افساني ۾ جديد لاڙا
جيئن زماني ۾ تبديلي، ارتقا جو اصول رهي آهي، اهڙيءَ ريت ادب ۾ به تبديليون اينديون رهنديون آهن. هاڻي ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ سان گڏ ٻين به ڪيترن مختلف لاڙن کي ادب ۾ مشاهداتي ۽ مطالعاتي عمل جي موجب پرکيو پيو وڃي. ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي ادب جي اڀياس سان اهي لاڙا سنڌي ادب ۾ به آندا ۽ مشاهدو ڪيا پيا وڃن. سنڌي افساني ۾ رومانيت سان گڏ سماجي اصلاح ۽ سياست به شامل هئي پر پوءِ منجهس جدت ۽ حقيقت پسنديءَ جو دور آيو ۽ هاڻي قديم ڪهاڻي کان جديد ڪهاڻي نوَن رنگن روپن سان نروار ٿي آهي. موجوده ڪهاڻيءَ تي مطمئن هوندي آغا سليم هن ريت راءِ جو اظهار ڪيو آهي، ”سنڌ ۾ نوَن ليکڪن جو نئون نسل پيدا ٿيو آهي، جن وٽ نئين ڏات، نئون ڏانءُ، نوان آدرش، ٻوليءَ جون پنهنجو واهپو ۽ پنهنجو اسلوب آهي، انهيءَ جي ڀيٽ ۾ منهنجيون هي ڪهاڻيون ٻولي توڙي طرزِ احساس جي لحاظ کان مدي خارج آهن پر مان انهن مان ڪنهن هڪ ڪهاڻيءَ کي به ڊس اون نٿو ڪيان، ڇاڪاڻ جو اهي پنهنجي دور جي سچائين جون احساساتي دستاويز آهن ۽ مونکي پلئه پايو ڪچ آڇيندي لڄ نٿي اچي“.
آغا سليم هڪ وڏو ڪهاڻيڪار آهي، اها ته سندس ذاتي راءِ نوَن ڪهاڻيڪارن لاءِ آهي جنهن ۾ انڪساري به آهي ته اعتراف به آهي، پر حقيقت ۾ آغا سنڌي افسانوي ادب ۾ شعور جي رو “Stream of Consciousness” جو جديد لاڙو سڀ کان پهرين آندو. شعور جي رو سندس ذاتي تجربن جي ڀٽيءَ مان پچي ناولن ۽ افسانن جو حصو ٿي آهي. اها نواڻ اهو فني تجربو سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ آغا جو ڪمال آهي. سندس ڪهاڻين ۾ رومانويت به آهي ته جماليت به آهي. حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ۾ رومانويت روايتي انداز سان آهي ته امر جليل رومانويت سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ کي به آندو آهي. حقيقت نگاري مختصر ڪهاڻيءَ جو اعلى روپ آهي جنهن کي نسيم کرل، امر جليل، جمال ابڙي ۽ ٻين اڳيان آندو. جديد دور ۾ ڪي نوان لاڙا آيا آهن جن ۾ خاص هن ريت آهن، اشاريت يا علامت نگاري، ظاهريت، وجوديت، خود وجوديت، سريئلزم ۽ رمزيت آهن. پرڏيهي ادب مان آيل اهي لاڙا يا Trends سنڌي افساني تي اثر انداز ٿيا آهن.
جديد افساني ۾ مشتاق سومرو، ماڻڪ، علي بابا، شرجيل، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا انهن لاڙن هيٺ ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. آسانند مامتورا شروع جي افسانه نگارن مان آهي جنهن ڪهاڻيءَ کي نون لاڙن سان واقف ڪرايو، پوءِ گوبند مالهي نون تجربن سان ڪهاڻيءَ کي اڳيان آندو. موهن ڪلپنا رومانيت کي هڪ عجيب ڪيفيت سان اڳيان آندو جنهن ۾ لاڳيتو ڀٽڪڻ ۽ پائڻ شامل آهي. ايشور چندر هندوستان جي اهم ليکڪن ۾ آهي، جنهن جا ڪردار وجوديت جي تلاش ۾ آهن. آنند کيماڻي ۽ لعل پشپ ڪهاڻيءَ ۾ گھڻا تجربا ڪيا آهن. موهن ڪلپنا، گنوسامتاڻي به جديديت جا عڪاس آهن. گني جون ڪهاڻيون علامت نگاريءَ جا شاهڪار آهن. سنڌي افساني ۾ خاص طور سماجي حقيقت نگاريءَ تي جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، حميد سنڌي، حفيظ شيخ ۽ ٻين لکيو آهي. جنسي حقيقت نگاريءَ تي غلام نبي مغل، منير سنڌي، ماڻڪ، نورالهدى شاھ ۽ نسيم کرل ته قوم پرستيءَ جي لاڙي تي امر جليل، نجم عباسي، سراج ميمڻ، آغا سليم، رسول بخش پليجو، عبدالقادر جوڻيجو ۽ شوڪت شورولکيو آهي. نفسياتي لاڙو ۽ علامت نگاري به سنڌي افساني ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ امر جليل جو افسانو ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“ خاص آهي. آغا سليم ۽ علي بابا قديم تهذيبي ورثي کي علامت طور استعمال ڪيو آهي. مطلب ته مغربي نون لاڙن ۽ قديم ادبي قدرن جي فني اصولن سان سنڌي افسانو موجود آهي.