لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ڏوري ڏوري ڏيهه:

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو يورپ جي سفر تي آڌاريل سفر نامو آهي.
ماءُ کاهوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيهه،
مين پيرين کيهه، ڪهه ڄاڻان ڪنهن پار جي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٿئين بيت جي سٽ مان ورتل عنوان “ڏوري ڏوري ڏيهه” سان منسوب، سفرنامو پهريون دفعو جون 1984ع ۾ سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ وارن ڇپايو. هن سفرنامي جو انتساب، ”لڪي ۽ ڪيس دي گروٽ“ جي نالي آهي. هڪ سئو اٺهٺ صفحن ۽ ٽيهن بابن جو هيءُ ڪتاب يورپ جي مشهور هنڌن، اٿينس، روم، اٽلي، پئرس، هالينڊ ۽ لنڊن جي نه رڳو سئر ڪرائي ٿو، بلڪه بهترين معلومات به عطا ڪري ٿو. طارق اشرف لکي ٿو ته، “الطاف شيخ کان اڳ ڪريم ڏنو راڄپر، قاضي عابد ۽ پوءِ ماهتاب محبوب، فهميده حسين، سليم قريشي، عمر قاضي، محمد خان سيال ۽ عبدالحئي پليجو سفر ناما لکيا. سفر نامو ڇا آهي؟ ۽ ڪيئن لکجي؟ اها خبر تنوير جي سفرنامي کي پڙهڻ کان پوءِ پوي ٿي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفر نامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي، هن سفرنامي جي ٻولي خاص طور (ڪئپري ٻيٽ) نثر ۾ ڪيل شاعري آهي، تنوير جو مطالعو، ۽ مشاهدو مضبوط آهي، جنهن جو پورو پورو ثبوت، سندس سفرنامي ۾ ملي ٿو. ڪاش تنوير يورپ ۾ وڌيڪ وقت رهي ها. پئرس ۽ اٿينس جو ذڪر وڌيڪ ڪري ها“.
سفر نامي جو جائزو: هن کان اڳ يورپ جي سفر تي قاضي عبدالمجيد عابد سفر نامو لکيو. پر جيئن ته هر ليکڪ جو پنهنجو پنهنجو الڳ انداز هوندو آهي، غلام نبي مغل چواڻيءَ ته: ”جڏهن حئي پليجو جو سفرنامو پڙهيم ته سوچيم، سفرناما پڙهڻ گهرجن، ڇو ته هر ڪنهن جو سفر پنهنجو، هر ڪنهن جي نگاهه الڳ، جن ڳالهين جو ذڪر الطاف شيخ لڪايو ڇڏي، حئي پليجو ٻڌايو ڇڏي“. يورپ جي سفر تي سنڌي ادب ۾ هاڻي ڪافي سفرناما اچي ويا آهن. ڊاڪٽر تنوير باقائده پلاننگ سان نقشن جي آڌار تي ۽ پهرين معلومات حاصل ڪري، پوءِ پنهنجي فئمليءَ سان يورپ جي گهمڻ تي نڪتو سندس سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ، ڊاڪٽر قمر (ڊاڪٽر صاحب جي گهر واري) ۽ پٽ سرمد، ڌيئرن پارس ۽ مارئيءَ جن سان ايترو ته قريب ٿي ٿو وڃي جو ڄڻ ائين ٿو لڳي ته ڊاڪٽر تنوير جو ڪُٽنب پڻ ڪتاب جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي.
هن سفر جي شروعات ايئرفرانس جي جهاز ذريعي 13 جون 1979ع جي اڏام کان ٿئي ٿي، اٿينس کان ڊاڪٽر صاحب جن جهاز مٽائي روم جي تاريخي ملڪ مان گهمندا اٽليءَ جي حسين ساحلي شهر، نيپلس ۽ ڪئپري ٻيٽ تي پهچن ٿا. سفرنامي ۾ ڪئپريءَ جي تاريخ ۽ جاگرافي سان گڏ هن ٻيٽ جي خوبصورتيءَ کي دلپذير نموني سان بيان ڪيو ويو آهي. سرسبز ۽ گلن سان سينگاريل ٽڪريءَ جي حسن ليکڪ کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو چوي ٿو ته: “جنهن جو موت کان پوءِ حياتيءَ ۾ يقين هجي ۽ قيامت تي اعتبار هجي ته پاڻ کي اتي دفن ڪرڻ جي وصيت ڪري.” (ص25)
ڪئپريءَ کان پوءِ اٽليءَ جي ٻين هنڌن جيئن سورئينواپٻيٽ، مشهور تاريخي شهر پامپا ۽ نواردات جي دڪانن ۽ روم جي نائيٽ ڪلبن جو احوال ڏنل آهي، ڊاڪٽر عباسيءَ نه رڳو ملڪ گهميا آهن بلڪه انهن جو اونهو جائزو ورتو آهي. سندس چوڻ مطابق، ”هر هڪ ملڪ جي ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ، اتان جي کاڌي، لباس، موسيقي، مصوري ۽ ادب جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي، رڳو ان ملڪ کي ڏسڻ ئي سڀ ڪجهه نه آهي“. (صه، 35)
ڊاڪٽر تنوير جي تاريخ، ثقافت ۽ پرڏيهي ادب جي ڄاڻ جي ڪري سفرنامو مڪمل طرح معلومات جو خزانو لڳي ٿو. ليکڪ نقشن ۽ گائيڊن سان گڏوگڏ پاڻ به هر وقت نوٽ بڪ تي، اهم پوائنٽس درج ڪيا آهن. جنهن سان انهيءَ مقام جي مڪمل بيڪ گرائونڊ جي ڄاڻ ملي ٿي. روم جو ڪولزم هجي، يا سينٽ پال جو گرجا گهر، پاڻ کيس تاريخ، ثقافت ۽ آرٽ جي اوٽ ۾ پرکيو اٿن. يورپ جي ويٽيڪين شهر ۾ ”سسٽين شئپل“ (Cristine Chaple) جي تاريخي عمارت جو بيان ۽ ان جي هر گئلريءَ جو تعارف وڻندڙ آهي، هن عمارت جي پهرين گئلري ”ڪئنڊيلا برا“ يوناني سنگتراشيءَ جي فن پارن سان سينگاريل آهي، ٻي گئلري ”ٽئپسٽري“ ڌاڳي جي اڻيل تصويرن سان سجيل آهي، جيڪو بي انتها نفيس ۽ باريڪ ڪم آهي، ٽين گئلريءَ ۾ جاگرافيءَ جي نقشن کي خوبصورت ۽ نئين اسٽائيل سان متعارف ڪرايو ويو آهي. مائيڪل اينجلو، بوٽيلچي ۽ رائفل جي مصوريءَ ۽ سنگتراشي جي شاهڪارن جي گئلريءَ تنوير صاحب کي گهڻو متاثر ڪيو. خاص طور اينجلو جي ڇت تي ڪيل چترڪاري ڏسي، ليکڪ هن ريت اظهار ڪيو آهي. ”منهنجي اکين پنجيتاليهه سال گهڻو ڪجهه ڏٺو هو، گهڻي سونهن ڏٺي هئي، پر اهڙي سونهن ڪڏهن به نه ڏٺي، جيڪا مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل ”سسٽين شئپل“ جي ڇت تي ڏٺي، مائيڪل اينجلو جي هٿن ۾ نور هو، جنهن جي ڇهاءُ سان بيجان پٿر سونهن جا مرقعا ۽ ڪينواس معجزن کان به وڌيڪ ٿي پيا هئا“. (صه، 28).
لنڊن جي آرٽ گئلري جنهن ۾ ٽرنر، ليونارڊ، وان گوگ جا شاهڪار رکيل آهن، برٽش ميوزم جي لائبريري، جنهن ۾ دنيا جي مشهور تصنيفات جا قلمي ۽ نادر نسخا موجود آهن. “مادام تساد” جو ميوزم جنهن ۾ مشهور شخصيتن جا ميڻ جا مجسما آهن، جينئن مهاتما گانڌي، چرچل، محمد علي ڪلي، اداڪاره مارلن منرو، الفريڊ هچڪاڪ ۽ ٻيا. اهي مسجما اصل جو ڏيک ڏين ٿا. ايترو ته اصلي لڳن ٿا جو ڊاڪٽر تنوير شيڪسپيئر جي مجسمي سان گڏ ڪڍايل پنهنجي فوٽوءَ لاءِ لکيو ته: ”هتي اهو فوٽو ڏسي ماڻهو عجب کائيندا آهن ته شيڪسپيئر ۽ منهنجي وچ ۾ صدين جو فاصلو آهي، اهو فوٽو ڪيئن نڪتو فوٽو ۾ مان نقلي ٿو لڳان ۽ شيڪسپيئر جو مجسمو اصلي”. تنوير صاحب پنهنجي تحرير ۾ نه صرف جملن تي مڪمل گرفت ۽ ادبي تاثر وارو رنگ ڏنو آهي. پر هڪ تخليقڪار جي حيثيت سان کيس سڄيءَ دنيا جي تخليق ڪارن جي پيڙا جو به احساس آهي. ائمسٽرڊام (هالينڊ) جي رجسڪ ميوزم ۾ ريمبرائٽ جا (Realism)جي عڪاسي ڪندڙ عظيم فن پارا ۽ وان گوگ ٽه ماڙ ميوزم ۾ وان گوگ جون فنڪاريءَ جون تخليقون، ڏسڻ مهل ليکڪ جيڪي محسوس ڪيو اثرائتو بيان ڪيو اٿن. وان گوگ جي مصوريءَ ۽ زندگيءَ جي پهلوئن سان گڏ سندس اذيتناڪ زندگي جي گهاريل لمحن کي بيان ڪندي لکن ٿا ته: “وان گوگ، جنهن تي چريائي جا دؤرا پيا، ان جي فن اڳتي هلي دنيا کي چريو ڪري ڇڏيو” هن فنڪار جي مصوري، مصوريءَ جي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. وان گوگ ۽ ايمبرائيٽ ڏکي ۽ تڪليف ده زندگي گذاري پر سندن فن امر رهيو ۽ اهي فن پارا يورپ ۽ آمريڪا جا ميوزم فخر سان سجائين ٿا.
مائيڪل اينجلو بت تراش جي جڳ مشهور فن پاري موسيٰ (Mosea) (جيڪو حقيقت پسنديءَ جو هڪ نادر نمونو آهي.) کي بيان ڪندي ليکڪ هن مجسمي جو ذڪر هن ريت ڏنو آهي. ”اهو مجسمو ان وقت جو تاثر آهي، جڏهن حضرت موسيٰ کي ٻڌايو ويو ته سندس قوم وري گابي جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ هو ڪاوڙ ۾ اٿيو انهيءَ مهل جا تاثرات مجسمي ۾ سمايل آهن. ”ڏند ڀڪوڙيل، ڄاڙين جون مشڪون اُٿيل، ڊگهي شانائتي ۽ گهنڊيدار سونهاري، هڪ پير اڳتي هڪ پير پوئتي، ٻانهن جون رڳون جوش کان ڦنڊيل هڪ هڪ مشڪ متناسب، خوبصورت ۽ طاقتور، هڪ هڪ عضوي ۾ رعب، شان ۽ تقدس، ائين ٿو لڳي ته ان مجسمي ۾ اٿاهه طاقت ڀريل آهي، منهن ۾ ڪاوڙ، جوش، دٻدٻي ۽ معصوميت جي امتزاج جو تاثر“.
هن سفر نامي ۾ گهمڻ جي هنڌن ۽ ميوزمن جو ذڪر آهي ته گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب جي کلمک، صاف دل ۽ مهان نواز طبيعت جي ڪري پاڻ هر هنڌان پرائيل مانائتين ملاقاتن جا تفصيل پڻ ڏنا اٿن. ”ليسٽر“ ۾ نور محمد سومري ۽ ”ڪنگس لين“ ۾ لياقت ڀٽيءَ جي قرب ڀرين ڪچهرين جا احوال ۽ سکين ستابن سنڌي دوستن جي آڌر ڀاءُ جو بيان وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر تنوير ڪيئمبرج يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي ماهر ”ڊاڪٽر آلچن (جيڪو ڪوٽ ڏيجي ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين تي ريسرچ جو ڪم ڪرڻ آيو هو ۽ خيرپور ۾ سندن مهمان ٿيو هو) جي دعوت تي ڪئمبرج جي وڏي سالانه ادبي ميڙ ۽ ڊنر ۾ شرڪت ڪئي، جتي کين سنڌ جي اهم شاعر جي حيثيت سان اعزازي حيثيت ڏني وئي، هالينڊ جا لڪي ۽ ڪيس هجن يا آرنهيم جا ڊورس ۽ رابرٽ، دبئيءَ جا سنڌي اديب هجن يا پروفيسر ڊاڪٽر آلچن ۽ ڊاڪٽر شئڪل (شئڪل کي سرائيڪي تي تمام گهڻو عبور حاصل هو لنڊن يونيورسٽيءَ جو هي محنتي ۽ ذهين اسڪالر به وٽن سنڌ ۾ آيل هو) سڀني دوستن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سندن روايتي سنڌي مهمان نوازيءَ جي موٽ ۾ کين پرڏيهه ۾ بي حساب عزت ۽ مان مليو، جيڪو تنوير عباسيءَ جي فنڪاراڻي، حساس ۽ قربائتي شخصيت جو ڪمال هو.
ديس ۽ پرديس جي ڀيٽ مختلف هنڌن تي سفر ناما نگار جي ذهن ۾ گهڻو چڀندي آهي، جڏهن اسين ٻاهر هوندا آهيون تڏهن اسان کي پنهنجو ملڪ ياد ايندو آهي، بلڪه ڪجهه حالتن ۾ اسان کي پنهنجون خاميون ۽ خوبيون به صحيح معنيٰ ۾ ڏسڻ اينديون آهن. ٽئمس نديءَ جي پررونق ڪناري تي گهمندي ليکڪ لکي ٿو: ”جيڪڏهن حيدرآباد جو ڦليليءَ جو ڪنارو ۽ خيرپور جي ميرواهه جي ٽاپ کي هيئن سينگارجي ته ڪيتري نه سونهن پيدا ٿيئي“؟ شيڪسپيئر جي شهر، ”اسٽرئفورڊاپان ائون“ گهمڻ مهل ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ Avon نديءَ جي سينگاريل لانچن جي رونق ڏسڻ مهل کين، ڪراڙ ڍنڍ جي ياد گيري ٿي اچي ته ڇا هنن هنڌن کي خوبصورت نٿو بڻائي سگهجي. موناليزا جي شاهڪار واري ميوزم لوؤر (Louvre) جي ٻاهر ماڻهن جي ڪلهي گس رش ڏسي، ليکڪ سوچڻ تي مجبور ٿو ٿيئي ته، ”اسان وٽ اهڙو ميڙاڪو رڳو قبرن تي ۽ ميلن جي وقت ٿيندو آهي“، معنيٰ ته اسان جا قدر الڳ آهن اسان وٽ علم و ادب ۽ آرٽ جو قدر ڪونهي اسين قديم آثارن لاءِ بي قدر آهيون.
نوادرات جي حفاظت جي باري ۾ لکن ٿا ته: ”انگريزن پنهنجي اوج دؤران سڄيءَ دنيا جا نوادر، نه فقط کسيا، پر انهن جي حفاظت پڻ ڪئي. ٿي سگهيو پئي ته اهي نوادر جي انگريزن جي هٿ نه چڙهن ها، ته اڄ تائين موجود ئي نه هجن ها. انگريز ”نادان دوست“ نه هئا. هو ”دانا دشمن هئا“. (صه 94).
هڪ هنڌ تنوير صاحب ڊاڪٽر جون (Joan) کان پڇي ٿو ته ”اسان جي پوئتي رهڻ جو سبب ڇا آهي“؟ ته پروفيسر صاحب جواب ڏئي ٿو ته: ”توهان وٽ چڱائيءَ جو معيار مذهب آهي، اسان وٽ چڱو ماڻهو اهو آهي جيڪو سماج لاءِ ڪارائتو هجي، ڀلي مذهبي نه هجي انهيءَ مهل کين هتان جي ملائن جا فتويٰ ياد اچي وڃن ٿا. پئرس ۾ پهچي ليکڪ چواڻيءَ عملي طور احساس ٿيو ته ٻوليءَ جي ڪيتري اهميت آهي. فرينچ کان سواءِ فرانس ۾ ٻيون ٻوليون تمام گهٽ ڳالهايون وڃن ٿيون کين اهو ڏسي محسوس ٿيئي ٿو، ته سنڌ ۾ ڪيئن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ حزب اختلاف جي ٻاتي ليڊر جي تقرير T.V تي ڏسڻ مهل ڊاڪٽر تنوير سوچي ٿو ته ”انگريز قوم سندس زبان جي نقص کي نه پر ذهن جي سالميت کي اهميت ڏئي ٿي ۽ اسين حزب اختلاف کي ميڊيا ۾ ڪوريج ته ڪر ڪونه ڏيون پر اهڙي پارٽي اڳواڻ کي ته ذليل ۽ خوار ڪري روانو ڪريون“ معنيٰ ته هيءَ قوم حقيقت پسند آهي.
”ڏوري ڏوري ڏيهه“ سفرنامي جي علمي ۽ ادبي اهميت مسلم آهي: ڊاڪٽر تنوير جي هن سفرنامي جو سفر سقراط جي اٿينس کان روم، اٽلي، لنڊن، هالينڊ، پئرس ۽ آخر ۾ اٿينس کان ڪراچيءَ واپس اچڻ تي ختم ٿيئي ٿو. جنهن ۾ گهڻو ذڪر لنڊن جو آهي. هن سفرنامي کي ڌيان سان پڙهبو ته هيءُ ڪتاب سفرنامو هئڻ سان گڏ هڪ علمي ۽ ادبي دستاويز معلوم ٿيندو. جنهن ۾ ليکڪ جي سڀاءُ جي جهلڪ پڻ چٽي نظر اچي ٿي. سندس سفرنامي ۾ شاعريءَ جي موسيقيت آهي ته لفظن جي رواني پڻ شامل آهي. سفرناما نگار جي ڄاڻ ۽ حافظي جو ڪينوس هڪ پل سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته هن ڪتاب جو ليکڪ وڏي معلومات رکندڙ اديب آهي، جنهن جي لاءِ لائبريريون، ادبي اجلاس ۽ ميڙ ۽ ڪتاب روحاني ۽ ذهني سڪون آهن. اهڙن معياري ڪتابن پڙهڻ سان پڙهندڙ جي پڻ علمي اپروچ بلند ٿيئي ٿي. هن ڪتاب ۾ موقعي مطابق شعر ڏنل آهن. جيئن.
ايک قصر در لک، ڪؤڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(شاهه لطيف)
بوتي دي وچ پوڻ ڦوڪيـنـدي،
تهي پئنـدا او سـاز سـرود،
جوڙ مصور صورت ڪـون،
مٺ خاڪ وچون ڪيتا موجود
(خير محمد هيسباڻي، صفحو، 29)
لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.
(ص-76، شاهه ڀٽائي)
ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽيائونس گوڏو،
ڏيئي ڏاڙهيءَ کي لوڏو،
ڪنڊو ڪڍيائونس ڪنڌ مان.
(ص-167، پيراڻي ڀنڀرو)
انهي کان سواءِ، موقعي مهل مطابق ڪيئن سهڻا پهاڪا، ۽ چوڻيون به موجود آهن، جيئن مثال طور: ”منهن ۾ ملان اندر ۾ ابليس“، ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“، ”جهڙو ديس تهڙو ويس“، ”ٻچيءَ کي قبر تائين جو آسرو“، ”ايمڻا مان ڪڏهن تيل نڪتو“، يا ”آڇيندي لڄ مران“ ۽ ٻيا آهن. هن ڪتاب ۾ ٻين ٻولين جي لفظن کان پاسو ڪيو ويو آهي، ڪجهه انگريزي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، پر انهن جهڙا ساڳيا سنڌي لفظ پڻ ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙ کي سهوليت ٿيئي مثلاً: جوڙڻ (Assemble)، جماليات جي حس (Aesthetic Sence)، ڌاريان مسافر foreign Tourists)، چٽيل ٿانوَ، (Pottery) مذهبي، اخلاقيات (religious Ethics)، قديم نوادرات (Antiques)، حقيقت پسند (Realistic) ڪنارو (Beach) وغيره وغيره.
مجموعي طور هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي اول نمبر جي سفرنامن ۾ شمار ٿيڻ جوڳو آهي، جيڪو يورپ جي زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، ۽ اهو ڄاڻائي ٿو. ته يورپين منظم، اڻ ورچ، محنتي، زنده دل ۽ خوش مزاج آهن جيڪي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي سرماين کي ساهه سان سانڍين ٿا. اهي شخصي طور آزاد ۽ مجموعي طور قومي ترقيءَ جي جذبي سان سرشار آهن. سماج ۽ انسانيت لاءِ ڪارائتا آهن. علي احمد بروهيءَ موجب ته،
”اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪتاب نثر ۾ لکيل آهي يا نظم ۾. ادب ثقافت ۽ معلومات جي لحاظ کان هن ڪتاب کي شاهڪار چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو“.