ۾ رکڻ چاهيو پر سنڌ مان اسلام آباد ڪريڪيولم جي ميٽنگ لاءِ ويل استادن هٽرايو، ”ههڙا هاڃا ٿين هن ڀنڀور ۾“!!