سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت
سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت گھڻي رهي آهي. ورهاڱي کان پوءِ ۽ خاص طور 1960ع کان پوءِ ته ڪيترائي سفرناما سنڌي ادب ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ ڏسڻ ۾ نٿا اچن. علمي طور سفرنامن جي ڪري معلومات ته مهيا ٿئي ٿي، پر ادبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته لغت جي استعمال سان گڏ شعرن، اصطلاحن ۽ پهاڪن سان سينگاريل جملا نثر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. ادبي خوبين سان سجايل سفرناما نثر جي ميدان ۾ خاص جڳھ والارين ٿا. جملن جي رواني، شگفتگي، تازگي، لفظن جي سهڻي چونڊ، ڪنهن نثري فن پاري جون اعلى وصفون آهن، ٻولي سڌريل شانائتي ۽ مذهبي هئڻ گھرجي، سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جا غير ضروري لفظ شامل نه هئڻ گھرجن. سفرنامي جي صنف خوبصورت منظرنگاري، بهترين بياني اسلوب سان گڏ سٺي معلوماتي احوال جي پڻ محتاج آهي. مشاهدي جي قوت سفرنامي جو اهم حصو آهي. ليکڪ جڏهن پنهنجي احساسن ۽ مشاهدي کي ڪاغذ جي ڪينواس تي سهڻي بياني اسلوب سان وکيري ۽ منجھس ادبي موتي پکيڙيندو آهي ته اهي تحريرون مانائتيون ٿي امر بنجي وينديون آهن.
مرزا قليچ بيگ هڪ مضمون ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ ۾ ڏنو آهي جنهن ۾ سفر جي اصولن کي بيان ڪيو اٿن، انهيءَ ۾ سير ۽ سفر ڪرڻ لاءِ عمديون صلاحون آهن ته، سفرنامن جي صنف لکندڙ لاءِ به هڪ بهترين رهنمائي مضمون آهي، سفر لاءِ لکن ٿا ته، ”جوانن لاءِ سفر هڪڙي تعليم آهي ۽ پوڙهن لاءِ هڪ آزمودو آهي“، سندن چوڻ مطابق سفر ۾ ڊائري يا نوٽ بڪ هئڻ گھرجي جنهن ۾ ضروري ڳالهيون يادگيريءَ لاءِ لکجن ۽ انهيءَ ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، ٻوليءَ ۽ ڪرنسيءَ جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. پاڻ سان گڏ انهيءَ ملڪ جو نقشو هئڻ ضروري آهي، اهي سڀ نقطا لارڊ بيڪن جي مضمونن ۾ سوين سال اڳ ٻڌايا ويا، جن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرزا صاحب سنڌين جي فائدي لاءِ ”مقالات الحڪمت“ ۾ پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪن خاص طور الطاف شيخ ۽ تنوير عباسيءَ مٿين هدايتن تي سفر ۾ عمل ڪيو آهي، جنهن جي خبر سندن سفرنامن جي مطالعي مان پوي ٿي.
سنڌي سفرنامن ۾ پهريون سفرنامو ”سفر يورپ جي ڊائري“ شمار ٿئي ٿو، حئي پليجو جا سفرناما ادبي رنگ، شعرن جي پالوٽ ۽ حرف تجنيس جي حُسن سان سينگاريل آهن. هو حال احوال ۽ معلومات ڏيڻ جو ڏانءُ به ڄاڻي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سفرنامن ۾ آيل وسيع معلومات، شانائتي ٻولي ۽ بياني قوت سان پڙهندڙ سندن صلاحيتن جو اعتراف ڪري ٿو. تحقيق، سفرنامو نثر جي بهترين صنف ۾ شمار ٿئي ٿو. جيڪڏهن ادبي ۽ نثري خوبين سان سينگاريل هوندو ته ان جي سونهن سرس ٿيندي. وقت جي تبديلين سان نثر ۾ آيل تبديليون به سنڌي سفرنامي ۾ ظاهر آهن، جيئن شروع جا ”سير ۽ سفر“ ۽ ”سفر يورپ جي ڊائري“ معلوماتي احوال جي هوندي به ڪجھ حد تائين خشڪ آهن. جنهن ۾ خاص طور خطن تي مشتمل هئڻ اهم سبب آهي، موجوده دؤر جا سفرناما حال احوال سان گڏ دلچسپ پڻ آهن منجھن موقعي مطابق مزاحيه ۽ ادبي جملا آهن ته گڏوگڏ چوڻيون پهاڪا ۽ شعر پڻ آهن جيڪي سفرنامي جي دلڪشي قائم رکن ٿا.
موجوده دؤر جي سفرنامن ۾ ڪجھ ڪمرشلائيز نموني سان به ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن ۾ ٻاهرين ملڪن جي احوال کي رنگين پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڄاڻ ۽ ادبي خوبين کي اهميت گھٽ ڏني وئي آهي، ادبي نقطهءِ نگاھ کان اهڙا سفرناما جٽاءُ دار ڪونهي. ”رپورٽيج“ نموني سان لکيل سفرناما هاڻي هڪ الڳ نثري صنف شمار ٿين ٿا. سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ تقريباً دنيا جي هر ملڪ جو حال احوال ملي ٿو. يورپ، آمريڪا، آفريڪا، روس، چين، هندوستان، نائيجيريا، لبيا، نيوزي لينڊ، آسٽريليا ۽ جپان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي معلومات لاءِ ڪارائتا سفرناما سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
عنايت بلوچ ريڊيو پاڪستان جي نمائندي طور آسٽريليا جي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ 1992ع جي ڪوريج لاءِ حڪومت طرفان ويو هو ته واپس اچي ان اهم مئچ جو اکين ڏٺو احوال، ”سهسين ٿيا سارنگ“ جي عنوان سان شايع ڪرايائين. هي سفرنامو، نيوفيلڊس پبليڪيشن وارن ڇپايو هن کي ”ڪرڪيٽ جي حوالي جو سفرنامو“ سڏي سگھجي ٿو. هن مئچ ۾ پاڪستان بين الاقوامي ڪاميابي ماڻي ۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو چئمپين مقرر ٿيو. هن سفرنامي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، هانگ ڪانگ ۽ جپان جي احوال سان گڏ ڪرڪيٽ جي دنيا جي مفيد معلومات آهي، گڏوگڏ مشهور رانديگرن جي سوانح ۽ سندن ڪاميابين جي ڄاڻ ڏنل آهي.
سفرنامن جا ليکڪ عموماً گھمڻ ڦرڻ جي مقصد لاءِ يا علاج معالجي لاءِ يا حڪومت طرفان ڪنهن مقرر مقصد يا ڪم لاءِ ويل آهن يا سرڪاري طور ڪنهن اسڪالرشپ ۽ علم لاءِ ويل آهن، پر اڄ تائين سنڌي ادب ۾ تعليم جي موضوع تي لکيل سفرنامن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. ضرورت آهي ته ڪو نوجوان انهيءَ موضوع تي قلم کڻي ۽ ٻاهرين ملڪن جي اعلى تعليم جي ڄاڻ سنڌي نوجوانن کي ڏئي اهو ئي اسان جي ترقيءَ لاءِ اهم قدم آهي. جنهن جي سنڌين کي گھڻي ضرورت آهي، اهو هڪ قومي فرض آهي. مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اعلى ڊگرين ۽ نصابي ڪورسن جي ڄاڻ ئي اسان جي اڄ جي ضرورت آهي. پروفيسر غلام مصطفى جي ”سير ۽ سفر“ ۾ پاڻ ڪافي يونيورسٽين جي ڄاڻ ڏني اٿن، پر اڄ انهيءَ احوال کي اڌ صدي ٿي ويئي آهي، اهو احوال نئون شمار نه ٿيندو، بيشڪ انٽرنيٽ تي سڄي ڄاڻ موجود آهي ته به، ڪتابي صورت ۾ پڻ ضروري آهي.
پرڏيھ ۾ علم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ استادن کي منهنجي گذارش آهي ته هو پنهنجي تعليمي سفر جو حال احوال ڏين تعليمي ادارن جي بنيادي ۽ ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ پنهنجي ذاتي تعليمي جدوجهد، سفرنامي جي شڪل ۾ لکي پڌري ڪن. جنهن مان ڪيترن نوجوان ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ اعلى تعليم حاصل ڪندڙ خواهشمند سنڌي شاگردن جو ڀلو ٿيندو. سفرنامي جا ليکڪ پرڏيھ ۾ ڪنهن به خوبيءَ کان متاثر ٿين ٿا ته کين اُتي پنهنجو ڏيھ ياد اچي ٿو ۽ هو اها ڀيٽ هڪدم بيان ڪن ٿا ۽ خاص طور يورپي عوام جي وقت جي قدر، سائنسي ترقي ۽ ايمانداريءَ کان گھڻو متاثر ٿين ٿا. پڙهندڙ به سٺي سفرنامي پڙهڻ کا پوءِ انهن ملڪن جي گھمڻ جو خواهشمند هوندو آهي ۽ جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ عوام جي اڳيان سست، بي ايمان ۽ بداخلاق محسوس ڪندو تڏهن سندس دل ۾ احساسِ ڪمتريءَ جو احساس به ضرور جاڳندو (ڪجھ پاڪستانين جي اخلاقي ڪمزورين پاڪستان جو تاثر ٻين ملڪن ۾ خراب به ڪيو آهي). حالانڪ سڀ انسان هڪجهڙا نه آهن، پنج ئي اڱريون برابر نه آهن، سڀ سنڌي يا پاڪستان ٽوٽي، سست ۽ مجرمانه ذهنيت رکندڙ نه آهن، شخصي خامين کي قومن تي لوئڻ جي بدران اديب جو فرض آهي ته پڙهندڙ کي اعتماد ڏئي، اسان کي قوم جي خوبين کي به بلڪل بيان ڪرڻ کپي ۽ اها ڀيٽ به ڏيڻ گھرجي ڇوجو اڄ تقريباً هر گھر مان نوجوان ٻاهر پڙهڻ وڃن ٿا ۽ پڙهن پيا ۽ نوڪري ڪري ۽ ٻاهريان ڪمائي ڪيترو ٻاهريون ناڻو ملڪ ۾ موڪلين پيا، اهو سڀ اسان جي نوجوان نسل جي همت، محنت ۽ ڪاميابي آهي، جنهن تي اسان کي فخر هئڻ گھرجي. جنهن ۾ سنڌي نوجوانن جو تعداد سرس آهي. مجموعي طور سنڌي سفرنامانگارن مختلف ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب ۽ تمدن کي ته بيان ڪيو آهي پر دنياوي سماجن ۾ آيل سياسي ۽ فڪري لاڙن کي، گھڻو ذڪر هيٺ نه آندو آهي، سندن نقطهءِ نظر هڪ سياح جي حيثيت سان آزاد آهي. هو بين الاقوامي مسئلن ۾ نه پاڻ ڦاسن ٿا نه ئي پڙهندڙ کي منجھائين ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته سندن پڙهندڙ هڪ عالم ۽ محقق کان وٺي هڪ عام شخص پڻ آهي.