الطاف شيخ جي سفرنامن جو تفصيلي جائزو
الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت به سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گھميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي ريٽائرڊ ڪيائين. پر اڄ به کيس پيٽارو سان محبت آهي جنهن جو ذڪر هو پنهنجي تحريرن ۾ ڪندو آهي ان کان سواءِ هن مختلف هنڌن تي پڙهائڻ جو ڪم به ڪيو. شيخ الطاف کي پنهنجي فيلڊ جي سٺي ڄاڻ آهي پر کيس سنڌي ادب جي به ڄاڻ آهي هن سنڌي ادب ۾ مترجم ۽ سفرنامانگار طور ڪتاب لکيا آهن ڪي ڪتاب مرتب پڻ ڪيا آهن سندس ادبي ڪاوشن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهميت ملي آهي هن سفرنامي جي صنف ۾ لکي سنڌي ادب کي سفرنامن ۾ مالامال ڪري ڇڏيو آهي الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گھڻو آهي.
مُنهنجو ساگر مُنهنجو ساحل: سندس پهريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ ”جاني ته جھاز ۾“ ”بندربازاريون“، ”سمونڊ جي سيوين“، ”وايون وڻجارن جون“، ”جت جروهي ٿو جال“، ”دنگي منجهه دريا“، ”موج نه سهي مڪڙي“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”اوهرياجي عميق ڏي“، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”سانباهو سمونڊ جو“، ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“ ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گھڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ائين ئي سندس سفرنامي ۾ موقعي جي مناسبت سان شاهه صاحب جا بيت پڻ ڏنل آهن سندن ٻين سفر نامن ۾ ”ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين“، ”مڪلي کان ملاڪا تائين“، ”ڀلي پار تان ڀيرو“، ”جپان رس“، ”سينگاپور ويندي ويندي“، ”بوتلن جو سفر“، ”ڪويت ڪنارا“، ”پيارجي گھٽ“، ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون ته اناميڪا عنوان سان پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو پڻ لکيائين. هيٺ چند سفرنامن جو احوال ڏجي ٿو.
منهنجو ساگر منهنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، اُهي خط ليکڪ پنهنجي دوست ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سفر دوران لکيا هئا جن ۾ انهيءَ سفر جو سربستو احوال آهي پهريون خط عربي سمنڊ تان 23 سيپٽمبر 1968ع، تي لکيو ويو جنهن سان سفر نامي جي شروعات ٿيل آهي انهن خطن ۾ سفرناما نگار سامونڊي سفر جي جوکن، مئرين نيويءَ جي معلومات ۽ مختلف سمنڊن جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي جن ۾ بحراسود (Black Sea) ۽ عربي سمنڊ کان سواءِ لاس پاماس ٻيٽ ۽ ٻين ٻيٽن جو احوال ڏنل آهي جن ملڪن ۾ الطاف شيخ جو هن سفر ۾ وڃڻ ٿيو انهن ۾ ڪولمبو، يوگوسلاويه، رومانيه بلغاريه، ڪينيا، سلون، اٽلي، جرمني، شام، مصر، قاهره، روم، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۽ شهرن جو احوال آهي روم جي شهر لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته، “ادا روم ۾ جتي آئون ڪجهه ڏينهن اڳ هئس جيڪو هڪ تاريخي شهر آهي اٽڪل چارهزار سال پراڻو ٿيندو دنيا جو وڏي ۾ وڏو چرچ سنيٽ پيرس به روم ۾ آهي. شهر ۾ جتي ڪٿي تمام وڏا پٿر ۽ڌاتوءَ جا بت نظر ايندا بگهاڙي جو بت روم جي قومي نشاني آهي چيو وڃي ٿو ته روم ٻن ڀائرن ٺهرايو جن کي ننڍي هوندي ان بگھاڙيءَ کير پياري وڏو ڪيو هو”. (1)
1977ع ۾، ”منهنجوساگرمنهنجو ساحل“، ڪتاب جو پهريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن هي ڪتاب موجوده وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَجي نصاب ۾ شامل آهي هيءَ ليکڪ جو سفرنامو خطن جي صورت ۾ آهي. شروع دور جا سفر ناما انهيءَ ريت پڻ هئا جيڪي پڙهڻ وارن کي خشڪ پڻ لڳن ٿا جنهن منجهه پڙهڻ ۾ توجه پڻ مڪمل قائم نٿي رهي جو خطن ۾ ايئن لکيل هوندو آهي، اميد ته ”ٻيو احوال ايندڙ دفعي لکندس“ بهرحال ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ سفرنامن لکڻ جو رواج قائم ٿيو ۽ اڄ انيڪ سفرناما سنڌي ادب جو حصو آهن.
بندر بازاريون: سفرنامو سنگاپور، پورٽ ڪلانگ ۽ ملايا جي احوال تي مبني آهي، نيو فيلڊس پبليڪيشن، جو ڇپايل، هيءُ سفرنامو 170 صفحن تي مشتمل آهي، بندر بازاريون جو پهريون ڇاپو 1975ع، ۾ آيو، هن ڪتاب جو انتساب ڏيساور ۾ رهندڙ ديس واسين جي لاءِ آهي. ڪتاب جو مهاڳ امر جليل جو لکيل آهي.
جليل صاحب لکي ٿو ته: ”الطاف جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي، تنهن ڪري هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آهي، اتي سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولها ڪندو آهي، سندس کوجنا اڪثر ڪري بر ثواب ٿيندي آهي، هن سنڌين کي پرديس ۾ سکيو ستابو ڏٺو آهي، هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، بيروت، وچ مشرق، يورپ، آفريڪا آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن، مان سوچيندو آهيان ته اسان منجهان اهڙو ڪو مڙس ماڻهو شل نروار ٿئي جيڪو سڪ جو سڳو کڻي نڪري ۽ سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي ڇڏي“. (2)
”بندر بازاريون“ سفرنامي ۾ ليکڪ “سرفراز رفيقي” جهار تي اوچتي ڊيوٽي لڳڻ سبب، اوڀر پاسي وارن ملڪن، ملايا، چين، سنگاپور، ٿائيلينڊ هانگ ڪانگ ۽ جپان ڏانهن سفر ڪري ٿو. ڪتاب جي شروع، ۾ مئرين اڪيڊمي جي سليڪشن جي ڄاڻ سان گڏ، جهاز جي بناوٽ ان جا قسم ۽ اسٽاف وغيره جي باري ۾ معلومات ڏني وئي آهي، گڏوگڏ (Seasickness)، (سمنڊ ۾ سفر ڪندي خراب موسم جي ڪري ٿيندڙ بيماري جنهن ۾ الٽيون ڦيري ۽ مٿي ۾ سور ٿيندو آهي)، جي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ اهو به ڄاڻايو آهي ته اهڙا اتفاق ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا آهن، اها سڀ معلومات مئرين اڪيڊميءَ ۾ ڀرتيءَ جي خواهشمندن يا سامونڊي زندگيءَ بابت ڄاڻ وٺندڙ لاءِ خاص طور ڏنل آهي. هن سفرنامي ۾ جهاز پهرين ملايا، جي ٻيٽ ”پينانگ“ تي پهچي ٿو. پينانگ ٻيٽ ڊيوٽي فري ٻيٽ آهي، جتي تمام گهڻي سستائي آهي، ليکڪ، چواڻيءَ ته ”ليڊيز جي ته ڄڻ لئه آهي ۽ عورتن جي لاءِ انهن شهرن جو هڪ هڪ ڏينهن عيد برابر آهي“.
شيخ صاحب موجب ته، ملايا ۾ چار قومي زبانون آهن، انگريزي، چيني، ملئي ۽ تامل جيڪڏهن پويون ٽي زبانون ڪنهن کي نٿيون اچن ته خير آهي، انگريزي اتي بلڪل عام آهي، هڪ عام رڪشا وارو يا اڻ پڙهيل دڪاندار به سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو. ملايا ۾ سنڌي ڪافي تعداد ۾ آهن ۽ دوڪاندار به سنڌي گهڻا آهن، سنڌين جي واپار وڻج لاءِ اتي هي قول عام آهي، Salesman means sindhi, sindhi means salesman. ملايا جا مسلمان ملئي زبان ڳالهائيندڙ ۽ شڪل و صورت ۾ چينين جهڙا آهن، هتي چيني به رهندڙ آهن. جن مان ڪجهه مسلمان آهن ته ڪي عيسائي آهن، ڪجهه ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ آهن، ملايا ۾ ننڍيون وڏيون هر قسم جون هوٽلون آهن. جن جو کاڌو ذائقي ۾ ٺيڪ ٺاڪ آهي، هتي خاص طور پان تمام سٺا ملن ٿا. گرم مصالحو، ادرڪ، کاڄا ۽ لونگ ڦوٽا خاص طور سستا آهن. ملايا ۾ چيني، ملئي، انڊين، پنجابي، سنڌي، گجراتين ۽ کوجن سان گڏ، اڪثريت سنڌي هندوئن جي رهائش پذير آهي، ملايا جي مشهور شهرن ۾ پينانگ، بئروٿ ۽ پورٽ ڪلانگ آهن، گهمڻ جي هنڌن ۾ نانگن جو مندر، پينانگ ٻيٽ، پينانگ جو باغيچو، ميرلين هوٽل جي ڇت تي ٺهيل گول ڦرندڙ ريسٽورينٽ (Revolving restaurant) ۽ ڪجهه اهم بازارون شامل آهن.
سنگاپور کي الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انهيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو ته، “سنگاپور” جي زيادهه ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جهازن جي ڪري آهي. سنگاپور جهازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئه نگاهه کان ڪجهه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوه هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنهن جي چوڌاري پتنگن وانگر جهاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن.” سنگاپور جي آمدنيءَ ۾ رٻڙ ۽ ناريل جي پوک کان علاوه کاڻين مان نڪتل شيهو به شامل آهي پر گهڻي ڪمائي سياحت جي ڪري آهي، سينگاپور سنسڪرت لفظ “سنگاپور” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ “شينهن جو گهر” شهر ۾ جتي ڪٿي سنگ مرمر جا شينهن جا مجسما ڏسڻ ۾ ايندا جن هيٺ Lion City لکيل هوندو.
سنگاپور 20 لک آباديءَ جو ملڪ آهي (اها آبادي 1973ع، جي شمار ٿيندي) پر انتهائي صاف سٿرو ملڪ آهي جتي رستي ۾ ٿڪ اڇلائڻ، سگريٽ جو ٽوٽو ڦٽي ڪرڻ تي به پنجاهه ڊالر ڏنڊ ۽ جيل جي سزا آهي. هتي انڊين ايئرلائينز، انڊين ٽوئرسٽ بيورو جي سروس سٺي آهي، انڊين بئنڪون ۽ انڊين هوٽلون گهڻيون آهن، انهيءَ کان سواءِ هندوستاني ڪتاب اخبارون ۽ رسالا پڻ عام جام آهن ۽ انڊيا جي تهذيب و تمدن جي پبلسٽي وڌيڪ آهي، سنگاپور ۾ سنڌي هندو تقريباً 10 هزار کان به وڌيڪ آهن، جڪارتا، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ به سنڌين جو تعداد جهجهو آهي. هتي سنڌي هندوئن جي مرچنٽ ايسوسيئيشن آهي. (جنهن جي سيڪريٽريءَ مسٽر رامچند کان ورتل انٽرويو ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنل آهي). سنگاپور جي سنڌين جي هيءَ مرچنٽ ايسوسيئيشن باقائده رجسٽرڊ آهي جا 1921ع، ۾ رجسٽر ٿي، هن ايسوسيئيشن کي پنهنجي ٽيليفون ڊائريڪٽري آهي ۽ سندن گڏجاڻيون ”سنڌو هائوس“ بلڊنگ ۾ ٿينديون آهن. سنڌي ٻارن کي چيني ۽ انگريزي سيکارڻ سان گڏ سنڌي سيکارڻ لاءِ سنڌين هڪ الڳ اسڪول به قائم ڪيو آهي، ته جيئن سندن ايندڙ نسل سنڌي ٻوليءَ کان باخبر رهي.
ٿائيلينڊ الطاف جي نظر ۾ ٻڌ ڌرم کان مشهور ملڪ آهي. هتي انگريزي ورلي ڪو ڳالهائيندو ٿائيلينڊ ۾ ٿائي زبان ڳالهائي ويندي آهي. ٻڌ ڌرم 25 سئو سال اڳ هتي پهتو، هتي جي ٻڌن جي پگوڊن عبادتگاهن ۽ ٻڌ ڀڳشوئن (ٻاون) کي ڏسڻ لاءِ ٻڌ ڌرم جا ماڻهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندا آهن. ٿائيلينڊ جو مشهور شهر ”حاديه“ ۽ مشهور بندرگاهه ”سونگ ڪلا“ آهي. ٿائيلينڊ جي مذهب تي هندو مذهب جو اثر پڻ شامل آهي، هندو ڌرم جا ڪيترائي ڪتاب مثلاً ڀڳوت گيتا ۽ رامائڻ وغيره. ٿائيلينڊ جي اسڪولن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ٿائي زبان سنسڪرت جي Modification آهي.
بندر بازاريون الطاف شيخ جي شروع، جي لکيل سفرنامن ۾ دلچسپ سفرنامو آهي، جنهن ۾ مٿين ٽنهي ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافيائي ڄاڻ سان گڏ ڪا تفصيلي معلومات مهيا ڪيل آهن.
(هيءُ سفر نامو C.SS جي چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ڊگري ڪلاسن لاءِ نصاب ۾ مقرر رهيو، هن جو هڪ باب ”سنگاپور ۾ سنڌي“ جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق سندن مضمونن جي مجموعي ”هٻڪار“ ۾ به ڏنو آهي). سيٺ رامچند جو انٽرويو بيان ڪندي الطاف سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي ملاوٽ جو ذڪر ڪري ٿو ته فيصلو عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن تي ڇڏي ڏئي ٿو. سندس چوڻ مطابق هندوستان جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت، پاڪستان جي سنڌيءَ ۾ عربي، فارسي ۽ اردو، سنگاپور جي سنڌيءَ ۾ ملئي ۽ انگريزي، اسپين جي سنڌيءَ ۾ اسپيني لفظ يا اصطلاح هاڻي شامل ٿي ويا آهن، اهو سٺو آهي يا خراب انهيءَ لاءِ بحث جي ضرورت آهي، اهو فيصلو عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن کي ڪرڻ کپي ته اهو صحيح آهي يا نه؟ هن اهم موضوع، تي الطاف جو سوچڻ، فڪر ڪرڻ ۽ دانشورن ۽ عالمن کي هن خاص نقطي تي سوچي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ چوڻ سان، سندن سنڌي ٻوليءَ سان محبت ظاهر ٿئي ٿي ۽ دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن سان ملڻ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقيءَ ۽ ترويج جي لاءِ ورتل ڪوششن جو جائزو ڏيڻ سان سندن سنڌيت جو ثبوت ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٻولي سليس ۽ عام فهم استعمال ٿيل آهي، لفظن ۽ جملن جو استعمال سهڻو آهي، موقعي مطابق چوڻيون ۽ پهاڪا استعمال ٿيل آهن، جيئن ”رڃ ۾ ڪنهن مسافر کي پاڻيءَ سرڪ ملي ڄڻ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سڻائو سمنڊ مليو“، ”ٻه به ويون ڇهه به ويون“، ”ڏيهه کي ڄاڻ پوي ته ڀلي پوي باقي ڏيراڻيءَ کي نه هئڻ گهرجي“، يا شاهه سائين جي بيتن جو استعمال جابجا نظر ايندو. جيئن.
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سور ويا.
سو هي سو هو، سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
مجموعي طور ”بندر بازاريون“ علمي ۽ ادبي طور اهميت وارو سفرناموآهي.
سمونڊ جي سيوين: 1972ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفرنامي جي شروعات شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي.
سمونڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلر جي چوئين، تن سانکونٽا ۽ سُتيون.
سمونڊ جي سيوين، الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، 195 صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
”سمونڊ جي سيوين“ فروغ ادب هالا وارن، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا گهٽي حيدرآباد مان ڇپايو. ڪتاب جي شروع، ۾ پاڪستان نيويءَ جي ڪمانڊر اسرار الله جي طرفان انگريزيءَ ۾ لکيل تعريفي خط پڻ ڏنل آهي. سفرنامي ۾ ڪل ست باب آهن پهريون باب آمريڪا ۽ نيويارڪ جي ڄاڻ تي مشتمل آهي.
آمريڪا ۽ نيويارڪ ليکڪ جي نظر ۾ هن ريت آهن.
(1) آمريڪا ۾ زرعي ترقي جديد اصولن تي مبني آهي.
(2) نيويارڪ جي شهر تي نه صرف هن ملڪ کي، پر سڄيءَ آمريڪا کي فخر آهي، هيءُ شهر دنيا جي وڏن ۽ با رونق شهرن مان آهي، ويهين صديءَ جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو هڪ نادر ۽ انوکو نمونو آهي.
(3) سڄي نيويارڪ اسٽيٽ مختلف ايونيوز ۾ ورهايل آهي هتي جو ”Railway System“ تمام بهترين آهي.
(4) آمريڪا ۾ ٽئڪسيءَ جو سفر ايترو ته مهانگو آهي، جو صرف سمگلر ئي ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن سڄي شهر جو سئر ٽڪسيءَ ۾ ڪجي ته شام تائين ايترو بل ٿي ويندو. جو ان مان نئين گاڏي وٺي سگهجي ٿي.
(5) آمريڪا جي آئس ڪريم ۽ ملڪ شيڪ جو مقابلو دنيا جو ڪوبه شهر نٿو ڪري سگهي.
(6) آمريڪا ۾ هر شيءَ جي پيڪنگ تمام خوبصورت هوندي آهي. بعض اوقات خريد ڪيل اصل شئي کان سندس پيڪنگ جو مٽيريل وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي.
(7) نيويارڪ ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ، اسٽيچيو آف لبرٽي، ٽائيمس اسڪوائر ۽ سينٽرل پارڪ کي بيان ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته: ”نيويارڪ دراصل ننڍن ٻيٽن سان مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جهڙوڪ: مئن هٽن، بروڪلن برانڪس، اسٽيٽن آئيلينڊ، ڪوني آئيلينڊ، ڪئينس وغيره. جيئن ڪراچيءَ جا ڪيترائي حصا آهن، منوڙو، ڪياماڙي، ناظم آباد، صدر، ملير، لانڍي وغيره ۽ سڀني ۾ بارونق جڳهه ”صدر“ آهي تيئن نيويارڪ جو سڀ کان خوبصورت ۽ مشغول علائقو “مئن هٽن” آهي، جنهن کي عام طرح نيويارڪ ڪوٺجي ٿو“.
لنڊن جي باري ۾ ليکڪ جي راءِ:
(1) انگلينڊ جي عوام جي زندگي منظم آهي. هتي ٽرئفڪ جو انتظام ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم تمام سٺو آهي.
(2) لنڊن ۾ پاڪستانين ۽ هندستانين جي اڪثريت آهي، ايترا انگريزن جي حڪومت ۾ به پاڪستان ۾ انگريز نه هئا، جيترا توهان کي پاڪستاني، هندوستاني، انگلينڊ ۾ نظر ايندا. انگلينڊ ۾ ايترا ته پاڪستانين جا دڪان آهن جو اتان هر شيءَ اٽو، ڳڙ، آچار، مرچ مصالحي کان وٺي ڀڳڙن، ريوڙين ۽ مٺائيءَ تائين هر شيءَ ملي ٿي.
(3) لنڊن جي پر سڄي انگلينڊ جي موسم بي ڀروسي آهي، بقول ليکڪ انگلينڊ جي موسم ۽ محبوبه تي ڪهڙو ويساهه؟ هي موسم ستارن جي اثر وانگر اتي جي ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي.
(4) ٽيمس ندي ۽ انهي مان ٻڌل پليون، جيئن (ٽاور برج، ريلوي برج، واٽر برج وغيره) جي ذڪر سان گڏ پڪاڊلي، سرڪس، بئنڪ آف انگلينڊ، مشهور ريڊيو اسٽيشن، بي بي سي، ويسٽ منسٽر، ميڻ جو عجائب گهر ۽ آڪسفورڊ و ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جو مختصر ذڪر ڪيل آهي.
(5) جرمنيءَ کي الطاف شيخ خوبصورت سائين بورڊن سان سينگاريل ۽ بهترين دڪان سازيءَ کان مشهور شهر ڄاڻايو آهي. جنهن جا خوبصورت ڊپارٽمينٽل اسٽور سهڻا سجايل آهن. سخت سرديءَ جي باوجود جرمنيءَ کي گهمڻ ڦرڻ ۾ انتهائي لطف آهي.
”بردمودا ٻيٽ“ جيڪو نيويارڪ کان سئو ڪلو ميٽر پري آهي، انهيءَ ٻيٽ تي اتفاق سان جهاز جي بئالرن جي خرابيءَ سببان، لنگرانداز ٿيڻ جو احوال آهي، هن ٻيٽ کي “جهازن جو قبرستان” سڏيو ويندو آهي. جو هتي سمونڊي حادثا گهڻا ٿيندا آهن. ليکڪ کي هن سنسان ٻيٽ تي اصولڪي رهاڪن ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي گورن سان گڏ هڪ سنڌي حيدرآباد هيرآباد جي فئملي ملڻ تي عجب ٿئي ٿو، جيڪي 1915ع، کان هن ٻيٽ تي آيل هئا.
(1) پولينڊ جا رهاڪو مهمان نواز، سچار و صاف دل ۽ خلوص وارا ۽ ايماندار آهن.
(2) پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريه ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونهي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو.
(3) پولينڊ ۾ بهترين صفائي آهي، روڊ ايڪسيڊنٽ نه هئڻ جي برابر آهن.
(4) کاڌي پيتي ۾ ڪوڪ وغيره جي بجاءِ جوس کي اهميت آهي، هوٽلن ۾ کاڌو صحت جي اصولن مطابق صاف سٿرو ملي ٿو.
(5) ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جي لٽريچر تي پابندي آهي ۽ ڪسٽم جي چيڪنگ سخت آهي، ملڪ جي اندر به فحش لٽريچر تي سخت پابندي آهي.
(6) پولينڊ جي خوش مزاج عوام ۾ آرٽ ۽ موسيقيءَ جو سٺو قدر آهي، هن ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ ليکڪ پولينڊ جي مسحور ڪن موسيقي تي سهڻا ڪمينٽس (Comments) ڏنا آهن.
”لورپورجا ڏينهن ۽ مانچسٽر جون راتيون“ جي باب ۾ خيرپور جي محمد علي جماڻي، لياقت جماڻي ۽ لعل جوڻيجي سان قرب ڀرين ڪچهرين جو احوال آهي، لعل جوڻيجي سان ادبي ڪچهريءَ جي ڏي وٺ ۾ “روح رهاڻ” جي بندش تي ڏک جي اظهار سان گڏ “سهڻي” رسالي جي خدمتن جي ساراهه آهي، گڏوگڏ طارق اشرف، غلام نبي مغل، ظفر حسن، نسيم کرل، امداد حسيني، وليرام ولڀ جن جي افسانن ۽ شاعريءَ تي بحث مباحثو آهي. محمد علي ۽ سندس زال جينيءَ جي ٺاهيل ڳڙ ۽ مکڻ جي بسرين کائڻ سان گڏ برف وسندي جڏهن يوسف، روبينه، روناليليٰ ۽ خميسي خان جا الغوزي جا رڪارڊ ٿي وڄيا تڏهن ليکڪ چواڻيءَ ته، ”ڪا خبر ڪونه هئي ته مهمان ڪير آهي ۽ ميزبان ڪير؟ انهن پرديس جي ملاقاتن ۾ ديسي ڪچهرين ۽ ديسي کاڌن جي هڪ عجيب لذت ۽ سواد هو“.(3)
نيويارڪ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ساٿين جي محبت سندس من موهي ورتو. مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ڏاهري ۽ نور احمد نظاماڻي جن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
هيءُ مختصر سفرنامو، باقائده هڪ ملڪ جو سفرنامو نه آهي بلڪه هن ۾ مختلف هنڌن جي معلومات آهي، جنهن ۾ لنڊن، آمريڪا، نيويارڪ ۽ پولينڊ جو ذڪر وڌيڪ تفصيلي آهي، اهي ئي سفرنامي جا حصا وڌيڪ وڻندڙ آهن. پولينڊ جي سفر وارو باب پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪير پولينڊ وڃي ته هو ڌارئين ملڪ جي لحاظ کان بلڪل خوفزده نه ٿيندو، ته هتي مون سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو؟ ڇو جو الطاف صاحب پولينڊ جو نقشو اهڙو چٽيو آهي، جو ائين ٿو لڳي ته، پولينڊ ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تي پاڻي پين ٿا. ڪتاب جي ٻولي مناسب آهي، ليکڪ جي شروع، دور جي سفرنامن ۾ ڪجهه ڪجهه هنڌن تي ٻوليءَ جي ترتيب ۾ نقص آهن. ته اردو جا لفظ پڻ استعمال ٿيل آهن. جيئن، دوران گفتگو، پرواز، رچي بسي وغيره گڏوگڏ اڳيان هلي الطاف شيخ جي لکڻيءَ ۾ پختگي اچي وئي آهي ۽ سندس ڪتابن جا پروف به ڌيان سان جانچيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪافي هنڌن تي پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال موقعي مطابق آهي، مثال طور “ٻه به ويون ڇهه به ويون”، “لهي لوهه به ڪونه، چئي منهنجو نالو سون ٻائي”، “اڃا ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي”، “اٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي، ڪري پئي کوه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي”، “ڏينس ٽُڪر ته هيءَ چئي سمهان وچ ۾”، وغيره. مجموعي طور هي سفرنامو شروع، دور جي سفرنامن ۾ اهميت رکي ٿو. معلومات ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان هن جي هڪ خاص حيثيت آهي.
وايون وڻجارن جون: سفرنامو به الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. هيءُ ڪتاب، اپريل 1974ع، ۾، سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. 220 صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شهر “هالا” جي نالي آهي. مهاڳ طارق اشرف جيل مان ”سفرنامو، جيل نامو“ جي عنوان سان لکيو. جنهن ۾ طارق لکيو آهي ته،
”پاڻ مختلف ملڪن ۽ بندرگاهن جي سير سان گڏ، اتي جي تهذيب و ثقافت کان واقف ڪرائي ٿو ۽ سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي. گڏوگڏ ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ، جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون ۽ دلچسپ واقعا، هنڌائتا لطيفا، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪن ٿا“. اهو به لکي ٿو ته، ”الطاف جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊجي پوي ٿو“. (4)
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي پرستارن ۽ دوستن جا تنقيدي ۽ تعريفي خط شامل آهن. جن مان قمر شهباز، استاد بخاري، عنايت بلوچ، ڊاڪٽرسليمان شيخ، شيرين فاروقي، سيما ممتاز عباسي، تبسم ماهتاب ايڊووڪيٽ ۽ ٻين جا خط اچي وڃن ٿا.
سفر نامي جي شروعات، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي جهاز جي هانگ ڪانگ ۾ لنگرانداز ٿيڻ تي ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن دفعي ڊيوٽيءَ دوران ليکڪ پهريون دفعو آيو هو. (حالانڪه پوءِ سندن گهڻا سفرناما، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملايا ۽ ٿائيلينڊ جي باري ۾ آهن).
هانگ ڪانگ جي تفصيلي احوال سان گڏ، آخر ۾ خوبصورت مڪائو ٻيٽ جو احوال آهي، مڪائو هانگ ڪانگ کان چاليهه ميل پري آهي، جيڪو ليکڪ چواڻيءَ ته؛ جوا ۽ سون جي ناجائز خريد و فروخت ۾ مشهور آهي، مڪائو جي ويجهو تائيپا ۽ ڪولاني ٻيٽ آهن. جيڪي پوريءَ دنيا ۾ آتش بازيءَ جو مادو ٺاهڻ ۾ مشهور آهن. هتي ٽنهي ٻيٽن جا اصل باشندا هانگ ڪانگ وانگر چيني آهن، مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو ته:
”هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نه خريد ڪرڻ“. (5)
الطاف جي معلومات موجب، ”هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) جو ٻيو حصو ڪولون آهي، هانگ ڪانگ جنهن جي معنيٰ ”خوشبودار بندرگاهه“ انگريزن جي قبضي ۾ 1842ع، ۾ آيو. هتي اڪثريت عوام جو مذهب ٻڌ ڌرم آهي. هانگ ڪانگ سنگاپور ۽ ملايا جا چيني بيحد محنتي، اورچ ۽ ذهين آهن ”بليڪ پيئر“ هانگ ڪانگ جو ڪياماڙيءَ وانگر پران کان به وڌيڪ ماڊرن ڪشادو ۽ صاف سٿرو هنڌ آهي، جتان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ملڪن جي جهازن جو سمنڊ جي ڌڪي (Jetty) تي لڳڻ جا ۽ ماڻهن جي آمدرفت جا نظارا پسي سگهجن ٿا ته ان جي مٿئين حصي مان هانگ ڪانگ جو ٻيٽ ۽ ڪولون جا ڪنارا، چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هانگ ڪانگ ۾ هزارين سنڌي رهن ٿا ۽ ٻين هندوستانين ۽ پاڪستانين جو تعداد به تمام گهڻو آهي. هانگ ڪانگ خريدارن لاءِ جنت آهي، ڇو جو هتي ٽئڪس نه هئڻ ڪري انيڪ شيون سستيون آهن. هانگ ڪانگ ۾ الڪٽريڪل مصنوعات کان علاوه ريڊي ميڊ ڪپڙا تمام سستا آهن. جيڪي يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ به ملن ٿا. هتي ڪپڙو ۽ سلائي ٻيئي سستا آهن. ڪپڙن جي بهترين سلائيءَ لاءِ گهڻا دڪان سنڌين جا آهن، جن تي ڪاريگر چيني ۽ سنڌي آهن. ”کاڌي جي لحاظ کان نانگ بلائون، ڪڇون، ڪيڪڙا ۽ آپٽوڪس انهن لاءِ ايترا سوادي ۽ لذيذ آهن. جيترو اسان جي لاءِ تتر، گانگٽ، مڪڙ ۽ پلا آهن“ اهو به لکيو اٿس ته؛”هانگ ڪانگ سوين ناچ گهرن، ڪلبن، مساج گهرن، شراب خانن، جوا جي اڏن ۽ عصمت فروشيءَ جي اڏن سبب، دنيا جي مختلف ملڪن جي سياحن جي لاءِ ڪشش جو باعث آهي. هانگ ڪانگ ۾ سياحن جي آمدرفت سبب ۽ فري پورٽ هئڻ سبب هر وقت ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه آهي، هتي هر قسم جون هوٽلون ۽ ريسٽورينٽ آهن. جيئن هوٽل حايات، ميرلين، ايمپريس ڪئنٽن، پئلس ۽ ڪجهه سستيون هوٽلون فارچونا، فيوجي، انٽرنيشنل ۽ رايل وغيره آهن. مون لائيٽ، هماليه، مغل ۽ گي لارڊ، ريسٽورنٽس کان علاوه هتي ڪيترائي فليٽس هوٽلن جي (Mess) طور استعمال ٿيندا آهن. اهي ميسون مسلمانن، هندن، سکن، بنگالين، ڏکڻ هندوستانين ۽ پنجابين جون آهن جنهن جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو؛ ”هڪ دفعو هانگ ڪانگ جو ٻاهريون ماحول ڇڏي ڪنهن به ميس جو در کولي اندر گهڙندا ته ائين سمجهندا ته ڄڻ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل يا جناح ڪورٽس جي ميس ۾ ويٺا آهيو، يا ته ايل ايم سي جي هاسٽل جي ڪنهن ميس ۾“. (6)
برٽش نيشنلٽي رکندڙ نورالدين وهاب کي جڏهن، هانگ ڪانگ حڪومت طرفان دوڪان کولڻ جو اجازت نامو نٿو ملي ۽ هو ڪراچيءَ جي ناظم آباد ۾ دوڪان کولي Set ٿيڻ ٿو چاهي ۽ گڏوگڏ اهو ٿو ڄاڻائي ته ڪيترا آفريڪين ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو به لڏي ڪراچيءَ ۾ وڃن پيا، ته ليکڪ کي پراڻي سنڌي اخبار ۾ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ اڳواڻن جو مطالبو ياد ٿو اچي ته ”ٿرين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي“. انهي وقت الطاف صرف سفرناما نگار نه آهي، هو هڪ حساس اديب، سنڌي سڄاڻ آهي، جنهن کي هانگ ڪانگ جي اونداهي (Tunnel) سرنگهه ۾ بي گهر ڏتڙيل ٿرين جي ياد چاڪ چڪائي ٿي. هو قوم لاءِ سوچي ٿو، تڙپي ٿو.
هو سوچي ٿو ته: ٿر ”جتي پاڻيءَ جي کوٽ، اناج جي کوٽ، خوشين جي کوٽ، نوڪرين جي کوٽ، بيماري، بک، بيروزگاري، انگ اگهاڙا ٻار، ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو، اميدن ۽ مطالبن تي زندهه رهندڙ اسان جي اٻوجهه قوم، ڪيڏا ڪلور ۽ ڪوس هن ڌرتيءَ تي ڪيڏا هاڃا، ڪيڏيون ڦريون، لٽيون، ڪيڏا گهوڙا ۽ گهلون، ڪيتريون جنگيون، ڪيڏيون غلاميون ۽ زنجيرون هر ڪو چوي ٿو ته هاڻ عوامي دور اچي ويو آهي. سنڌ وري سکي بڻجي ويندي. سنڌ بهشت برين ٿيڻ واري آهي. ڇا تيستائين منهنجي نستي ۽ نٻل سرير ۾ ايتري شڪتي ۽ سگهه رهندي جو مان ان جنت جي مرحبا ڪندس؟ ۽ ان بهشت کي ڀاڪر پائي سگهندس“. (7)
هن سفرنامي ۾ خاص طرح هانگ ڪانگ ۽ ان جي پاسي وارن ٻيٽن جو بيان آهي، هي سفرنامو سادن لفظن ۾ هانگ ڪانگ جي تفريح کي بيان ڪري ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي سيڪنڊ انجنيئر سعيد اختر زيديءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ جو احوال آهي، ته ٽوٽڪا ۽ چرچا پڻ آهن، گهمڻ ڦرڻ جي هنڌن جو تفصيل آهي ته گڏ هوٽلن، ريسٽورنٽس ۽ شاپنگ جا احوال پڻ شامل آهن، ڪيترين شخصيتن سان ملاقاتون ۽ سندن شخصي تجزيو پڻ شامل آهي، ڪمبل پور جو پنجابي چوڪيدار هجي يا نورالوهاب فاروقي (واپاري)، ڪي سيتل سنڌي واپاريءَ سان ملاقات هجي يا فخرالدين ايم رضوي چيف انجنيئر ۽ سيد اڪبر شاهه غازي چيف انجنيئر جي طبيعتن ۽ مزاج جو تضاد، سفرناما نگار ڄڻ سڄو خاڪو رنگن سان ڀري بيان ڪيو آهي.
سفرنامي ۾ ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون، موقعي مطابق، برجستا استعمال ٿيل آهن. ”جيئن آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچياڻي“، ”اڳئين هئي رُٺي ويتر جو آيس پيڪان نياپو“، ”رب رسي ته مت کسي“، ”ڏندين ڏاند پر کرين گابي“، ”ککر ۾ کڙو هڻڻ“، ”اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني“، ”سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏي جواب“، ”مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“، ”ڦاسڻ کانپوءِ ڪهڙو ڦٿڪڻ“ وغيره. هانگ ڪانگ جي هوٽل ”حيات“ جي فنڪشن ۽ سيٺ سيتل ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جن جي خاندان وارن سان ملاقات جو احوال ڏنل آهي. جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته هندوستان جي نئين نسل کي سنڌي زبان ۽ ادب سان لڳاءُ گهٽ آهي، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ کي عربيءَ مان ڦيرائي ديوناگري لپيءَ ۾ ڪيو وڃي ته شايد هندوستان ۾ سنڌيءَ کي بچائڻ لاءِ اهو طريقو ڪارگر ٿئي پر انهيءَ تي شيخ صاحب وڌيڪ ڪونه لکيو آهي، فقط ايترو ڄاڻايو آهي ته اها راءِ اڪثريت سان مسترد ٿيل آهي.
سفرنامي ۾ ڪجهه اردو ۽ ڪجهه سنڌي شعر به موقعي مطابق ڏنل آهن. ليکڪ شادين جي رسمن ۾ شرڪت ڪري هانگ ڪانگ جي سنڌين جي شادين جون رسمون ۽ رواج بيان ڪرڻ سان گڏ سندن ڳاتل، سنڌي ڳيچ ۽ لاڏا به بيان ڪيا آهن. مجموعي طور هي هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي سفرنامو آهي.
ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين: هي سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن 1995ع ۾ پهريون ۽ 1998ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. 189 صفحن جو هيءُ سفرنامو 74 ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻهن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻهو محنتي آهن جڏهن ته هتي رهندڙ ايشيائي ۽ آفريڪا جا ماڻهو بيروزگاري، الائونس وٺڻ ۽ ڪم گهٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا جن سان سندن ملڪن جو مان گهٽجي ٿو ۽ خاص طور انهيءَ وقت ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي عزت ٻاهرين ملڪن ۾ گهٽ هئي جو هُو سندن موجب قائدن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آهن. افسوس سان لکيو اٿن ته؛ ”توهان بذاتِ خود کڻي چور، چَرسي هُجو پر توهان جي ملڪ جو نالو مٿانهون آهي ته توهان کي احترام جوڳو سمجهيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت توهان جي ملڪ جو نالو بدنام آهي ته توهان جهڙو بدترين ٻيو ڪونهي. توهان کڻي نيڪ ۽ نامور هُجو پر دنيا توهان کي نِڪمو، نالائق ۽ نيچ سمجهي ٿي“. (8)
جت جر وهي ٿو جال: ٻه سئو ويهن صفحن جو پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل ڪور سان ڪتاب، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن، 1999ع، ۾ ٻيو ڇاپو ڇپايو آهي، ”جت جر وهي ٿو جال“، جو پهريون ڇاپو فيروز ميمڻ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو هو. هن ڪتاب جو انتساب به فيروز ميمڻ جي نالي آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ مشهور اديب عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.سندس موجب ته، ”سفر نامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بڻائڻ ۾ الطاف جو وڏو هٿ آهي“. (9)
”جت جر وهي ٿو جال“ جو عنوان شاهه سائينءَ جي سُر سامونڊيءَ جي بيت مان ورتل آهي.
هن ڪتاب ۾ فيروز ميمڻ جو تعارف الطاف شيخ ڏنو آهي. الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن جي نه ڇپجڻ لاءِ ڳڻتيءَ کي دل سان محسوس ڪيو آهي. سندن مطابق ته؛ ”هر ماڻهو ڪتاب پاڻ ڇپائي، مارڪيٽنگ نٿو ڪري سگهي. سنڌي ليکڪ پبلشرن جي هٿان، ڪافي پريشان آهن، ڪتاب جي لاءِ (پهريون لکو پوءِ ڇپايو پوءِ کپايو) ڪيڏو نه ڏکيو مسئلو آهي. ڪنهن ليکڪ جو ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ نه پڙهيو وڃڻ (صحيح مارڪيٽنگ نه ٿيڻ) تمام وڏو صدمو آهي، انهيءَ ڪري خدا ڪري سنڌي پبلشر زنده رهن ۽ سنڌي ڪتاب ڇپبا رهن“. (10) ڪتاب جي شروع، ۾ ليکڪ مئرين اڪيڊمي ۽ مئرين ڪاليج جي ڄاڻ سان گڏ ملائيشيا جو تعارف ۽ خاص ملاڪا جي مئرين اڪيڊميءَ جي ڄاڻ ڏني آهي، ملاڪا مئرين اڪيڊميءَ ۾ الطاف شيخ اٺ سال استاد جي حيثيت سان پڙهايو آهي. ملائيشا ۾ وڌيڪ وقت رهڻ سبب هن هنڌَ کي پرکڻ جو موقعو وڌيڪ مليو آهي. ان ڪري الطاف شيخ ملائيشا جو ذڪر پنهنجي سفرنامن ۾ وڌيڪ ڪيو آهي. هن سفرنامي ۾ ملائيشا جي ڪوالمپور، پينانگ ۽ ٻين ٻيٽن جي معلومات آهي. ليکڪ ملائيشا جي تاريخ، جاگرافي سياسي نظام ۽ رياستن جي احوال سان گڏ ملڪ جا قائدا، قانون خاص بيان ڪيا آهن. سندس چوڻ مطابق دنيا ۾ ملائيشا، سوئيڊن، سعودي عرب ۽ جپان ۾ قانون جو تمام گهڻو احترام آهي.
ملائيشا ليکڪ جي نظر ۾
(1) ملائيشا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ترقيءَ ۾ سندن ملڪن جي عوام جي محنت ۽ همت سان گڏ قدرت جي طرفان، معدني دولتن جو وڏو هٿ آهي. ربڙ ۽ پام جي ٻوٽن ۽ تيل جي معدنيات، هن ملڪ کي ترقي يافته ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
(2) ملائيشا جي حڪومت ملڪ ۽ عوام جي ترقي سان گڏ، ٽوئرزم جي ترقيءَ کي به اهميت وٺرائي ٿي.
(3) انگريزن، ننڍي کنڊ کي 1947ع، ۾ ڇڏيو ۽ 31 آگسٽ 1963ع، تي ملائيشا کي آزادي ملي. پر ملائيشا جي عوام، انگريزن جي خوبين کي پنهنجو ڪيو. سندن محنت جي اڻ ورچ عادت، وقت جي پابندي ۽ قانون جي پابنديءَ کي سکي پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي برابر ڪيو آهي.
(4) ملائيشا ماڊرن سهولتن وارو صاف سٿرو ملڪ آهي، وڏي عمارت جاڙا ٽاور (Patronas, Twin Tower) هن ملڪ جي ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي. ”ملايا“ جنهن جو هاڻوڪو نالو ”ملائيشا“ آهي ان جي وچ واري رياست سلينگور جي شهر ”ڪوالمپور“ جو خاص احوال ڏنل آهي، پينانگ ٻيٽ ۾ چيني مندر، ڪارن والس جو قلعو، ٻڌن جو مندر، بوٽينيڪل باغ ۽ سمنڊن جي ڪنارن جي ذڪر سان گڏ ڪئالا ڪنگسار، لموت، اپوح ۽ ٻين به ڪجهه شهرن ۽ ٻيٽن جي معلومات ڏنل آهي. ملائيشا جي 1766ع، کان 1974ع، تائين جي تاريخ کي به بيان ڪيو ويو آهي، ڪوالمپور جيڪو عام طور K.L سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ سان گڏ پينانگ جي تاريخ، جاگرافي ۽ تفريحي هنڌن جي ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشا ۾ رهندڙ پاڪستاني سفارتخاني جي اهل ڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. جيڪي نه صرف پاڪستانين جي رهنمائي ڪن ٿا پر ملڪ جي تهذيب ۽ ڪلچر جو به پرچار ڪن ٿا. ملائيشا ۾ پاڪستاني سفيرن ۽ آفيسرن خاص طور بلگرامي صاحب، چوڌري صلاح الدين، عباسي صاحب ۽ سيد عظمت حسين کان قانصلر فوزيه نسرين تائين سڀئي هر پاڪستانيءَ لاءِ قربائتا ۽ مددگار رهيا آهن.
الطاف صاحب جي چوڻ مطابق پرديس ۾ پاڪستانين جي طرفان آڌر ڀاءُ يا اخلاقي مدد سان دل تمام گهڻي خوش ٿيندي آهي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اتي اخبارن ۾ يا ميڊيا جي طرفان پاڪستان جي باري ۾ هنگامي يا فساد جون خبرون ملنديون آهن ته، پرديس ۾ پنهنجي ملڪ جي بدنامي پنهنجي گهر جي گهٽتائي لڳندي آهي.
عالم چنه جي تصوير هر بڪ شاپ تي گنيس بڪ آف ورلڊ جي نئين اشاعت تي ڏسي ليکڪ لکي ٿو ته: ”اسان به جنهن تنهن کي ٻڌائي پنهنجي لئه رکندا آهيون، يعني گهوٽ جي ماءُ نه سهي، گهوٽ جي پڦي ته ٿياسين“. (11)
هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سهڻن ٻيٽن ۽ اهم شهرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهه شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي، رستن ۽ روڊن جي ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي مختصر لفظن ۽ جملن جي سمجهاڻي سنڌيءَ ۾ ڏني اٿن. ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون به موقعي مطابق استعمال ٿيل آهن. ٻولي سادي ۽ بياني انداز پراثر آهي.
دنگيءَ منجهه درياهه: سفرنامي جو پهريون ڇاپو 1987ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو جو سندن اشاعتي سلسلي جو ستانوي نمبر ڪتاب آهي. 190 صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي ”ٽرسٽان ٻيٽ“ جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. نصير مرزا، الطاف شيخ کي ”سنڌي سفرنامن جو سرواڻ ليکڪ ڄاڻايو آهي“.سندس موجب ته؛ ”الطاف جي لکڻ جو ڏانءُ اهڙو آهي جو ڄڻ ڪا سگهڙ عورت مختلف رنگ برنگي ٽڪرن مان رلي جوڙي راس ڪندي آهي“. (12)
هي سفرنامو ڪنهن ملڪ جي مخصوص احوال تي مبني نه آهي پر هن ۾ ليکڪ مختلف هنڌن جي گڏيل معلومات ڏني آهي. ملايا، ٿائيلينڊ، جپان، سنگاپور، آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي مُلڪن جو ذڪر آهي، مالاگاس جي مئڊاگاسڪر ٻيٽ جو احوال آهي. جيڪو دنيا جو چوٿون نمبر ٻيٽ شمار ٿئي ٿو ته پئسفڪ سمنڊ جي فجي ٻيٽ جو به ذڪر آهي. (جتي مختلف قومن ۽ ملڪن جي باشندن سان گڏ هندوستانين جي به اڪثريت آهي، هن صاف سٿري ٻيٽ تي صحت جي اصولن مطابق زندگي بسر ڪندڙ عوام خوش باش آهي ۽ هن ٽئڪس فري ٻيٽ جي زندگي امن وا مان ۽ سانت واري آهي). دنيا جي نويڪلي ٻيٽ ”ٽرسٽان“ کي به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن تي صرف سمنڊ جي لهرن جو آواز ۽ سڃ آهي پر ته به ڪجهه انگريز نويڪلائي کي پسند ڪندي رهائش پذير آهن. هن سفرنامي ۾ ٿائيلينڊ جي سِکن جا سوانحي بيان آهن ته تائيوان جي ڪبوترن جي اڏام جو مقابلو پڻ آهي، آمريڪا جي ٽئڪسي ڊرائيورن جي بارگينگ بيان ڪيل آهي ته آمريڪا جي سنڌين جي ايسوسيئيشن جو تفصيل ۽ ايڊريسون پڻ ڏنل آهي، بار سلونا (اسپين) جي پوڙهي انگريز ۽ جهوني جهاز ران سان جهازن جي دنيا جي ڪچهري آهي ته گڏوگڏ ملائيشا ۾ راڌا ڪرشن پارواڻيءَ سان سنڌ ۽ سنڌيت جي ملاقات پڻ شامل آهي. سنگاپور جي سکن جي احوال ۾ مئرين انجنيئر سردار تارا سنگهه، سردار چنن سنگهه، سردار هري سنگهه ۽ مسز راول ڪور جي سوانحي بيان سان گڏ ”پڳ وارو پير“ جي عنوان سان، پير صاحب پاڳارو سان ملاقات جو تفصيل اهم آهي. الطاف صاحب ڪراچيءَ ۾ ڪم سانگي، پير صاحب پاڳاري، پير سڪندر شاهه سان جيڪا ملاقات ڪئي، انهيءَ جو احوال دلچسپ ڏنل آهي. لکن ٿا:
”موڪلائڻ وقت سندس مرڪ مدتون گذرڻ بعد، ڏور ڏور هتي ملائيشا ۾ ويٺي وساري نه سگهيو آهيان. سندس ڳالهائڻ جو اسٽائيل ۽ ڳالهه جي تهه تائين تکو پهچڻ لاءِ ٿورن سوالن جي چونڊ ۽ ان بعد At a spot فيصلو ڪري وٺڻ، قابل داد ڳالهه آهي“. (13)
شيخ صاحب هن سفر نامي ۾ لڪي ساداتن جي مشهور و معروف سلسلي جي پيرن جي سوانح ۾ پير محمد راشد کان پير صبغت الله (حر تحريڪ جي اڳواڻ) پير سڪندر شاهه، تائين جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي.
ٿائيلينڊ ۽ ملايا جي باري ۾ سندس راءِ آهي ته،
(1) سڄيءَ ملاڪا رياست جي آدمشماري ڪوٽڙي شهر کان گهٽ آهي، بلڪه ٽنڊو آدم يا شهدادپور جيتري ٿيندي، لکن ٿا ته: ”ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ جيڪو مساج (مالش) گهرن، رنڊين جي گهڻائيءَ ۽ ٻڌ ڌرم جي مذهب کان مشهور آهي. تنهن ۾ هڪ سئو چاليهه کن مسجدون آهن ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ مسلمان فقط بئنڪاڪ شهر ۾ رهن ٿا.
(2) بئنڪاڪ جي سينٽرل مسجد سورهن هزار چورس ميٽرن جي ميدان تي آهي. هيءُ مسجد تعمير جي فن جو نادر نمونو آهي. جنهن ۾ مدرسو، آڊيٽوريم، ڪلچرل، سينٽرل لائبريري ۽ کوجنا گهر پڻ آهن. جنهن ۾ هڪ ئي وقت پنج هزار مسلمان نماز پڙهي سگهن ٿا.
(3) ٿائيلينڊ ۾ اڄڪلهه اسلامي تعليم عروج تي آهي، اسلامڪ آئيڊيالاجي ۽ اسلامي تاريخ جهڙا سبجيڪٽ اتي پڙهايا وڃن ٿا. هتي جي هوٽلن تي هوٽل جي نالي مطابق مخصوص کاڌو ملي ٿو. جيئن ملئي هوٽلن ۾ ملئي کاڌو. چيني هوٽلن ۾ چيني ۽ انڊين هوٽلن ۾ هندوستاني طرز جو کاڌو ملي ٿو. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي انڊونيشيا ۾ رهن ٿا 15 هزار فئمليون ته صرف جڪارتا ۾ آهن ڪل انڊونيشيا ۾ 25 هزار کن سنڌي فئمليون آهن.
ڏيهه کي پرڏيهه سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شهرن جي ڀيٽ به وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور ”اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان“.
”پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي ته چاليهه سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن“.
”ملاڪا سنڌ جي شهر حيدرآباد جيان آهن. جنهن جي هڪ پاسي ڪراچيءَ وانگر سئو سوا سئو ميلن تي سنگاپور آهي ته ٻئي پاسي بئنڪاڪ ائين آهي جيئن حيدرآباد کان خيرپور يا سکر“. (14)
”دنگيءَ منجهه درياهه“ الطاف شيخ جو 1987ع، جو سفر نامو آهي، هيءُ سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي به دلچسپ آهي. ليکڪ موجب ته؛ هي سفرناما ”مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويهي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي“.
مٿئين سفر نامي جو عنوان شاهه سائين جي هن بيت مان کنيل آهي.
دنگيءَ منجهه درياهه، ڪي ٻڏي ڪـي اُپـڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سونهن سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين، فرنگي منجهه ڦريا،
ملاح، تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
(سريراڳ داستان ٽيون)
جيئن ته ليکڪ جي مٿئين بيان مان واضح آهي ته هن کي جتي جتي به ڪا ڳالهه دل کي وڻي آهي يا هو متاثر ٿيو آهي ته هن اهو پاڻ وٽ نوٽ ڪيو آهي ۽ پوءِ آخر ۾ سڀني لکڻين کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، هن سفرنامي ۾ ڪراچيءَ جو ذڪر آهي ته حيدرآباد، ڄامشورو ۽ پيٽارو جي ٿڌين راتين جو بيان پڻ شامل آهي، ٻاهرين ملڪن جي لحاظ کان گهڻو ذڪر بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جو آهي، مطلب ته مختلف موضوع، شامل آهن، جيڪي سڀ الڳ الڳ آهن، الطاف جي هن سفرنامي ۾ ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات جي ڏي وٺ کان علاوه مزيدار ٽوٽڪا آهن. ته پهاڪا ۽ چوڻيون به شامل آهن، جيئن ”چمڙي وڃي دمڙي نه وڃي“، ”لعل به لڌو پريت به رهجي آئي“، ”تڪڙ ڪم شيطان جو“، ”اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي“، ”کُٽل آهيون ته به خان آهيون“، ”ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچڻ“ وغيره. جپاني ٻوليءَ جي پهاڪن کي ڀيٽي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته پهاڪا ۽ چوڻيون دنيا جي هر ٻوليءَ جي علم و ادب جو حصو آهن. ڪيترائي جپاني پهاڪا ڏنا ويا آهن ۽ ساڻن ٺهڪندڙ سنڌي پهاڪا به بيان ڪيا اٿن، جيئن مثال طور ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا“ کي جپانيءَ ۾ ”ڪائيرونوڪو واڪائيرو“ ۽ صبر جن جو سير تير نه گسي تن جو، جپاني مطابق هن ريت آهي، ”ماتيبا ڪائيرو نو هيبوري“ ۽ ”پئسو هٿن جو مر آهي“ کي جپانيءَ ۾ هن ريت بيان ڪن ٿا. ”ڪاٺياوا تينڪا نوماوا ريموچي“ مجموعي طور هن ڪتاب ۾ ملائيشا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي ۽ آدمشماريءَ سان گڏ هوٽلن، کاڌن ۽ تفريحي هنڌن جي ڄاڻ آهي ته مختلف تشبيهن ۽ وڻندڙ ٻوليءَ سان ٻيا به ڪئين متفرقه بيان آهن، هن سفرنامي جي بابن جي فهرست دلچسپ ۽ ڪمپوزنگ جون چڪون نه هئڻ برابر آهن، پروف ڌيان سان چڪاسيل آهي، هي هڪ مزيدار ۽ معلوماتي سفرنامو آهي.
دهليءَ جو درشن: الطاف شيخ جو سفرنامو هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن 2006ع، ۾ شايع، ڪيو آهي 40 بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالهيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دهليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دهليءَ جي جهوني لائبريري دهليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دهليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل 40 باب آهن.
الطاف شيخ پنهنجي ڪيڊٽ ڪاليج جي دوست رامچند اوڏ وٽ شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ دهلي ويو جتي هن تاريخي عمارتون، نظام الدين اولياءَ جي مزار، شاهي مسجد، لال قلعو، همايون جو مقبرو، انڊيا گيٽ، جمنانديءَ جا ڪنارا ۽ ٻيا هنڌ گهميا ڪيترن اهم هنڌن جيئن دهلي، سرينگر، پٺاڻ ڪوٽ، لڌيانه، جيپور، ممبئي، پوني، اڌيپور، احمدآباد، سورت، گُوا، بئنگلور، ميسور، اجمير ۽ ٻين هنڌن جي تاريخي جاگرافيائي اهميت بيان ڪئي آهي. ساڌو واسواڻي جي علمي خدمتن کي پڻ بيان ڪيو اٿس دهليءَ ۾ تاريخي عمارتون گهمندي، ليکڪ مغل بادشاهن جي طبيعتن ۽ مزاج تي پڻ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. لکي ٿو ته؛ ”همايون جيتوڻيڪ ذهين حاڪم هو پر ساڳئي وقت Unbalanced به چئي سگهجي ٿو، هن جتي جتي شهر ٺاهيا اتي انهن جي تباهي به آندي بابر جي هٿ ڪيل حڪومت جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي، ائين ئي وائڙن وانگر وڃائي ڇڏي ۽ دربدر ڌڪا کائڻ لڳو ۽ آخرڪار پوءِ هن کي اها واپس ملي وئي ته سندس حياتي وفا نه ڪئي ۽ ڇهن مهينن بعد گذاري ويو“.(15)
نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن 2007ع ۾شايع ڪيو آهي 534 صفحن جي هن آمريڪا جي سفرنامي تي ليکڪ کي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو سفرنامي جي فهرست جا عنوان هن ريت آهن. ”هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق“، ”آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز“، ”چارئي شير آمريڪا ۾“، ”نيويارڪ اچڻ تي وائڙو ٿي ويس“، ”بيماريءَ جو گهڻو راڳ نه ڳايو“، ”ظفرفاروقي ۽ رام رنگواڻي جا ٻار“، ”آمريڪا جي مختصرتاريخ“، ”آمريڪا ۾ رهندڙ نديم جوڻيجو ۽ سندس زال سميرا“، ”اقبال ترڪ ۽ سندس ڀائر“ ۽ ”هيءَ ڊنر چڱي مهانگي پئي“ ۽ ٻيا آهن.
هي ضخيم سفرنامو فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنهن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي. جن فردن کي هن سفرنامي ۾ بيان هيٺ آندو ويو آهي اهي آمريڪا ۾ آباد سنڌي آهن جيئن محمد صديق گاجڻيءَ جو اولاد، هالا جي ليليٰ ۽ انڙ پور جو رمضان، نعيم ميمڻ،نديم جوڻيجو ۽ سميرا قاضيءَ جو خاندان، بشير انصاري ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو، علي ابڙو، محمد پناهه راڄپر، اقبال جماڻي، انور ميمڻ، خالد هاشماڻي، اقبال ترڪ، منور لغاري، ڊاڪٽر خميساڻي، ڊاڪٽر هاليپوٽو، خالد چنا، مسعود چنا، شڪيل ميمڻ، طفيل چانڊيو، بابو عبدالرحمان، يوسف ڏاهري، رميش تارواڻي، ڊاڪٽر خورشيد چنا، ڊاڪٽر نصرت قاضي، شمع، ڪليم خلجي ۽ ٻيا آهن.
ان کان سواءِ سنڌ جي امر سنڌو، لياقت عزيز، حڪيم نظير شيخ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن کي هن سفر جي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، هڪ لحاظ کان هي سوانحي سفرنامو چئجي ته به بجا ٿيندو. الطاف شيخ آمريڪا ۽ ان جي مشهور شهرن پُلن ۽ ٻين شهرن جي تاريخ جاگرافي، موسم ۽ حالتون ڄاڻايون آهن آزادي جي مجسمي جي باري ۾ لکيو اٿس ته ”انصاف آزادي ۽ جمهوريت جهڙين نيڪ ڳالهين جي علامت آهي ۽ ٻيو پنهنجي وڏي سائيز کان مشهور آهي اڄ کان 120 سال اڳ 1886ع، ۾ ٺهيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو لوهي مجسمو آهي. ان عورت کي ٽامي جو چوغو ۽ مٿي تي تاج رکيل آهي هن آزادي جي مجسمي کي به فرانس ۾ ٺاهيو ويو جو 1884ع، ۾ ٺهي راس ٿيو جتان نيويارڪ 1885ع، ۾ پهچايو ويو 151 فٽ ڊگهي عورت جو مجسمو 154 فٽ اسٽول تي نصب ڪيو ويو جو 350 ٽڪرن ۾، 214 ڪريٽن ۾ بند ڪري پاڻيءَ جي جهاز معرفت آمريڪا آندو ويو جتي چار مهينن ۾ انهن ٽڪرن کي نٽ بولٽن ۽ ويلڊنگ ذريعي ڳنڍي بيهاريو ويو ليبرٽي آئلينڊ تي 1886ع، ۾ فٽ ڪيو ويو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏو مجسمو هيءُ آزاديءَ جي ديوي شمار ٿئي ٿو. (16) مطلب ته هن ڪتاب ۾ ٻيا به ڪافي معلوماتي دلچسپ احوال آهن جن جي سبب هي وڻڻ جوڳو سفرنامو آهي.
الطاف جي فن تي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد چوي ٿو ته، ”الطاف شيخ پنهنجي سفر جا واقعا بيان ڪندي ان ملڪ جي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۽ ماڻهن جي مزاج، فطرت ۽ زندگي گهارڻ جي طريقن تي روشني وڌي آهي، ان سان گڏ وچ وچ تي پنهنجي ملڪ جي حالتن جو بيان ڏاڍو دلڪش ۽ پراثر انداز ۾ بيان ڪيو اٿن، انهيءَ ڪري سندس سفرناما ڏاڍي شوق سان پڙهيا ويندا آهن“. (17)
ڊاڪٽر قاضي خادم 16 نومبر 1980ع، جي جنگ اخبار ۾ جيڪو تبصرو ڏنو سو ڪتاب ”جاني ته جهاز ۾“ ڇپيو. سندن چوڻ مطابق: ”الطاف پنهنجي سفرنامن تي رائيٽرز گلڊ جي طرفان ڪئين انعامات حاصل ڪري چڪو آهي، کيس انعام انهيءَ تي ڏيڻ کپي ته هن سنڌي ادب کي جديد بين الاقوامي رجحان سان روشناس ڪرايو“. (18)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، الطاف شيخ جي مقبوليت جو سبب سندس سفر ناما ڄاڻائيندي لکيو آهي ته، ”جنهن هڪ ليکڪ کي سفرنامن جي ڪري ئي گهڻي مقبوليت حاصل ٿي سو الطاف شيخ آهي“.
ڊاڪٽر عبدالجبار اهو به لکيو آهي ته، ”ادبي معيار جي مدنظر الطاف البت پوئتي آهي“، منهنجي نظر ۾ جبار صاحب جو اهو ريمارڪ سندن شروع، جا چار سفرناما پڙهڻ کانپوءِ ڏنو آهي، جيڪو ڄاڻايو پڻ اٿن، الطاف شيخ جا انهيءَ کان پوءِ ڪافي سفرناما آيا، الطاف جي طرز تحرير وقت سان گڏ پختگيءَ ڏي مائل رهي. جبار صاحب اهو به اعتراف ڪيو آهي ته: ”سفرنامي جو صحيح لطف پڙهندڙن کي الطاف وٺايو ڇو جو سندس سفرناما دنيا جي وڏي حصي بابت هئا، هو مسلسل سفر ڪندو رهيو ۽ لکندو رهيو“. (19)
منهنجي ذاتي راءِ موجب: الطاف شيخ جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نه ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساهه سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انهيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو.
سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ادبي رنگ به ملي ٿو. جنهن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونهن آهن ته صحت مند ادب جو حصو پڻ.
حوالا:
(1) شيخ الطاف، “منهنجو ساگر منهنجو ساحل”، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي، 1977ع، ص-24.
(2) شيخ الطاف/امرجليل، “بندر بازاريون”، فيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1975ع، ص-3.
(3) شيخ الطاف/ طارق اشرف، “سمونڊ جي سيوين”، انجمن فروغ ادب هالا، 1972ع، ص-103.
(4) طارق اشرف/شيخ الطاف، “وايون وڻجارن جون”، سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1974ع، ص-5.
(5) ساڳيو حوالو، ص-203.
(6) ساڳيو حوالو، ص-66.
(7) ساڳيو حوالو، ص-160.
(8) شيخ الطاف، “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين” نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1998ع، ص-22.
(9) جوڻيجو، عبدالقادر/شيخ الطاف، “جت جر وهي ٿو جال”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1999ع، ص-6. (مهاڳ)
(10) ساڳيو حوالو، ص-21.
(11) ساڳيو حوالو، ص-145.
(12) ساڳيو حوالو، ص-124.
(13) ساڳيو حوالو، ص-17 ۽ 19
(14) شيخ الطاف “دهليءَ جو درشن” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2006.
(15) شيخ الطاف “نيويارڪ کان نيو هالا تائين” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2007ع، ص-376.
(16) ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر” سنڌي ادب جو تاريخي جائزو “ روشني پبليڪيشن 2002ع، ص-172.
(17) قاضي خادم، ڊاڪٽر “روزاني جنگ 16 نومبر 1980ع،
(18) جوڻيجو، عبدالقادر ڊاڪٽر”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1994ع، (ص-176).