مضمون نويسيءَ جو تعارف
مضمون نويسيءَ جي اھميت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ اھو ڄاڻڻ ضروري آھي ته مضمون ڇا آھي؟ ھڪ ليکڪ جي چوڻ مطابق:
“The Word Essay means an effort” لفظ Essay فرانسيسي زبان جو آھي. جنهن جي معنيٰ آھي ”ڪوشش ڪرڻ“ مضمون جي صنف کي عالمن ھن ريت واضح ڪيو آھي.
It is an effort, to express, the essayists intellectual, and emotional reaction to an idea.
عام طور مضمون ھڪ مناسب، ڊيگھ واري نثر جي تحرير آھي، جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن به موضوع کي پنهنجي پسند ۽ مطالعي و مشاھدي سان بيان ڪندو آھي. جنهن ۾ موضوع بيشڪ تاريخي، سوانحي، سماجي، ادبي يا فلسفياڻو ھجي. پر مضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس سندس تحرير ۾ چٽو ڏسبو آھي. سندس علمي ۽ ادبي قابليت سندس تحريرن مان بکندي آھي. حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ ”آفتاب ادب“ ۾ مضمون نويسيءَ لاءِ لکيو آهي ته، ”مضمون کي اردو ۾ انشا پردازي چوندا آھن. انشا پردازي مضمون نويسيءَ جي اھڙي قابليت ۽ لياقت کي چئبو آھي، جو صرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل ھجي. مضمون جنهن به مطلب لاءِ لکيل ھجي، ان جو ھر پھلو نظر ۾ رکجي، لفظ اھڙا ته ڪم آندل ھجن، جي ڪنن کي سريلا ۽ رسيلا لڳن ۽ زبان تي تڪڙا ۽ ھلڪا ھجن. بد آواز ۽ ڳرا لفظ ڪم نه آڻجن مضمون ھڪ گلدستي گاھ پيو ڄاڻجي، ته لفظ ان جا رنگين گل مضمون ڄڻ جوھريءَ جو دوڪان ھجي، ته لفظ ان جا جواھر ۽ ھيرا، مضمون آسمان ھجي، ته لفظ ان جا چمڪندڙ تارا، مضمون جيتريقدر رنگين ھجي، اوتريقدر شيرين، ٻولي بازاري نه ھجي بلڪ ادبي“ (آفتاب ادب صفحه 117 ۽ 119).
ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني ٻولين جي علم ادب جي خزاني ۾ مضمون جي صنف جي تمام گھڻي اھميت رھي آھي ۽ خاص طور ٻوليءَ ۽ لغت جي استعمال ۽ موضوع جي چٽائيءَ کي مضمون نويسي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ھڪ پرڏيھي ليکڪ مضمون کي ھن ريت سمجھايو آھي.
The Essay fills. so large place in modern literature and is so attractive a form of composition that attention must necessarily be given to it in any course of literary study.
مضمون جي صنف سکي ھوندي به ڏکي آھي، مضمون فقط ذاتيءَ راءِ جو اظھار نه آھي، ليکڪ جو فڪر ڪلام، مشاھدو، بياني قوت جو ڍنگ مضمون کي ھڪ ادبي حيثيت عطا ڪندا آھن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مطابق ”مضمون ھڪ اھڙي ليک کي چئجي ٿو. جنهن ۾ ليکڪ نثر ۾ پنهنجي خيالن جو اظھار ڪري ۽ خيال ھڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل ھجن“، معنيٰ ته مضمون نويسيءَ جو تعلق سڌو سنئون نثر سان آھي ۽ مضمون نگار لاءِ نثر نويسيءَ جي اصولن جي ڄاڻ ضروري آھي ۽ گڏوگڏ سندس مطالعو ۽ مشاھدو به وسيع ھئڻ گھرجي ته جيئن سندس موضوع جي گرفت مضبوط ھجي سنڌي نثر جي باري ۾ اوائلي ڪتاب جن جو پڙهڻ سنڌي نثر جي بنيادي ڄاڻ ڏئي ٿو. انهن ۾ ”ھدايت الانشاءَ“ ھڪ مشھور ڪتاب آھي.
”ھدايت الانشاءَ“ ڪتاب ۾ حاجي ھدايت لله مشتاق (مٽياريءَ وارو) سنڌي نثر کي واضح ڪندي لکي ٿو ته: ”سڀ ڪنهن فن جي عبارت جو شان جدا آھي. جيستائين ان جا اصطلاح ۽ متعلق نه ڄاڻبا، تيسين تائين موچاري ڳالھ چئي نه سگھبي، اگرچ نثر جمال جي منهن کان سون وانگر آھي ۽ نظم حسن ۾ گوھر. سون ۽ گوھر ڌار به زينت ڪن ٿا. جڏھن پاڻ ۾ گڏبا ته ڪھڙو نه جنسار ڪندا“؟ (صه، 6). ھدايت الانشا ڪتاب نثر نويسيءَ ۽ خاص خطوط نويسيءَ جي موضوع تي لکيل آھي. جيڪو 1312ھجريءَ ۾ لکيو ويو. ھيءَ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ جلد ئي ناياب ٿي ويو. پنجن بابن ۽ چار سئو ٽيتاليھ صفحن جو ھي انشا پردازيءَ جي جواھرن جو چونڊيل ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ جي شعرن سان سجايل آھي. 1956ع ۾ غلام محمد شاھواڻي ۽ سيد باز محمد شاھ جي مدد سان سنڌي ادبي بورڊ ھن ڪتاب کي ٻيھر ڇپايو.