بلو کوکر
283 صفحن جي هن ناول جا ڪردار ڏيهي ۽ ماحول سنڌ جو پيش ڪيل آهي، شادي پلي، پٿورو، ميرپوخاص ۽ حيدرآباد جي علائقن ۾ مسلمان ڳوٺاڻن ۽ شهرين جي زندگيءَ جي تصوير آهي.
ناول جي ڪهاڻي: ”بلو کوکر“ ناول جي ڪهاڻي خاص پنجن ڪردارن جي چؤگرد گھمي ٿي. بلو کوکر (ابراهيم کوکر) سندس زال حليمان، ڌيءَ رحمت، در محمد دهلوي ۽ خانزادي، ابراهيم کوکر هڪ بيروزگار شخص پٿوري جي ميلي ۾ روزگار جي ڳولها ۾ سندس زال ۽ ڌيءَ سان وڃي ٿو. کيس نشي جي علت هوندي آهي، جنهن سبب کان ماڻهن جي ميڙ ۾ زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو آهي، جنهن کان پوءِ سندس زال شير خان پٺاڻ سان نڪاح ڪندي آهي، شير خان ڪجھ وقت کان پوءِ ڌنڌي سبب ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو ۽ حليمان کي گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ اطلاع ملي ٿي ته سندس مڙس ٻڏي مري ويو آهي (جيڪو تحقيق زنده هوندو آهي) انهيءَ اطلاع کان پوءِ حليمان ابراهيم کوکر کي ڳولهيندي آهي ته جيئن وري ساڻس نڪاح ڪري سگهي ٻئي پاسي ابراهيم زال کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ گھڻو شرمسار ٿيندي پٿوري جي مزار تي قسم کائيندو آهي ته ”آئيندي لاءِ نشي جي ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لائيندس“ ۽ اهڙيءَ ريت زندگيءَ ۾ محنت جو عادي ٿي ۽ ڪڻڪ جي واپار مان آسودو ٿي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿي ويندو آهي.
حليمان ابراهيم سان ملڻ کان پوءِ ڌيءَ رحمت کي ڏک کان بچائڻ لاءِ ابراهيم کان مليل طلاق کي لڪائي ڇڏيندي آهي، انهيءَ ڪري ابراهيم کين الڳ گھر ۾ صحيح رهائش مهيا ڪندو آهي، حليمان جي فوت ٿيڻ بعد سندس ڌيءَ رحمت پاڙي ۾ رهندڙ هڪ عورت خانزاديءَ وٽ ابراهيم جي مرضيءَ سان رهڻ لڳندي آهي. خانزادي ابراهيم سان شادي جي خواهشمند هوندي آهي. انهيءَ دوران در محمد دهلوي ابراهيم جو مئنيجر ٿي کانئس به ترقي ڪري مٿي ٿي گڏوگڏ خانزاديءَ کي به پاڻ ڏي مائل ڪري ويندو آهي، جنهن سبب کان ابراهيم کانئس ساڙ رکي قاتلاڻو حملو ڪندو آهي. خانزادي ابراهيم کان (سندس لکيل ابراهيم ڏي خطن جي) واپسيءَ جي گھر ڪندي آهي جيڪي ابراهيم جي لاپرواهيءَ سان دين محمد کي هٿ لڳن ٿا ۽ هو ابراهيم ۽ خانزاديءَ کي شهر ۾ خوار ڪرائي ٿو، جنهن جي ڪري خانزادي ڏک ۾ مري وڃي ٿي.
ٻئي طرف شيرخان حليمان کي ڳولهيندو زنده سلامت اچي وڃي ٿو. جتي کيس رحمت ملي ٿي جيڪا کيس سڳو پيءُ سمجھي ٿي ۽ سندس اجازت سان دهلوي سان شادي ڪري ٿي ۽ شيرخان ڌيءَ جي شادي کان پوءِ واپس هليو وڃي ٿو ۽ ابراهيم کوکر هميشه لاءَ اڪيلو رهجي وڃي ٿو. ڌيءَ جي شاديءَ ۾ ملڻ وڃي ٿو پر اها کيس تڙي ڪڍي ٿي ڇڏي جنهن جي ڪري ڏک ۾ مهيني کان پوءِ مري وڃي ٿو. آخر ۾ در محمد دهلوي ۽ رحمت ابراهيم جي جنازي تي وڃن ٿا، اهڙيءَ ريت ٽرئجڪ پڄاڻي هوندي به هيرو هيروئن جي ميلاپ سان ناول ختم ٿئي ٿو.
بلو کوکر ناول جي ادبي حيثيت: هن ناول جي ٻولي اثرائتي نه آهي، حالانڪه سنڌي ادبي بورڊ وارن نئين ڇاپي ۾ انهيءَ کي سڌاريو پڻ آهي جنهن جي لاءِ محمد ابراهيم جويو لکيو آهي ته، ”اسان هن ڪتاب ۾ لفظن جي رائج صورت مطابق ڇپائي ڪئي آهي ۽ لائق مصنف طرفان ڪن لفظن جون مقرر ڪيل صورتون جيڪي هينئر هوند کيس به اوپريون ۽ غلط لڳن، تن کي بدلائي نئين هلندڙ صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي“.
يعني ته سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي رائج صورت مطابق سنواري سڌاري ڇپايو آهي، ان جي باوجود به اڄ اسين ڏسنداسين ته هن ناول ۾ ٻوليءَ جي ترتيب ۽ جملن جو ربط ڪنهن ڪنهن هنڌ صحيح نه آهي, (ديباچو اصلوڪي حالت ۾ لکيل شروع ۾ ڪتاب ۾ ڏنل آهي. ته جيئن پڙهندڙ فرق محسوس ڪن) ديباچي کي پڙهڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته هن ڪتاب جي ڇپائيءَ تي محنت ڪئي وئي آهي، انهيءَ هوندي به ڪجھ هنڌن تي بي جوڙ تشبيهون ۽ بي ترتيب جملا آهن، جيئن صفحو نمبر 213 ۽ 167 وغيره. هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو.
ابراهيم خان چيو ته، ”دهلوي کي ڪايو ٿو ڏسجي، جنهن ۾ هو آئيندو ڏسي ٿو سگهي. اهڙي تجويز اٿس جو سڀ ڪم مان فائدو ٿو ڪڍي دهلويءَ کي سبق سيکارڻ گھرجي“، پوءِ ويهي تفصيل انهيءَ تجويز جو سٽيائون، چوڪ ٿي وين دير سان اٿيا“.
بهرحال انهيءَ باوجود ڪجھ هنڌن تي سهڻا پهاڪا، چوڻيون ۽ شعر پڻ استعمال ٿيل آهن. جيئن، ”ٿوري کٽيي گھڻي برڪت“، ”ٻه به ويس ڇھ به ويس“، ”ڏڌو کير ٿڻين نه پوي“، ”هڪ اڳئي نچڻي ويتر پيس گھنڊڻي“، ”مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ“، ”باه تي تيل هارڻ“، ”ڦڪا ڪانا چوسڻ“، ”جک مارڻ“، ”جنڊي پاڙي ٿيڻ“ ۽ ٻيا. ٻوليءَ جي لحاظ کان هندي، گجراتي، فارسي ۽ عربي لفظن جي استعمال کان پاسو ڪيل آهي. سليس سنڌي ڪتب آندل آهي، باب اٺين ۾ ڪجھ هندي ۽ اردو غزل جا شعر موقعي مطابق ڏنل آهن.
پلاٽ، موضوع، ڪردارنگاري ۽ ٻيون ناول نگاريءَ جون خوبيون يا خاميون: هيءُ ناول بياني ۽ ڪرداري شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ طلاق کي موضوع بنائي ان جي نقصان کي بڌايو ويو آهي. اصل مقصد سماج جي اصلاح ۽ انساني سڀاءُ جا رخ بيان ڪرڻ آهي، مختلف شخصيتن جي مزاج، اٿڻ ويهڻ، عادتن ۽ رسمن مان انهي دور جي معاشي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. ناول جي پلاٽ ۾ طلاق جي موضوع کي اهميت ڏني وئي آهي. اهو موضوع اهم ترين هوندي به پنهنجي اهميت ثابت ڪري نه سگهيو آهي، جو ليکڪ هن موضوع جي باريڪين جي ڄاڻ نه هئڻ سبب موضوع سان انصاف نه ڪيو، جيئن ته هي ناول انهيءَ وقت لکيو ويو، جڏهن هندوستان ۾ هندو مسلم ادبي ڇڪتاڻ موجود هئي. ايس.سي شهاڻيءَ جي هن ناول مان اها ڳالھ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٽي پٿر ڏيئي، طلاق ڏيڻ سان طلاق نٿي ٿئي ۽ نه ئي طلاق جهڙي جائز ۽ حلال ڪم کي لڪائڻ جو ڪو سبب آهي، بيشڪ اسلام ۾ طلاق جو فعل مڪروه ۽ ناپسنديده آهي، پر وري به جائز شمار ٿئي ٿو. ناول ۾ حليمان جو نڪاح کان اڳ ۾ شير خان سان گڏ وڃڻ يا رحمت کان سندس پيءُ جي نالو يا طلاق لڪائڻ سڀ غير حقيقي ڳالهيون آهن.
غصو ۽ نشو جن ٻن سببن کان طلاق ٿي هئي، انهن جي باري ۾ ذڪر وڌيڪ ڪرڻ ۽ طلاق کان پوءِ جا مسئلا به کولي بيان ڪرڻ کپندا هئا، ابراهيم کي پنهنجي جائز ڌيءَ کي مڪمل حفاظت ڏيڻ کپندي هئي. مسلمان معاشري ۾ ڪوبه مسلمان پي پنهنجي ڪنواريءَ ڌيءَ کي در در ڀٽڪائي ته جيئن کيس طلاق جي خبر نه پوي اهو غير يقيني لڳي ٿو. ڪردانگاريءَ جي لحاظ کان ابراهيم کوکر هڪ اُتاولو، ڪاوڙيل ۽ نشي باز هئڻ سان گڏوگڏ نيڪ دل سمجھدار، ڌنڌي ۾ هوشيار ۽ قسم کائڻ کان پوءِ ثابت قدم رهندڙ، غلطيءَ کي مڃيندڙ ۽ غلطيءَ تي پڇتاءُ ڪندڙ ڪردار آهي، پر فقط سندس نشي جي علت، ويسر ۽ ڪاوڙ کيس پنهنجي درجي تان ڪيرائي منفي ڪردار بنائي ٿي. خانزاديءَ ۽ حليمان جي بي وقتائتي موت هنن مثبت ڪردارن جا سٺا اثر لڪائي ڇڏيا آهن. آخر ۾ ابراهيم کي به موت ڏيئي ناول کي دکدائڪ ڪيو ويو آهي، هيرو ۽ هيروئن جي ميلاپ سان آخر ۾ ڪهاڻي ختم ٿيڻ تي هيروئن رحمت کي صابرين، باهمت، نيڪ ۽ سمجهدار ڏيکاريندي هيرو دهلويءَ کي به نيڪ رويي وار ڄاڻايو ويو آهي.
پرڏيهي ناول جي ڪردارنگاري مان متاثر ٿي سنڌي مسلم ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسيءَ سان هن ناول کي رٿيو ويو آهي پر ناول نگار کي اسلام جي قانونن، قائدن ۽ انهيءَ سماج جي رسمن ۽ رواجن جي گھڻي ڄاڻ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جنهن سبب اهو تاثر اڌورو رهجي ويو آهي. منظرنگاريءَ جي لحاظ کان ڪنهن به قدرتي نظاري جو بيان ڪونهي بلڪه خانزادي ۽ حليمان جهڙن اهم ڪردارن جي موت جو منظر به هڪ سٽ ۾ ڏنل آهي، رحمت جي شاديءَ جي ذڪر کي به اثرا.ئتو پيش نه ڪيو ويو آهي. جيڪو اهميت جوڳو نٿو لڳي. باقي ناول جو موضوع تمام اهم آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا حقيقي واقعا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ناول جو شمار سماجي ناولن ۾ ٿئي ٿو.