لطيفيات
لطيفيات جي ڀاڱي ۾ ڪافي مضمون ۽ مقالا آهن، جن کي جمع ڪري ڀت شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽائي چيئر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌ ثقافت. کاتي طرفان شايع ڪرايو ويو آهي. شاھ ڀٽائي رحه تي لکيل مضمونن ۽ مقالن ۽ انهن جي ڪتابي مجموعن جو تفصيل طويل آهي، ڀٽ ڌڻيءَ جي سوانح ۽ رسالي جي باري ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ به لکيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ لکيل ليک اخبارن کان علاوه مختلف رسالن ۽ تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن جيئن نئين زندگي، اديون، ياد لطيف، لطيف سالگره مخزن، يادگار لطيف، گلستان لطيف، سنڌو، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادب، ڪلاچي، ڦليلي، پورب، ڪينجهر، سهڻي ۽ ٻيا آهن. شاھ سائينءَ جي باري ۾ تحقيقي ڪتابن ۾ ”لطائف لطيفي“ فارسيءَ ۾ مير عبدالحسين خان سانگيءَ تصنيف ڪيو. جنهن کان پوءِ مرزا قليچ بيگ ”احوال شاھ عبدالطيف“ پهرين انگريزيءَ ۾ پوءِ سنڌيءَ ۾ لکيو. ايڇ ٽي سورلي جو شاھ لطيف بابت پي.ايڇ.ڊي جو مقالو انگريزيءَ ۾ Shah Abdul Latif of Bhit شايع ٿيو. جنهن جو سنڌي ترجمو ”ڀٽ جو شاھ“ جي عنوان سان اچي چڪو آهي، مٿيان ٽيئي ڪتاب سنڌيءَ ۾ موجود آهن. هيٺ شاھ سائين جن تي لکيل ڪتابن مان ڪجھ جو ذڪر ڪجي ٿو.
لطيفي سير: ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي هن ڪتاب ۾ شاھ جي سير جو احوال، شعرن جي اوٽ ۾ بيان ڪيل آهي. ڪجھ مضمونن ۾ مختلف هنڌن ۽ شهرن جو خاص احوال ڏنل آهي. جيئن ڪراچي، ٿر، ڪڇ، ويڙهي جهپ وغيره. ان کانسواءِ ڪجھ اهم موضوع نئين انداز سان بيان ٿيل آهن. جيئن ٿر جو وسڪارو، ٿر جي ڏوٿين جو ڏٿ، ٿر جون ڀٽون، ٿر جا هاڪارا وڻ، ٿري ماڻهن جا گهر، ٿر جي پوشاڪ، ٿرين جي مشغولي، ٿر ۾ نانگ بلائون، ٿر جي ٻولي، ٿر جو تاريخي احوال وغيره. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1928ع ۾ آيو 1947ع کان پوءِ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز نئين سر ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۽ سهڻي ٽائيٽل ڪور سان ٻيهر شايع ڪرايو پوءِ به شايع ٿيندڙ رهيو آهي.
شاهاڻو شاھ: لالچند امر ڏنو مل جو شاھ جي باري ۾ هيءُ ڪتاب 1914ع ۾ ڇپيو. ڀٽ شاھ ٽقافتي مرڪز ٻيهر شايع ڪرايو آهي، هن ڪتاب ۾ شاھ جي ڪلام جي جائزي کان علاوه ٻه اهم ليک، شعر جي خوبين تي ڪٺو ويچار ۽ خوبين ۽ خامين جي جاچ آهن.
لطف الطيف: دين محمد وفائي جو شاھ جي باري ۾ اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ شاھ جي حسب نسب، سلسله طريقت، رهڻي ڪهڻي عادتون ۽ ڪلام جي باري ۾ تفصيل تيرهن بابن ۾ ڏنل آهي.
شاھ جي رسالي جو مطالعو: هيءُ به دين محمد وفائيءَ جو مشهور ڪتاب آهي جنهن ۾ شاھ جي شاعريءَ جي حوالي سان مختلف عنوانن، سنڌ جا جانور، پکي، سنڌ جو انقلابي حالتون، سنڌ وارن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻيا موضوع شامل ڪيا ويا آهن.
شاھ لطيف ۽ ان جو فن: علامه آءِ. آءِ. قاضي جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو آهي جنهن ۾ ڪارلائيل وارا شاعريءَ جي پرک جا اهم ٽي معيار بيان ڪري شاھ جي ڪلام کي ڀيٽيو ويو آهي، ۽ کين دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ليکيو ويو آهي.
مقدمهءِ لطيفي: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو اهم ڪتاب آهي هن عالماڻي تصنيف تي ادبي نڪته چيني به ٿي هئي. هيءُ مقدمو سندس ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جي ڪمشنر ڇاپي 1923ع جي پهرين جلد ۾ شامل آهي، هن ۾ شعر جي خوبين ۽ معيارن سان گڏ شاھ جي سوانح ۽ سندن شاعري جي باري ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو آهي، هي مقدمه لطيفي جي عنوان سان، پوءِ الڳ شايع ٿيو آهي ۽ شاھ سائين تي لکيل ڪم ۾ اهم ڪاوش شمار ٿيئي ٿو.
پيغامِ لطيف: سائين جي.ايم. سيد جو هيءُ ڪتاب شاھ جي شاعريءَ جي باري ۾ مختلف نظريي کي بيان ڪري ٿو. هن ۾ ليکڪ سنڌ جي عوام کي شاھ جي ڪلام جي معرفت قوميت جو نئون پيغام متعارف ڪرايو آهي. سر مارئيءَ جي بيتن کي خاص انهيءَ مقصد لاءِ مثال، بنائي پيش ڪيو اٿن. ”پيغام لطيف“ جي 12 فصلن ۾ شاھ صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال، سندن زماني جو ماحول، سنڌ جون سياسي ۽ مذهبي حالتون، شاھ جون پنهنجي دؤر جي بزرگن سان ملاقاتون ذڪر ڪيل آهن، شاھ صاحب کي سنڌ جو قومي شاعر بيان ڪندي، جناب جي.ايم سيد صاحب سندن ڪلام ۾ قوميت جو تخيل ۽ شاھ ۽ ڊاڪٽر اقبال جي قومي نظرين تي هڪ نظر وڌي آهي. سندن موجب شاھ جو پيغام، حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوفي، همت، قرباني ۽ ستايلن جي حمايت آهي.
ڪنزالطيف: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب آهي. هن مختصر ڪتاب ۾ شاھ جي ڇاپي رسالن تي بحث ۽ خاص طور گربخشاڻيءَ جي رسالي کي بچاءُ ڏنل آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 1977ع ۾ ”لطيفيات“ جي عنوان سان ڪتاب ترتيب ڏنو جنهن ۾ 1977ع تائين جي شاھ جي باري ۾ لکيل مواد ۽ قلمي نسخن ۽ رسالن جي پيرائتي ڄاڻ ڏبل آهي. انهيءَ کان پوءِ شاھ لطيف تي لکيل ڪتابن جي ببليو گرافي، شاھ جي رسالي جو مطالعو، ڪشف الابيات (شاھ جي جدا جدارسالن جي بيتن جي ڏسڻي) ۽ ٻيو مواد لطيفيات جي ڏس ۾ لکيو اٿن.
شاھ عبدالطيف (تحقيقي مضمون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڀٽ ڌڻي جي سوانح، شاعري، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي ڪتاب آهي انهيءَ کانسواءِ پاڻ لطيفيات تي تمام اهم ڪم ڪيو اٿن جن ۾ ٻيا ڪتاب پڻ شامل آهن، سندن ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي ۾ شاھ جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ اهم مقدمو شامل آهي.
ڀٽ جو گهوٽ: ڊاڪٽر بشير احمد جو ترتيب ڏنل ڪتاب آهي. اپريل 1998ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن شايع ڪرايو. هن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي باري ۾ مشهور محققن جا ليک شامل آهن. جيڪي هن ريت آهن ”شاھ جو پيغام هر دؤر لاءِ“، علامه غلام مصطفى قاسمي، ”شاھ جو بنياد“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي“ مخدوم محمد زمان طالب المولى، ”شاھ لطيف عزم ۽ استقلال جو داعي“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”انسان جي انفراديت شاھ جي نظر ۾“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم جا اهڃاڻ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”مفتي منجھ ويهار“ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ”شاھ جي ڪونج“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن جا مقالا شامل آهن ۽ گڏو گڏ محققن جي سوانح پڻ هن ۾ ڏنل آهي، انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب جا مقالا خاص آهن.
شاھ ۽ سنڌ: ”شاھ ۽ سنڌ“ شاھ عبدالطيف چيئر ڪراچي، 1998ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب کي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر فهميده حسين آهي. هن ۾ آيل مضمون ۽ مقالا اهي آهن. جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپيل نه آهن ۽ هي ليک شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۾ پڙهڻا هئا، پر ڪجھ سببن سبب اها رٿيل ڪانفرنس نه ٿي سگهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪوششن سان هنن مقالن ۽ مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. هن ۾ شاھ سائين جي ڪلام جي ڄاڻ وٺندڙن شائقين ۽ شاگردن لاءِ سٺي رهنمائي آهي ڪل يارهن مقالا آهن. جيڪي ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، پروفيسر تنوير جوڻيجو ۽ ٻين جا آهن.
اردو مقالن ۾ ”سندھی زباں کے فطری لہجے“ ڊاڪٽرحيدر سنڌي، ”شاھ لطيف ڪا فلسفئه غم“، ڊاڪٽر فهميده حسين جا لکيل آهن. انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو هيٺين عنوان سان آهي. Reference of Historical Events in Shah Jo Risalo ڊاڪٽر قمر الدين جو مقالو هن ريت آهي: Hyderabad a Historical City of Sindh هيءُ هڪ معلوماتي ڪتاب آهي. انهيءَ کان علاوه ”عرفان لطيف“، ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“، ”لطيفي لات“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ”ڍوليو ڍٽ ڌڻي“، معمور يوسفاڻي، ”شاھ لطيف هڪ تحرڪ هڪ تحريڪ“، ”حُسينيءَ جي هاڪ“، (ترتيب) تاج جويو کان سواءِ ٻيا به انيڪ ڪتاب آهن، جن جو تحقيقي مواد خاص حيثيت رکي ٿو. شاھ جي ڪلام جي سرن جي تشريح ۽ تفصيل جي باري ۾ الڳ الڳ ڪتاب به آيا آهن. جن ۾ ممتاز مرزا، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، آغا سليم، تاج جويو جو ڪم قابلِ ذڪر آهي. شاھ سائين جي ڪلام جي ترتيب ڏنل مختلف رسالن ۾ محققن جا عالماڻه مقدما اهم آهن. جن ۾ سندن شاعريءَ ۽ سوانح جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. لطيفيات جي ڀاڱي ۾ پي.ايڇ.ڊي جون ٿيسز خاص حيثيت رکن ٿيون، انهن ٿيسز ۾ چار انگريزيءَ ۾ آهن، جيڪي ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، موتي لال جوتواڻي، سنتنداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر دُر شهوار سيد جون آهن. سنڌيءَ ۾ لکيل ٿيسز ۾ شاهنواز سوڍر ”سنڌي ثقافت ۽ شاھ عبدالطيف“ غلام نبي سڌايو جي ”حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ علامت نگاري،“ ڊاڪٽر فهميده حسين جي ”شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ ۾ جي عنوان سان شايع ٿي چڪيون آهن. ان کانسواءِ سليم ڀٽو لطيفي، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم شاھ، ڊاڪٽر غلام مصطفى کهڙو، استاد لغاري، راهب لاڙڪ، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن جو ڪم موجود آهي. ڪجھ ٿيسز اڻ ڇپيل صورت ۾ به موجود آهن، ڪيترو ئي مواد تحقيق جي مرحلن مان گذري رهيو آهي.