علي نواز آريسر
سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس
تبصرو: علي نواز آريسر
ادب، زندگيءَ جو آئينو هوندو آهي ۽ ادب ئي زندگيءَ جا معيار سمجهائيندو آهي، پوءِ اُهو سياسي ادب هجي يا تاريخي، سائنسي ادب هجي يا مذهبي، ڪن محققن ادب کي آرٽ سڏيو آهي ته ڪن سائنس، پر بنيادي طور ادب زندگيءَ جو عڪاس هوندو آهي. ادب زندگيءَ جو ترجمان هوندو آهي. ادب ذهن جي آبياري ڪندو آهي. ادب معصوم ۽ ڪُومل ذهن جي اندر ۾ سوالن کي اُٿاريندو آهي ۽ جواب تراشيندو آهي. اهڙو ئي ادبي ڪتاب آهي ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”. هن ڪتاب کي ادبي تاريخ جو حصو چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ جو پروين موسيٰ جي قلم جي کوج سان تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ڪيترين ئي ڳالهين ۾ منفرد ۽ نرالائپ رکندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ حقيقت نگاري به ملندي ته علامت نگاريءَ جا اولڙا به پسي سگهبا. تاريخ جا حوالا به نظر ايندا ته سنڌي نثر جي مختلف صنفن جو ڳُوڙهو اڀياس به محسوس ڪري سگهبو. ادبي تاريخ منهنجو پسنديده سبجيڪٽ پئي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ ڇپيل ادبي تاريخن کي مون اُکوليو به آهي ته اُنهيءَ جي تت تائين پهچڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، پر انهن سڀني ڪتابن مان مون کي هيءُ ڪتاب منفرد ان ڪري به لڳي ٿو، جو هيءُ ڪتاب صرف نثر جي صنفن تي لکيل آهي، جنهن ۾ مونجهارا گهٽ، مواد جھجهو ڏنو ويو آهي. نثر جي تعارف ۾ هوءَ ڪيڏي نه سُهڻي ڳالهه ڪري ٿي ته: ”نثر اظهار جو تفصيلي بيان آهي، جنهن ۾ چٽائي، رواني، بياني قُوت، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ٻيون انيڪ خوبيون گهربل هونديون آهن“۔ (ص:12)
جهڙيءَ ريت شاعري اندر جي احساسن جي اُپٽار ڪندي آهي، اهڙي ريت نثر وري پوري سماج جي احساسن جي ڪٿ ڪندڙ هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ ۾ فرد واحد جي حقيقت بياني شامل هوندي آهي، پر نثر ۾ هر سوچ کي اجتماعي طور تي کڻبو آهي ۽ اُن ۾ جيڪڏهن رواني، بياني قُوت ۽ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال هوندو آهي ته پڙهندڙ ان جي سِٽن ۾ سمائجي ويندو آهي.
ڊاڪٽر پروين، هن ڪتاب کي ڇهن ڀاڱن ۾ ترتيبوار ورهائي پڙهندڙن لاءِ اڃا وڌيڪ آساني پيدا ڪئي آهي، جنهن جو سِٽاءُ به هن وڻندڙ رکيو آهي ته جيئن شاگرد ڪنهن مونجهاري جي ور چڙهڻ بجاءِ سڌي ريت اصل حقيقتن تائين پهچي سگهي. مثال طور: ”ڀاڱو پهريون (مقالا ۽ مضمون) هن ڀاڱي ۾ بنيادي ڳالهين کي سامهون رکي مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. نثر جو تعارف، سنڌي نثر ۽ نظم ۾ فرق، نثري صنفن جا ليکڪ ۽ سندن لکتن جا موضوع، مضمون نويسيءَ جو تعارف، مضمون نويسيءَ جي ارتقا ۽ دنياوي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات، سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ سنڌي صحافت جو ساٿ، ورهاڱي کان پوءِ مضمون نويسيءَ جي ترقي، مقالو ڇا آهي؟ مضمون ۽ مقالي ۾ فرق، مضمون ۽ مقالي جي علمي ۽ ادبي اهميت، مضمون نويسي ۽ مقالي نگاريءَ جي ترقي. آءُ سمجهان ٿو هيءُ بنيادي نُڪتا آهن شاگردن جي سمجهڻ جا، جڏهن شاگرد بنيادي ڏاڪا آسانيءَ سان چڙهي ويو ته پوءِ اُن جي لاءِ منزل آسان بڻجي ويندي. اسان جي سنڌي ادب جي هن جاکوڙي قلمڪار هن ڪتاب کي شاگردن جي بنيادي اوسر جو ڪتاب بڻائي سچ ته سنڌي ادب جي جهول ۾ هڪ املهه خزانو وجهي ڇڏيو آهي. نثر ۽ نظم جو فرق هن ڪيڏو نه آسان ۽ باريڪ بينيءَ سان سمجهايو آهي: ”بظاهر ته نثر نگار ۽ شاعر ٻئي تخليقڪار هوندا آهن. پر ته به سندن حدون الڳ مقرر ٿيل آهن. نثر ۽ نظم ۾ اسلوب بيان جي لحاظ کان گهڻو فرق آهي. شاعر جا تجربا منظوم شڪل ۽ بحر وزن سان نروار ٿيندا آهن ته نثر نگار پنهنجي خيالن، تجربن ۽ مشاهدن کي، پوري غور و فڪر ۽ Calculation سان پنهنجي اظهار جو وسيلو بنائيندو آهي. معنيٰ ته نثر ذهني وُسعتن جو امين آهي. جڏهن ته شعر جو دارومدار جذبي ۽ تخيل تي آهي“.
واقعي نثر جو تخليقڪار ڪڏهن ڪڏهن هُجومن ۾ ويهي به شاهڪار تخليق کي جنم ڏئي وٺندو آهي ۽ نظم جو تخليقڪار سوچن جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي. ساڳئي طريقي سان هن مضمون ۽ مقالي جو فرق به سُهڻي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”مقالو ڌيان ۽ چڪاس سان ڪيل اها تحقيق آهي، جنهن مان علمي معيار جي بُلنديءَ سان گڏ محقق جي علمي استعداد پڻ جهلڪندي آهي. انهن جي برعڪس مضمون ۾ ليکڪ جو شخصي عڪس واضح ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ مضمون سندس ذاتي اظهار خيال هُئڻ سبب ذاتي ڄاڻ ۽ مشاهدي جي قُوت تي منحصر هوندو آهي“. (ص:25)
ليکڪا، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي پاسن کي اُکوليو آهي ۽ ريشمي تاڪين جيان اُنهن کي ويڙهيو به آهي، ڪيترن ئي موضوعن کي ڇيڙي، انهن تي بحث ڪري نتيجا سامهون آندا آهن ته جيئن ادب جي شاگردن لاءِ راهون هموار ٿي سگهن. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سفرنامي جي صنف جي تڪ تور ڪري ٿو. هن ڀاڱي ۾ سفرنامي جي ارتقا تي روشني وڌي وئي آهي ته ڪيئن سفرنامو، مضمون مان ڦُٽي نڪري ٿو ۽ ڪيئن هڪ مڪمل صنف بڻجي ٿو ۽ هن صنف کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ سنڌ جي ڪهڙن قلمڪارن حصو ورتو ۽ ڪهڙا معياري سفرناما سنڌي ادب ۾ لکيا ويا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان گڏ هن سفرنامي جي ٻولي، اسلوب، بيهڪ ۽ ڏيهي پرڏيهي سفرن جي ڀيٽ به ڪئي آهي. سفرنامي جي اهميت بابت سندس ويچار هن هڪ ئي جملي ۾ پڙهي سگهجن ٿا: ”سفرنامو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو“. (ص: 141)
آءٌ سندس مٿين راءِ سان متفق آهيان، پر سفرنامو نه رُڳو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو، پر سفرنامو ڪنهن به مُلڪ، قوم جي تاريخ کي سميٽڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو ڪي مُلڪ ۽ ڪي قومون غلاميءَ جي اهڙين حالتن مان گذري آزاديءَ جي مُومل کي ماڻينديون آهن، جو انهن جي ادبي ذخيرن ۾ ڪُجهه ڳوليو به ناهي لڀندو، اهڙين حالتن ۾ باشعور قومون قابض قوتن جي سفرنامن مان پنهنجي قومن جي تاريخ کي سهيڙينديون ۽ سميٽينديون آهن. ڪتاب جو ڀاڱو ٽيون، ناول نويسيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ناول، ناول جو فن، ناول جي ارتقا ۽ اوسر، ترجمو ٿيل ناول ۽ ٻين اهم نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. پروين سنڌي ناول جي حوالي سان لکي ٿي ته: ”سنڌي ناول سنڌي سماج جو عڪس هئڻ سان گڏ، سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو”. (ص:236)
اِهو سچ آهي ته سنڌي ناول، سنڌي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌي سماج اڃا تائين مايوسين ۽ محرومين ۾ گهيريل آهي ۽ اسان وٽ سنڌي ادب ۾ جيڪي به ناول ڇپيا آهن، اُنهن ۾ مسرتون گهٽ، محروميون گهڻيون آهن. البته ڪيترن ئي ناولن جا ڪردار، بهادر، اڏول ۽ جان نڇاور ڪندڙ آهن، اُن جي باوجود اُهي محرومين ۾ وڪوڙيل آهن. هتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته عالمي ليول تي جيڪي به ناول لکيا ويا آهن، اُهي خوشحال قومن جي نشاني سڏيا وڃن ٿا، اُنهن ۾ مسرتون ۽ رنگينيون پربت جهڙين اُوچاين کي ڇُهندڙ آهن، اُن جو واحد سبب اهو آهي ته اُتان جو رائيٽر آزاد آهي، انهيءَ جي سوچ آزاد آهي، انهن ليکڪن کي پئسن جا بريف ڪيس ڀري ڏنا ويندا آهن ۽ موضوع ڏنو ويندو آهي ته هن موضوع تي ناول لکو، اُن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ليکڪ نه ڄاڻ ڪيترين مشڪلاتن مان گذري جي ڪو ڪتاب لکي به وٺي ٿو ته اُن لاءِ پبلش ٿيڻ به وڏو مسئلو بڻجيو وڃي. مصنفه، هن موضوع سان ڀرپور نڀاءَ ڪندي ڪيترن ئي ڪتابن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي ۽ ناول جو جائزو پيش ڪندي، اُن جي ڪهاڻي، مقصديت، اهميت، منظر نگاري، علامت نگاري ۽ آخر ۾ محققن ۽ نقادن جا رايا پڻ شامل ڪيا آهن. هن قِسم جي تحقيق، ادب جي شاگردن، استادن ۽ اسڪالرن لاءِ نهايت ئي ڪارگر ثابت ٿيندي. ساڳئي طريقي سان افسانه نويسي جو به شاندار جائزو پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي افسانو، افساني جو فن، سنڌيءَ ۾ افساني جي اوسر، سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ ۾ عورت ڪهاڻيڪارن جو حصو، افسانه نگاريءَ ۾ مزاح، افساني جي اهميت، سنڌي سماج جي عڪاسي، جديد لاڙا ۽ مشهور سنڌي افسانن جو جائزو ورتو ويو آهي، جيڪو پڻ شاهڪار جائزو چئي سگهجي ٿو. هونئن به افسانو ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، افساني بابت پروفيسر پروين جي هي راءِ به اهميت لائق آهي: ”افسانو هڪ ڪهاڻي يا ڳالهه آهي، جنهن جو واسطو زندگيءَ سان آهي. جديد افسانو فني لوازمات سان جُڙيل آهي ۽ اهو فن داخلي، رُوحاني ۽ خارجي هئڻ سان گڏ عوامي پڻ آهي“. (ص:307)
اهڙيءَ طرح ٻين صنفن وانگر ڊراما نويسيءَ جي مختلف پهلوئن، رُخن ۽ لاڙن کي سامهون آڻي اُن تي دليل ڏئي حقيقتن کي وائکو ڪيو ويو آهي. ڊرامي بابت سندس راءِ اصلاحي، بياني ۽ تُز آهي، جنهن جو سِڌو تعلق حقيقتن سان آهي ۽ حقيقت نگاري جنهن جو سڌو تعلق زندگي ۽ سماج سان هوندو آهي. ”ڊرامو سبق آموز ۽ اصلاحي هُئڻ سان گڏ، معاشري جي سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ هجي، جنهن ۾ فحاشيءَ کان پاسو ڪيو وڃي. مقصد صرف معاشري جي اُوڻاين کي کولي بيان ڪرڻ هجي“. (ص: 354)
مٿي ذڪر ڪيل ۽ چونڊ ڪيل ڪتاب جي سڀني پهلوئن کي سامهون آڻڻ کان پوءِ آءُ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ رهنما ثابت ٿيندو. هن قِسم جي تحقيق، هن قِسم جو ڪم، سواءِ عشق جي ٿيڻ ممڪن ئي ناهي. ساڳي ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا پڻ ڪتاب جي مُهاڳ ۾ ڪئي آهي:”هن قسم جو تحقيقي ڪم فقط اُهو ماڻهو ڪري سگهندو آهي، جنهن ۾ هڪ قِسم جو جُنون لڪل هوندو آهي. پڙهندڙ مون سان ضرور اتفاق ڪندا ته هن قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان عشق هوندو ۽ اُهو عشق جنون تي منزل تائين پهتل هوندو“.
آءُ هن ڪتاب بابت پنهنجي ڪا راءِ قائم ڪريان، بهتر آهي ته پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن ۽ ڪتاب جي اهميت کي سمجهڻ سان گڏ پاڻ به سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڪي ڪَڻا شامل ڪن ته نه رُڳو سنڌي ٻوليءَ جو دامن وسيع ٿيندو ۽ ههڙن ڪتابن جي ليکڪن کي به خوشي حاصل ٿيندي.
ڪتاب ۾ مختلف تحريڪن جو جائزو به پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي پتو پئي ته سنڌي ادب تي تحريڪن ڪهڙا اثر ڇڏيا. اُن کانسواءِ ڪتاب جي آخر ۾ جديد لاڙن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ضميمو ۽ ببليوگرافي پڻ شامل ڪئي وئي آهي. هيءُ ڪتاب تحقيق جي سمورين لوازماتن تي پورو لهندڙ آهي ۽ هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته ڪتاب ۾ ٻولي سادي، سَرل ۽ وڻندڙ استعمال ڪئي وئي آهي. تحقيقي ٻولي، جيئن ته ٺوس هوندي آهي، پر هن ڪتاب ۾ تخليقي ٻوليءَ جي استعمال، ڪتاب کي وڌيڪ سونهن بخشي آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد پاران 2008ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
4-4-2016
علي نواز آريسر