اسٽيج، ريڊيائي ۽ ٽي.وي ڊراما
سنڌي ڊراما گھڻا آهن پر ڇپيل تعداد ۾ گھٽ آهن. سنڌي ناٽڪ جي سئو سالا جشن هيٺ 30_31 ڊسمبر 1980ع ۽ پهرين جنوري 1981ع تي هيٺيان ڊراما حيدرآباد زبيده گرلس ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ اسٽيج ڪيا ويا. جنهن کي وڏي تعداد ۾ ماڻهن ڏٺو ۽ پسند ڪيو. اهي ڊراما هن ريت آهن. ”ليلى مجنون“، ”انڪوائري آفيسر“ مرزا قليچ بيگ، ”ٽي پارٽي“ منگهارام ملڪاڻي، ”زمينداري ظلم“ خانچند درياڻي، ”شاهدي“ ڏيپلائي“، ”تماشو“ آغا سليم. (بحواله سووينئير، سنڌي ناٽڪ صدي 1980_1880ع).
سنڌي ڊرامو رهاڱي کان پوءِ اسٽيج تي گھٽ پيش ٿيڻ لڳو شروعاتي دور ۾، ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي اميچوئري ڊراميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جون ڊراميٽڪ سوسائٽيون، اسٽيج ڊراما پيش ڪنديون هيون، هي سڀ 1894ع کان 1917ع تائين وجود ۾ آيون، 1947ع کان پوءِ ڪجھ فلمي ناٽڪ يعني فلمون ٺهيون، پر سنڌي فلمون گھڻيون ڪامياب ڪونه ٿيون، (جنهن جا گھڻائي سبب هئا). ريڊيائي ناٽڪن ۾ پهريون سنڌي ناٽڪ، ”موسم ۽ مجبوري“ هو، جو ممتاز مرزا لکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي ريڊيائي ناٽڪ نشر ٿيا جي پسند پڻ پيا. ٽيليويزن جي مشهور ناٽڪن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”زينت“، ”وڏيري“، ”سوال“، آئينو“ ۽ ٻيا لکيا ويا. پي.ٽي.وي تي سنڌي ڊراما لکندڙن ۾ آغا رفيق، شوڪت شورو، نورالهدى شاھ، آغا سليم، ممتاز مرزا، امر جليل، علي بابا، مراد علي مرزا، شبير چنا، قاضي خادم ۽ ٻين ڪيترن ئي بهترين ڊراما لکيا آهن. هاڻي ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي ۽ ٻين چئنلز تي به ڪجھ معياري سنڌي ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا، ته ڪي ڊراما معيار ۾ ڪَسا ۽ موضوع جي حوالي سان ورجاءُ وارا به آهن. هاڻي گھڻن ٽي.وي چئنلز جي ڪري سنڌ ٽي.وي ڊرامي ۾ مقابلي جي فضا پڻ پيدا ٿي آهي. پر وري به انهن ڊرامن ۾ ٻولي، ڪردار، منظر نگاري ۽ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڪافي ڪمزوريون آهن.
سنڌي ڊرامن ۾ جديد لاڙا، حقيقت پسندي، قوميت، سماجي انقلاب، جھموريت، معاشري جون ريتون رسمون، اوڻايون ۽ چڱايون چڱي نموني پيش ٿين ٿيون. (هن ڪتاب جي هيڪ طرفان صفحن جي تعداد جي حد مقرر هئڻ سبب، طوالت کان بچندي سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي مختصر ضروري ڄاڻ ڏني ويئي آهي).