لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

غريبن جو ورثو

ناول پروفيسر نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو لکيل آهي. هي ناول ورهاڱي کان اڳ 1946ع ۾ لکيو ويو هو، ڀمڀاڻي صاحب انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيل ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ جو پروفيسر هئڻ جي حيثيت سان بنيادي طور هڪ ڄاڻو ادبي ۽ علمي شخص هو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي ناول لکيا، انهن ۾ ”غريبن جو ورثو“ سندن مشهور ناول آهي، جيڪو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ نصاب ۾ مقرر رهيو، انهيءَ ڪري ڪتاب جا ڪيئن ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1964ع ۾ موتي رام ايس راماڻي سنڌي ادبي گهر اداري مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ٽيون ڇاپو 1975ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ به ڪافي دفعا ڇپيو آهي. نسيم بڪ ڊپو حيدرآباد وارن هن ڪتاب کي 2004ع ۾ ٻيهر، سهڻي اجرڪ جي ٽائٽل ڪور سان اين.ڪي پرنٽنگ پريس گاڏي کاتو مان شايع ڪرايو آهي. 104 صفحن جو هي مختصر ناول اعليٰ مقصد ۽ آدرش بيان ڪري ٿو. ناول نگار قربانيءَ جي جذبي ۽ سچي محبت جي اهميت کي پيش ڪيو آهي ۽ اعليٰ ويچارن سان ”غريبن سان همدردي“ کي فوقيت ڏياري آهي. هي ناول پنهنجي دور جي حالتن ۽ ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهي وقت جي سنڌ جي سماج جون ريتون رسمون، تهذيب ۽ تمدن کي ظاهر ڪري ٿو. سماج جي جنهن طبقي کي ليکڪ بيان ڪيو آهي، انهيءَ طبقي جي حقيقي زندگي ڪردارن جي ذريعي ڄاڻائي اٿس. هيءُ ناول سماجي، گهريلو ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ انساني احساسن ۽ سوچن جو آئينو آهي. هن ناول مان انهيءَ وقت جي سنڌ جي تاريخي واقعن ۽ حالتن جي به خبر پوي ٿي. جيئن 1900ع وارو ٿر جو ڏڪار ۽ 1929ع واري سنڌو نديءَ جي ٻوڏ جا دردناڪ منظر بيان ڪيل آهن.
ناول جي ڪهاڻيءَ مان سنڌ جي وچ واري حصي جي ڳوٺن هالاڻي، ڪنڊيارو، گهنگهرن جو ڳوٺ، پير مهدي شاھ جو ڳوٺ، خانواهڻ ۽ پسگردائي جي علائقن جي ويهين صديءَ جي شروع ڏهاڪي جي وقت جي خبر ملي ٿي. انهيءَ وقت ۾ آمد و رفت جا ذريعا به صحيح نه هئا، نه ئي بجليءَ جون سهولتون هيون. سن 1900ع ۾ جڏهن ٿر ۾ سخت ڏڪار پوندو آهي تڏهن ڇاڇري مان پيرو مڱڻهار پنهنجي زال حياتان ۽ دوست بخشڻ ۽ سندس زال سچل سان گڏجي نوابشاھ ضلعي ڏانهن رُخ رکيو رستي ۾ پيروءَ کي پٽ ڄائو پر حياتان فوت ٿي وئي ۽ اهڙي ريت پيرو جي پٽ حميد کي بخشڻ جي زال سچل پنهنجي پٽ دادن سان گڏ پالي وڏو ڪيو ۽ کيس پنهنجو کير پياريو يعني دادن ۽ حميد (هيرو) کير شريڪ ڀاءَ هجن ٿا، اهڙيءَ ريت هي سڀ نوابشاھ ضلعي جي ڪنڊيارو تعلقي ۾ ڳوٺ پير مهدي شاھ وڃي رهن ٿا.
حميد جو پيءُ شرناءِ وڄائڻ ۾ ماهر هوندو آهي ۽ سندس راڳ تي موهت تي کيس ماڻهو گهڻا پئسا ڏيندا آهن، پر هو اهي سڀ غريبن ۾ ورهائيندو آهي. هالاڻي ۾ ويساکيءَ جي ميلي ۾ جڏهن سندس پٽ کيس پئسا ورهائيندو ڏسي ٿو ته جهلي ٿو ۽ چويس ٿو ته انهن پئسن مان مونکي تعليم ڏيرائي، پر پيرو شرناءِ وڄائڻ بند ڪرڻ ۽ غريبن کي نه ڏيڻ جي ڪري ذهني ۽ روحاني عذاب ۾ مبتلا ٿي جسماني طور به بيمار ٿي وڃي ٿو ۽ سندس وفات وقت حميد جو هٿ پنهنجي دوست ۽ سندس زال جي هٿ ۾ ڏيئي پٽ کي به وصيت ڪري ٿو ته، ”سچل جا توتي ٿورا آهن اهي لاهجان“، پيروءَ جي حياتي ۾ حميد پڻس جي واقف زميندار صادق عليءَ جي معرفت ڪجھ انگريزي جا درجا پڙهي وڃي ٿو ان جي بنياد تي کيس گهنگهرن جي ڳوٺ ۾ ڍڪ منشي جي نوڪري ملي ٿي، قادربخش جي ڌيءُ جنت جي ڍڳي ڍڪ ڏانهن ويندي آهي، جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ هوءَ حميد وٽ ايندي آهي ۽ اهڙي ريت حميد مٿس مفتون ٿي ويندو آهي ۽ ٻنهي ۾ ڪجھ ملاقاتن کان پوءَ محبت جو اظهار پڻ ٿيندو آهي جڏهن دادن حميد سان ملڻ گهنگهرن ايندو آهي تڏهن سندس دل به جنت کي ڏسي عشق جو ڀنڀٽ ٻاريندي آهي، پر جنت ۽ حميد جي گفتگو ٻڌي پنهنجي کير شريڪ ڀاءُ جي لاءِ قرباني ڏيندو آهي ۽ ٺارو شاھ هليو ويندو آهي. دادن جي گهر نه اچڻ تي سندس پيءُ نشي ۾ هئڻ جي ڪري گاڏي هيٺ اچي ايڪسيڊنٽ ۾ مري وڃي ٿو، سچل اڪيلي هئڻ جي ڪري پنهنجي پالتو ڪتي سان زميندار صادق علي جي گهر پورهيت ٿي ڪم ڪرڻ لڳي ٿي، پر مالڪ سندس ڪتي کي برداشت نه ڪندا آهن جنهن سبب جي ڪري هوءَ ڪتي کي ٻوڙي ايندي آهي. جڏهن ڪتي جي لاش پاڻيءَ تي ترندي ڏسندي آهي ته کيس پنهنجي ظلم جو، بيوسيءَ جو ۽ بي اوهي واهي زندگيءَ جو ايترو ته ڏک ٿيندو آهي جو دماغي توازن وڃائي ويهندي آهي، حميد جي بدلي گهنگهرن جي ڳوٺ مان خانواهڻ ٿيندي آهي، هو جنت جي پيءَ قادربخش کان جنت جو سڱ گهرندو آهي جيڪو قادربخش ڏيڻ به قبوليندو آهي، پر قادربخش جي اوچتي وفات تي نڪاح ملتوي ٿي وڃي ٿو. 1929ع جي سنڌو نديءَ جي اٿل جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن، حميد، جنت ۽ سندس ماءَ کي حفاظت سان خانواهڻ وٺي ايندو آهي، جتي سندس نڪاح جنت سان ٿيندو آهي، پر جيئن ته جنت جا ڪپڙا لٽا ٻيو سامان ٻوڏ جي ڪري لڙهي ويو هو، انهي ڪري ناول نگار موجب ”شادي“ يعني نکيٽي يا رخصتي نه ٿيندي آهي ته جيئن حميد ڪجھ وقت ۾ سامان ۽ ڪپڙن جو بندوبست ڪري سگهي.
انهي وچ ۾ سچل حميد وٽ خيرات لاءِ ايندي آهي جنهن جو دماغي توازن حميد کي ڏسي صحيح ٿي وڃي ٿو ۽ هوءَ سلھ جي ”مهلڪ“ مرض ۾ گرفتار هجي ٿي ۽ حميد کيس گهر وٺي اچي سندس تمام گھڻي خدمت ڪندو آهي، جنهن تي جنت کيس روڪيندي به آهي پر هو محبت کي فرض تي فوقيت ڏيندو آهي ۽ کيس ٺارو شاھ جي هڪ حڪيم جي ڄاڻ ملندي آهي جتي کيس دادن ملندو آهي. اهڙي ريت سچل جا وڇوڙي جا ڏينهن ختم ٿي ويندا آهن. حميد سان گڏ دادن به سندس اکين اڳيان هوندو آهي پر سلھ آخري درجي تي هئڻ ڪري سندس موت واقع ٿي وڃي ٿو ۽ اڳيان هلي حميد به سلھ جي موذي مرض ۾ گرفتار ٿي جنت کي سندس ماءُ ۽ دادن جي حوالي ڪري وفات ڪري ويندو آهي ۽ جنت آخر ۾ سندس قبر تي گل چاڙهيندي رهندي آهي.
غريبن جو ورثو خوبيون ۽ خاميون، پلاٽ، ڪردارنگاري ۽ ٻولي: ناول غريبن جو ورثو ۾ ناول نگار بنيادي طور انهي ڳالھ کي اهميت ڏني آهي ته سماج جي غير برابريءَ واري جوڙجڪ جي ڪري غريب هميشه غريب رهي ٿو ۽ هو بنيادي انساني حقن خاص طور اجهو، لٽو ۽ تعليم کان وانجهيل رهي ٿو. نراسائي سندس نصيب آهي ۽ غريب ٿيڻ گناھ آهي، پر بي انتها تڪليفن جي هوندي به غريبن جي دل سخاوت واري آهي، کين ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن ڪجھ نه آهي ته هو تن ۽ من کي تياڳ ڪري به قرباني ڪري ٿو ۽ فرض ادائي، محبت، همدردي ۽ پيار جي جذبن سان ٽمٽار سندن دليون سون ورنيون آهن. هن ناول جو پلاٽ حقيقي واقعن تي ٻڌل آهي.
هن ناول جو پلاٽ، اسلوب، گفتگو ۽ منظرنگاري اهميت رکن ٿا. زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان جنهن وقت جو هي ناول آهي، ان دور جي ماحول ۽ سماج جو اثرائتو نقش آهي، مسلم سماج کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ مسلمان ڪردارن جي واتان ڌڻيءَ در دعائون گهريون ويون آهن. درويش جي تختيءَ تي اڪريل لفظ رب ۾ يقين جي پختگي ظاهر ڪن ٿا. ناول ”غريبن جو ورثو“ جي ٻولي ۽ مڪالما اثرائتا آهن هت ڪجھ مثال ڏجن ٿا.
”حميد جنت جي غير حاضريءَ ۾ ويڳاڻو ٿي پيو، ته جنت حميد جي پرپٺ وياڪل نظر اچڻ لڳي، عاشقن لاءِ وڇوڙو خراب ٿئي ٿو، جدائي نه هجي ته جيڪر محبت گل بي خار ٿي پوي“ (ص، 58)
”گتو ته هڪ ناٽڪ گهر جيان آهي، جتي انيڪ نمونن جا ماڻهو انيڪ سڀاءَ اچي ٿا گڏ ٿين، ماڻهو هتي وڙهڻ به اچن ٿا ته دوست ٿيڻ به ٿا اچن. گتي کي گناھ جو گهر ڪوٺي سگهجي ٿو، پر نه اونداهو مڪان ڇاڪاڻ ته اتي بتيون ته وسامن ئي ڪونه، جڏهن ٻين هنڌن تي اوندھ هجي تڏهن هتي روشني“ (ص، 48)
”ٻهراڙيءَ جون ڇوڪريون، شرم جون ماريون، دل جون ننڍيون، سڀاءَ جون هيسيل ۽ دنيا جي آزمودن ۾ گهٽ ٿين ٿيون. پر هنن جي دل انهيءَ شيشي جيان آهي، جنهن جي مٿاڇري تي ڪابه مٽي لڳل نٿي ٿيئي، هو ارادن جون نيڪ، نيت جون صاف، اندر جون سچيون، انجام جون پڪيون وفادار ٿيون رهن“. (ص، 59)
”سائين سوين طرزون سڻايانو، پر شرناءِ به ختم ٿي ويئي ان سان طرزون به ختم هاڻي دل نٿي چيو ڪري معاف ڪجو“ (ص، 22)
”هو اسان کان غريب آهن ياد رک جي وٺڻو اٿئي ته ڏيڻو به پوندءِ، ڪڪر برسات وسائين ٿا، غيرآباد زمين کي سرسبز ڪن ٿا ته سندن جاءِ آسمان ۾ آهي“ يا، ”ڪچي گهڙي ۾ پاڻي گهڻو وقت رهندو؟“، ”لڳو واء ويو ساه، ساھ تي ڪهڙو ويساه“ (ص، 26)
”موت پيدا ڪري خالق مخلوقات لاءِ پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي، دنيا جي ڪشٽن کان بيزار ٿي انسان گهڻائي دفعا موت کي سڏي ٿو. موت نه هجي ته ڪير انسان جا سڏ اونائي؟“ (ص، 29). ”جنت جون اکيون حميد جي لاش ۾ ته ماڻس ۽ دادن جون منجهس هوءَ پٿر جي بوتي جيان هڪ هنڌ بيٺي رهي، حميد مرڪندڙ منهن سان موت جو مشاهدو ماڻيو ۽ جنت هن جي اعليٰ قدم کي سمجهيو ۽ محبت جو ڪيل قول پاڙيائين. هن لاءِ دنيا ۾ هينئر ڪابه ڪشش ڪانه رهي جنت آخر تائين حميد جي ياد ۾ رهي ۽ هر روز هن جي قبر تي وڃي تازن گلن جو هار چاڙهيندي هئي“. (ص، 104)
منظر نگاريءَ جي لحاظ کان ويساکيءَ جي ميلي جو احوال، پيروءَ جو ڳائڻ، حميد ۽ جنت جون ملاقاتون، بخشڻ جي شراب خاني جو احوال، 1900ع جي ٿر جي ڏڪار ۽ 1929ع جي سنڌؤ جي ٻوڏ سميت سچل، پيرو، حياتان ۽ حميد جي موت جي احوال کي اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي، بياني اسلوب وڻندڙ، غريبن جي فرض شناسي، علم جي محبت، پيروءَ جي سخاوت واري دل، غريبيءَ جي ڪري ڌتڙيل ۽ زندگي جي خوشين کان محروم حياتيءَ جو بيان وڻندڙ آهي.
غريبن جو ورثو جا مڪالما اهم آهن، ليکڪ مڪالمن سان ڪهاڻي کي واڌ ويجھ ڏني آهي، ڪردارن جي پراثر دلڪش گفتگو پڙهندڙن کي راغب ڪندڙ هوندي آهي. پيرو جو راڳ لاءِ پيار هجي يا حميد جي فرض ادائي. جنت جو بي انت پيار هجي يا دادن جي ڀائپي جي قرباني هجي يابخشڻ ۽ سچل جون محبتون ۽ صادق علي زميندار، ٺاروشاھ جو مولوي، جان محمد زميندار ۽ ٻين به مختصر عرصي لاءِ ايندڙ ڪردارن کي سندن ڪردار مطابق صحيح بيان ڪيو ويو آهي. ناول ۾ بنيادي طور ٿورا ۽ ڪارائتا ڪردارا پيش ڪيا ويا آهن، گهڻن ڪردارن سان ناول کي ڀريو نه ويو آهي. پيرو مڱڻهار جو ڪردار ناول جي شروع واري حصي جو روح آهي، جيڪو عمر جي تقاضا ۽ دنياوي تجربن جو مثال بنجي لفظن جي روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي. سندس واتان، ليکڪ ڪيترائي عقلمندي ۽ ڏاهپ جا گفتا چورايا آهن، پر کيس جيتري محبت دان ڏيڻ لاءِ ۽ غريبن لاءِ هوندي آهي. ايتري ئي کيس پٽ جي تعليم لاءِ هئڻ کپندي هئي. جڏهن کيس مثبت ڪردار ڏيکاريو ويو آهي ته شرناءِ کي ٻه اڌ ڪري ڳائڻ کان پاڻ کي روڪڻ ۽ اهو سوچڻ ته اهو سڀ ڪجھ مون کي سخاوت جي ڪري عطا ٿو ٿئي مناسب نه آهي. هڪ پيءُ جي حيثيت سان پنهنجي اڪيلي پٽ جي مستقبل جو اونو هئڻ سندس بنيادي فرض هئڻ کپندو هو. دادن کي هڪ پٽ جي حيثيت سان ماءَ جي پر گهور لهڻ کپندي هئي، هن والدين جو ڪو به اونو نه رکيو ۽ محبت ۾ دلشڪستو ٿي ٺارو شاھ جي مولوي وٽ وڃي رهيو. جيڪا غير ذمه داري هئي.
حميد فرض شناس ۽ بهادر هوندي به پيءُ جي وفات کان پوءِ دل ٽٽي وڃڻ تي اڳيان پڙهڻ کي ڇڏي ٿو ڏي يا مٿس جڏهن مجازي عشق جو غلبو ٿو ٿئي ته هو سچل ۽ بخشڻ کي وساري ٿو ڇڏي ۽ وري جڏهن کيس فرض ادائيءَ جو احساس وڌيڪ ٿو ٿئي ته هو نڪاح ٻڌيءَ زال جي حقن جي پرواه نه ڪندي سچل جي خدمت ڪري جان قربان ٿو ڪري. ليکڪ مسلم سماج جي نڪاح ۽ رخصتي يا شادي جي رواج کي واضح نه ڪري سگهيو آهي، نڪاح هئڻ ۽ گڏ هڪ گهر ۾ رهڻ جي هوندي به حميد ۽ جنت کي جدا ڏيکاريو ويو آهي ۽ سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته حميد جنت جي لاءِ ڪپڙن لٽن جي بندوبست سبب شادي يعني وليمو نٿو ڪري جيڪو ڪجھ غير مناسب محسوس ٿئي ٿو ۽ ناول نگار هيروئن کي سڄي زندگي بيوه جي حيثيت سان حميد جي قبر تي گل چاڙهيندي ڏيکاريو آهي، جيڪو فطرت ۽ مذهب جي خلاف آهي.

ناول جي ٻولي:
هن ناول ۾ ناول نگار ڪيترائي سهڻا پهاڪا، چوڻيون ۽ شعر بيان ڪيا آهن، جيئن،
جي چئين ڏينهن لئه يار ٿـيـا
ڏيئـي درد سـي آخـر ڌار ٿـيـا
وڃـي پـاڻ ڪـٿـي تـه قـرار ٿـيـا.
منهنجو منڙو مفت منجهائي ويا (ص، 85)
يا هيءَ ڪافي،
راتو ڏينهان ڪاڻ اوهان جي، چت ۾ چرخو چوريان،
اڱڻ جنت جي آءُ تون پيارا، پاڻ گهڻو ٿي گهوريان،
دل جون ڳالهيون ميان، آءُ ته توسان اوريان،
ڳجهيون ڳالهيون ڪريان، ڪن سان تڪ ويٺي توريان.
سڳو تنهنجي سڪ جو، ساه اندر ٿي سوريان (ص، 54)
”اڀ اکين پئي ڏٺو“، ”سگهو کائي ان اگهو کائي ڌن“، ”غريب جو ته واءُ به ويري آهي“، ”وهلور وڃڻ“، ”ڪاوڙ جي پوڻ“، ”گهڙيءَ گهڙيءَ جا وڍ پوڻ“، ”پوڻو پوڻ“، وغيره

ناول جو تنقيدي جائزو:
مجموعي طور سنڌي ادب جي اصلوڪن ناولن ۾ ويهين صدي جي وچ ڌاري لکيل هن ناول جو عنوان ان جي اندرين مواد سان ٺهڪندڙ ۽ موضوع کي چٽو ڪري پيش ڪندڙ آهي، ڀمڀاڻي صاحب ڏک جو اونهو اڀياس ڪندڙ ناول نگار هو. سندس نظريي مطابق دکدائڪ تحرير اثرائتي هجي ٿي ۽ سندس چواڻي مطابق ”غمگين پڄاڻيءَ واري قصي جي سورمي يا سورميءَ ۾ ڪي لياقتون هجن ٿيون، جي ڪنهن آدميءَ ۾ نظر نه اينديون“ ان ڪري هن پنهنجي اهم ڪردارن کي امر ڪرڻ لاءِ موت ڏيئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ليکڪ دادن سان به جنت جي شادي ڪرائي خوشگوار پڄاڻي ڪرائي سگهيو پئي، (جيڪو مسلمان معاشري ۾ احسن آهي ته بيوه کي پناه ملي) پر ليکڪ هندو مذهب مطابق جنت جي بيواھ ۽ اڪيلو رهڻ کي ئي ترجيح ڏني ۽ اهڙي ريت هن حميد جي قربانيءَ کي به مٿانهين حيثيت ڏياري. سندس هن ناول ۾ خاص اهميت قربانيءَ جي جذبي جي آهي، قرباني ۽ محبت جي جذبي جي آفاقي حيثيت ڄاڻائي ويئي آهي. انيڪ خوبين ۽ معمولي خامين سان هي هڪ وڻندڙ ناول آهي.
غريبن جو ورثو جي باري ۾ تبصرا: نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو شمار سنڌ جي مشهور ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. هن ڳچ ناول لکيا. غريبن جو ورثو ناول شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. (ص، 143 ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي).
”ڀمڀاڻي جي لکڻي ۾ ڪشش ۽ روح آهي، هن جي عبارت مائيدار ۽ پختي آهي، هن جا موضوع سنڌ جا پنهنجا موضوع آهن، هن جا ناول سنڌي سماجي زندگيءَ جا عڪس آهن ۽ فني نقطئه نظر کان سنڌي ادب ۾ مهارت ۽ مطالعي سبب هو ناول نويسيءَ جي فن ۾ ماهر ٿو ڏسجي“. (ص، 199 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا).
”هن ناول ۾ ڀمڀاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي تھ تائين پهچي ۽ انهن کي پڙهندڙن جي اڳيان تمام عمدي نموني پيش ڪيو آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ روزاني حالتن ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آهي. ”غريبن جي همدردي“ ناول نگار جي شخصيت جو خاص اصول آهي“. (ص، 353 ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، ڊاڪٽر غلام حيسن پٺاڻ). ڀمڀاڻي صاحب سماج سڌارڪ ليکڪ هو، سماج کي سڌارڻ ۽ سماج مان برائين ۽ خرابين کي ختم ڪرڻ، سماج جي پراڻين ريتن رسمن کي ۽ انهن جي تباهيءَ کي نابود ڪرڻ هن جي ناولن جو خاص مقصد هو“. ”پنهنجي ناول ۾ غريبن سان همدردي ۽ انهن جي مجبورين ۽ انهن جي قربانين کي حميد ۽ جنت جي ڪردارن جي ذريعي نمايان ڪيو اٿس. هن ناول جو خاص موضوع غربت ۽ قرباني آهي“. (ص، 103 ۽ 106 ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ ڊاڪٽر نورافروز خواجه).